مٽئَ جي مڻيا (Mitti Ji Mannya)
(مارو خشڪ جي شاعري جي ڪتاب ”صدائون سچ جون“ جو مهاڳ)
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
سڄي دنيا جي ھر باشعور ۽ تھذيب دوست قومن جا شاعر پنھنجي پنھنجي قوم جي سڃاڻپ ھوندا آھن ۽ وطن ۽ قوم دوست شاعر ته قومن جا تقدير شناس ھوندا آھن، اُھي پنھنجي وطن ۽ قوم جا ماضي ھوندا آھن، حال به ھوندا آھن ته مستقبل نه ھوندا آھن. اُھي ھر دؤر ۾ ھر ظلم، ڏاڍ وغيره خلاف ۽ ھر نا انصافئَ خلاف سگھارو آواز به ھوندا آھن. اُھي سونھن ۽ سچ سان بي پناھ محبتون ڪندڙ ھوندا آھن ته وري سونھن ۽ سچ دشمن قوتن خلاف سطت نفرتون ڪندڙ ھوندا آھن.
سنڌ
ساڻيھ ۾ شاعرن جي تاريخ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو ته انھن پنھنجي محبوبن سان
اھڙيون محبتون ڪيون آھن جو اُھي محبتن جو ڪھاڻيون زمان ۽ مڪان جون سرحدون اُڪري
ويون آھن،
پر
جڏھن انھن ظالم انسانن ۽ محبت دشمنن سان نفرتون ڪيون آھن، تڏھن اھي به حدن کان
اڳتي نڪري ويون آھن. سندن آواز جي اُڏام ڏاڍي سگھاري رھي آھي. تاريخ ۾ گھڻو ڪري
ائين ٿيندو رھيو آھي ته جيڪي تخليقڪار ڌرتي، قوم ۽ پنھنجي محبتن سان سچا رھيا آھن
ته اھي ماڻھن جي دلين ۾ سدائين رھيا آھن ۽ رھندا ۽ ٻيا وڌ ۾ وڌ درباري دورن تائين
محدود رھيا آھن. سچ جا ساٿي شاعر ڪالھ به سچ سرجي رھيا ھئا:
جوڻو
مت اوڻو، آءُ تماچي آءَ شيخ حماد (جمالي)
يا
ڌُريانئي
ڌاريا، مٽ مُئي جا نه ٿيا. (لطيف)
يا
ديسي
سيڻ ڪجَن، پرديسي ڪھڙا پرين. (لطيف)
۽
انھن بنھ ڏکين دؤرن ۾ چٽو چيو ته:
سنڌ
ديس جي ڌرتئَ تو تي پنھنجو سيس نمايان.
يا
بنھ چئي ڏجي ته:
مٽي
منھنجي مٽي آھي
جنھن
۾ سنڌو چٽي آھي
مٽي
مورئون مٽيان ڪين
اُن
جي الفت ڀانيان .....
انھئَ
۾ ڪو به شڪ ناھي ته سنڌ ملڪ جي تمام گھڻن شاعرن جي اھا ئي سچ جي روايت رھي آھي.
محمد مارو خشڪ به اُنھئَ قافلي جو شاعر آھي، جنھن وٽ ڌرتي ۽ قوم دوستي به آھي ۽
جابرن، ڏاڍن، سچ دشمنن، ڪوڙن ۽ دوکيباز ڌارين سان نفرت به آھي.
مارو
ھڪ اھڙو شاعر آھي، جنھن وٽ ڌرتي ۽ ڌرتئَ ڌڻين مظلوم، محڪوم ۽ پيڙھيل ماڻھن جو درد
۽ پڪار به آھي. ڇا ڪاڻ ته مارو ھن ڌرتئَ جو سچو شاعر آھي، ھي پنھنجن سان پيار ۽
دوکيباز ڌارين سان نفرت ڪندڙ شاعر آھي. انھئَ سلسلي ۾ ھو چٽو چئي ٿو ته:
جڏھن
کان بي وفا آيا، وفائون دربدر آھن،
وفادارن
کي ڳولڻ لئي، نگاھون دربدر آھن.
وفائن
جو دربدر ٿيڻ ھڪ وڏو درد آھي. مارو پنھنجي ھڪ غزل ۾ چئي ٿو ته:
جو
به نافرمان آھي ماءُ جو،
سو
سڄڻ ٿيندو ڀلا ڪيئن ڀاءُ جو.
مارو
جيڪو ھن ڌرتئَ جو ضمير آھي پاڻ به پيڙھيل طبقي مان آھي، سو ھن ڌرتئَ ڌڻين پيڙھيل
ماڻھن جي درد جو شديد احساس پنھنجي شاعرئَ ۾ ڀرپور نموني سان اظھاري ٿو.
ھونءَ
تهسنڌ سوين سالن کان سور سھندي، درد ڀوڳيندي رھي آھي پر خاص ڪري ورھاڱي جي وڍن
سندس سورن ۾ وڏي واڌ ڪئي ۽ اھو درد وڌندو رھي ٿو. سنڌي ٻولئَ جي لاکيڻي لاڙي لھجي
جي شاعر جي شاعرئَ ۾ انھئَ درد جا پڙاڏا آھن. ماروءَ جي شعور جڏھن کان اکيون
اُپٽيون آھن، تڏھن کان رڳو درد ئي درد آھن. دنيا جي مشھور ڊڪٽيٽر، آمر ۽ سنڌ دشمن
ضيا جي طويل ظلمن سان ڀرپور مارشلائي دور، انھئَ کان پوءِ سنگينن جي سائي ۾
جمھوريت نالي حڪومتون ۽ اُن کان پوءِ وارو سمورو دؤر دردن سان ڀريل آھي.
خيرپورناٿن شاھ، دادو، بدين ٽوڙي ڦاٽڪ ٺٽو، حيدرآباد، ڪراچي جي ته ھر محلي ۾ ھر
گلي دردن جي داستانن سان ڀريل آھي. ھر واھڻ، وستي، ننڍا وڏا شھر، ڳوٺ پنھنجي لالن
جا رتورت لاش ڏسندا رھيا آھن، جتي ھر عاشق جي محبوب جو چچريل لاش مليو آھي. ھتي
نياڻين جي اُھن تي مخصوص تنظيمن جا نالا ڏنڀي سندن لاش اُماڻيا ويا آھن. ڪوڙا،
ڦٽڪا، جيل، ٿاڻا، تشدد ته ھر ڏينھن جي ڪھاڻي رھيا آھن.
مٿان
وري بئراج ۽ ڊيم جوڙي سنڌؤَ جو پاڻي روڪي يزيدي روايت تازي ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي
معدنيات ڪڍي، ڌرتئَ کي سنڍ ڪيو پيو وڃي. اھو سڀ ڪجھ سنڌ ماروءَ جي زماني ۾ ڀوڳي
رھي آھي. اھڙو ماحول مليو آھي مارو جي شاعري لاءِ سندس شاعرئَ جي سٽ سٽ ۾ اھڙن
دردن جون ڪئين ڪھاڻيون آھن.ل سندس شاعري اھڙن احساسن جو اظھار آھي، پر سندس شاعرئَ
۾ رڳو انھن دردن جي ھاءِ گھوڙا ۽ پٽڪو به ناھي پر اھڙين حالتن کي منھن ڏيڻ، آزارن
سان اٽڪي پوڻ ۽ حالتن کي تبديل ڪرڻ جو عزم آھي ڇو ته ھو سمجھي ته:
زنده
قومون ظلم جي آڏو بڻجن ٿيون ديوار
مرده
قومون نيٺ وڃن ٿيو ٿي مسمار
زنده
قومون پيدا ڪن ٿيون ماڻھو ڪئين مھندار
مرده
قومون ڇڏي وڃن ٿيون بزدل ۽ بيمار
مطلب ته مارو ھڪ اھڙو شاعر آھي، جنھن وٽ اُتساھ لاءِ آواز به آھي ته
احساس ڏيارڻ جو انداز به آھي.
سنڌ
ساڻيھ جيڪو امن، آشتي، آجپي، عشق، محبت ۽ ڀائيچاري جو ڏيھ رھيو آھي، جنھن ملڪ ۾
لطيف جھڙي شاعر چيو ھجي:
آڻيو
وجھن آھرين، روڙيو رتا گل
مارو
پاڻ آمل، ملير نئون مرڪڻا
جتي
لطيف جو تصور ھجي ته:
اڱڻ
تازي ٻھر ڪنڍيون پکا پٽ سُونھن
سُرھي
سُيج پاسي پرين، مَر پيا مينھن وسن
اسان
۽ پرين، ھون برابر ڏينھڙا.
جنھن
ساڻيھ لاءِ لطيف جون دعائون ھجن:
سائين
سدائين! ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست
مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!!
اُنھئَ
ڏيھ جي حالت جياپي جي جنگ واري ھجي ته اُتي ماڻھن جا احساس مارو جھڙن شاعرن جي
شاعرئَ ۾ ئي پڙھي سگھجن ٿا.
لطيف
فنن جو تعلق احساسن، جذبن، ڪيفيتن وغيره سان ھوندو آھي. جڏھن اندروني توڙي خارجي
حالتن جي شدت جي ڪري جذبا وغيره متاثر ٿين ٿا ته اُھي اظھار لاءِ اُٻڙڪا ڏيئي ٻاھر
نڪرن ٿا. پوءِ اھو ھر ڏات ڌڻئَ جي اظھار جي وسيلي تي آھي. اھو اظھار مصورئَ ۾ نه
ٿي سگھي ٿو. اھو اظھار، رقص ۾ به ٿي سگھي ٿو. اھو موسيقي وغير ۾ به ٿي سگھي ٿو.
اھو اظھار شاعرئَ ۾ به ٿي سگھي ٿو. چيو وڃي ٿو ته فنون لطيفه ۾ مصوري، بت تراشي ۽
شاعري سڀ کان سگھارا فن آھن، تنھن ڪري اُھي فن ماڻھن تي وڌيڪ اثر ڇڏين ٿا.
جيترو
فن، فڪر، ڏات ۽ ڏانءُ سگھارا ھوندا، اوتروئي شاعري سگھاري ھوندي. انھن ڳالھين کي
مدِ نظر رکي مارو جي شاعرئَ جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ڏسبو ته ماروءَ وٽ مٿيون
ڳالھيون چڱي نموني سان چيل آھن ۽ محسوس ٿيندو ته ماروَ اڄ جي نمائنده شاعرن مان ھڪ
آھي.
فڪري
لحاظ کان ڏسبو ته مارو پنھنجي شاعرئَ ۾ سنڌ جا سُور ۽ ٻيا موضوع آڻي ٿو ته وري ھو
باقي دنيا جي دردن ڏانھن به ڏسي ٿو. ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا تي نظر ڦيري ڏسبو ته جنگ
جدل، مارا ماري ھر پل جاري آھي. انسان جي ڀلي لاءِ نه پر انسان کي تباھ ڪرڻ لاءِ
ھر قسم جا ھٿيار تيار ۽ استعمال ٿي رھيا آھن. ھر ملڪ جا سائنسدان ھر ممڪن ڪوشش ۾
رُڌل آھن ته ڪيئن ٻئي ملڪ کان وڌيڪ خطرناڪ ھٿيار جوڙي انسان جي تباھئَ جا وڏا مثال
پيدا ڪريون، جتي جي حاڪمن، سياستدانن ۽ سائنسدانن جي اھڙي خطرناڪ سوچ ۽ ارادا ھجن،
اُتي انسان جي ذھن جي ڪھڙي حياتياتي ارتقا ٿيندي ۽ ڪھڙيون تھذيبون جنم وٺنديون؟ ھر
ساڃاھ وند ماڻھو انھئَ صورتحال کي چڱي نموني سمجھي ۽ محسوس ڪري ٿو. شاعر،
ڪھاڻيڪار، مصور ۽ ٻيا فنڪار انھئَ حالت کي شدت سان محسوس ڪن ٿا. سھڻي سنڌ ساڻيھ جي
شاعر ماروءَ جي نظر اھڙن لقائن کان ڪيئن ٿي ڦري سگھي؟ ھو چوي ٿو ته:
دنيا
کي جنگ جھيڙي جي نحوست کان رکو آجو
ٿين
ويران آباديون ٿيون حملن ۾ ۽ ڪاھن ۾.
مطلب
ته مارو پاڻ ته باخبر آھي پر اسان کي به آگاھ ڪري ٿو ته جنگ نحوست آھي، جيڪا دنيا
کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي.
ٻولئَ
جي لحاظ سان به سندس شاعري سگھاري ۽ وڻندڙ آھي. سادي سلوڻي، نج سنڌي ٻولئَ جي لاڙي
لھي جو استعمال سندس شاعرئَ کي وڌيڪ خوبصورت ۽ دلچسپ بنائي ٿو. فن سان گڏوگڏ سھڻي
ٻولئَ جو استعمال ئي سندس شاعري کي وڌيڪ سگھارو بڻائي ٿو ۽ پڻ سندس شاعري ۾ وڌيڪ
روانگي ۽ موسيقي پيدا ٿئي ٿي. مثال لاءِ ھي نظم آھي:
ڪو
ڪو جيون جُٺ برابر
پر،
ڪو گذري ٺٺَ برابر
ڪنھن
کي راھ نه رستي چاڙھي
سو
نه انڌي جي لٺ برابر
عمر
گذاريون سُستئَ ۾ ڇو
ڪانٽو
رکجي سٺ برابر
مختلف
ھنڌن تي سندس شاعرئَ جي سٽن ۾ اندروني موسيقي به شاعرئَ کي وڌيڪ پُر لطيف ۽ لئيدار
بنائي ٿي. مثال طور ”اچن اجالا“ نظم ۾ الف جو ورچاءُ آھي. سڄي نظم جي ھر لفظ الف
سان شروع ٿئي ٿو ۽ تمام گھڻن لفظن ۾ ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا الف جو استعمال ھڪ نواڻ،
انفراديت جو احساس ڏياري ٿو:
اُٿي
اچو انمول آڏارا
اتاھان
اڏيون اجھا اوتارا
اتاھان
اڏيون اجھا اوتارا
اندر
اٿي آ اميد اھڙي
اچن
اجالا، اُسھن انڌرا
ماروءُ
جي شاعري گھڻي وقت کان مختلف اخبارن، رسالن ۽ ميگزينن ۾ ڇپجندي رھي آھي. مختلف
پروگرامن ۾ پڙھندو به رھيو آھي. سندس شاعري جيڪا گھڻو ڪري قومي مزاحمتي ۽ طنزيه
ھوندي آھي سا جڏھن پنھنجي مخصوص انداز ۾ مارو ٻڌائيندو آھي، تڏھن تمام گھڻو پسند
ڪئي ويندي آھي.
فقير
منش ھي شاعر وطن ۽ قوم سان بنھ گھرائي سان سلھاڙيل آھي، اھو ئي سبب آھي جو سندس
شاعرئَ جي سٽ سٽ مان اھڙي سُرھاڻ اچي ٿي:
اسان
ته بيشڪ فقير آھيون
مگر
دلين جا امير آھيون
اسان
به ڪنھن جي دنيا جا حاڪم
اسان
نه ڪنھن جا وزير آھيون
ڀٽائي
آ جنھن مٽئَ جي مڻيا
اسان
انھئَ جو خمير آھيون.
سندس
شاعرئَ جي ھن ڪتاب ۾ نظم ۲۸، نثرانا نظم ۵، غزل ۴۱، گيت ۵، وايون ۵، ڪافي ۱،سانيٽ ۱، ترائيل ۱، بيت ۷، چؤسٽا ۱۲ شامل
آھن. ڏٺو وڃي ته مارو جي شاعرئَ ۾ نظم وڌيڪ سگھارو آھي پر ھن نظم سان گڏوگڏ غزل،
گيت، وايون، بيت ۽ چؤسٽي سان به تمام سٺي نموني نڀايو آھي، خاص ڪري سندس نظم:
1. ھر
ماڻھؤَ جو اگھ پنھنجو
2. چڪناچور
نه ڪر
3. درد
سگھارا آھن
4. تون
شاعر آھين درٻاري
5. ڪو
ڪوجيون
6. يادون
7. جيئو
۽ جيئڻ ڏيو
8. اچن
اجالا
9. دھشت
گردن جا ليڊر
ھر لحاظ سان مڪمل ۽
سگھارا نظم آھن، خاص ڪري ”متان ڪو ڊاھي اجھا دنيا جا“ بھترين نظم آھي.
شاعرئَ جي دنيا ۾ ماروءَ
جو تسلسل ۽ اڳتي وڌڻ وارو عمل ڏسي چئي سگھجي ٿو ته ھي شاعر سنڌي ٻولئَ ۽ شاعرئَ جي
انبار ۾ ضرور ڪي گل- سنگ ڏيئي سُرھو ٿيندو.
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
ٺٽو ۲۸ آگسٽ ۲۰۰۶ع
No comments:
Post a Comment