Friday, April 24, 2020

سنڌ جو هڪ وساريل سورهيه: ليمون پاتڻي

سنڌ جو هڪ وساريل سورهيه: ليمون پاتڻي

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

سنڌ ساڻيهه هر دور ۾ گھڻائي اهڙا غيرتمند ۽ بهادر ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن تي جيترو به فخر ڪجي سو گھٽ آهي. ننگر ٺٽي جي قديم علائقي جو ليمو پاتڻي به اهڙن انسانن مان هڪ آهي، جنهن وڏي ڄمار ۾ هوندي به نه رڳو پاڻ ملهايو پر سندس ڪردار اڄ به اسان لاءِ اتساهه جو سبب آهي. سندس چيل آخري هيٺيان لفظ جڏهن جھونا ٻڌائيندا آهن تڏهن سچ پچ لڱن جا وار ڪانڊارجي پوندا آهن.
  ”ابا! منهنجو موت سجايو ٿيو، جو آئون ته هُونئن ئي مرڻ ڪنڌيءَ تي هئس.... چڱو ٿيو، جو ٻن گورن (انگريزن) کي ته پورو ڪيم، جيڪي هتي الائي ڪهڙا هاڃا ڪن ها... پر... هُن غدار مان به جند سدائين لاءِ ڇُٽي پئي....“(1)
       اهي ڏڪندڙندڙ زبان سان ڏاڍ کي ڏاريندڙ حَملن جھڙا چيل جملا ڪنهن سپاهي يا سالار جا نه پر هن بنهه جھوني جُھور پوڙهي ليمي پاتڻيءَ جا آهن، جيڪي هُن شهادت وقت آخري ساهه کڻندي چيا هئا. ليمو پاتڻي جيڪو اصلئون نسلئون ٺٽي ويجھو قديم ڳوٺ چليا جو ويٺل مُهاڻو هو. هن جا الائي ڪيترا نسل هالار (2) جي پتڻ تان آڌيءَ ماٺيءَ ايندڙ ۽ ويندڙ کي اوراڙ پراڙ اُڪاريندي گُذري ويا هُئا. ليمون انهن ئي سگھارن ۽ غيرتمند مُهاڻن مان اُهو تجربيگار ناکئو هو، جيڪو تڏهن بنهه پيريءَ کي اچي پهتو هو جڏهن هي واقعو پيش آيو هو.
      ويهئين صدي جي شروعات واري زماني تائين سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ پئسي پنجڙ جو وهنوار ڪجھ گھٽ هوندو هو، گھڻو ڪري شين جي ڏي وٺ ٿيندي هُئي، جنهن کي آهت چيو ويندو هو سو ليمو به اوراڙ پراڙ جي ماڻهن سان آهتي هو.  اوراڙ پراڙ جي راڄن جا ماڻهو کيس ڏاڍو ڀائيندا ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. مختلف روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ليمي کي پنهنجي ڊگهي ڄمار هئڻ سان گڏ سچيت هئڻ ڪري درياهه جو وڏو تجربو هو.خاص ڪري سانوڻيءَ ۾ درياهه جي هر پهر جي بدلجندڙ حالتن ۾ هو درياهه جي رخ کي چڱي نموني سان سمجھي وٺندو هو.جوانيءَ واري دور ۾ سمنڊ ۾ به ٻيڙا هاڪاري چڪو هو.
       چليا جا جھونا چون ٿا ته:”ليمي پاتڻيءَ کي خضر پير جي دعا هئي.“ ۽ اهو به چون ٿا ته ”هڪ ڀيري خضر پير کيس خواب ۾ ڏيکائي ڏيئي، درياهه بادشاهه کي سندس پارت ڪئي هُئي. تڏهن ئي ته هي درياهه ۽ هوائن جي علم  کان ايڏو ڄاڻو هو، جو کيس ڪيترائي پهر اڳ ۾ سُڌ پئجي ويندي هئي ته چاڙهه يا لاٿ اچڻ واري آهي يا هوا ۾ ڪهڙي تبديلي اچڻ واري آهي يا هوا جي ڪهڙي ڏِسا ورڻي آهي.“



(مضمون تان ورتل هڪ ٽڪرو)

No comments:

Post a Comment