غلام رباني آگرو: قلم جو بي تاج بادشاھ
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
جن اديبن ۽ ليکڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد سنڌي ادب جو بنياد وڌو، انهن ۾ غلام ربانيءَ جو نالو نمايان آهي. سائين ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز جو ساٿي ناليوارو اديب ۽ محقق غلام رباني آگرو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن جديد سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ورهاڱي واري دور کان وٺي ڄمار جي آخري دور تائين يعني 2010ع تائين هو لڳاتار لکندو رهيو. منهنجي خيال ۾ اهڙا اديب اسان وٽ گهٽ آهن، جن لڳاتار ايترو لکيو ۽ وري سو به معياري لکيو. ڪهاڻيءَ کان سواءِ تحقيق ۾ به سندس نالو وڏو آهي، هن جنهن به موضوع تي قلم کنيو. اُن سان واهه جو نڀايو. پوءِ اهو سنڌ جي قلندر شهباز تي هجي، روضي ڌڻي تي هجي، مخدوم معين ٺٽويءَ تي هجي يا ڪنهن ٻئي موضوع تي. مون هڪ ڀيري 2009ع ۾ قلندر جي ميلي جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي دعوت جو خط ڪارڊ موڪلڻ کان پوءِ ساڻس فون رستي ڳالهايو ۽ ميلي ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پاڻ وراڻيائين ته: ”کيس ڪارڊ ملي چڪو آهي، پر سندس طبيعت خراب هئڻ ڪري، هو اچي نٿو سگهي.“