Friday, April 24, 2020

سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي

سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


ڇھ ماهي تحقيقي جرنل ”بلاول“ جي  (جنوري - جون 2010) واري اشاعت ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس 


      سنڌ ڪيترائي سورهيه ۽ سپوت پيدا ڪيا آهن، جن ساڻيهه جي سلامتيءَ لاءِ آخري پساهن تائين جهيڙيو آهي. جن پنهنجي ديس جي دنگ ۽ ننگ جي تحفظ لاءِ سر ڏيئي ساک بچائي آهي. سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي به اهڙن عظيم انسانن مان هئا جيڪي وطن تي سر ڏيئي سرها ٿيا.

    هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو هو. انگريز پهريائين 1635ع کان 1662ع تائين ۽ پوءِ 1758ع) ۾ آيا ته رڳو هن ملڪ ۾ واپار سانگي هئا، پر اڳتي هلي وڏي چالاڪي ۽ سازشن سان سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪمن پهريائين ميان نور محمد ۽ پوءِ خاص ڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سان ڪن خاص معاهدن تحت ۽ پنهنجا پير پختا ڪري ۽ اڳتي هلي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. توڙي جو ميان غلام شاهه ته سنڌ ملڪ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ پئي چاهي پر انگريزن جي من ۾ اصلؤن ڪا مدائي هئي. هو هڪ اهڙو معاهدو به ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن سان سندن هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي. اڳتي هلي ميرن جي دؤر ۾ ته هو ڪار وهنوار ۾ گهڻي مداخلت ڪرڻ لڳا. 37-1836ع تائين ته ڪراچي ۾ پنهنجي فوجي ڇانوڻي به قائم ڪري ورتائون. سن 40-1839ع تائين ايترا ته سگهارا ٿي ويا جو ميرن کي مجبور ڪري کانئن بار بار پنهنجي فائدي ۾ معاهدا ڪرائي ٿي ورتائون. ڪجهه وقت کان پوءِ ته حالتون اڃان به وڌيڪ خراب ٿي ويون. انهي دؤر ۾ سنڌ جي حاڪمن پاران ڪا خاص حفاظتي چرپر نه ٿي سگهي. البت سنڌ جا غيرتمند ماڻهو ۽ قبيلا مختلف وقتن تي انگريزن سان اٽڪندا ٿي رهيا. ڪيترائي اهڙا قبيلا ۽ ٽولا به هئي جيڪي مسلسل انگريز عملدارن ۽ فوجين تي حملا ڪري، گهڻي مزاحمت ڪري رهيا هئا. هنن خاص ڪري ڪراچي (جتي انگريزن جا فوجي اڏا قائم هئا) ۽ اُن جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ انگريزن جون متيون منجهائي وڌيون هيون. اهڙن حملن جون شاهديون انگريزن جا آڳاٽا رڪارڊ به ڏين ٿا. هڪ موقعو ته اهڙو به آيو جو جيڪڏهن اُنهيءَ وقت غدار ۽ ديسي دلال وطن دشمني نه ڪن ها ته شايد ڪراچي ۾ رهندڙ انگريزن ۽ سندن رکوالن مان گهڻن جا لاش ملن ها ۽ هو سنڌ حڪومت تي ايڏو تڪڙو قابض ٿي نه سگهن ها. انهيءَ واقعي متعلق نائونمل پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ لکي ٿو ته: ”مياڻي جي لڙائيءَ کان اڳ ٻروچن حماقت ڪري حيدرآباد ۾ سفارتخاني تي حملو ڪيو هو. تڏهن ميرن، ملير جي ڄام مهر علي جوکيي، ملڪ احمد خان نومڙيي ۽ ملڪ ابراهيم خان ڪرمتي ڏي لکيو هو ته توهان حيدرآباد اچي ٻروچن جي لشڪر ۾ شامل ٿيڻ بدران، يڪمشت ٿي پنهنجي متحده فوج سان، ڪراچي ۾ انگريزن جي ڇانوڻي تي اوچتو يلغار ڪري، ڦري لٽي، ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. پوءِ ڀل اُهي انگريز هجن، يورپي هجن يا ديسي هجن... ميرن پنهنجي عملدارن کي هن ڳالهه کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو ۽ کين هدايت ڪئي هئائون ته انهن سردارن کي پئسي پنجڙ ۽ ان وغيره جي مدد ڪن.“(1) نائونمل اڳتي لکي ٿو ته: ”انهن ٽنهي سردارن ڪراچي ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي يلغار ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو ڪٺا ڪيا پر هنن جي اها مرضي نه هئي ته اُنهي انڌاڌنڌ قتل ۽ غارتگري ۾ ڪنهن مسلمانن کي ڪو نقصان پهچي. تنهنڪري هنن ڪن مسلمانن کي صلاح ڏني ته اسان جنهن وقت ڪراچي جي آسپاس ۾ لٽ مار شرع ڪريون ته توهان ڪراچي مان تڪڙا تڪڙا نڪري وڃجو. اها خبر مسلمانن مان وائرجي وڃي شهر جي ٻين ماڻهن جي ڪن پيئي.“(2) اهڙيءَ ريت اها خبر ڦرندي وڃي نائونل تائين پهتي، جنهن نه رڳو انگريز عملدارن تائين پهچائي پر سنڌي ماڻهن جي اُنهيءَ حمڪت عمليءَ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ  هو هر ممڪن ڪوشش ۾ لڳي ويو.

       جوکيا، ڪلمتي ۽ نومڙيا جيڪي پنهنجا هزارين جوڌا گڏ ڪري ڇانوڻي کان فقط ٻن ميلن جي مفاصلي تائين پهچي چڪا هئا، تن کي جڏهن اُها سڌ پئي ته انگريزن کي سندن ارادن جي خبر پئجي چڪي آهي ته هو مڙي ويا. اهو هڪ اهڙو موقعو ۽ موڙ هو جو جيڪڏهن اها خبر انگريزن تائين نه رسي ها ته پڪ سان صورتحال ئي بنهه مختلف هجي ها.

       اڳتي هلي جڏهن مياڻي ۽ دٻي جون لڙايون لڳيون ۽ سنڌ جا هزارين سپوت پنهنجي وطن لاءِ وڙهندي واريا ويا، انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. ٽالپور حڪمران به قيد ٿي هندستان نيا ويا، پوءِ به سنڌي ماڻهو مايوس ٿي ماٺ ڪري ڪونه ويٺا. جيئن اسان کي تاريخن ۾ ٻڌايو ويو آهي. سنڌ جا ڪيترائي قبيلا ۽ گروهه پوءِ گھڻي وقت تائين لڳاتار انگريزن سان مختلف هنڌن ۽ وقتن تي ويڙهه ڪندا رهيا. البت ايترو ضرور هو ته اُهي ڇڙ وڇڙ ته موچاري نموني سکيا ورتل به نه هئا. ڪراچي سميت سنڌ جي جابلو علائقن جا ڪلمتي، جوکيا، نومڙيا ۽ ڪجهه ٻيا قبيلا گهڻي وقت تائين وڙهندا پنهنجو ريٽو رت ڏيندا ۽ ڌرتي جي پت رکندا رهيا جن جو ذڪر ڪندي نه رڳو سنڌ جا ساڃاهه وند جهونا ڳڻ ۽ ڳالهيون ڳائيندا آهن، پر خود انگريزن جا رڪارڊ ۽ رپورٽون به شاهد آهن. ايتري قدر جو دٻي واري جنگ کان پوءِ به چارلس نيپئر جي گُهر تي جڏهن هڪ بهترين تربيت يافته فوجي دستو بمبئي کان ڪراچي پهچڻ لاءِ ڪراچي-ٺٽي رستي کان، نيپئر جي مدد لاءِ حيدرآباد وڃي رهيو هو ته اُنهي جي سڌ جڏهن سنڌي جونجهارن کي پئي ته چاڪر خان جوکيي جي اڳواڻي ۾ جوکين ۽ ڪلمتي جوانن گجي وٽ رسي مٿن اوچتو (ڇاپامار) حملو ڪري، منجهانئن گهڻن کي قتل ڪري، سامان وغيره پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. نائونمل انهي واقعي متعلق لکي ٿو ته ”فوج جو هڪ ننڍو دستو بمبئي کان حيدرآباد ۾ چارلس نيپئر جي مدد لاءِ ڪراچي پهتو. هنن جي سواري لاءِ ملير جي ميمڻن جا اُٺ ڀاڙي ڪيا ويا ۽ هو ڪراچي کان ٺٽي رستي روانا ٿيا گجي وٽ هنن تي ملير جي ڄام مهر علي جي ڀائٽي چاڪر خان جوکيي ٻن ٽن سون جوکين سان اوچتو حملو ڪيو. انگريزن جي ڌر وارا ماڻهو ٿورا هئا ۽ هنن جو مقابلو ڪري نه سگهيا. هنن جو سمورو مال لٽيو ويو ۽ گهڻا ماڻهو مارجي ويا. فقط ڏهه ٻارهن ڄڻا جان بچائي ڪراچي پهتا ۽ پنهنجي دک ڀري ڪهاڻي اچي ٻڌايائون.“(3)

       مٿين حقيقت مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ماڻهو ڪيترو ۽ ڪهڙي حڪمت عمليءَ ۽ نموني سان وڙهيا هئا. صاف ظاهر اهي ته مياڻي ۽ دُٻي جي جنگين لڳڻ کان پوءِ به ڪلمتي، جوکيا ۽ نومڙيا قبيلا هار قبولڻ ۽ مصلحت ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه هئا ۽ هو پنهنجي سردارن جي اڳواڻي ۾ وڙهندا رهيا، پر حالتون انتهائي خراب ٿي چڪيون هيون. ويتر جو انگريز، ميرن کي قيد ڪري، بيوس بنائي کانئن جوکين ۽ ڪلمتين کي پيش پوڻ لاءِ لکرائي به آيا تڏهن ڪلمتي ۽ جوکيا بنهه پريشان ٿي پيا. مٿان وري نائونمل جھڙو ڏيهي سازشي به موجود هو، جنهن ڪيئي اٽڪلون ڪري، ڪلمتين ۽ جوکين کي غلط رپورٽون ٻڌائي انگريزن خلاف جنگ بند ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. ڪلمتي ۽ جوکيا نه چاهيندي به نيٺ هٿيار ڦٽا ڪري ويهي رهيا. هونئن ته سردارن جو هر فيصلو مڃيو ويندو آهي، تنهن هوندي به هنن قبيلن جا ڪيترائي غيرتمند (ڇڙوڇڙ) ٽولا ۽ فرد اهڙو فيصلو مڃڻ لاءِ راضي نه ٿيا ۽ انڪار ڪندي، ڳچ عرصي تائين ديس لاءِ وڙهندا، سر قربان ڪندي پاڻ ملهائيندا رهيا. انگريزن جي دستاويزن مان پتو پوي ٿو ته انهن قبيلن جا ارڏا ۽ اڻ موٽ ڪيترن سالن تائين انگريزن سان چوٽون کائيندا رهيا.اهڙن حقيقي داستانن جا شاهد انگريز سرڪار جا رڪارڊ ته سنڌي ماڻهن جون سيني به سيني سانڍيل سارون به آهن. سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي نون نسلن کي اُنهن عظيم ڪردارن جون ڪهاڻيون ٻڌائي فخر پيا محسوس ڪندا آهن.

       سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي اُنهن غيرتمند، ارڏن ۽ اڻ موٽ عظيم انسانن مان آهن، جن پنهنجي سردارن جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري فيصلي کي نه مڃيندي، انگريزن سان پوين پساهن تائين به جنگ جاري رکڻ جو عزم ڪيو. ڇاڪاڻ ته وٽن وطن جي عظمت سڀ کان مٿانهين هئي. چيو وڃي ٿو ته سائينداد ڪلمتي سان چار ساٿي گڏ هئا، جن ۾ ٻه ڪلمتي، هڪ جوکيو، هڪ ڇٽو شامل آهي. اُنهن متعلق انور قاضي(4) جو هڪ بيت ملي ٿو. جنهن مان ڪي حقيقتون معلوم ٿين ٿيون، اُهو بيت هتي ڏجي ٿو:

پنج ئي پاڻ ۾ هئا جوڌا جنگ جوان،
جوکيو، ڇٽو، ٽي ڪلمتي مڙس مهان،
اوچا ڳاٽ اُنهن جا، ماڻهو سي مستان،
هشمت ساڻ هليا، پڌرا سي پهلوان،
ويهي وچن ڪيائون ساري کي سبحان
مور نه مڃينداسين، فرنگين جو فرمان،
گورن جي غلاميءَ کان مرڻ وڏو مان،
پٽڪي وَر نه ڏبو جيسين ڌارين دامان،
وڙهندي وطن تان ڪبا سر قربان،
ملهائبا ميدان، راڱا ڏئي رت جا.

       سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي ڪٿي ۽ ڪڏهن ڄاوا ۽ هر هڪ جي عمر ڪيتري هئي؟ سندن ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟ يا سندن تعليم ۽ تربيت ڪنهن ڪئي يا تعليم وغيره به هئي يا نه؟ ۽ جيڪڏهن هئي ته ڪيتري ۽ ڪهڙي قسم جي هئي، اها معلومات هاڻي ته ڪٿان به نٿي ملي. ملندڙ روايتن(5) مان فقط سندن بهادري، سورهيائي ۽ سچائي جون حقيقتون معلوم ڪري سگھجن ٿيون. اُنهن مان ئي ڪي اندازا ڪري سگهجن ٿا  ته هو ڪهڙا جذبا رکندا هئا ۽ هنن ڇا ٿي چاهيو.

       چيو وڃي ٿو ته ”ڄام مهر علي، ملڪ ابراهيم خان ۽ ملڪ احمد خان، جڏهن پنهنجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو ته گهڻن ماڻهن ته اهو فيصلو قبول ڪيو پر سائينداد ۽ سندس ساٿين ٺپ انڪار ڪيو. هنن سوچيو ته سردار ڀلي گورن سان مصلحت ڪري، ٺاهه ڪن، پر پاڻ ائين نه ڪنداسين. پاڻ گورن کي ملڪ مان ماري ۽ هڪالي ڪڍنداسين يا وڙهندي مري وينداسين، پر ماٺ ڪري نه ويهنداسين. ٻڌايو وڃي ٿو ته “جڏهن سردارن پنهنجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي جنگ بند ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ته هي نوجوان انڪار ڪري جنهن وقت ڳوٺ ڇڏي رهيا هئا ته هڪ جھوني کين سمجهائيندي چيو ته ”ابا! گورا ملڪ تي قبضو ڪري چڪا آهن. اُن ڳالهه کي سڀ ماڻهو قبول ڪري ويهي رهيا آهن، ورندو سرندو ڪي به ڪين سو هاڻي اوهين به ضد تان لهي وڃو ته چڱو آهي.“ جنهن تي هنن جواب ڏنو ته ”اسين گورن سان ويڙهه ڪنداسين، اسين انهي ڳالهه تان هٽي نه ٿا سگهون، ڇو ته اسين گورن کي ڌرتيءَ تي برداشت نٿا ڪري سگهون. سنڌ ماءُ آهي ۽ ماءُ تي ڪو گورو ڏسي هٿ هٿ تي رکي ويهون. اهو اسان کان نه ٿيندو.“

       سندن بهادريءَ متعلق هڪ ٻي به روايت آهي ته ”هڪ ڀيري کين خبر پئي ته ڪجهه انگريز فوجي ڪراچي کان گهاري طرف وڃي رهيا آهن. هنن انهن فوجين تي داٻيجي ويجهو اوچتو حملو ڪري کين قتل ڪري اُٺ وغيره پنهنجي قبضي ۾ ڪيا. ايتري ۾ پٺيان وري ڪا ٻي انگريز پلٽڻ اچي رهي هئي. ان پلٽڻ وارا انگريز هن طرف تيزي سان اچي رهيا هئا. سائينداد پنهنجي ساٿين کي چيو ته اوهين اڳتي نڪري هلو، ۽ آئون هنن کي منهن ڏئي اوهان کي اچي ٿو رسان. سو هي اُتي ئي بيهي رهيو. جڏهن انگريز بنهه ويجهو پهتا ته هي تيزي سان ڪنهن ٻئي رستي سان ڀڄڻ لڳو ته سڀئي انگريز به سندس پٺيان ڊوڙيا. هو تمام هوشياري سان سڀني ماڻهن کان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ گوهيون ڏيئي رستو بدلائي مڙي وڃي پنهنجي ساٿين سان رسيو.“ مختلف واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته سائينداد نه رڳو بهادر ۽ باهمت هو پر هر ڪم دانائيءَ تيزيءَ سان ڪرڻ ۽ پنهنجي بچاءُ جي حڪمت عملي جوڙڻ ۾ به بنهه هوشيار هو.

        وقت کين ڪا گهڻي مهلت ڪانه ڏني جو هو ڪي گهڻيون ڪارروايون ڪري سگهن. هنن ڌارين تي حملا ۽ ڪاروايون ضرور گھڻيون ئي ڪيون هونديون پر روايتن مطابق هنن پوئين دور ۾ فقط ٻه ڪارروايون ڪيون.(6) جن مان هڪ جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. گورن خلاف وڏي ۽ آخري ڪارروائي جيڪا ٻڌائي وڃي ٿي سا هن ريت آهي: ”هڪ ڏينهن سائينداد ۽ سندس ساٿين کي ڪنهن نموني سان خبرملي ته ڪجهه گورا نئن ملير جي ڪنڌيءَ تي سير ڪري رهيا آهن. هي پنج ئي ساٿي جيڪي هاڻي فقط ۽ فقط اهڙن ئي موقعن جي انتظار ۾ هئا. ڇاڪاڻ ته هاڻي هنن جي زندگي جو مقصد ئي وجهه وٺي گورن تي اوچتا حملا ڪرڻ هو. سو جڏهن کين اها خبر ملي ته هنن هڪدم پنهنجا اٺ پلاڻي انهيءَ طرف جو رخ رکيو. سگهو ئي هي اُتي پهچي ويا. جاچ ڪرڻ کان پوءِ ڏٺائون ته برابر ڪجهه گورا اُتي گهمي رهيا آهن. هنن انهن تي اوچتو حملو ڪري، منجهانئن ٻن ڄڻن کي ماري وڌو. افسوس جو کين اها خبر ئي نه هئي ته ويجهو ئي انگريزن جو سڄو لشڪر لڪو ويٺو هو. سو انهن هڪدم وڌي اچي سائينداد ۽ سندس ساٿين جو گهيراءُ ڪري، مٿن حملو ڪيو، توڙي جو سائينداد وارا فقط پنج ڄڻا هئا تنهن هوندي به گورن سان گهڻو ئي وڙهيا. چيو وڃي ٿو ته ”انگريزن سان وڙهندي سندس چارئي ساٿي مارجي ويا پر پوءِ به ڪيتري دير تائين اڪيلو وڙهندي گولين کان گوهيون ڏيندو بچندو ۽ وڙهندو رهيو پر نيٺ کيس گولين گهائي وڌو. تنهن هوندي به هو وڙهندو رهيو. آخر سندس ٽنگون ۽ هڪ ٻانهن به ختم ٿي وئي، پوءِ به هو رڙهندو ۽ هڪ هٿ سان وڙهندو رهيو. مطلب ته ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين وڙهندو رهيو. آخرڪار سنڌ تي ساهه ڏيئي سرهو ٿيو“

       اهڙي ريت هي سڀئي ساٿي ڌرتيءَ کي پنهنجي ريٽي رت جو ريج ڏئي، امر ٿي ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ”جڏهن سائينداد جو ساهه پرواز ڪري ويو تڏهن هو پٽ تي ڪرڻ بجاءِ هڪ پٿر کي ٽيڪ ڏيئي ائين آهليو رهيو ڄڻ ته ويٺو هجي. تنهنڪري ساه نڪري وڃڻ کان پوءِ به ڪيتري دير تائين انگريز سندس ويجهو ئي نٿي آيا. جڏهن مرڻ جي پڪ ٿين تڏهن انهيءَ فوج جي وڏي عملدار وڌي اچي کيس سليوٽ ڪيو“

       بهرحال انگريز عملدار سليوٽ ڪيو هجي يا نه پر سائينداد ۽ سندس ساٿين کي اڄ به سڄي سنڌ سلام ڪري ٿي ۽ سدائين ڪندي رهندي. سائينداد ۽ سندس ساٿي آخري پساهن تائين ڌرتيءَ قبضو ڪندڙ ڌارين دشمنن سان وڙهندا رهيا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهو اڄ به سندن سورهيائي، سچائي ۽ دليري جا داستان ٻڌائي کين خراج پيش ڪندا آهن.

       هي واقعو ڪهڙي تاريخ ۽ مهيني ۾ ٿي گذريو. اُن جي تاريخ ۽ مهيني جو پڪي سڌ ته ڪٿان به نه ٿي ملي البت روايتن ۽ اهڃاڻن مان ايترو پتو پوي ٿو ته هي واقعو 1843ع جي شروع واري اڌ ۾ ٿيو هوندو.

حوالا

1. نائونمل ”يادگيريون“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1968ع، ص 163.

2. ساڳيو ڪتاب، ص 163.

3. ساڳيو ڪتاب، ص 174.

4. انور قاضي ساڪري کان اڳيان ٻهارن جي ويجهو قاضي ڳوٺ جو ويٺل هو. روايتون ڏيندڙ رٽائرڊ پرائمري استاد قاضي قادر بخش (عمر 68 سال) جو چوڻ آهي ته قاضي انور انگريزن جي زماني ۾ پوليس ۾ نوڪري ڪري، رٽائر ٿيڻ بعد تمام وڏي ڄمار ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ وفات ڪري ويو. جڏهن ته سنڌي ادب ۽ ٻولي جي محقق ۽ شاعر “محمد احسن” جوکيي جو چوڻ آهي ته اهو شعر انور قاضي جو نه پر انگريزن جي شروعاتي دور جي هڪ جوکيي شاعر جو آهي. البت قاضي انور کي اهو شعر ياد هوندو جيڪو هو ڪچهرين ۾ ٻڌائيندو هوندو.

5. روايتون ڏيندڙ (I) ڪريم بخش ڀوو (ڪلمتي) عمر اٽڪل ستر ورهيه، ڳوٺ وٽيجي ضلعو ملير-ڪراچي. (II) رٽائرڊ پرائمري استاد قاضي قادر بخش عمر 68 سال، اصل ڳوٺ قاضي ڳوٺ لڳ ٻهارا تعلقو ساڪرو ۽ حال رهندڙ ٺٽو شهر. (III) محترم محمد موسيٰ ڪنجهرائي استاد هاءِ اسڪول ٺٽو اصل ڳوٺ ڪنجهر عمر 59 سال.

6. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انهن واقعن کان اڳ ۾ به سائينداد ۽ سندس ساٿي پنهنجي پنهنجي سردارن جي فوج ۾ شامل هوندا ۽ انهن سان گڏجي انگريزن خلاف ويڙهه ڪئي هوندائون، پر اُنهن بابت ڪي خاص روايتون نٿيون ملن.



No comments:

Post a Comment