Tuesday, September 3, 2013

فائوسٽ (Faust) جو سنڌئَ ۾ پھريون منظوم ترجمو (Mr. Johann Wolfgang von Goethe)

 فائوسٽ (Faust) جو سنڌئَ ۾ پھريون منظوم ترجمو


ليکڪ: Mr. Johann Wolfgang von Goethe


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


Writer of Faust: Mr. Johann Wolfgang von Goethe


دنيا جي ھر مھذب قوم جي ٻولئَ ۾ جيڪو آڳاٽي ۾ آڳاٽو (مصوري بعد) ادب ملي ٿو، اھو نظم جي صورت ۾ آھي. البت موضوع، صنفون، ھيئيت ۽ ڏانءُ وغيره، ھر قوم جي سڀاءُ ۽ حالتن موجب الڳ الڳ آھي. ھر شاھڪار ٻولئَ جي ادب ۾ ڏيھي ادب سان گڏ دنيا جي ٻين ٻولين جي شاھڪارن جا ترجما به شامل ھوندا آھن. جھڙئَ ريت انگريزي ٻولئَ ۾، انگريزي ادب کان سواءِ دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني (لکت ۾ ايندڙ) ٻولين جي ادب مان چونڊ ترجمي جي صورت ۾ موجود آھي.

ادب جي دنيا ۾ سنگيت ناٽڪ/ڊرامي Opera جي تاريخ ڏاڍي آڳاٽي آھي. منظوم ڊرامي جي شروعات اسان کي يونان ۽ ھندوستان جي آڳاٽي ادب ۾ ملي ٿي، تنھن کان پوءِ روم، اٽلي ۽ فرانس جي ادب ۾ سنگيت ناٽڪ ملن ٿا. خاص ڪري يونان ۽ ھندستان جي مذھبي جوڙجڪ ۾ راڳ ۽ ناچ کي عبادت جي حيثيت حاصل آھي، جو اُتي راڳ ناٽڪ Opera ۽ نرتيا ناٽڪ  Dance Drama ادب جي ٻين صنفن کان آڳاٽو ملن ٿا. ھندستان ۾ نرتيه يا سنگيت ناٽڪ جا موضوع گھڻو ڪري مذھبي آھن. جھڙي طرح رامائڻ ۽ مھا ڀارت جون ڪھاڻيون، ڌرمي ھيرا، راس ليلا، رام ليلا، نل دمينتي ۽ شڪنتلا وغيره. ھندستان جي جڳ مشھور ڪوي ڪاليداس جا سنگيت ڊراما نل دمينتي ۽ شڪنتلا شاھڪار سنگيت منظوم ڊراما آھن. شڪنتلا ته دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مشھور ٿيو آھي. منظوم ڊرامي جي تاريخ ۽ تسلسل کي ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب ۾ به اھڙيون صنفون ملن ٿيون جن کي منظوم ڊرامو  Opera چئي سگھجي ٿو. جن ۾ پھرين صنف آھي ڳاھ. ڳاھ ۾ نظمن جي ٽڪرن سان گڏوگڏ گفتگو جان نثري ٽڪرا نه آھن. سنڌ جي ٻي صنف آھي سانگ، جنھن کي به منظوم ڊرامي جي اوائلي صورت چئي سگھجي ٿو.

يونان جي انھئَ اوپيرا يورپ جي گھڻين ٻولين تي اثر ڇڏيا ۽ منظوم ڊراما ٻين ٻولين ۾ به لکجڻ لڳا. شيڪسپيئر يورپ جي ان روائتي يوناني نظماڻي ناٽڪ ۾ تبديلي آندي ۽ نوان موضوع ڏنا. اھڙئَ ريت ٻين ٻولين جي اديبن به منظوم ڊرامي شاھڪار ادب ڏيئي دنيا کي متاثر ڪيو.
جرمن ٻولئَ جي جڳ مشھور اديب گوئٽي جو نالو به منظوم ناٽڪ جي مشھور ستارن مان ھڪ آھي. سندس ڊرامي فائوس جو نالو دنيا ۾ مشھور آھي، جنھن جا ترجما دنيا ۾ تمام گھڻين ٻولين ۾ ٿيا، اھڙي ريت انگريزي ٻولئَ ۾ به ھن ڊرامي جا منظوم ۽ نثري ترجما ٿيا. فائوسٽ جا نثري ۽ منظوم ترجما اردو زبان ۾ ٿيا. اردو شاعر صھبا اختر صاحب به فائوسٽ جو منظوم ترجمو ڪيو.

ڪنھن به ٻولئَ جي نثر توڙي نظم کي ترجمو ڪرڻ ھيڪاري وڌيڪ ڏکيو آھي، ڇا ڪاڻ ته ڪنھن به نظم جي تخليق ۾ سرجڻھار استعمال ڪيل لفظن ۾ احساس سمائي پڙھندڙن کي انھن منظرن، حقيقتن ۽ ڪيفيتن کي بنھ گھرائي مان محسوس ڪرائيندو آھي. لفظن جا ترجما ته ٿي ويندا آھن مگر سمايل احساسن جا ترجما بنھ ڏکيا ھوندا آھن، تنھن ھوندي به ڪي مترجم اھڙو نڀائيندا آھن جو انھن جي ترجمن پڙھڻ سان اصلوڪن جا احساس ٿين ٿا، ڇو ته اھڙا مترجم پنھنجي مادري زبان جا ماھر ھوندا آھن ۽ ھنن جي پنھنجي زبان تي مڪمل گرفت ھوندي آھي. منھنجي سامھون فائوسٽ جو سنڌي ترجمو آھي، جيڪو سنڌ جي جھوني شاعر، اديب ۽ تاريخدان رحيم خان جوکئي ”جرس“ ڪيو آھي.

(مهاڳ جو پهريون صفحو)

پروفيسر
 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
مڪلي ٺٽو، 15-9-2006






No comments:

Post a Comment