Saturday, April 18, 2020

دولھ دريا خان جو ڪوٽ ۽ حويلي (Dollah Darya Khan - The Real Hero Of Sindh)

دولھ دريا خان جو ڪوٽ ۽ حويلي

(Dollah Darya Khan - The Real Hero Of Sindh) 


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي




سنڌ ساڻيھ جو سپوت، وطن دوست، داناءُ ۽ دلير دولھ دريا خان شهيد، سنڌ جي هاڪاري حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي سمي جو وزيراعظم ۽ سپھ سالار هو. ڄام نندي کي شروع ۾ پُٽاڻو اولاد ڪونه هو، تنهنڪري هن دريا خان کي پُٽيلو ڪري پاليو. پهرين هو لکمير جو ملازم هو، جنهن کان ڄام نندي ورتو.

دولھ دريا خان جي ڪوٽ / حويلئَ جا آثار


دريا خان ننڍي هوندي کان ئي ڏاهپ، دليري ۽ ٻين گُڻن جو ڌڻِي هو. تاريخ طاهرئَ ۾ درياه خان جي باري ۾ لکيل آهي ته: ”هن کي لکمير وٽان آزاد ڪرائي ڄام نندي پنهنجي ملازمت ۾ رکيو ۽ سندس تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪيائين. جيئن ته قدرتي طور منجھس شاهي وزارت جا جوهر هئا، ان ڪري ٿوري ئي وقت اندر ان منصب تائين پهتو. آخر مبارڪ خان جو خطاب مليو ۽ هي ڄام جي نوازش ڀري نگاھ ۾ ايڏو ته اُتاهون ٿي ويو، جو هو پنهنجي اولاد ۽ عزيزن کان وڌيڪ کيس ڀانئڻ لڳو.“(1)

پير حسام الدين راشدئَ اهو احوال هنن لفظن ۾ لکيو آهي: ”دريا خان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاھ منجھس ڪارڪردگئَ جا جوهر ڏٺا. پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش ڪيائين ۽ اعليٰ پيماني تي تربيت ڏيئي، معمولي ملازمت جي درجي تان مٿي چاڙهيندي، کيس وزيراعظم جي عهدي تائين رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپھ سالاري به سندس سپرد هئي. مبارڪ خان ۽ خان اعظم جا خاص خطاب ڏيئي سندس مرتبو بلند ڪندي، آخر ۾ کيس پنهنجي فرزندئَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال جي بلندئَ جي آخري منزل تائين پهچائين.“(2)

       دريا خان جي شروعاتي زندگيءَ جي باري ۾ راشدي صاحب اڳتي لکيو آهي ته: ”پنهنجي ڪارڪردگئَ سبب بادشاھ جي زندگئَ ۾ نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي، سموري سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو. بلڪه سلطان جي وفات کان پوءِ به اهوئي اڪيلو امير هو، جنهن سنڌ جي آزادئَ لاءِ پورا ٻارهن سال مسلسل جدوجھد کي جاري رکيو. پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنائين ۽ دره بولان وٽ پهچي، کين شرمناڪ شڪست ڏيئي پٺ تي ڌڪيائين. آخر ۾ ٺٽي جي چانئٺ وٽ لڙندي وڙهندي، تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي جڏهن پنهنجو سر صدقو ڪيائين ان کان پوءِ ئي ’خرابئَ سنڌ‘ جو باب کُلي پيو، جنهن هڪ ٺٽو ڇا، بلڪه غيرن جي غلامئَ لاءِ پوري سنڌ جو رستو هموار ڪري ڇڏيو.“(3)
ڪيترن ئي تاريخدانن جو خيال آهي ته دولھ دريا خان کي دوکي سان قتل ڪيو ويو. اها ڳالھ درست ان ڪري به ٿي سگھي ٿي ته دولھ دريا خان ڪو معمولي ماڻهو به نه هو جو ائين تڪڙو مارجي وڃي. هي ته اهوشخص هو جيڪو ان کان اڳ ۾ هتان هلي، سبيءَ واري علائقي ۾ پهچي اُتان به کين ڀڄائي، سوڀ ماڻي چڪو هو، هِيءُ ته سندس گهر هو. هو ته پنهنجي پٽن سميت مختلف محاذن تي هر وقت تي بيٺل رهيو هو. هن ڀيري جيڪو سنڌ مٿان ڏکيو وقت اچي ڪڙڪيو هو، اُن جو سبب ڄام فيروز هو، جيڪو ڌرتيءَ جي لڄ سڃاڻي هن سگهيو هو، جنهن پنهنجن کي رنجائي، ڌارين سان دوستي رکي هئي.

ڌريان ئي ڌاريا مٽ مُئئَ جا نه ٿيا

                                             (شاھ لطيف)



(مقالي مان ورتل هڪ ٽڪرو......)

No comments:

Post a Comment