مِٽي ۽ مهاڻا (Mitti Aen Muhanna)
ڊاڪٽر
محمد علي مانجھي
سنڌ جو
سامونڊي علائقو جاگرافيائي ۽ تاريخي لحاظ سان ته اھم آھي، پر معاشرتي لحاظ سان به
اھم آھي. سنڌ ساڻيھ جو ڇوڙ وارو علائقو سنڌ ملڪ لاءِ ته ڀاڳ ڀريو رھيو آھي، پر سڄي
دنيا لاءِ دلچسپي جو وڏو سبب رھيو آھي. ھزارين ميل سفر ڪري جتي سٻاجھو سنڌو اچي،
سمنڊ کي سلامي ٿي ڀاڪرين پوندو آھي، اتي جي ھر جيوت جي زندگي به ڏاڍي حيرت ڀري ۽
دلچسپ رھي آھي، ڇو ته انساني زندگي ۽ ارتقا جي لحاظ سان به ھي خطو بنھ اھم رھيو
آھي، ڇا ڪاڻ ته پاڻي تھذيبن جو بنياد ھوندو آھي. پاڻئَ کان سواءِ علم، ادب، تھذيب
ته ڇا پر زندگئَ جو تصور ئي اجايو آھي. جتي پاڻي آھي، اتي
زندگي آھي. دنيا جون تھذيبون شاھد آھن ته جن ملڪن ۾ مٺي پاڻي جون نديون آھن، اھي
سڀاڳا رھيا آھن، پر جن ملڪن کي پنھنجا سامونڊي ڪنارا به آھن، اھي ملڪ سڀني کان
وڌيڪ ڀاڳ ڀريا آھن. اڃا به جن ملڪن کي ڇوڙ وارا وسيع علائقا آھن، اھي مالا مال
رھيا آھن.
سنڌ ڏيھ جو
ڇوڙ وارو علائقو، آمدرفت، واپار ۽ ماھيگيري جي لحاظ سان ڏاڍو شاھوڪار رھيو آھي.
سامونڊي مڇي، درياھي مڇي، ٻنھي پاڻين جي ميلاپ ۾ پلجندڙ مڇي يا انھن علائقن ۾
سنڌؤَ جي پالوٽ ۽ پوءِ ريٽيل زمين جو اپجندڙ اَنُ، ڀاڄيون ۽ ميوا، ماڻھن لاءِ
خوشين جا جھول ڀري آڻين ٿا.
مڇي به ڳڻپ کان وڌيڪ، ھڪ ھڪ ھوڙي يا ٻيڙئَ تي
سوين، سوين مڻ مڇي ماري ويندي ھئي. ھن علائقي ۾ ماڻھو ڏاڍا خوشحال ھئا. خوشيون سندن
اڱڻ تي اچي جھڪي سلام ڪنديون ھيون، پر افسوس جو اڄڪلھ ھتي جي حالت ڏاڍي ڏکوئيندڙ
آھي. سنڌؤَ تي تي بئراج ۽ ڊيم اڏي پَنجوڙ وجھڻ کان پوءِ سنڌؤَ جو لڙاٽيل پاڻي ھن
علائقي تائين پھچي نٿو. سنڌو جيڪو نه فقط مٺو پاڻي ججھو آڻيندو ھو پر سون سريکو
ريٽ آڻي، ھتي نت نوان رنگ نکيريندو ھو. جنھن ڪري تمر وغيره جا وڏا وڏا ٻيلا ھوندا
ھئا، جيڪي جيوت جي کاڌ خوراڪ جو وسيلو ۽ پناھ گاھون ھئا. اھي ھاڻي تمر جا ٻيلا به
نه رھيا آھن، نه اھا جيوت رھي آھي، نه ئي ماڻھو ۽ ماڻھن جي زندگئَ جي جوت رھي آھي.
ھاڻي ته ھتي جا ماڻھو پنھنجا لاش پنھنجن ڪلھن تي کڻي ھلن ٿا. ڇا ڇا نه کسيو ويو
آھي ھن علائقي کان...! اف اوءِ... ھوءِ!! ھڪ طرف ھٿن سان زندگئَ جا وسيلا کسيا ويا
آھن، ته ٻئي طرف وري قدرتي آفتون، ويرون، طوفان ۽ ٻوڏون وغيره جيڪي جڏھن چاھين
تڏھن اچيو ڪَڙڪَن. اِھا موت جي راند پئي ھلندي آھي. اھڙي صورتحال ۾ ھتي جا ماڻھو
ڪيئن گھارين ٿا...!! اھڙا احوال تاريخن جي ڪتابن ۾ ته آھن، پر اسان جي ليکڪ منصور
ٿلھي جي خوبصورت ناول ”مٽي ۽ مھاڻا“ ۾ ھتي جي حقيقي حالتن کي ڏاڍي سھڻي نموني ڏسي
وائسي، پڙھي، پروڙي ۽ مھاڻن جا ڏک سُور محسوس ڪري سگھجن ٿا.
ھي علائقو
جتي ديبل بندر، لاڙي بندر، اورنگا بندر، ڌاراجا بندر، جاکي بندر، کڙڪ بندر، سوکي
بندر، وڪر بندر، شاھ بندر، ڪيٽي بندر ۽ ٻيا بندر ھئا. انھن کانسواءِ ھتي درياھي
بندر به ھئا، جن ۾ کارو ڇاڻ مشھور بندر رھيو آھي. ھن ناول ۾ کاري ڇاڻ جو ذڪر گھڻو
آھي، سو به ليکڪ ماضي ۾ موٽي اھڙي نموني ذڪر ڪيو آھي، ڄڻ ته اھو کارو ڇاڻ جيڪو ھڪ
سؤ سال اڳ ۾ ھو، سو پڙھندڙ اکين سان ڏسي رھيو آھي. اُتي خوشين جا خَراڙ، ماڻھن جي
گھرن ۽ دلين جي کوڙين ۾ ھوندا ھئا. وڏا ميلا ھوندا ھئا. وڻج واپار، گھرو صنعت،
ڳاڙھا رتڙيا ۽ سڳداسي چانورن جا اَنبار ۽ ڪپھ وغيره. ڪھڙي کوٽ ھئي ھتي، تڏھن ئي ته
ولايت کان ايندڙ سياحن لکيو آھي ته ”ھتي جا ماڻھو ھجتي جو ھڪ ڏينھن ڪمائيندا آھن ۽
باقي سڄو ھفتو آرام سان ويھي کائيندا آھن.“ انھئَ جي به ايتري اُپت ھوندي ھئي، جو
ھجتي جي خرچ برابر ھئي. افسوس جو ھاڻي حالتون ان جي ماڳھين ابتڙ آھن.
ڪنھن به
تخليق لاءِ سگھاري تصور، ڏات ۽ ڏانءُ جو ھئڻ ضروري آھي، پر ڪنھن به سگھاري تخليق
لاءِ مٿين ڳالھين سان گڏ گھري مطالعي ۽ مشاھدي جو ھئڻ ضروري آھي. جن به تخليقن ۾
اھي سموريون ڳالھيون موجود ھونديون آھن، اھي تخليقون زماني تي گھرا اثر ڇڏينديون
آھن ۽ اھي تخليقون امر ٿي وينديون آھن. اسان جي ليکڪ منصور ٿلھي پنھنجي ناول ”مٽي
۽ مھاڻا“ جي لکڻ لاءِ ڏينھن جا ڏينھن، روزاني وھنوار جي سمورن پھلوئن جو گھرو
مطالعو ۽ مشاھدو ڪري، ماڻھن جي ذھنن تائين رسيو آھي. وڏي ڪوشش ڪري، اتي جي سڄاڻ
ماڻھن کان حقيقتون معلوم ڪري، اصل حقيقتون پنھنجي ناول جو بنياد بڻايون آھن. جن
ماڻھن جا مسئلا، معاملا ۽ ماجرائون آھن، يا جيڪي ماڻھو انھن واقعن مان گذريا آھن،
منصور ٿلھو پيرين پنڌ ڪري، انھن سان وڃي مليو ۽ انھن جون پيرائتيون حقيقتون،
پنھنجي ڏات ۽ ڏانءُ جي رنگ ۾ رنگي، اھڙي نموني پيش ڪيون آھن، جو حقيقت ۾ ڪٿي به ڪا
ڦيرڦار ۽ من گھڙت نه ڪئي ويئي آھي. لڳ ڀڳ ٽِن سالن کان وٺي لڳاتار منصور ٿلھو
ميربحرن، ماھيگيرن ۽ معلمن سان ڪڏھن ٻيڙي، ڪڏھن لانچ ته ڪڏھن ھوڙَي ۾ سامونڊي سفر
تي ھوندو ھو. ڪڏھن ڪنھن ٻيٽ تي ترسيل، ته ڪڏھن سنڌؤَ جي ڪنھن ڇاڙھ تي ٽڪيل، ته
ڪڏھن ڪنھن کارئَ ۾ کاري جي کيڙائن سان گڏ، ڪڏھن وري انھن ماڳن کي ميارون ڏيندي، جن
ماڳن تي ويرون وڙھيون ھيون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جانٺا جوان ملاح سمنڊ جي ساگر ۾ ھليا
ويا، ته ڪڏھن وري ڪن مياڻين تي ملاحن جي محنت جو نيلام ٿيندي پيو ڏسندو ھو. اھي
سموريون حقيقتون ھن پنھنجي ناول ۾ سميٽيون آھن.
سنڌ جي اُتر
واري ڀاڱي جو ماڻھو جيڪو ھن علائقي ۾ اچي ٿو، ان لاءِ ھتي جون گھڻيون ئي ڳالھيون
نيون، نراليون ۽ دلچسپ آھن، پر کيس ھتي جي ماڻھن جي زندگين ۾ گھڻا ڏک ڏسڻ ۾ اچنس
ٿا. سنڌ جي اُتر واري ڀاڱي ۾ نئون آبپاشي (بئراج) نظام، سنڌ جي لاڙ کان اڳ ۾ آيو.
اتي زرعي خوشحالي ۽ تبديلي اڳ ۾ آئي ھئي. جڏھن ته سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ اھا
تبديلي ۽ خوشحالي دير سان رسي. پر سنڌ جي خاص ڪري ڇوڙ وارو علائقو، جتي چاليھارو
سال اڳ تائين به مڇئَ جا انبار لڳندا ھئا، چانورن جا الائي ڪيترا قسم ٿيندا ھئا.
وڏا وڏا باغ ھوندا ھئا، سنڌؤَ جو لڙاٽيل پاڻي ھتي اچي پٽ ڀري خوشيون ورھائيندو ھو.
ڄمون، ليسوڙا، چڪو، انب، ڪيلا، ڪمند، ڪپھ وغيره جون ڀليون آباديون ٿينديون ھيون.
لطيف سرڪار ڄڻ ته ڪا پيشن گوئي ڪئي ھئي ته:
نه سي وونئڻ
وَڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پَسيو
بازاريون، ھينئڙو مون لوڻ ٿئي.
(لطيف)
اسان جي ڪن
محققن کي اعتراض آھي ته انھئَ بيت ۾ لطيف جي مشاھدي جي ڪمزوري ظاھر ٿئي ٿي، ڇو ته
وونئڻ جو وڻ نه پر ٻوٽو ٿيندو آھي، پر انھن ذھن، مطالعي ۽ مشاھدي جي ويچارن کي اھا
خبر ناھي ته سنڌ ۾ وونئڻ جو وڻ ٿيندو ھو. لاڙ خاص ڪري ڇوڙ واري علائقي ۾ وونئڻ جو
وڻ ته ھڪ سؤ سال اڳ تائين به جام ٿيندو ھو. جنھن جو نسل اڃا به بدين ۽ ميرپور خاص
جي ڪن زمينن تي موجود آھي ۽ پڻ ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ رئيس خير بخش خان لغاري (دڙي ٻيلي
روڊ تي) باڊ جي نالي سان مشھور علائقي واري زمين ۾ اھڙو ڪپھ جو نسل موجو آھي.
انھئَ ڪپھ جو نسل ٻيلي شھر ۾ حامديه جامع مسجد جي پارڪ ۾ به موجود آھي. جڏھن ته
ٻيلي شھر جي زميندار محمد خان (مخلص) جي زمين ۾ به اھڙي قسم جي ووئڻن جا وڻ ڏسي
سگھجن ٿا. انھئَ وونئڻ جي ڪپھ بنھ ملائم ۽ نرم ٿيندي آھي. انھئَ ڪپھ مان دز وغيره
نه گھٽ نڪرندي آھي. ھن علائقي ۾ ته ساڳ ۽ لاڻي جا وڻ نه جام ٿيندا ھئا، جنھن جو
ڪاٺ مضبوطئَ جي لحاظ کان پنھنجو مٽ پاڻ ھو. سوين سال اڳ ۾ استعمال ٿيل انھئَ پراڻي
ڪاٺ جو نمونو ٺٽي شھر ۾ چليا ڳوٺ ۾ اڄ به ڏسي سگھجي ٿو، جتي صوف ۽ ڏاڙھون جام
ٿيندا ھجن، جتي لوھ ۽ شورو ملندو ھجي، اتي ڇا ڇا نه ھوندو ھو.
اڄ کان
چاليھارو سال اڳ تائين سکر ۽ سنڌ جي ٻين علائقن کان ماڻھو ٻيڙين ۾ لڏجي سياري جي
شروع ۾ ھتي ايندا ھئا ۽ اچي سارين جو لابارو ڪندا ھئا. لابارن جي لاھين (بٽئي جي
پتي) مان کين ايترا چانور ملندا ھئا، جو ھو نه فقط ھتي وارو وقت کائيندا ھئا، پر
سڄي سال جي پيٽ گذر لاءِ گڏ ڪري ڍونڍن (ٻيڙين) تي ڀري کڻي ويندا ھئا. ھن ناول ۾
اھڙي احوال جون جھلڪيون نه ملنديون. پلاٽ، ٻولي ۽ اسلوب جي لحاظ سان به چڱو ناول
آھي. گھٽ ۾ گھٽ ھي دعوى ڪري سگھجي ٿي ته ھن موضوع تي ھي پھريون ناول آھي. ھي ناول
ڇوڙ واري علائقي جي کرين حقيقتن تي ٻڌل آھي. ڇوڙ واري علائقي ۽ سمنڊ ۾ ويندڙ مير
ملاحن، معلمن جو ھڪ داستان آھي. جنھن ۾ ڏک ڏاکڙا به آھن ته سک جا احوال به آھن،
تلخ حقيقتون به آھن ته وري جماليات جا جولان به آھن. ھن ناول ۾ ڪھاڻئَ جا ڪردار نه
دلچسپ، سگھارا ۽ اسان جي سماجي بيھڪ سان ٺھڪندڙ آھن. جيتوڻيڪ ڪھاڻئَ جا ڪردار فرضي
نالن سان کنيا ويا آھن. باقي مھاڻن جي زندگئَ جو ڏيک حقيقي ڪردارن سان ڏيکاريو ويو
آھي. پرائمري استاد سارنگ کان ويندي ناکئي اِبو واڍي تائين. ھن ناول ۾ ھڪ اھم زنده
ڪردار اِبو واڍي جو آھي، جيڪو دلچسپ ھئڻ سان گڏوگڏ لوڪ ادب ۽ ڏاھپ جو خزانو آھي،
جنھن کي سامونڊي ۽ درياھي دنيا جي گھڻي ڄاڻ آھي. تنھن جو ذڪر ھو بيتن ۾ مختلف وقتن
تي بيان ڪندو رھي ٿو. ليکڪ اھڙا بيت ھن ناکئي کان چورائي، پنھنجي ناول جي ريڪارڊ ۾
آڻي لوڪ ادب جو حصو ثابت ڪيو آھي.
ھئڻ ته ائين
کپندو ھو ته ھتي جيڪي به زلزلن، طوفانن، ويرن وغيره جو تباھيون آيون، انھن جي
تاريخ تي تاريخدانن ۽ محققن پاران ڪيترائي ڪتاب لکيا وڃن ھا. ھتي جي سموري معلومات
رڪارڊ ٿيڻ گھرجي ھا، پر افسوس جو ھن وقت تائين ڪنھن نه تاريخدان ھن علائقي تي ڪم
نه ڪيو. وري به ھمت ڪري منصور ھن علائقي جي پس منظر ۾ ناول لکيو آھي.
ناول جو ھيرو
سارنگ جڏھن کارو ڇاڻ ۾ پنھنجي دوست رحيم بخش کٽئَ وٽ رھي ٿو. کارو ڇاڻ بندر جي
ماضئَ وارا احوال ٻڌي ٿو ته کيس مھاڻن جي زندگئَ کي ويجھڙائئَ کان ڏسڻ جو چاھ جاڳي
ٿو. ان دوران ھن جي ملاقات حاجن سان ٿئي ٿي، جيڪو کيس پنھنجي دوست جي شادي جيڪا
ڳاڙھي ۾ ٿيڻ واري آھي ان جي دعوت ڏئي ٽِڪڻ جي لاءِ زور ڀري ٿو ۽ سارنگ رھي پوي ٿو.
ڄڻ ھن جي اندر واري ڳالھ ڪري وڌي ھئائين. پوءِ حاجن ناول جي ھيرو سارنگ کي ڪيٽي
بندر وٺي وڃي ٿو. ڪيٽي بندر کان ٿي سارنگ جنگي سَر اچي ٿو. پوءِ ابراھيم شاھ واڙئَ
واري ميلي ۾ اچي ٿو، جتي ھن جي ڏيٺ ويٺ امير بخش جت سان ٿئي ٿي، جيڪو کيس جاتي شھر
گھمڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ائين ئي ناول جو ھيرو سارنگ جاتئَ ۾ اچي ٿو. اُتي ۱۹۹۹ع جي طوفان جي تباھئَ وارا قصا ٻڌي،
اُھي ماڳ مڪان ڏسي ٿو، جن کي ليکڪ ھن ناول ۾ درج ڪيو آھي. ھن ناول ۾ ماما ڇَڇَر جو
ڪردار جيڪو پنھنجي مزاح جي لحاظ کان تر ۾ گھڻو مشھور آھي، تنھن کي به ليکڪ پنھنجي
قلم ۾ آندو آھي.
ناول جي
ھيروئن مٺئَ کان ويندي حليمان چيرئَ تائين سڀ ڪردار دلچسپ آھن. مٺي ھڪ معصوم،
نماڻي، سراپا سچ ۽ پنھنجي روايتي ڪردار ۾ اخلاقي قدرن سان ڏيکاري ويئي آھي. آخر ۾
ھؤَ اھو به سوچي ٿي ته سارنگ ھڪ مرد آھي، ھن سماج ۾ مرد آزاد ھوندو آھي سو سارنگ
مون ڏانھن اچي پئي سگھيو پر افسوس....!
سارنگ جي
ماسات سورٺ جو به اھم ڪردار آھي، جنھن کي سارنگ جي پيڙاءَ ۽ اندر جي تڪليف جو گھرو
احساس ٿيندو رھي ٿو، تنھن ھوندي به سورٺ پنھنجي محبت ۽ رشتي جو فرض نڀائيندي سارنگ
جي سيوا ڪندي رھي ٿي ۽ ھؤَ موٽ ۾ کانئس ڪجھ نه نٿي گھري. اھو احساس سارنگ کي بنھ
دير سان ٿئي ٿو. ڪردار جي لحاظ کان ھي ناول سنڌي ٻولئَ جو سھڻو ۽ حقيق ناول آھي.
سنڌي ٻولئَ ۾
جيڪي به ناول ڇپيا آھن، انھن ۾ موضوع، اسلوب، ٻولئَ وغيره جي لحاظ سان ھي ناول ھڪ
نواڻ آھي، جيڪا منصور ٿلھي سنڌي ادب کي ارپي آھي. ھي ڪتاب فقط ھڪ ناول ئي نه پر ھن
علائقي جي ھڪ زماني جي تاريخ آھي. منجھس جاگرافيائي جھلڪيون آھن. ماڻھن جا نالا
ذاتيون مطلب ته گھڻا ڪردار حقيقي، انھن مان ڪيترا ته جيئرا جاڳندا آھن. طوفان،
ويرن وغيره جي ور چڙھيل ماڻھو ۽ انھن جي ڳوٺن جا نالا به اصل آھن. تنھنڪري ھي ناول
ھتي جو ھڪ دستاويزي رڪارڊ آھي. انھئَ لحاظ سان پڙھندڙن کي ھي ناول تمام گھڻي
معلومات مھيا ڪندو. اھو ڪارنامون منصور ٿلھي سرانجام ڏنو آھي، بلڪه منصور ھي ناول
لکي ھڪ تاريخدان جو فرض به نڀايو آھي. حالانڪه ھڪ بئنڪ آفيسر جيڪو پئسن ڳڻڻ ۽ حساب
ڪتاب کانسواءِ ڇا ٿو ڪري سگھي، پر منصور انھئَ جي ابتڙ گھڻو ڪجھ ڪري ڏيکاريو آھي،
ڇو ته پاڻ بنيادي طرح سان ليکڪ آھي. ھڪ ليکڪ جو جيڪو فرض ھوندو آھي، سو ھن دوست
ڀرپور نموني سان نڀايو آحي. نه گھڻيون ڪچھريون ڪري پنھنجو وقت وڃائي، نه ئي ٻئي جو
وقت کوٽي ڪري. ھر وقت پنھنجي جستجو ۾ محو ھوندو آھي. منجھانئس اسان جي نوجوانن کي
ضرور سبق حاصل ڪرڻ کپي. آءُ پڪ سان چوان ٿو ته منصور ٿلھي جو ھي ناول پڙھندڙن لاءِ
نئون ۽ دلچسپئَ جو باعث ته بڻبو پر ناول جي ليکارين لاءِ ھڪ نئين نينڍ به آھي.
No comments:
Post a Comment