Friday, June 12, 2020

ڌرتي ڌڻين کي خبردار ڪندڙ خداداد چانڊيو

   هُئِج هوشيار خبردار

ڌرتي ڌڻين کي خبردار ڪندڙ خداداد چانڊيو


 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي 

روزنامي سنڌ ايڪسپريس جي ”سنڊي ميگ“ (2 آڪٽوبر 2016) ۾ ڇپيل مضمون 
.

       جياپي جي مڙني وسيلن سان مالا مال، سک، سرهائي ۽ سڀيتا جي لحاظ کان شاهوڪار ملڪ سنڌ هزارين سالن کان بُکين ۽ هوسي قومن جي بد نگاهن ۾ رهيو آهي. حملي آور هُن هجن يا سٿيا، چيني هجن يا يوناني، عرب هجن يا عراقي، تُرڪ هجن يا تاتاري، منگول هجن يا ازبڪ، غوري هجن يا خلجي، تيمور هجن يا تغلق، ارغون هجن يا ترخان، هراتي هجن يا فراتي، ڪابلي هجن يا قنڌاري، دهليءَ جا مغل ۽ ان جا درٻاري هجن يا ايران جا ابدالي ۽ نادري، واگهيرا هجن يا پورچوگيز، فرينچ هجن يا فرنگي (انگريز)، هلائون، حملا ۽ قبضا هڙئي ڪندا رهيا آهن.


 هر حملي وقت سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن جي بچاءَ لاءِ آخري ساهه تائين وڙهندا رهيا آهن. باقي ايئن ناهي ته سنڌي ماڻهو انهن حملن وقت ڪو هٿ هٿ تي رکي ماٺڪا ڏسندا رهيا، حقيقت ۾ سنڌي ماڻهن پاران وڙهيل بچاءَ جي جنگين جي به ڊگهي تاريخ آهي. هتي جا ماڻهو ايستائين وڙهندا رهيا آهن جيستائين حملي آورن کي تڙي ڪڍيو اٿن يا کانئن اختيار کسي پنهنجي حوالي ڪيو آهي. هيءَ حقيقت آهي ته سنڌ جي ماڻهن ٻين تي حملا ۽ هلائون ڪڏهن به نه ڪيون آهن. ڇاڪاڻ ته کين قدرت پنهنجي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ڏنو آهي. هي ڪڏهن به بکيا نه رهيا آهن، هي پنهنجي ملڪ ۾ سدائين سکيا ۽ سرها رهيا آهن.

قومن جي تاريخ ۾ ڪن ماڻهن جو ڪو خاص ڪردار نه هوندي به ڪڏهن سندن ڪو هڪ عمل ئي اهڙو هوندو آهي جو کين املهه بڻائي ڇڏيندو آهي. خداداد به اهڙن ماڻهن مان هڪ ماڻهو ٿي گذريو آهي جنهن کي سندس هڪ عمل ئي تاريخ ۾ يادگار ڪري ڇڏيو. سنڌ ساڻيهه جي حاڪم ميرن جي آخري ۽ انگريزن جي شروعاتي دور جو هيءُ شخص بظاهر ته ڪو وڏو ماڻهو نه پر هڪ عام ماڻهو هو. سندس خانداني پسمنظر ڇا هو، هن جي ننڍپڻ، جواني ۽ پوئين ڄمار ڪيئن گذري، هن وقت اهو احوال ته ڪٿان به نٿو ملي، البت اها معلومات ملي ٿي ته هو ان دور جي مشهور واپاري نائونمل جو ذاتي ملازم، سپاهي هو. ڪجهه جملن تي مشتمل سندس احوال به اسان کي نائونمل جي آتم ڪٿا جي ڪتاب ”يادگيريون“  مان (ضمني طور تي) ملي ٿو. نائونمل کڻي ڪهڙي به مقصد سان سندس ذڪر ڪيو هجي پر اسين سندس ان مختصر احوال مان چٽيءَ ريت معلوم ڪري سگهو ٿا ته سندس اهو هڪ عمل ئي سنڌ جي سپوتن لاءِ ڪيڏو ڀلائيءَ وارو ثابت ٿيو. بهتر ٿيندو ته سندس ان احوال کان اڳ ۾ ان دور جي حالتن جو بنهه مختصر احوال پيش ڪجي.
           

سن 1600ع ۾ لنڊن جي هڪ سو کن واپارين برِصغير سان واپار ڪرڻ جي منصوبي تحت هڪ ڪمپني(1) جوڙي هندستان ڏانهن جهاز موڪلڻ لاءِ انگلينڊ جي راڻيءَ کان اجازت وٺي، وڏي رٿ رٿي برِصغير کي هوس جو نشانو بڻائڻ خاطر ٻيڙا هاڪاري ست سمونڊ جھاڳي هندستان ۾ پهتا. ان وقت جي مغل شهنشاهه اڪبر سن 1612ع ۾ انگريزن کي پنهنجي مال رکڻ لاءَ مکيه بندر سورت ۾ واپاري (2) ڪوٺي قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني.  تنهن زماني کان ئي سندن هٻڇي نگاهون سنڌ ملڪ ڏانهن هيون پر هو ايڏو تڪڙو سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي جرئت ڪري نه سگھيا. انگريزن پهريائين هندستان ۽ بنگال جا ڪجهه بندر ۽ علائقا پنهنجي قبضي ۾ آندا، پوءِ اتي واپار ڪندا، ناڻو ڪمائيندا، ملڪيتون هٿ ڪندا، وري نيون سٽون سٽيندا، اڳتي وڌندا وڌيڪ علائقا هٿ ڦٻائيندا رهيا. انگريزن سنڌ ۾ پهريائين 1635ع ۾ اورنگا بندر ۾ واپاري ڪوٺي کولي پر سنڌ جي ماڻهن پاران ساڻن واپار نه ڪرڻ جي ڪري تڪڙو ئي اها ڪوٺي بند ڪري واپس هندستان هليا ويا. سنڌ جي سامونڊي، دريائي ۽ واپاري اهميت کي محسوس ڪندي شروع کان ئي هو سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ رٿون رٿيندا رهيا. ڊگھي سازش جي نتيجي ۾ نيٺ سن 1735ع ۾ تڏهوڪي سنڌ جي حاڪمن سان معاهدو ڪري، شاهبندر ۽ ٺٽي جهڙي اهم واپاري مرڪز ۾ پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان کان پوءِ انگريز وقت به وقت ڌوڪا ڪندا وري ڪو نه ڪو بهانو ڪندا، نوان معاهدا ڪندا رهيا. وقت جي حاڪمن کين گهڻو ئي ڪيل معاهدن جي دائرن تائين رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر انگريز گهڻو چالاڪ هئا ۽ سندن من ۾ منڍان ئي مدائي هئي. هو ڪراچي ۽ سنڌوءَ جي اهميت کان گهڻو آگاهه هئا، هن انهن جي سروي ڪرڻ چاهي پر شروع ۾ کين اجازت نه ملي سگهي، پر اڳتي هلي سن 1831ع ڌاري ان ۾ به ڪامياب ٿي ويا. نيٺ اهو ڪم اليگزينڊر برنس(3) اچي ڪيو، انگريز عملدارن جي هدايتن موجب هن پهريائين ڪراچي اچي ڏسي وائسي ۽ پوءِ اڳتي وڌڻ چاهيو پر کيس اجازت نه ملي. سيٺ نائونمل پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ لکي ٿو ته: ”اليگزينڊر برنس، جيڪو ڀُڄَ ۾ ميجر پاٽنجر جو نائب هو. مسٽر ليڪي سان گڏجي سنڌ ۾ آيو، جتان هن کي بمبئي سرڪار جي حڪم مطابق لاهور ۽ ڪابل وڃڻو هو.“(4) جڏهن هو سنڌ اندر اچي رهيو هو تڏهن کيس ڪراچيءَ ۾ لهڻ کان روڪيو ويو هو. نائونمل لکي ٿو: ”ڪرنل پاٽنجر مون کي لکيو ته ڊاڪٽر برنس کي سنڌ جي رستي لاهور وڃڻو آهي. هو ڪراچيءَ ۾ لهندو، جتان حيدرآباد ڏسندو، اڳتي ويندو. تون وڃي ان سان مل ۽ سندس واهر ڪر.“ (5) ڪتاب جو ليکڪ لکي ٿو ته: ”حيدرآباد جي ميرن کي به اطلاع ڪيو ويو ته ڊاڪٽر برنس ڪراچي ڏسڻ گهري ٿو. هنن پنهنجي نواب ڏي لکيو ته برنس کي ڪراچيءَ ۾ لهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، بلڪ گِزري تي لاهي وري ٻي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي، ڪيٽي بندر رستي حيدرآباد نيو وڃي. ميرن جا ماڻهو برنس جي تاڙ ۾ ويٺا هئا. هو جيئن ئي پهتو ته هن کي گِزرِي نيئي، اتان ٻي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي حيدرآباد روانو ڪري ڇڏيائون.“(6) ميرن اهو به نٿي چاهيو ته هو سنڌوءَ جي سروي ڪري، پر هو سنڌوءَ جي مڪمل سروي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جتان انگريزن جي ڪاميابيءَ جي واٽ کلي.

اڳتي هلي انگريزن جڏهن سنڌ ساڻيهه جي اهم بندر ۽ شهر ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو تڏهن کين اها توقع نه هئي ته سنڌي ماڻهو ڪو گهڻي وقت تائين ساڻن ويڙهه جاري رکندا. توڙي جو ڪراچيءَ تي قبضي ۽ قيام وقت به کين مقابلي کي منهن ڏيڻو پيو پر هو ڪراچيءَ جي ڪوٽ کان نڪري جڏهن اڳتي وڌڻ لڳا تڏهن کين وک وک تي سنڌي ماڻهو مهاڏو اٽڪائيندا ۽ اڳتي وڌڻ کان روڪيندا رهيا. انگريزن وٽ نه رڳو جديد هٿيار هئا پر وٽن نائونمل جهڙا ماڻهو به موجود هئا، تنهنڪري ئي هو اڳتي وڌي سگهيا هئا. ڪراچيءَ جي آسپاس ڪلمتي، نومڙيا، جوکيا ۽ ٻيا ساڻن وڏيون ويڙهون ڪندا رهيا، هر هنڌ مٿن ڇاپا مار حملا ڪندا رهيا. نائونمل اهڙو احوال هن ريت لکي ٿو ته: ”ڪراچيءَ جي آسپاس ۾ ڪرمتين، نومڙين ۽ جوکين جي ڇاپن، انگريزن جي دلين ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻاهرين دنيا سان آمد و رفت ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو پڻ ختم ٿي چڪو هو.“(7) ان صورتحال ۾ نائونمل سندن هر طرح جي مدد ڪئي، جنهن جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ۾ پاڻ ئي چٽيءَ ريت ڏنو آهي. هڪ هنڌ نائونمل لکي ٿو ته: ” انهن ٽنهي(8) سردارن( ملڪ ابراهيم ڪلمتي، ڄام مهر علي جوکيو ۽ ملڪ احمد خان) ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي (16 فيبروري 1843ع تي) يلغار ڪرڻ لاءِ پنهنجا هزارين ماڻهو ڪٺا ڪيا.“(9) سندس ئي احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهن جي اها دفاعي ڪاروائي به نائونمل جي ڪري ئي ناڪام ٿي هئي. ڌارين سان انهن ويڙهن جا احوال نائونمل جي ڪتاب، ڪرنل اسپلر، ليڪي ۽ ٻين جي رپورٽن ۾ پڙهي ۽ سمجھي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ماڻهو پنهنجي وطن جي بچاءُ لاءَ ڪيئن پنهنجي ٻارن ٻچن سميت سر تريءَ تي رکي ميدان ۾ڪڏي ڪاهي پيا هئا.

مٿي آرڻ اڄ، ڪُونڌ  ڪُڏندي آئيا.
 (خليفو نبي بخش قاسم) 

سنڌي ماڻهو نه رڳو ساڻن مقابلا ۽ ڇاپا مار حملا ڪندا رهيا پر اڳتي وڌڻ کان به وک وک رڪاوٽ بڻيا.

تازِين تنگ ڇِنائيا،  ڀريون ٿيو ڀڀڪن،
اڀري راوت رُڪ سان، ور ور وارا ڪن،
جهيڙا  جونجهارن، ڄائي ڄَمِ  پِرائيا.
                                               (اياز)
ان دور ۾ نائونمل جي معرفت جيڪي ڏيهي ملازم هئا انهن مان به گهڻن ئي مهل ۽ موقعي تي انگريزن سان اٽڪي واهه جا ڪم ڪيا.

هڪ ڀيري جڏهن مسٽر هئنڊ کي منگهي پير ويجهو سنڌي ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو ته انگريزن سنڌي ماڻهن تي رڻ ٻاري ڏنو، تڏهن مسٽر هئنڊ کي قتل ڪندڙ ڪلمتي ۽ جوکيا اهو علائقو ڇڏي وڃي ڪراچيءَ جي اوڀر واري جابلو علائقي ۾ لڪي ويهي، وڌيڪ تياريون ڪرڻ لڳا. انگريز عملدار نائونمل جي صلاح تي (کيس ساڻ ڪري) نائونمل جي ملازم جادي برهماڻيءَ کي بطور ڏاسو کڻي انهن جي ٺڪاڻي تي حملو ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. نائونمل اهو احوال ڏيندي لکي ٿو ته: ”هڪڙي ڏينهن شام جو مالماڙيءَ جو رخ ڪيوسين، جتي جوکيا ۽ ڪلمتي وڃي لڪا هئا.(10) 

نائونمل اڳتي لکي ٿو ته: ”اپريل جو مهينو هو، ۽ جبلن جي ڪري سج جي سخت تپش هئي. سڄي رات کان سخت پهاڙي رستي تي هلي رهيا هئاسين. ٿڪ ۽ گرميءَ اسان کي نڍال ڪري وڌو هو. انگريز عملدار بيزار ٿي بڙ بڙ ڪرڻ لڳا. اَٺَ ڪڏهوڪا وڄي ويا هئا، بلڪ نوَ ٿيڻ وارا هئا. انهيءَ وچ ۾ ڪرمتين ۽ جوکين کي کڙڪ پئجي ويئي ۽ هو وٺي ڀڳا. پرهه ڦٽيءَ جو اسان کي ڪيترا مخالف ڌر جا ماڻهو جبلن جي چوٽين تي نظر آيا، جن ڪنهن وقت بيهي پٺتي نهاريو ٿي، ته ڪنهن وقت وٺي ٿي ڀڳا، جيئن هرڻ ڊوڙندا آهن.“(11) نائونمل جي لکت وڌيڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته  اڳتي هلندا انگريز نيٺ ان هنڌ تي وڃي رسيا جتي هاڻي ڪلمتي ۽ جوکيا پنهنجي ٻارن ٻچن سان وڃي ويٺا هئا. انگريز فوجي جڏهن انهن جي بنهه ويجهو پهچي هاڻي نشانو بڻائڻ وارا ئي هئا ته بنهه انهيءَ وقت انگريز فوج سان گڏ نائونمل جي هڪ سپاهيءَ (خداداد) ڏٺو ته هاڻي ته ڌرتيءَ ڌڻين تي حملو ٿيڻ وارو آهي ۽ هاڻي هي ساڻيهه جي ٻارن ٻچن سان وڙهندڙ ڌرتيءَ ڄاوا ختم ٿيڻ وارا آهن تڏهن سندس جسم جي رڳن ۾ ڌرتي ماءُ جي ٿڃ پنهنجو اثر ڏيکارڻ لڳي ۽ انهيءَ سپاهيءَ پنهنجي ڏيهه واسين کي هوشيار ڪرڻ لاءِ ان وقت اوچتو پنهنجي پسٽل سان فائر ڪري، خبردار ڪري ڇڏيو. توڙي جو کيس اها سڌ ضرور هوندي ته ان عمل جي ڪري کيس گوليءَ جو کاڄ ئي بڻجڻو پوندو پر سندس غيرت جاڳي پئي. ان واقعي جو احوال نائونمل پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت لکيو آهي: ”مون سان منهنجو وفادار نوڪر، خداداد چانڊيو ساڻ هو. چانڊيا ٻروچ سنڌ ۾ هڪ مشهور لڙاڪو قبيلو آهي. خداداد انگريزن جي لڙائيءَ جي طريقي سان غيرواقف هو، سو وٺي اوچتو پنهنجو پستول ڇوڙيائين. توبخاني جا انگريز عملدار، جن کي ٿڪ ۽ پياس اڳي ئي ڇتو ڪري ڇڏيو هو. ۽ بيتاب هئا، تن پستول جو ٺڪاءَ ٻڌندي وٺي هل مچايو، ته ”ڌوڪو ڙي ڌوڪو.“ (12) نائونمل لکي ٿو ته: ”پڙهندڙ سمجهي سگهن ٿا ته مون کي ان ڳالهه تي ڪيترو صدمو پهتو هوندو، جڏهن منهنجي نوڪر تي اهڙو الزام لڳايو ويو. ظاهر آهي ته ان جو بُرو اثر خود مون تي به پئجي سگهيو ٿي. عملدارن جو چوڻ هو ته هن ماڻهوءَ پستول ڇوڙي اسان جو مقصد ظاهر ڪيو هو ۽ دشمنن کي خبردار ڪري، اسان جي مقصد کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مطلب ته جيترا ماڻهو اوترا خيال. ڪن ته اڃا به وڌيڪ هن ڏانهن بُرا ارادا منسوب ڪيا. چانڊيي کي هڪدم ٻڌي، انگريز عملدارن وٽ پيش ڪيو ويو. پڇا ڪيائونس ته ”پستول ڇو ڇوڙيئي؟“ چيائين ته، اسان دشمن جي دوبدو هئاسين، پستول مهيني کان به وڌيڪ وقت کان ڀريو رکيو هو ۽ مون خيال ڪيو ته متان وقت تي ڌوڪو نه ڏئي، تنهنڪري آزمائش لاءِ ٺڪاءَ ڪري ڏٺم. پر عملدارن جو غصو ٿڌو ڪين ٿيو.“(13)

مٿئين واقعي کان پوءِ خداداد کي انگريز عملدارن ڪهڙي سزا ڏني؟ ساڻس نائونمل ڪهڙو ورتاءُ ڪيو، هو پوءِ به نائونمل جو ملازم رهيو يا نه؟ اها معلومات ڪٿان به نٿي ملي. سندس ان مختصر احوال مان فقط اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته هو نائونمل جو ملازم هو، ۽ ان ئي حيثيت سان ئي ان واقعي واري هنڌ تي موجود هو پر جڏهن هن پنهنجن تي حملو ٿيندي ڏٺو ته پنهنجي پسٽل جي فائر سان کين خبردار ڪري، ان مصيبت مان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ڪيو. پستول کي آزمائش خاطر ٺڪاءُ ڪري ڏسڻ واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت نه آهي، جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هنن کي ڪراچيءَ مان نڪرندي ٻه ڏينهن ٿي چڪا هئا، آزمائش ته اڳ ۾ رستي ۾ ڪٿي به ٿي پئي سگھي، آزمائش ان خاص وقت ڇو؟ آزمائش سا به ان خاص وقت ۽ موقعي تي!!؟؟ حقيقت ۾ اهو سڀڪجھ خداداد ڄاڻي واڻي پنهنجي حڪمت عمليءَ موجب ڪيو. اهو ئي ته هن بهتر ڪيو. ڌرتيءَ ڌڻين کي ان موقعي تي خبردار ڪري، پنهنجي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ خداداد کرڻ نه ڏني. هن ساڻيهه سڄڻ جو ثبوت ڏيئي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو ڪردار يادگار بڻائي ڇڏيو. ڪاش اسان وٽ هاڻي هن وقت به ڪي خداداد پيدا ٿين. سنڌي ماڻهن کي اڄ به خبردار ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي.

هُئج هوشيار، خبردار!
                                                   تِرڪڻ آهي تڙ
مون سُئو ملاحن کان
                             تڙ اڙانگا  تار
هُئج هوشيار، خبردار!
                                 (شاهه لطيف)


حوالا ۽ حاشيا


(1)  اها ڪمپني جيڪا سن 1600ع ۾ جڙي سا اڳتي هلي ان ۾ وڌيڪ انگريز واپارين شامل ٿي، سن 1700ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جوڙي ۽ انگلنڊ جي بادشاهه کان کين ڇوٽ حاصل ڪري هنن ملڪن ۾ اورانگهي آيا.

(2)  هو انهن شين جي واپار لاءِ آيا وٽن جيڪي اتي نه ٿينديون هيون، جن ۾ ڪلمي شورو، نير، آفيم، ڪارا مرچ، چانور، ڪپاهه، سنڍ، گرم مصالحا، خسخس، ڪمند وغيره شامل هئا پر ان ۾ نير ۽ ڪلمي شورو خاص هئا، جيڪي ٿڌن ملڪن ۾ نه ٿينديون آهن.

(3)  الينگزينڊر برنس جنهن مشهور ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر 1831ع“  سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، 1994ع سنڌيڪا اڪيڊمي ڇپيل آهي.

(4)  نائونمل سيٺ، ”يادگيريون“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1978ع ص 100 

(5)  ساڳيو حوالو، ص 101

(6)  ساڳيو حوالو، ص 101

(7)  ساڳيو حوالو، ص 171

(8)  سيٺ نائونمل شروع ۾ انهن ٽنهي سردارن کان، جيڪي (سندس بيان موجب) ڪراچيءَ جي آسپاس ڪوهستاني ۽ ريگستاني علائقن ۾ وڏين قومن جا چڱا مڙس هئا، انهن لاءِ لکي ٿو ته: ”هو وڏي اثر ۽ طاقت جا مالڪ هئا.“(ص171)
(9)  نائونمل سيٺ، ”يادگيريون“ ص172

(10)   ساڳيو حوالو، ص 176

(11)      ساڳيو حوالو، ص 176

(12)      ساڳيو حوالو، ص 177

(13)      ساڳيو حوالو، ص 177

No comments:

Post a Comment