Saturday, August 31, 2013
Sunday, August 25, 2013
قاسم پٿر - Qasim Pathar
قاسم پٿر - Qasim Pathar
The Great Nationalist of Thatta Sindh
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ھونئن ته
سڄي سنڌ، چيٽن جا کيٽ، سرنهن ڦلار، ڪنول، موتيا، چنبيلي ۽ گلاب آھي. پر سنڌ ساڻيھ
جي علائقي ميرپور بٺوري جي خوشبوءِ ۽ سواد ھر علائقي کان ٿورڙو مختلف آھي. بلڪه
جيڪڏھن سوايو چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. انهئَ جو سبب رڳو اھو به نه آھي ته بٺورو
ڪنهن زماني ۾ خوبصورت درياھي بندر ھو، يا ڪنهن زماني ۾ ھي گھرو صنعت جو ڳڙھ ھو، يا ڪنهن زماني ۾ ھي علائقو
سنڌ جو ويٽنام ھو، يا ھتي گھڻي زماني کان علمي، ادبي ۽ سياسي پروگرام ملھائبا رھيا آھن،
يا ھتي سائين غلام حسين رنگريز (ھڪ ادبي اداري جي حيثيت ۾) رھي ٿو، پر اُن جو وڏو
سبب ھئُ آھي ته ھتي ميران پور/ جھوڪ جو ماڳ آھي. جتي صوفي شاھ عنايت شھيد پيدا
ٿيو، پڙھيو، پنهنجو نئون نظريو (کيڙي، پوکي، محنت مزدوري ۾ سڀ شريڪ ٿين ۽ شيون
ضرورتن جي بنياد تي ھر ماڻھوءَ کي ڏنيون وڃن) ڏنو، ھڪ عظيم صوفياڻي تحريڪ جي
شروعات ڪئي ۽ اڳتي ھلي، جاگيردارن ۽ وقت جي ملڪ لٽيندڙ حاڪمن جي حملي ۾ پنهنجي
سماج ۽ صوفي فقيرن جي بچاءَ جي جنگ وڙھندي عظيم شھادت ماڻي.
Monday, August 19, 2013
ڪنجھر / ڪينجھر - Kinjhar / Keenjhar Lake
ڪنجھر / ڪينجھر - Kinjhar / Keenjhar Lake
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
Thursday, August 15, 2013
دنيا جي مشهور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌو/ سنڌ (Sindh in The View of Alexander Hamilton )
دنيا جي مشهور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌو/ سنڌ
(Sindh in The View of Alexander Hamilton)
اليگزينڊر هيملٽن/ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
(مشهور واپاري ۽
سياح، اليگزينڊر هيملٽن 1699ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هو لاهري بندر کان ٺٽي آيو هو. هن
اهو مختصر پر جامع احوال پنهنجي ڪتاب An Account of the East Indies ۾ ڏنو آهي).
سنڌ مغل بادشاهت جي
انتهائي اولهه ۾ سمنڊ سان لڳندڙ صوبو آهي ۽ لاهري بندرهن جو بندرگاهه آهي، جيڪو
سمنڊ کان 5 يا 6 ليگ، سنڌؤَ جي هڪ شاخ تي آهي. هن بندرگاهه تي 200 ٽنن جا جهاز اچي
سگهن ٿا. اُن سان گڏ هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ گهر آهن، جيڪي مٽئَ جي گاري مان جڙيل
آهن، پر اُتي پٿرن سان جڙيل هڪ قلعو به آهي، جنهن تي چار يا پنج توبون رکيل آهن،
جيئن هتي جي تجارتي سامان جو
بلوچ ۽ مڪراني ڦورن کان بچاءُ ڪري سگھجي. سرحدي علائقن ۾ رهڻ جي ڪري کين چوري
چڪاري ڪرڻ جي عادت آهي. جيڪي هن جي ويجهڙائئَ جا رهاڪو آهن. هي هر اُن شخص کي ڦرين
ٿا جيڪو سندن ور چڙهي ٿو.
Sunday, August 4, 2013
آسيلئَ جو دڙو (Aaseeli jo Darro)
آسيلئَ جو ڌڙو
(Aaseeli jo Darro)
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
سنڌ ساڻيهه آڳاٽي تهذيب جي لحاظ کان گھڻو اڳڀرو
۽ دنيا جي مکيه عظيم تهذيبن ۾ شمار ٿئي ٿو. اڄ جيڪي ملڪ اسين ترقئَ جي منزل تي
ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، اهي اڃان وڏا جھنگ ۽ ويران علائقا هئا يا اهي اڃان ظاهر ئي ڪونه
ٿيا هئا، جيڪڏهن ٿيا هئا ته اُتي انساني آبادي جيڪا هئي سا اڃان ارتقا جي اوائلي
دور ۾ هئي.
Subscribe to:
Posts (Atom)