سنڌ جو حلالي پٽ مريد جت
The Real Son Of The Sindh - Mureed Jutt
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
گھگھيليءَ جي گارتان،
ڪريان ڪٽاريءَ گهاءُ،
مرزا صالح ماريان،ٻي نه
ڪـــــــــريان ڪاءِ،ِ
هيءُ بيت
نه رڳو خوبصورت ۽ فڪري لحاظ سان اعليٰ
مقصد رکندڙ آڳاٽي شاعري آهي پر سنڌ جي هڪ حلالي پٽ جو پنھنجن ننگن جي حفاظت ڪرڻ ۽ مٿن
هٿ کڻندڙ ظالمن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هماليا کان هزارين ڀيرا سگهارو وچن آهي.
هيءُ بيت سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سچائيءَ جي وچن جو هڪ اعلٰيٰ انداز ۽ مثال آهي. مٿيون
سون سَرکيون سٽون سنڌ جي صدين جي تاريخ جي سچائيءَ جي اها صدا آهي، جيڪا اڄ به سنڌ
جي آزاد فضائن جي بيدار ڪندڙ گونج آهي ۽ رهندي. هيءُ بيت قومي غيرت، سچائي ۽ وفا
جو اهو اعليٰ درس آهي جيڪو اسان ۽ اسانجي نسلن لاءِ اُتساهه آهي ۽ رهندو. هي بيت
سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ قومي غيرت جو دستاويز آهي. هيءُ بيت سنڌ وطن جي سچي سپوت
مريد بلوچ جو سنڌ جي ننگن سان اهو وچن آهي، جنھن تي اسين جيترو به فخر ڪريون سو
ٿورو آهي.
هيءَ
ڳالهه اُن زماني جي آهي جڏهن سنڌ ملڪ جي سما گهراڻي جي عظيم بادشاھ ڄام نظام الدين کانپوءِ سنڌ حڪومت
جون واڳون سندس پٽ ڄام فيروز جي حوالي ٿيون، تڏهن سندس انتظامي ناتجربيڪاري،
ناداني ۽ ٻين ڪمزورين جي ڪري افغانستان جي شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو پر سنڌ
جي داناءُ سپهه سالار دولهه درياخان کيس ڀڄائي ڪڍيو ۽ پوءِ شاهه بيگ جي لڳاتار
سازشن سان پنهنجي مڪاريءَ ۾ ڪاميابيءَ جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن ڄام فيروز، سنڌ خاص
ڪري ٺٽي ۾ افغانن کي رهڻ جي اجازت ڏني. ان وقت ٺٽي ۾ مغل واڙو قائم ڪيو ويو . سندس ڪيترائي جاسوس
مختلف روپن ۾ اچي گاديءَ واري شهر ۾ ويهي رهيا. اڃا ڪجھه وقت ئي مس گذريو ته شاھ
بيگ وري سنڌ تي ڪاهيندو اچي ٺٽي ويجھو رسيو. دولهه دريا خان جنهن کي ڄام فيروز
ملڪي معاملن کان پري ڪري ڇڏيو، تنهن سنڌ تي اهو حملو ڏسي پنھنجي اختلاف کي وساري
سنڌڙيءَ جي سڏ تي پنهنجي فوجن سان ٺٽي ويجھو خانواهه وٽ مقابلو ڪيو. شاهه بيگ پنهنجي
هار ڏسي نيٺ هڪ وڏي سازش ڪري قرآن تي صلح جي ساک ڏيئي ۽ پوءِ اوچتو ويساهي حملو
ڪري دولهه دريا خان کي شهيد ڪري اڳتي وڌڻ لڳو. ايئن هن ملڪ تي نيٺ قابض ٿي رڻ ٻاري
ڏنائون.
شاهه بيگ
جي وفات کانپوءِ سندس پٽ مرزا حسن ارغون
سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو. مرزا حسن جي وفات کانپوءِ سنڌ جي حڪومت کي ٻن ڀاڱن ۾
ورهايو ويو. سيوهڻ کان مٿي اُتر سنڌ تي سلطان محمود حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ سيوهڻ کان هيٺ
سمنڊ ڪناري تائين مرزا عيسيٰ خان ترخان ڏهه سال 1555ع کان 1565ع تائين حڪومت ڪندو
رهيو. مرزا عيسيٰ خان ترخان جي چئن پٽن مان مرزا صالح ۽ مرزا باقي وڏا ظالم هئا،
پر ٻنهي ۾ مرزا صالح ته اڃا به ٻه رتيون
سوايو هو.
سٻاجهي
سنڌ ملڪ اهڙا ڪيترائي غيرت مند، سورهيه سرويچ ۽ ارڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي جڏهن
به ڀڙڪو کائي طوفان جيان اُٿي پيا آهن تڏهن انهن ڀڀڙ ڀڙڪائي ۽ وڏا ڍينگ ڍيري ڪري
وڌا آهن ۽ تڏهن وڏن وڏن ظالمن جا به زور ٽُٽي ذرا ذرا ٿي پيا آهن، ڪوٽن جا ڪنگرا
ڪري پيا آهن ۽ جابر جُهڪي ۽ جُهري پيا آهن. اُهي ماڻهو گھڻي فخر لائق آهن، جن هر
ڌارئين جي دور (عرب، ارغون، ترخان، پورچوگيزي ڪاھ، مغل توڙي انگريز) ۾ جڏهن جڏهن
به هن مٺي ملڪ تي ڪا ڏکي ويل آئي آهي تڏهن انهن پاڻ ملهايو آهي. سڀئي ڌاريا پنهنجي
پنهنجي دور ۾ هن ڌرتيءَ تي وڏي جاڙ اُجاڙ ۽ ڀيل ڪندا، گهوڙن جي سُنبن سان ڌرتيءَ جو
سينو چيريندا، معصوم ماڻهن جو قتل عام ڪندا گلڙا چيڀاٽيندا ۽ ساون کي سُڃون ڪندا رهيا
آهن. انهن ڌارين مان ارغون ۽ ترخان به سنڌ ساڻيهه لاءِ سراپا ظلم بڻجي آيا هئا. انهن
هن ملڪ جي هر شئي تباھ ۽ برباد ڪري وڏا ڪوس ڪيا. جڳ مشهور محقق ۽ مورخ پير حسام
الدين راشدي صاحب درست لکيو آهي ته: ”هن
(ارغون/ ترخان دور ۾ هر روز
ڪوس جو کيل ٿيندو هو.“
سنڌ جو هي غيرتمند ۽ حلالي پٽ
مريد بلوچ اهڙي ئي قهري دور ۾ ٿي گذريو آهي. ان دور جي لکيل سڀني تاريخي ڪتابن ۾
مريد بلوچ جو ذڪر بنهه گهٽ آيو آهي. ڇاڪاڻ ته اڪثر تاريخن جا ڪتاب وقت جي بادشاهن
جي نيڪ نامين (بدنامين) سان ڀريا پيا آهن.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته مريد بلوچ ان دور جو
تمام وڏو ماڻهو ٿي گذريو آهي، پر سندس ذڪر ۽ حوالو مرزا صالح جي قتل واري واقعي
کان سواءِ ٻيو ڪٿي به نه آيو آهي. توڙي جو سندس زندگيءَ جو سڄو احوال سهڙيل هئڻ
کپي ها پر درٻاري تاريخدانن ته هن جو احوال ڏيڻ ئي مناسب نه سمجھيو. وقت جي
تاريخدانن چاهيندي يا نه چاهيندي مريد بلوچ کي ڪابه اهميت نه ڏني پر سنڌ جي عام
ماڻهو مٿس اڄ به فخر ڪن ٿا ۽ سندن دلين ۾ مريد بلوچ اڄ به موجود آهي. وري بھ شابس آهي سنڌ جي قابلِ فخر محقق ۽ عالم ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ کي جنھن لوڪ ادب جي ڪتاب
جنگ ناما ۾ مريد بلوچ جو احوال ڏئي تاريخ جو اهم باب محفوظ ڪري ڇڏيو.
مرزا صالح مشهور ظالم ۽ قاتل
حڪمران هو. سندس ظلمن جا ڪيترا.ئي داستان مشهور آهن. مختصر هي آهي ته هو پنهنجي
پيءُ مرزا عيسيٰ خان ۽ جڳ مشھور بدنام، ظالم ۽ قاتل پنهنجي ڀاءُ مرزا باقيءَ کان
به وڌيڪ ظالم هو. هن نه رڳو پنهنجي سڳي وڏي ڀاءُ مرزا باقيءَ کي لڪي ڀڄڻ تي مجبور
ڪري سندس پٽ مارائي ۽ ٻيو خاندان به گجرات ڏانهن تڙائي ڇڏيو. پر پنهنجي پيءُ عيسيٰ
خان ترخان کي به مجبور ۽ بيوس ڪري بنهه چُپ ڪرائي گهر جي ڪنڊ ۾ ويهڻ تي مجبور ڪري
حڪومت پويان ڇتو ٿي لڳي پيو. مرزا صالح پنهنجي ڀيڻ کي به ايترو ته مجبور ڪيو جو
هوءَ رت جا ڳوڙها ڳاڙهي موت لاءِ واجهائڻ لڳي. مشهور آهي ته مرزا صالح مختلف قبيلن
تي حملا ڪري زوريءَ ڪنواريون نياڻيون کڻي، انهن جو عزتون لُٽي ۽ هيسائي عوام لاءِ
رڻ ٻاري ڏنو هئائين. ماڻهو ايتريقدر کائنس بيزار ٿي پيا جو مسجدن ۾ ڇوٽڪاري لاءِ
دعائون گهرندا هئا. ڪن روايتن موجب هڪ ڀيري سندس پيءُ عيسي خان ترخان به ٺٽي جي
مشهور مسجد دبگير واري جاءِ تي ٺهيل اڳوڻي
ڪچي مسجد ۾ اچي مرزا صالح کان ڇوٽڪاري لاء دعا گهري هئي. ماڻهن پاران اهڙيون دعائون سندس پويان
ڀاڻس باقيءَ لاءِ به گهريون ويون هيون. .
اها
اسانجي بي حسيءَ جي انتها آهي جو جنهن ماڻهوءَ مرزا صالح جهڙي ظالم ترين شخص مان
سڄي قوم کي ڇوٽڪارو ڏياريو ان عظيم هستيءَ کي اسان بنهه وساري ڇڏيو آهي. مريد بلوچ
متعلق جيڪي دلچسپ ۽ اهم روايتون ملن ٿيون، تن مان ڪا به ڪنهن تاريخ جي ڪتاب ۾ نظر
نه ٿي اچي. ايتريقدر جو سندس ڳوٺ متعلق تاريخي ڪتابن ۾ به ڪجهه نه ٻڌايو ويو آهي.
جيڪي روايتون ملن ٿيون تن موجب مريد
بلوچ جا وڏا ٻيڙائتا هئا ۽ پري پري تائين ٻيڙيون هاڪاري ويندا هئا. هن به اهو ئي
ڌنڌو اختيار ڪيو هو جيڪي سندس وڏا ڪندا هئا. چيو وڃي ٿو ته کيس ٻيڙي هاڪارڻ ۾ وڏو
ڪمال حاصل هو. هڪ روايت موجب هڪ ڀيري ڪن ٻيڙائتن سان گڏ سفر ۾ هو ته اوچتو طوفان
اچي ڪڙڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ٻيڙا ٻڏي ويا. مريد جي ٻيڙيءَ جا سڙھ ۽ سکان به ڀڄي ڀور
ڀور ٿي ويا، پر هن همت هارڻ بدران
هوشياريءَ سان پنهنجي ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو ۽ ڪناري تي اچي پهتو. انهيءَ
واقعيَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ سٺو ناکئو به هو.(1) پر گهڻين روايتن
موجب مريد بلوچ ۽ سندس خاندان اوٺي هوندا هئا. پنهنجي اُٺن تي بار ڍوئي پري پري
تائين ويندا هئا. هو گجرات تائين به اُٺ ڪاهي ويندا هئا جتي سندن مائٽيون هونديون
هيون.
ظالم حاڪم مرزا صالح پنهنجي ڀاءُ کي ملڪ مان تڙي
حڪومت هٿ ڪري مختلف قبيلن تي حملا ڪرڻ، ڦرڻ، لٽڻ، کين زير ڪرڻ، ٿوري گهڻي تان
ماڻهن کي ننگر ٺٽي جي وچ بازار ۾ سر عام قتل ڪري ٽنگي ڇڏڻ، سنڌ جي مسڪين ۽ شريف
ماڻهن جي گھرن مان زوريءَ نياڻيون کڻي وڃڻ شروع ڪيون، تڏهن ڪيترائي غيرتمند سنڌي
هن خلاف اٿي پيا هئا. هونئن به ان وقت سنڌ جا ڪيترائي قبيلا ۽ فرد ظالم ترخان حاڪمن
سان مهاڏو اٽڪائيندا آيا. انهن قبيلن ۾ سنڌ جو اهو بلوچ قبيلو به شامل هو جنهن جي
خاندان تي مرزا صالح ڪاهون ڪري، کين ڦري لُٽي، منجھائن ڪيترن کي قتل ڪيو ۽ هڪ ڀيري
ته سندن هڪ عورت کي زوريءَ کڻڻ جي ناڪام ڪوشش به ڪئي. اهڙي ريت پوءِ مٿن لڳاتار
حملا ٿيندا رهيا.
انهن ئي
ڏينھن ۾ مريد بلوچ ڪنھن ڪم سانگي پنهنجي مائٽن ڏانهن گجرات ويل هو ته پويان مرزا
صالح مختلف بهانا ڪري مريد جي مائٽن تي حملا ڪيا پر سڄي سنڌ وانگر سنڌ جي هن بلوچ
قبيلي به آڻ نه مڃي ته نه مڃي. نيٺ هڪ ڀيري هڪ هزار گهوڙي سوارن سان حملو ڪري
ڪيترائي بي گناھ مارائي ڇڏيائين ۽ ٻين کي قيد ڪري ننگر ٺٽي ۾ سرِ عام ڪهائي
ڇڏيائين جن ۾ مريد جو پيءُ، مائٽ ۽معصوم ٻار به شامل هئا. اها خبر جڏهن گجرات ۾
مريد بلوچ کي پئي ته باھ ٿي پيو ۽ هڪدم هيڏانهن هليو آيو . هتي اچي مرزا صالح جي
ظلمن ۽ تباهين جا داستان ڪنن سان ٻُڌائين ۽ اجڙيل اجھا وغيره اکين سان ڏٺائين. ان
موقعي تي ڪاوڙ مان سڙندي پچندي هيءُ مشهور ۽ تاريخي بيت چيائين جنهن ۾ مرزا صالح
کي مارڻ جو وچن ڪيل آهي:
گهگهيليءَ جي گار تان، ڪريان
ڪٽاريءَ گهاءَ ،
مرزا صالح ماريان، ٻي نه ڪريان ڪاء.
اهڙي ريت ان ڏينهن واعدو ڪندي
چيائين ته: ”جيستائين مرزا صالح کي ماري
سنڌ کي ڇوٽڪارو نه ڏياريندس تيسين مٿي تي پڳ نه ٻڌندس ۽ پنهنجي گھر موٽي اچي سک
سان نه سمهندس. مطلب ته ان ڏينهن کان مريد بلوچ اهو وچن ڪري گهران نڪتو ته مرزا
صالح کي مارڻ بنا وري واپس گهر نه وڃبو.“
شاعريءَ جي دنيا ۾ سندس فقط مٿيون هڪ ئي بيت محفوظ رهجي ويو آهي جيڪو ٻن سٽن جو هڪ بيت هوندي به فڪري لحاظ سان لکن جو مٽ آهي. هن بيت مان معلوم ٿئي ٿو ته مريد جيڪو واعدو ڪيو ته جيستائين هن ظالم ترخان حاڪم مرزا صالح کان سنڌ کي ڇوٽڪارو نه ڏياريندس تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندس، نه ئي سک سمهندس سو هن پاري ڏيکاريو. چيو وڃي ٿو ته اهو بيت چوڻ کان پوءِ مريد هڪ ڇُري هٿ ۾ کڻي ڳوٺان نڪري ٺٽي شهر ۾ آيو ۽ اچي چرين وانگر شهر جي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهمندو وڏي واڪي چوڻ لڳو ته: “ اي ڪاتي تو ۾ ڪم پيو آهي، ٻڌاءِ ڪندينءَ يا نه؟ اي دل متان ڀاڙي ٿي آهين، ساٿ ڏجين!” اهي ڳالهيون شهر جا ماڻهو، سپاهي ۽ ٻارڙا پيا ٻڌندا هئا. ٻار ته هن کي چريو سمجهي ساڳيا لفظ دهرائي، منهن ٺاهي پيا کيس ڇيڙيندا هئا. مريد ڪنهن مهل ڪنهن دڪان ته ڪنهن مهل وري ڪنهن گهر جي در جي دڪيءَ تي اها ڪاتي سريندو، تکي ڪندو ۽ اهي جملا پيو ورجائيندو وتندو هو. ايئن هو ڏينهن جا ڏينهن مرزا صالح جي تاڙ ۾ خار کائيندو هڪ چريي جو روپ ڪري. شهر جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين ڦرندو، رلندو ۽ پيو وڦلندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن مرزا صالح شاهي ديوان خاني وٽان سينگارجي ٺهي گهوڙي تي سوار ٿي جڏهن شاهي محل ڏانهن وڃي رهيو هو، اُتي سپاهين، ڪوٽارن ۽ درٻاري ماڻهن جي به ڏاڍي پيھه هئي تڏهن مريد وجھه وٺي ڇُري ڪاڳر ۾ ويڙهي ”عريضي ...عريضي“ (يعني فرياد فرياد) ڪندو اڳتي (مرزا صالح ڏانهن) وڌندو آيو. مرزا صالح جي سپاهين ۽ خادمن کانئس اُهو ڇُريءَ وارو ڪاڳر وٺڻ ۽ کيس جلهڻ جي ڪوشش ڪئي پر مريد چيو ته: ”عريضي آئون پاڻ بادشاه سلامت جي هٿ ۾ ڏيندس ۽ مون کي ساڻس روبرو به ڪجهه ڳالهائڻو آهي تنهن ڪري مونکي وٽس پهچڻ ڏيو” سندس انهن آوازن ۽ رڙين تي مرزا صالح پنهنجي سپاهين ۽ ٻين کي چيو ته: ”فريادي ڀلي پاڻ اچي درخواست پيش ڪري“ ۽ پوءِ جڏهن مريد سندس ويجهو آيو تڏهن مرزا صالح گھوڙي تي ويٺي جھڪي جيئن ئي اهو ڪاغذ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته مريد ڏاڍي تيزيءَ ۽ ڦڙتيءَ سان ڪاڳر ۾ ويڙهيل ڇُري ڪڍي هڪل ڪري مرزا صالح جي پيٽ ۾ اهڙي زور سان واهي ڪڍي جو مرزا صالح جا آنڊا به ٻاهر نڪري آيا. چيو وڃي ٿو ته صبح واري نيرن به ٻاهر ڪڍي وڌائينس. پوءِ ته مرزا صالح جا سپاهي به مريد تي ڪڙڪي پيا ۽ کيس به اُتي ئي شهيد ڪيو ويو. ائين مريد بلوچ تاريخ جي تمام وڏي قاتل، ظالم ۽ وحشي ترخان حاڪم مرزا صالح کي سر عام ماري نه رڳو پنهنجو وچن پاريو پر سنڌ کي هڪ رهزن مان به هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏياري پاڻ به شهادت ماڻيائين.
مريد بلوچ جي قبر ڪٿي آهي؟ تنهن جي ڄاڻ ته ڪنهن کي به ناهي، البت ڪن ماڻهن جي چوڻ موجب مڪليءَ جي ڇيڙي ۾ سمن جي قبرستان جي ڏکڻ واري ڪنڊ تي موجود هڪ ويران اڪيلي قبر مريد بلوچ جي آهي. گھڻي ڳولا کانپوءِ به مريد بلوچ جي قبر جي درست معلومات ملي نه سگھي. البت مرزا صالح جي قبر مڪليءَ تي پڻس عيسي خان ترخان جي تمام سهڻي جوڙايل رانڪ جي ڏکڻ طرف ٿلهي تي ٽن قبرن جي قطار ۾ وچ واري آهي. مرزا صالح جي قبر جي سيرانديءَ پيرانديءَ پٿر جا ڊگھا ڪتبا لڳل آهن. پيرانديءَ کان جيڪو ڪتبو لڳل آهي، ان تي هيءَ لکت اُڪريل آهي: ”وفات يافته حضرت شاهزاده عاليمان شهيد سيد الواصل الي جوار الملڪ المنان مير مرزا محمد صالح ترخان بن عالي حضرت جنگ مڪاني الواصل الي جوار الملڪ الرحمان ميرزا محمد عيسي ترخان در تاريخ روزِ شبنه بيست وسيوم ماه شعبان سنه 970 ھ“. هن اُڪريل لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته هي واقعو شعبان 970هه موجب 1562ع ۾ پيش آيو.
ڪيڏي نه
افسوس جي ڳالهه آهي جو هڪ مشهور ظالم، قاتل، ڪٺور، رهزن، وحشي انسان ۽ انسانيت
دشمن جي قبر تي ته: ”شهيد سيد الواصل الي
جوار الملڪ المنان“ لکيل آهي، پر هڪ بهادر ۽ وطن دوست انسان مريد بلوچ جي قبر جو ڪو نشان به نٿو ملي. ٻيو ته ٺهيو پر
تاريخ جي ڪتابن ۾ به سندس ڪو تفصيلي احوال نٿو ملي. حالانڪه سندس شهادت به انهيءَ ڏينهن تي ئي ٿي هئي.
تاريخ جي ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو هڪ ظالم کي “ شهيد ۽ واصل الي جوار الملڪ المنان” لکيو وڃي ٿو
پر مريد جهڙي محب الوطن کي تاريخن ۾ بدبخت لکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته وقت جي حاڪمن
تاريخ به هميشه پنهنجي مرضي ۽ پسند جي لکرائي آهي. پر کين اها خبر ئي نه هوندي آهي
ته سچ جي سج کي کاري ۾ لڪائي نٿو سگھجي ۽ سُرهاڻيل هوائن جا رخ موڙي نٿا سگھجن.
پنهنجي مرضيءَ جون تاريخون لکرائڻ باوجود سوين سال گذرڻ کانپوءِ اڄ به مرزا صالح
تي لعنتون ۽ مريد بلوچ کي سلام پيش ڪيا وڃن ٿا. البت اسان جي به بي حسي آهي جو
اسان مريد جهڙي بهادر ۽ وطن دوست انسان تي ڪا تحقيق نه ڪري سگھيا آهيون .
هاڻي ڏسجي ته انهيءَ واقعي جو احوال تاريخ جي ڪهڙن ڪتابن ۾ ڏنو ويو آهي ۽ اهو احوال ڪهڙي انداز ۾ ڪيل آهي. ان وقت جي تاريخي ڪتابن تي جيڪڏهن نظر وجهي ڏسجي ٿو ته ان دور ۾ پهريون مصنف طاهر محمد نسياني آهي، جنهن ننگر ٺٽي جي تاريخ ”تاريخ طاهريءَ“ ۾ شايد نه چاهيندي به مريد بلوچ جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي. هو لکي ٿو ته: ”بلوچ قوم مان مريد بلوچ نالي هڪ شخص پنهنجي مائٽن جي وير وٺڻ لاءِ جن کي مرزا صالح ترخان لُٽي، ڦري قيد ڪري ڇڏيو هو. هن جي قتل جو قسم کڻي، پنهنجي قوم ۽ قبيلي وارن اڳيان وڏي واڪي هام هڻندو ٿي رهيو ته، جيستائين مرزا صالح کي ديوان خاني جي در وٽ، ماڻهن جي ميڙ ۾ قتل نه ڪيو اٿم، تيستائين مٿي تي پڳ ڪونه ٻڌندس.“ (2) تاريخ طاهريءَ جو مصنف اڳتي لکي ٿو ته: ”انهيءَ نيت سان هو جهنگ ڇڏي شهر ۾ آيو ۽ چرين وانگي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهمندو ۽ وڦلندو ٿي وتيو. هن جي هٿ ۾ وڏي ڇُري هئي، جنهن کي دڪانن جي دڪيءَ تي گسائي تکو ڪندو ايئن چوندو ٿي رهيو ته: ”ها ڇُري ٻڌاءِ ڀلا! منهنجو ڪم ڪندينءَ يا نه؟ هان اي دل! تون به همت ٻڌي مڙس ٿي رهجان، متان ڪانئرائپ ڪرين!!” مصنف لکي ٿو ته: ”هن جي اها وڦل اها وڦل سپاهين توڙي شهرين سڀني ٿي ٻڌي ۽ ٻار چٻرا ڪڍي کيس چيڙائيندا ٿي رهيا، هر ڪنهن ائين ٿي ڀانيو ته ڪو چريو، کريو هوندو، پر اهو ڪو نه ٿي ڄاتائون ته هي چريو به پنهنجي ڪم ۾ هوشيار هو.(3) مصنف اڳتي لکي ٿو ته: ”هڪ ڏينهن مرزا صالح جيئن ديوان خاني وٽان گهوڙي تان سوار ٿي محل ڏانهن وڃڻ لڳو ته مريد وجهه وٺي ڇُري ڪاغذ ۾ ويڙهي ”انصاف، انصاف!!“ ڪندو اڳتي وڌيو. مرزا صالح جي چوبدارن جڏهن کائنس ڪاغذ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ڪڙڪو ڪري چيو ته: ” آئون پاڻ ئي هي ڪاغذ سندس هٿ ۾ ڏيان، اوهان پري ٿيو! مرزا صالح جنهن جي سر تي اجل اچي چڪو هو، قاتل کي سڏي ڪاغذ پيش ڪرڻ لاءِ چيائين. هو جڏهن سندس ويجهو آيو ته هڪدم ڇُري ڪاغذ مان ڪڍي اندر جي باھ مان هڪل ڪري مرزا صالح جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيائين، ته ٿڏي تي سندس آنڊا ٻاهر نڪري آيا، نيراني جيڪا رٻ کاڌي هئائين سا به ٻاهر نڪري آيس. مرزا جي ماڻهن هن سوگهو جهلي اُتي ئي پورو ڪري ڇڏيو.“ (4) ساڳئي تاريخ جي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان حاشيي ۾ لکيو آهي ته: ”اسان سنڌ جي ڪجھه بلوچ قبيلن کان پڇا ڪئي ته معلوم ٿيو ته مريد رجيرن جي قبيلي مان هو، جيڪو ڪلمتي ٻروچن جو هڪ قبيلو آهي.“ (5) اڳتي لکي ٿو ته: ”مرزا صالح بلوچن مان ڇوڪري پنهنجي نڪاح ۾ آڻڻ ٿي گُهري، پر ڇوڪريءَ جي پيءُ انهيءَ سڱابنديءَ کان صاف انڪار ڪيو. مرزا صالح خار ۾ اچي ٻروچن سان ظلم ڪرڻ تي لهي آيو. مريد خان تڏهن گجرات ۾ هو، جتان ٻروچن جي حمايت لاءِ هيڏانهن هليو آيو ۽ مرزا صالح کي قتل ڪري پنهنجي قوم جو ننگ بچايائين.“(6)
مشهور تاريخ ”تاريخ معصومي“ ۾ مريد بلوچ جو ذڪر هن ريت آهي ته:
”سنه 960ھ ۾ مرزا صالح ترخان جيڪو چوٽيءَ جو
بهادر هو ۽ ڪيترين لڙاين ۽ مقابلن ۾ بهادريءَ جا وڏا جوهر ڏيکاري چڪو هو، تنهن
مريد نالي هڪ بلوچ هٿان شهادت جو شربت پيتو.“(6) مصنف اڳتي لکي ٿو ته: ”هيءَ
مطلع سندس (مرزا صالح) جي چيل آهي“.
”بزان عزمم در ملڪ جنون از سر قدم مانم
متاع هوش و دانش
راببا زارِ عدم مانم.“(8)
ترخان نامي جي صفحي 38 تي اهو
احوال هن ريت درج ٿيل آهي:
”مرزا صالح جيڪو پنهنجي وقت جي بهادرن مان هو ۽
ڪيترين لڙاين ۽ مقابلن ۾ همٿ جا جوهر ڏيکاري چڪو هو، تنهن کي بدبخت مريد نالي بلوچ
شهادت جو شربت پياريو. ان ڪري جو مرزا صالح هن جي قوم ۽ قبيلي کي ڌاڙا هڻڻ ۽ چوريون ڪرڻ
سببان قتل ڪيو.”(9) ترخان نامي جو مصنف اڳتي لکي ٿو ته: ”مٿيون واقعو هن ريت ٿيو، يعني بدبخت مريد، داد
خواهي جي رسم مطابق مرزا جي اچڻ واري رستي تي بيهي، هڪ عريضي هٿ ۾ جهلي فرياد
فرياد چوڻ شروع ڪيو. مرزا صالح هن کي پاڻ ڏي ويجهو سڏي ۽ گهوڙي تان جهڪي درخواست
وٺڻ لڳو. جنهن تي هن بدبخت مرزا جي گردن ۾ هٿ وجهي پيٽ ۾ خنجر هنيو، جنهن بعد
ڪارآمد زخم کان وڃي هو رحمت حق سان مليو.“(10) مذڪوره شهادت تاريخ لفظ ”ظلم“ (970ھ) مان نڪري ٿي.
ڪا به تاريخ مريد بلوچ جي زندگيءَ
جو ذڪر ڪندي (حوالي طور) مرزا صالح کي مارڻ جو ذڪر نٿي ڪري پر مرزا صالح جو ذڪر
ڪندي فقط سندس موت جو سبب مريد بلوچ ڄاڻايو ويو آهي ۽ بس..
ايئن ئي اداراڪي بيگلاريءَ به لکي
ٿو ته: ”مرزا صالح بدست مريد جت ازقوم
بلوچ شهيد شد“(11)
مطلب ته مريد بلوچ جي زندگي يا
خانداني پس منظر بابت تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ احوال نٿو ملي پر انهي مختصر احوال
مان ئي اهو چٽي ريت ظاهر آهي ته مريد بلوچ نه فقط هڪ بهادر ۽ وطن پرست انسان هو پر
هڪ سٺو شاعر به هو. پر افسوس جو ”مقالات
الشعراءُ “ ۾ به مريد بلوچ جو ڪو شعر ۽ احوال ته نه ٿو ملي، البت مرزا صالح جو ذڪر
ڪندي صفحي 362 تي هن ريت لکيل آهي ته:
”مرزا صالح ابن مرزا صالح عيسي خان در حيات پدر دست
بلوچي شربت شهادت چشيده. مردي شجاع بودو صلاحيت شعر خوبي داشت. اين بيت در ”منتخب التواريخ“ بنام او مذڪوره است منه:
”بزان عزمم ڪه در ملڪ جنون از سر
قدم ماتم
متاع هوش
و دانش راببا زار ِ عدم مانم“ (12)
مير علي شير قانع ٺٽوي ”تحفته الڪرام“ ۾ انهيءَ واقعي جو احوال هن ريت
ڏنو آهي: ”چون ٿا ته، مرزا باقيءَ جي همراهن مان هڪ هندو، شام جي وقت، روهڙيءَ جي
ٻاهران دريا جي ڪناري تان ٿي ويو، ته هڪڙيون ٻه مھاڻيون ڏائڻيون قضا حاجت لاءِ
ويٺل ڏٺائين. انهن مان هڪڙيءَ ٻيءَ کي چيو، ”سلطان محمود خان، مرزا باقيءَ کي
ٻَڌي، اڪبر بادشاهه ڏانھن موڪلڻ گهري ٿو، مگر تقدير ۾ هن جو اوڏانھن وڃڻ لکيل ڪونه
آهي، ڇاڪاڻ ته ڪالهه ٻپھريءَ وقت مريد نالي هڪ بلوچ، مرزا صالح کي ڪاتي هڻي ڪڍي
آهي: ٽن ڏينھن کان پوءِ هن جو رت ڀريل چولو اچي مرزا باقيءَ کي ملندو. اتفاقاً کيس
(مرزا باقيءَ کي) بھ مرزا صالح جي موت جي
خبر ساڳئي انهيءَ نموني تي ملي.“(13) مصنف قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ” ڳالهه ٿا ڪن، ته
مريد بلوچ پنهنجن مائٽن ۽ پيءَ، جن کي مرزا صالح قيد ڪري ڪُٺو هو، جي وير وٺڻ لاءِ
دم هنيو هو، ته ”جيستائين پيءُ جو وير نه وٺندس، تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندس.”
انهيءَ ارادي سان ڪاتي هٿ ۾ کڻي شھر ۾ آيو ۽ چرين وانگيان گهٽين ۽ سيرن ۾ ڦرندو
چوندو ٿي رهيو، ته ”هان! ڪاتي! تو ۾ ڪم اٿم، ڪندينءَ يا نه؟ هان، اي دل، دلير
ٿيءُ!” ٻارن کيس چريو سمجهي سندس پويان اهي حرف وري وري ٿي چيا ۽ ننڍن خواهه وڏن
انهيءَ کي بڪوات ٿي سمجهيو. نيٺ هڪڙي ڏينھن (جڏهن) مرزا صالح سوار ٿي پنهنجي محلات
ڏانهن وڃي رهيو هو، تڏهن هيءَ ڪاتي ڪاغذ ۾ ويڙهي، فريادين وانگيان ”فرياد! فرياد!“
ڪندو، سندس اڳيان آيو. خدمتگار گهڻو ئي ڪاغذ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا، پر هن چيو، ته: ” آءٌ
پاڻ ڏيندس، زباني احوال پڻ عرض ڪندس.” جنهن تي مرزا کيس پاڻ وٽ سڏايو. هو پھچندو
ويو، ۽ ڪاتي سندس پيٽ ۾ ٽنبيندو ويو. آخر کيس (مرزا صالح کي) اتي جو اتي ٺاري
ڇڏيائين. پوءِ ته هن (مريد خان) کي بھ ذرا
ذرا ڪري ڇڏيائون.“ (14)
مرزا قليچ بيگ جي تصنيف A History of Sindh” ۾ اهو مرزا صالح جو مريد
هٿان قتل وارو واقعو صفحي 96 تي مختلف حوالن سان ڏنو ويو آهي. (15)
مانوارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
اهو پهريون محقق آهي جنهن تاريخ طاهريءَ جي حاشيي تي ۽ پنهنجي تصنيف “ جنگ ناما” ۾ صفحي 25 کان 28 تائين مريد بلوچ جو
مرزا صالح کي مارڻ جي عنوان سان احوال ڪجھه تفصيلي ۽ غير جانبداري سان ڏنو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ ”جنگناما“ ۾ لکيو آهي ته: ”مرزا
صالح پوءِ پنهنجي ڀائرن محمد باقي ۽ جان بابا کي به ڏنجھه ڏيئي ٺٽي مان ڀڄائي ڇڏيو
۽ پنهنجي پوڙهي پيءُ کي بلڪل بي وس ڪري پاڻ وڏي هٺ ۽ زور سان حڪمراني ڪرڻ لڳو.“ (16)
بلوچ صاحب لکي ٿو: ” ته عام مشهور زباني روايت اها آهي ته مرزا صالح پنهنجي طاقت
کي مضبوط ڪرڻ واري گمان هيٺ بلوچن مان شادي ڪرڻ جو خيال ڪيو ۽ ڪلمتين جي رجيري
قبيلي مان سڱ گھريائين. جڏهن انهن انڪار ڪيو ته هن انهن تي قيد و بند جو سختيون
شروع ڪيون. (17) هن احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا صالح انهن بلوچن
مان عورت وٺڻ چاهي. وٺڻ چاهي ڇا پر زوري کڻڻ چاهي هوندي. ڇاڪاڻ ته هو ائين ڪرڻ جو
عادي هو.ائين وري رجيري قبيلي مزاحمت ڪئي هوندي. ڊاڪٽر بلوچ اڳتي لکي ٿو ته “ ان وقت ڪلمتين جو سردار مريد خان رجيرو گجرات
طرف ويل هو، ان کي جڏهن خبر پهتي ته يڪدم سنڌ موٽي آيو ۽ سڄو احوال معلوم ڪري قول ڪيائين ته: جيستائين
مرزا صالح کي نه ماريندس تيستائين پٽڪو نه ٻڌندس. (18)
ارغون ترخان دور تي لکيل هڪ ڪتاب History of the Arghuns and Turkhans of Sindh جي صفحي 135 تي مريد بلوچ جو ذڪر مرزا صالح جي
احوال ۾ هن ريت ڏنو ويو آهي:
“ In the 970/1562-63
Mirza Muhammad Saleh Tarkhan who was one of the chief warrior and displayed
extraordinary courage and bravery in many battles and encounters and had many
conquests, and had many Kukas (foster brothers) of Mirza Kamran in his service,
such as Mazid Kuka and Murad Kuka, drank
the sherbet of martyrdom at the hands of Bloch named Mureed, whose father was
killed by him (19)
ساڳي طرح مشهور تاريخدان اعجازالحق قدوسي به پنهنجي لکيل ”تاريخ سنڌ“ ۾ صفحي 118 ۽ 119 تي تاريخ معصومي،
بيگلار نامي ۽ ترخان جا حوالا ۽ ساڳيو احوال ڏيندي مرزا صالح جي قتل جو واقعو بروز ڇنڇر 23
شعبان 970ھ (1562ع) ڄاڻايو آهي. (20)
ان دور جي تاريخ جو هر ڪتاب سڌي يا
اڻ سڌي طرح مرزا صالح جي ظلمن جي ذڪر کان خالي نه آهي.
حوالا ۽ حاشيا:
1. روايت
ڏيندڙ محترم سائين محمد مريد پيروزاڻي (رجيرو) بلوچ، ڊائريڪٽر فزيڪل ايڊيوڪيشنل
”گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مڪلي، بتاريخ 27 ڊسمبر 1996ع، عمر 56 سال
(سنڌ ۽
ڪڇ جي جتن ۽ ڪلمتين جون مائٽيون رهنديون اچن. ڪن
خاندان مان هڪ ڀيڻ هتي ته ٻي ڀيڻ ڪڇ ۾، هڪ ڀاءُ هتي ته ٻيو ڀاءُ ڪڇ ۾ رهندڙ
آهن، يعني بنهه ويجهيون مائٽيون آهن.)
2. ٺٽوي،
محمد طاهر نسياني سيد ”تاريخ طاهري“ سنڌي
ترجمو نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. 1998ع ص 116
3. ساڳيو
حوالو، ص116
4. ساڳيو
حوالو، ص117
5. ساڳيو
حوالو ، حاشيو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 116
6.ساڳيو
ڪتاب، حاشيو ، 117
7. مير
محمد معصوم ”تاريخ معصومي“ سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد
8. ساڳيو حوالو، ص:
9. ٺٽوي
مير محمد بن سيد جلال ”ترخان نامو“ سنڌي
ترجمو: مرزا عباس علي بيگ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1994ع، ص 38
10.
ساڳيو حوالو ص 38
11. ادراڪي
بيگلاري ”بيگلار نامو“ سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد 1960ع ص 47
12. قانع
مير ٺٽوي مير علي شير قانع ”مقالات شعرا“
سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، 1957ع
13. قانع
ٺٽوي مير علي شير ”تحفته الڪرام“ ، تحصيح
۽ تحشه سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1971ع ص 132
14.
ساڳيو حوالو، ص 132
15. Kalich Baig “ History of Sindh II”
Scinde classics Karachee 1982 P 96
17. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، “ جنگناما” سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1984ع ص 25
18. ساڳيو حوالو، ص 26
19. ساڳيو حوالو، ص 26
20. ,Mahmoodul Hassan Siddiqi “ History of the Arghuns
and Turkhans of Sindh” Institute of Sindhology 1972 ص 135
21.
قدوسي اعجازالحق ”تاريخ سنڌ“ (اردو) جلد
دوم، اردو سائنس بورڊ لاهور، ص 118 ۽ 119ڇاپو ٽيون 1985ع
Thatto:
16/04/2014
No comments:
Post a Comment