Sunday, July 26, 2020
Saturday, July 25, 2020
Friday, July 24, 2020
Thursday, July 23, 2020
سنڌ جو ڪيڏارو
سنڌ جو ڪيڏارو
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
سنڌ ساڻيھ جي ڪيڏاري جي تاريخ بنھ آڳاٽي
رهي آهي. هي ڪي مهينن ۽ سالن جا داستان نه پر هزارين سالن جون حقيقتون آهن. هتي
سنڌ جي ڪيڏاري بنھه ڊگهي تاريخ تي مختصر نموني نظر وجهڻ بنھه ضروري سمجهون ٿا. پر
تنهن کان پهرين ڏسون ته ڪيڏاري جي معنيٰ ۽ مطلب آهي ڇا؟ سنڌي لغات ۾ ڪيڏاري جي معنيٰ هن ريت ڏني ويئي آهي: ”ڪيڏارو: جنگ، لڙائي، ويڙھ،
قتل عام. شاھ جي رسالي ۾ هڪ سُر جو نالو“(1) مانواري محقق ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاھ
جي رسالي ۾ سُر ڪيڏاري جي سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي: ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي
بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي معني آهي جنگ جو ميدان. هندستاني گوين موجب ”ڪيداري“ هڪ
راڳڻي جو نالو آهي“.(2)
Wednesday, July 22, 2020
Tuesday, July 21, 2020
Sunday, July 19, 2020
گھايل مَنَ جا گيت (خاموش عباسئَ جي شاعري، ليکڪ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)
سنڌ ملڪ جو ننگر
ٺٽي وارو علائقو سدائين سُکيو ۽ سَرهو رهيو آهي، ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيب، تمدن، انساني ارتقا، تاريخ
۽ جاگرافيءَ جي لحاظ سان گهڻو اهميت ڀريو رهيو آهي. ننگر ٺٽي جو هڪ من موهيندڙ ماڳ
اهڙو به آهي، جنهن ڏانهن اسان جي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جي نگاهه نه
وئي آهي، سو آهي چِليا جتي سنڌو سڀيتا جا
قديم آثار اڄ به تحقيق ۽ سمجهڻ لاءِ سڏي رهيا آهن. سنڌ ساڻيهه جي ٻين ڪن روح ڇڪيندڙ هنڌن
وانگر هن ماڳ جي مٽيءَ ۾ هزارين سالن جي مھڪ سمايل آهي.
Saturday, July 18, 2020
تاج صحرائي - سنڌ جي قديم آثارن جو جاکوڙي (مقالو: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)
تاج صحرائي - سنڌ جي قديم آثارن جو جاکوڙي
(ڏاهو، محقق، تعليمدان ۽ عالم)
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
سُونھان سُڌيون ڏين، ديواني درياهه جون،
ڪوڙ اوڏائي ڪينڪي، رڳو سچ سُڌين،
عِجز جو اڌ رات کي وڻج وهائين،
ساٿ نباهيو
نِين، ثابت اِنهيءَ سير
مان
(لطيف)
سنڌ ملڪ جي تھذيب ۽ قديم
آثارن جو ذڪر ٿيندي ئي سنڌ ۾ ڪجهه وڏن نالن ۾ سائين تاج صحرائي صاحب جو نالو بنهه
نمايان نظر اچي ٿو، سنڌو تهذيب، قديم آثار، خاص ڪري کير ٿر جو اوڀاريون پاسو ۽
منڇر جو ذڪر ٿيندي ئي تاج صحرائي هڪ ماهر ۽ ڄڻ ته اُتي جي انسائيڪلو پيڊيا طور ذهن
تي تري اچي ٿو.
Friday, July 17, 2020
ريجهو مل (روهڙئَ سان تعلق رکندڙ ناميارو صوفي شاعر)
ريجهو مل
(روهڙئَ سان تعلق رکندڙ ناميارو صوفي شاعر)
ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘
سنڌ ملڪ ساڃاهه وندن، سرجڻهارن، صوفين، سنتن امن پسند ۽ سماج سڌارڪ انسان جو
ديس آهي. هتي جي مٽيءَ ۾ وڏي مڻيا آهي. عقل، فهم، امن، آشتي ۽ انسانيت جا هتي اعلا مثال ملن ٿا. علم ۽ فن جي
ديوي به هتي سدائين رقص ڪندي رهي آهي. هتي جي خمير سدائين کٿوريءَ خوشبوئون
پکيڙيون آهن. هن ملڪ جي چپي چپي تي شاعر، صوفي، سنت ۽ سماج سڌارڪ سدائين ڪنول جي
گلن وانگر کڙندا ۽ ڏيھه واسيندا رهيا آهن. سندن فڪر، فهم، امن، انسانيت ۽ پيار جا
پيغام، سدائين پُئاڻيءَ جي ٻوٽي وانگر سڄي تَرَ کي واسيندا رهيا آهن.
Sunday, July 12, 2020
جڏهن تڏهن سنڌڙي قنڌاران جوکو
جڏهن تڏهن سنڌڙي قنڌاران جوکو
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
هئَ ڳالهه ڪجھ ڏينهن، مھينن يا سالن جي نه پر هيءَ حقيقت سوين سالن کان هڪ ڊگهو
سلسلو آهي، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. هئَ هڪ ڪَڙي حقيقت آهي ته گهڻي زماني کان
افغانن جون سدا سائي ۽ سُکي ستابي سنڌ تي ڪاهون ۽ حملا ٿيندا رهيا آهن. سن 1485ع
کان انهن ڪاهن ۽ حملن جا ته تاريخي دستاويز موجود آهن. اُهي ڪاهون جيڪي هُنن سن86/1485ع
کان شروع ڪيون اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين لڳاتار جاري آهي. منگولن جي ڏينهن ۾، 1485-86 /890 ھ ۾ خراسان جي سلطان حسين مرزا
بايقرا سنڌ جي دنگ تي چڙهائي ڪئي پر کين ڪا خاص سوڀ نصيب نه ٿي. سن 1487ع / 892 ھ ۾
هرات ۾ ان جنگ جي فتح جو هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو.
خادم حسين ابڙو جي شاعري جي مجموعي ”جَالِڻُ جِهانگِين سَاڻُ“ جو مهاڳ (حوصلي ۽ اُميد جو شاعر)
حوصلي ۽ اُميد جو شاعر
(خادم
حسين ابڙو جي شاعري جي مجموعي ”جَالِڻُ
جِهانگِين سَاڻُ“ جو مهاڳ)
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
ڏاها چون ٿا ته ”شاعري جي رمزيت کي تمام گهڻو جامع ۽ همه گير هئڻ کپي، ڇو ته
عظيم المرتب ۽ جليل القدر شاعريءَ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي.“ منهنجي خيال ۾ ”جامعيت“ ۽ ”همه گيري“ ئي ڪنهن
شاعريءَ جي سگهه آهي. ڪنهن به شاعريءَ ۾ موضوع جو وسيع هئڻ، زندگيءَ جي هر پهلوءَ
تي نظر ڌرڻ، محبت، ميلاپ، عشق، وڇوڙو، موت، تباهيءَ جي احساس جي ڪيفيت وغيره
شاعريءَ کي سگهه بخشيندڙ جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون آهن. فرد کان ويندي سماج ۽ قوم سان
گهرو لڳاءُ، خلوص ۽ عشق ئي تخليق جي سلن لاءِ سانوڻي مند آڻيندا آهن. اها ئي
خوبصورت شاعريءَ جي سڃاڻپ آهي ته ان ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ موجود هجن.
Friday, July 10, 2020
محبت مايائون ”اسدي“ جي ڪتاب ”انمول احساس“ تي ڪجھ جملا
محبت مايائون
”اسدي“ جي ڪتاب ”انمول احساس“ تي ڪجھ جملا
سنڌ ساڻيهه ٺٽي ننگر جي جنگشاهيءَ
ڄائو محترم سائين پير غلام رسول شاهه جيلاني ”اسدي“ گڻائتو انسان آهي. خوش اخلاقي
۽ ملڻ جو مٺو انداز ته ڪو وٽانئس سکي. دوستن جو دوست، ڪڙو ۽ ڪوسو ڪنهن سان گھٽ
ٿيندو. هو ذات جو ته برابر پير آهي پر سَڀاءُ جو به پير آهي. تڏهن ئي ته پاڻ به
سندس لفظن ۾: ”محبت مايائون، عمر ڀر لئي ميڙيم.“ ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه دنيا جي ماڻهن
۾ محبتون ماڳهين گھٽجي ويون آهن، ماڻهن جي دلين ۽ چهرن تي رڳو نفرتون ئي نفرتون
نظر اينديون. وستين، واهڻن ۽ ويڙهن تي وحشتون راڄ ڪري رهيون آهن، ماڻهن جي گھڻائي
انسان ۽ انساني سماج کي آزارڻ لاءِ وَر کڻيو بيٺي آهي، انهيءَ ماحول ۾ ڪو ڪنهن سان
سچائيءَ سان ڪي مٺا ٻه ٻول ٻولي ته به وڏي ڳالهه آهي.
پير غلام رسول ”اسدي“ کي علم ۽
ادب سان گھڻي وقت کان لڳاءُ رهيو آهي.
غزل جو شاعر گوپ ڪمل
غزل جو شاعر- گوپ ڪمل
گوپ ڪمل جو نالو شاعريءَ جي حوالي سان ڪو نئون ناهي. هُو سنڌي شاعري ۽ ادب جي
دنيا ۾ سنڌ توڙي هنڌ ۾ ڪافي مشهور آهي. هو هڪ سگھارو شاعر آهي. اسين سندس شاعري گھڻي
وقت کان پڙهندا رهيا آهيون. جڏهن به جديد سنڌي غزل جو ذڪر نڪرندو آهي ته سندس نالو
ضرور ياد ڪيو ويندو رهيو آهي.
2011ع ۾ جڏهن منهنجو پهريون ڀيرو دُبئيءَ وڃڻ ٿيو هو، تڏهن مون کي منهنجي
پياري دوست نريندر ساڌواڻئَ (جنهن جو ’هسيا ڪالا ڊراما گروپ‘ 1992ع کان وٺي اُتي ڪم
ڪري رهيو آهي) ٻڌايو هو ته سنڌيءَ جا ڪيترا اديب ۽ شاعر دُبئيءَ ۾ رهن ٿا، جن ۾
آشا چاند، چاند پنجابي، ناري ساولاڻي، امداد علي، گوپ ڪمل ۽ ٻيا شامل آهن. چاهيندي
به تڏهن آءٌ ساڻن ملي نه سگھيو هوس.
Subscribe to:
Posts (Atom)