Friday, April 24, 2020

سنڌ تان سر گھوريندڙ هوشو

سنڌ تان سر گھوريندڙ هوشو

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


       سنڌ تي ڌارين جي حملن جي تاريخ ڏاڍي آڳاٽي آهي. معلوم ٿيل تاريخ موجب سُکاري سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون مختلف وقتن تي هزارين سالن کان ٿينديون رهيون آهن. عربن جي حملي، قبضي ۽ ڪافي سال حڪمراني ڪرڻ کانپوءِ وري سنڌي ماڻهو آزادي ۽ پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ پنج ڇھ سوء سال سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪئي
جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي علم ادب، ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب ترقي ڪئي پر ان دورن ۾ به مختلف طرفن کان سنڌ تي حملا ٿيندا رهيا. پر سنڌ جا غيرتمند ماڻهو انهن حملن کي منهن ڏيئي ناڪام بڻائيندا رهيا. سمن جي دور ۾ به ايئن ٿيو ۽ جڏهن ڪامياب نه ٿي سگهيا ته سازشون ڪري ملڪ تي حملو ڪري قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سندن اهو قبضو به مختلف روپن ۾ سوين سالن تائين رهيو. ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ ڌارين جي حڪمراني مان ڪجھ آزاد  ٿي، ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر حڪومت ڪرڻ لڳا، انهيءَ ارڙهين صديءَ واري دور ۾ انگريز واپار جو بهانو ڪري سنڌ تي ميري اک رکڻ لڳا. مختلف طريقن سان سازشون ڪندا، دوستيءَ جا وسطا ۽ اعتبار ڏيندا، وري سازشون ڪندا ۽ اڳتي وڌندا رهيا. تان جو 1843 ع جي شروعات ۾ سنڌ جي سامونڊي علائقي ۽ ڪراچي شهر تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سنڌي ماڻهن ان وقت به سخت مزاحمت ڪئي پر انگريزن جي سازشن ۽ ڪجھ ملڪ جي انتظامي ڪمزورين سبب هو اڳتي وڌڻ لڳا.
قومن ۽ قبيلن ۾ ڪي شخصيتون ۽ ڪردار اهڙا ٿيندا جيڪي انهن قومن يا قبيلن جي سڃاڻپ بڻجي پوندا آهن. سندن شخصيت، ڪردار ۽ ڪارناما ايندڙ نسلن لاءِ صدا ۽ اُتساه بڻجي پوندا آهن. ايندڙ نسل انهن تي فخر ڪندا آهن اهڙن ئي ڪردارن ۾ سنڌ جوسپوت، سورهيه، بهادر ۽ وفادار هوشو شيدي به آهي جنهن تي نه رڳو شيدي قبيلو پر مٿس سڄي سنڌ اڄ به فخر محسوس ڪري ٿي.

ٽالپرن جي توب خاني ۾ ڪم ڪندڙ سپاهين کي خلاصي ۽ ٽنڊيل ڪوٺيو ويندو هو. ميرن جي لشڪرن ۾ هوش محمد شيدي نامور ٽنڊيل، جانباز ۽ توبچي هو. هن آخري دم تائين سچائي ۽ بهادري جو ثبوت ڏيندي دشمن سان وڙهندي جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿي پاڻ ملهايو. هوشو شيدي جي خانداني نسب متعلق چارلس نيپيئر جي ڀاءُ کڻي ڪهڙيون به ڳالهيون ڪيون هجن پر هو سندس سچائي، بهادري ۽ وفاداري تي حيرت تي دنگ رهجي ويو. هوشو شيدي جو والد ڪريم داد مير فتح علي خان جي خاص خادمن مان هو. هوشو مير فتح خان جي پٽ صوبدار خان جو همعصر ۽ خاص خادم هو. جڏهن مير صوبدار کي انگريزن قيد ڪيو تڏهن هوشو مير شير محمد خان. 17 فيبروري 1843ع ۾ جڏهن مياڻيءَ جي جنگ لڳي تڏهن به هن اهڙو ته بهادري جو ثبوت ڏنو جو وقت جا شاعر به پنهنجي شاعريءَ ۾ سندس واکاڻون ڪرڻ لڳا.

مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ حيدرآباد جا مير گرفتار ٿي چڪا هئا پر ماڻڪاڻي ميرن مان مير شير محمد انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تيارٿيو. مير شير محمد خان مشهور، سخت مزاج ۽ ظالم چارلس نيپيئر کي للڪاري دُٻي وٽ دوبدو جنگ شروع ڪئي. انگريزن تمام گهڻي گولي بازي ڪئي. سڄو آسمان  دونهن سان ڍڪجي ويو تيئن سنڌي جوڌن انگريز فوجن کي گھڻو پوئتي هٽائي ڇڏيو پر حيدر آباد تي قبضي کان پوءِ نيپيئر کي چغل ۽ جاسوس به اچي مليا هئا. نيپيئر انهن کان ڪم وٺندي هميشه وانگر حرفت ۽ سازش کان ڪم ورتو. نيپيئر ڪنهن اٽڪل سان انهن معرفت مير شير محمد جي توبخاني کي باهه ڏياري ڇڏي ۽ ايئن سنڌي فوج نه رڳو توبخاني وارو عملو بيوس ٿي ويو پر سڄو لشڪر لاچار ٿي پيو.

     مير شير محمد خان جي اڳواڻي ۾ هن جنگ ۾ ڪيترن ئي سوهرين پنهنجو جان ڏيئي ميدان ملهايو ۽ سنڌ جي بچاءَ لاءِ سر ڏيئي سرها ٿيندا رهيا. مير شير محمد خان جي فوجن جو بارود کٽڻ جي ڪري حالتون خراب ٿي چڪيون هيون هاڻي مري به ميدان ملهائڻو هو، ان وقت مير شير محمد خان کي جنگ جي ميدان مان نڪري وڃڻ جي صلاح ڪئي وئي جيئن دشمن سان اڳتي وڌيڪ حلمن جي اڳواڻي ڪري سگهجي.

هوشو پاڻ جنگ جي ميدان مان نه نڪتو، پر شير سنڌ مير شير محمد کي اُتان نڪري وڃڻ جي صلاح ڏنائين جيئن انگريزن تي وري به بهتر نموني سان مقابلو ڪري سگهجي. مير شير محمد ميدان مان وڃڻ نه پئي چاهيو پر هوش محمد جي صلاح تي اتان نڪري ويو. تنهن کان پوءِ هوش محمد توب خانو سنڀالي جنگ جوٽي بيٺو رهيو. پنهنجي ساٿين کي همٿائڻ سان گڏوگڏ انگريز لشڪر تي گولا وسائڻ لڳو. پر جنگ جو رخ جيئن پوءِ تيئن بدلجڻ لڳو، ٽن ڪلاڪن جي لڳاتار گولي بازي ڪرڻ کان پوءِ سندن بارود کپي ويو. پوءِ هو تلوارن سان دشمن جو مقابلو ڪرڻ لڳا. سندس ڪيترائي ساٿي مارجندا رهيا پر هي هڪ قدم به پوئتي نه هٽيا. مقابلو ڪندي ڪندي آئرش رجمينٽ نمبر 22 جي هڪڙي سپاهي هٿان شهيد ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته مرڻ کان پوءِ به تلوار سندس هٿ ۾ رهي ۽ سندس ويجهو ڀئو  کان ڪو به انگريز سپاهي اچڻ لاءِ تيار نه هو. چارلس نيپيئر هونءَ ته بي رحم ۽ ظالم جنرل هو. هن ميرن سان جيڪو خراب سلوڪ ڪيو يا حيدرآباد جي قلعي ۾ جيڪو عورتن سان ورتاءُ ڪيو سو انسان لڄائيندڙ ورتاءُ آهي پر ان به هوشو جي سچائيءَ ۽ بهادريءَ کي سلام پيش ڪيو آهي.

هوشو جي قبر حيدرآباد جي قلعي ۾ چئي وڃي ٿي، جنهن تي هيٺين عبارت لکيل آهي پر ”هيءَ قبر ميرن جي بهادر سپاهيءَ جي آخري آرامگاھ آهي، جو 24 مارچ 1843 ۾ حيدرآباد (دُٻي) جي جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو.” هن قبر تي جيڪو هوش محمد جو اڄڪلهه نالو لکيل آهي اهو الڳ ۽ پوءِ جو آهي. حقيقت ۾ هيءَ قبر دُٻي جي جنگ جي ٻي هڪ سپاهيءَ جي قبر آهي پر هوشو شيديءَ جي قبر حيدرآباد کان 8 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ پکي ٽنڊي حيدر ديھ ناريجا ۾ انهيءَ ميدان تي موجود آهي جتي دٻي واري جنگ لڳي هئي. جنگ کان پوءِ گهڻن شهرن کي وارثن کڻي وڃي پنهنجن پنهنجن ماڳن مقامن ۾ دفن ڪيو. هوشو شيدي ۽ ٻين ڪيترن ئي شهيدن کي سر زمين تي دفنايو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان پکي ٿو ته مير شير محمد خان پوءِ هوشوءَ جي پٽ ڪريم داد کي خرچ پکو ڏئي هوش محمد جي قبر پٿرائين ڪرائي ٻڌائي ته شهيدن جون اُتي ٻيون قبرون اڃا تائين موجود آهن. شهيدن جون اُهي قبرون موجود سيالن جي ڳوٺ وٽ آهن. انگريز سپاهين جون به ڪيتريون قبرون آهن. اُتي پٿر سان جوڙايل هڪ ڊگهو مينار لڳل آهي جنهن تي انگريز سپاهين جا نالا، سن وغيرو اُڪريل آهن. ويجهو ئي شيدين جو ڳوٺ آهي. توڙي جو هي ڳوٺ انهيءَ واقعي کان پوءِ جو آباد ٿيل لڳي ٿو پر هوشو شيديءَ جي قبر اُتي هئڻ جي ڪري مٿس ساليانو ڏهاڙو به ملهايو ويندو آهي.

هوشو شيدي جي زندگي ۽ جنگي ڪارنامن تي اڃا به وڌيڪ تحقيق ٿي سگهي ٿي جنهن جي لاءِ هنن ڪتابن مان به مدد وٺي سگهجي ٿي:                                        هوش محمد جو احوال، مرزا قليچ بيگ پنهنجي تاريخ سنڌ جلد ٻي (ڪراچي 1901 ع) ڏنو آهي. پرمانند ميوا رام ڪتاب مياڻيءَ جي جنگ ۾ ڏنو آهي. سندس اخبار جوت ۾ 20 اپريل 1899 ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيو هو. تنهن کان سواءِ ڪان ڪويسٽ آف سنڌ ۽ دي لائف اينڊ اوپينين آف سر چارلس نيپيئر جلد ٽي ۾ به ڏنل آهي. سليڪشن فرام دي ريڪارڊ آف دي انڊيا گورنمينٽ جلد ٻه ۾ به ڏنل آهي. مسٽر اي بي آڏواڻي مرزا غلام مهدي جي معرفت ٽندي ٺوڙي ۾ هوشو شيديءَ جي پوين کان معلومات وٺي ”شيدي هوش محمد“ جي عنوان سان هڪ مضمون لکيوجيڪو مارچ 1935ع ۾ دي جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي ۾ شايع ٿيو. رحيمداد مولائي شيدائي شيدي هوش محمد (سنڌ جي تاريخ جو هڪ وسريل ورق) لکيو جيڪو اپريل 1953ع ملا اسڪول مخزن حيدرآباد ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب جي ڪتاب جنگ نامه ۾ “مير شير محمد خان شيرِ سنڌ جون انگريزن سان جنگيون” ۾ ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ هڪ  صفحو ”سورهيه هوش محمد جي مزار ۽ اولاد بابت وضاحت“ جيڪو ڪتابي سلسلي رهبر پبليڪيشن سورهيه سر ويچ فيبروري 1969ع ڇپيو سو ساڳيو مضمون 2012ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايل ”سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ“ ۾ ڏنو ويو آهي.


No comments:

Post a Comment