Tuesday, September 3, 2013

ڪتاب ”زندگي خواب خودڪشي“ جو اڀياس

ڊاڪٽر محمد علي منجھي

ڪتاب ”زندگي خواب خودڪشي“ جو اڀياس


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

  شاعري اندر جي گھرين مان ڦُٽي نڪرندڙ چشمي جي اڀياس جي (احساسن جي) پالوٽ ھوندي آھي، جنھن پيار، عشق، درد، وڇوڙي ۽ سماج جي ڏکن، ڏھنجن جو بيان ھڪ سُريلي انداز ۽ روح کي ڇڪيندڙ سِٽن جي سھڻي جَڙڻ سان ٿيل ھوندو آھي.


شاعر جي اندر ۾ جڏھن داخلي يا خارجي احساسن جي پالوٽ ٿيندي آھي ته ھو اُنھن کي روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. انھن احساسن، ڪيفيتن، لقائن جي منظرن، منظرن جي موھ ۽ جذبن جي اُٿل کي اظھارڻ لاءِ ڪن مناسب لفظن جي گھرج ھوندي آھي ۽ مٿيون سموريون شيون لفظن جون ڳولائو ھونديون آھن. جڏھن انھن کي مناسب/حقيقي لفظ ملي پوندا آھن ته اُھا شاعري خوبصورت ۽ پُرڪشش ٿي پوندي آھي.

شاعر پنھنجي اندر جي احساسن ۽ جذبن کي مناسب لفظن ۽ سھڻين سِٽن جو روپ ڏيندي جڏھن انھن کي بيان ڪري ٿو تڏھن ھو اُنھن کي ڪھڙو انداز يا اسٽائيل بخشي ٿو اُھو شاعر تي ئي ڇڏيل ھوندو آھي. ھونءَ ته ڪڏھن ڪڏھن شاعري جو شعوري/ لاشعوري Consent ضروري ھوندو آھي.

منھنجي ھٿن ۾ چندر ڪيسواڻئَ جي شاعرئَ جو ڪتاب “زندگي خواب خودڪشي” آھي، چندر ڪيسواڻئَ پنھنجي جذبن ۽ احساسن کي روپ ڏيئڻ لاءِ نثري نظم ۽ ٽِسِٽن جي صنف جي چونڊ ڪئي آھي، جيڪو اسٽائل کيس بھتر لڳو، ھن پنھنجي اظھار لاءِ اھو ئي اختيار ڪيو ‌آھي ۽ روايتي انداز ۾ ڦاسڻ کان پاسو ڪندي سُٺو ڪيو آھي. ھونءَ به شاعر کي پنھنجي واٽ پاڻ ئي گھڙڻ گھرجي. جي مشوري ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته:
"Poet creats a new ideal world" (G.M. Makhori)
چندر ڪيسواڻي اِنھئَ پاسي وکون وڌايون آھن. ھي نوجوان شاعر اِنھئَ ڏس ۾ ڪا ڪوشش ڪندي لڳي ٿو.

چندر جي شاعرئَ ۾ داخلي احساسن ۽ خارجي احساسن جو ڪٿي ڪٿي سٺو سُٻنڌ ملي ٿو، جيڪا ڪنھن سٺي شاعر جي خوبي آھي. سندس شاعري جيڪا نثري نظمن ۾ ٽِسِٽن تي مشتمل آھي اُنھئَ ۾ نثري نظم وارو ڀاڱو فڪري ۽ فني لحاظ سان بھتر آھي.

ھونءَ ته شاعرئَ لاءِ ڪيترين ئي ڳالھين سان گڏ خاص ڪري خوبصورت تصور، سوچ جي اُڏام، جذبن جو وھڪرو، خيالن جي گھرائي، ٻولئَ جي ٻاجھ، انداز، لفظن ۽ سِٽن جي سِٽاءَ جي سونھن ضروري ھوندي آھي. ھنن ڳالھين کي به نظر ۾ رکندي جيڪڏھن ڪيسواڻئَ جي ھن ڪتاب جو اڀياس ڪبو ته ڪافي ڳالھيون ملن ٿيون، جيڪا شاعر لاءِ خوش آئند ڳالھ آھي.

سندس ھيٺيون نظم احساسن ۽ لفظن جي سِٽاءَ جي لحاظ سان سٺو نثري نظم آھي:

ڳوٺ جو ٻالڪپڻو
رنديڪو آھي ڪو
جو
يادگيرين جي
پُل تي بيٺل
عُمر جي ھجوم کي
وندرائي ٿو
۽
وقت خانه بدوش ڪوئي
جو
عمر جي ريلي ۾
منتشر ته ٿئي ٿو
پر
مري نٿو!

"Poetry is the exclaim of emotions for the purpose of immediate pleasure through the medium of beauty. (S.T. Colorigs)

سندس نثري نظمن ۾ جيڪي آسپاس جا عڪس چٽيل آھن سي ھُونءَ ته ھر ماڻھو ڏسي واسي ۽ ٻڌي سُڻي ٿو پر چندر ڪيسواڻي اُنھن حالتن، لقائن ۽ منظرن کي پنھنجي انداز سان پيش ڪري ماڻھن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڪجھ نظم ڄڻ واقعن ۽ وقت جي تاريخ آھن، جيئن سندس ھيٺيون نظم:


۶ آگسٽ جي شام
اٺين ترميم جي
آئيني گرھڻ
سج تي ڍَڪ رکبو
شڪر پُڙيان جي جُواري
ضابطن جون ٽوپي
اکيون
“آڌئَ رات جا گدڙ”
آئين جي ڊسٽ بن ۾ رکيل
ووٽ جي پرچي سان
ريپ ڪري
قانون جي ونگار
وھن ٿا.

(زندگي خواب خودڪشي، ص: ۶۳)

شاعر فقط داخلي احساس به ناھي پر خارجي احساس ۽ واقعا به آھي.ڪيسواڻئَ پنھنجي شاعرئَ ۾ اُنھئَ ڳالھ کان اکپُور ناھي ڪئي ۽ سندس دل سڄي سماج سان گڏ ڌڙڪي ٿي.

ھن سياسي ۽ سماجي ڇڪتاڻ ۽ ڪيفيتن جي چڱي عڪاسي ڪئي آھي، پر ڪيسواڻئَ جو انداز روايتي نه پر نئون ۽ الڳ ٿلڳ آھي ۽ اھا ئي سندس خوبي آھي. ڪٿي ڪٿي سندس نثري نظمن ۾ تجريدي نظمن جو ساءُ اچي ٿو، جيڪا ڳالھ ڪٿي ڪٿي ڪجھ ڪسارين لڳي ٿي.
نثري نظمن کان سواءِ چندر ڪيسواڻي جي ڪتاب “زندگي خواب خودڪشي” ۾ ٽِسِٽا آھن. انھن ٽِسِٽن ۾ سندس فڪر سُٺو ۽ صحتمند آھي، شاعرئَ لاءِ حقيقت ۾ فڪر ئي بنيادي ڳالھ ھوندي آھي باقي ته اُنھئَ فڪر کي بيان ڪرڻ جا بھتر نمونا، انداز ۽ ڪوششون ھونديون آھي. ڏات سان  گڏ ڏانءُ جو ھئڻ ضروري ھوندو آھي. انھئَ ڳالھ کي مدنظر رکي جيڪا به شيءِ لکي ويندي سا سگھاري ھوندي آھي.

بھرحال سندس ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ چئي سگھجي ٿي ته وٽس جيڪا فڪري سگھ آھي اُھا کيس شاعرئَ جي دنيا ۾ اڃان به وڌيڪ اڳتي وٺي وڃي سگھي ٿي. شال مٿس ڏات جي ڇانوَ رھي. آخر ۾ سندس ڪجھ سھڻيون سِٽون:

جنم ڏڻ اڪيلو
اکين جا ڪنارا
فقط عڪس ساگر
سپنن جا ڪاڳر
ڌنڌلا ڪي ڌنڌلا

*

آئون صدين کان ٿيندڙ ڪاري
سنڌ جي ناري آھيان
ڪراين تي ٺھيل ڪڙن جا ڪنگڻ
انگن تي چٽيل ڄڻ‌ڪارا لڪڻ.

يا سندس ھي ٽه سِٽو:
گرمئَ جي لھر
برف جي دڪان تي
اُٿلي پيو شھر.

No comments:

Post a Comment