جڏهن تڏهن سنڌڙي قنڌاران جوکو
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
هئَ ڳالهه ڪجھ ڏينهن، مھينن يا سالن جي نه پر هيءَ حقيقت سوين سالن کان هڪ ڊگهو
سلسلو آهي، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. هئَ هڪ ڪَڙي حقيقت آهي ته گهڻي زماني کان
افغانن جون سدا سائي ۽ سُکي ستابي سنڌ تي ڪاهون ۽ حملا ٿيندا رهيا آهن. سن 1485ع
کان انهن ڪاهن ۽ حملن جا ته تاريخي دستاويز موجود آهن. اُهي ڪاهون جيڪي هُنن سن86/1485ع
کان شروع ڪيون اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين لڳاتار جاري آهي. منگولن جي ڏينهن ۾، 1485-86 /890 ھ ۾ خراسان جي سلطان حسين مرزا
بايقرا سنڌ جي دنگ تي چڙهائي ڪئي پر کين ڪا خاص سوڀ نصيب نه ٿي. سن 1487ع / 892 ھ ۾
هرات ۾ ان جنگ جي فتح جو هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو.
پاڻ (افغان) کان سواءِ ٻين
مسلمانن کي ڪافر سمجهندڙن جي اُن پڌرنامي ۾ لکيو ويو ته ڪافرن (سنڌين) منگولن جي
چرپر جو ٻُڌي وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ اوچتو حملو ڪرڻ ٿي گهريو پر اسلامي (منگولن جي)
لشڪر کي ان جي خبر پئجي ويئي سو اڳواٽ حملو ڪري انهن هندن (ڄام نظام الدين جي فوج)
مان ڪيترائي ماري وڌا. حقيقت ۾ تن ڏينهن ۾ امير ذوالنون هرات جو قنڌار ۾ نائب هو،
تنهن پنهنجي پٽَ شاھ بيگ کي اُن مهم تي موڪليو هو. جنهن سبيءَ جو قلعو ڄام نظام
الدين جي عملدار بهادر خان کان کسيو ۽ اُتي پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي مقرر ڪيو.
تڪڙو ئي اپريل/ مئي 1490ع / جمادي اول
895 ھ ۾ دولهه دريا خان بولان لڪ وٽ وڃي بي بي نانيءَ جي ڀر ۾ شڪست ڏني. ان جنگ ۾
شاھ بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. چيو وڃي ٿو ته پوءِ جيستائين ڄام نظام
الدين جيئرو هو تيستائين هنن سنڌ ڏانهن منهن ڪرڻ جي همت نه ساري. تاريخون لکن ٿيون
ته سن 1508ع ۾ ڄام نظام الدين وفات ڪري ويو. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته
سن 1509ع ۾ امير ذوالنون اُزبڪن هٿان مارجي ويو. شاه بيگ ۽ محمد مقيم کي بابر جو
ڊپ اچي وڪوڙيو. انهن ڏينهن ۾ شاھ بيگ قنڌار مان ڀڄندو اچي شال (ڪوئيٽا) ۽ مستونگ
تي قبضو ڪري ويهي رهيو.
سنڌ ساڻيهه جي بادشاهه ڄام نظام الدين وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام فيروز سنڌ
ملڪ جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ سان ئي دولهه درياخان سان خراب ورتاءُ ڪرڻ لڳو، درياخان مجبور ٿي ڪنارو ڪري،
ٺٽو ڇڏي، پنهنجي جاگير باغبان ۾ اچي رهي پيو. اُن ئي زماني ۾ صلاح الدين ٺٽي تي قبضو ڪري
ورتو. ڄام فيروز ٻيو وسيلو نه ڏسي، پنهنجي ماءُ کي ساڻ ڪري درياخان وٽ وڃي کيس
پرچائي وٺي آيو. درياخان پنهنجي ڏاهپ سان وري به ملڪ جي حڪومت جون واڳون وٺي فيروز
جي حوالي ڪيون. ڪجهه ئي وقت گزرڻ کان پوءِ وري هن ڀيري به فيروز درياخان سان چڱو
نه هليو. ملڪي ماملن ۾ به وڏيون غلطيون
ڪرڻ لڳو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”هيءُ(فيروز) هن دفعي پڻ درياخان سان چڱيءَ
طرح نه هليو، بلڪِ دولت شاهي ۽ نور گاهي مغلن جي ٽولي ۽ ڪيبڪ ارغون کي، جي سندس
وقت ۾ شاهه بيگ کان ڇڄي ٺٽي آيا هئا، هن اميد تي ته هو کيس ڪم ايندا ۽ درياخان جي
چنبي مان هن کي ڇوٽڪارو ڏياريندا. پاڻ وٽ نوڪر رکي، کين ٺٽي جي مغلواڙي محلي ۾ رهايائين، پر بيوقوف اهو نه ڄاتو ته اُهي
ماڻهو سندس مٿان ڏکيو ڏينهن آڻيندا!“(1) حقيقت ۾ انهن افغانين ٺٽي ۾ ويهي جاسوسيون
۽ سازشون ڪيون. زري زري جون شاهه بيگ کي رپورٽون رسايون. ان زماني ۾ 1518ع ۾
افغانين سنڌ تي ڪاهه ڪري باغبان ۾ وڏي ڦرلُٽ ڪئي. تاريخ معصومي ۾ لکيل آهي
ته:”سياري جي ابتدا ۾ هزار سوار تيار ڪري، سبيءَ کان سنڌ موڪليائون. ان ٽولي اچي،
ڳاهن جي ڳوٺ باغبان تي حملو ڪيو. هن حملي ۾ مغل هڪ هزار اُٺ ڪاهي ويا، جي رات جو
باغن ۾ ڪم ڪندا هئا. ٻين شين جو يا ان ملڪ جي آباديءَ جو اندازو اُن مان لڳائي
سگهجي ٿو.“(2) تڏهن شاهه بيگ ڄام فيروز جي
مختلف ڪمزورين کي سمجهي اڃا وڌيڪ سازشون ڪرڻ لڳو ۽ ڄام فيروزانهن سازشن جو شڪار
ٿيڻ شروع ٿي ويو. ان زماني ۾ نه رڳو افغانستان پاران جاسوس ۽ ٻيا سازشي ماڻهو سنڌ
۾ اچي، ديرا ڄمائي ويهي رهيا پر ڄام فيروز جي نا اهلئَ جي ڪري پيدا ٿيل بدانتظامئَ
جي ڪري سنڌ ساڻيهه افغانن جي سازشن جو وڌيڪ شڪار ٿيو. تاريخون لکن ٿيون ته انهن
ابتدائي ۽ آزمائشي حملن سن 1520ع جي آخر ۾ ارغونن مير فاضل ڪوڪلتاش جي اڳواڻيءَ ۾
سنڌ تي حملو ڪري ڏنو. حملي جي نگراني شاهه
بيگ ڪري رهيو هو. هُنن سنڌ ۾ داخل ٿي پهريائين ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا ۾ ڦرلُٽ ڪئي.
ارغوني لشڪر جڏهن باغبان وٽ پھتو تڏهن درياخان جا پٽ جنگ لاءِ اڳتي وڌيا. انهيءَ
ڳالهه کي ڏسي، اٽڪل سان رستو تبديل ڪري، ٺٽي ڏانهن وڌيا. ان وچ ۾ به سنڌي ماڻهو
سامهون ٿيا پر ملڪي سطح تي ڪا به اڳواڻي نه هئڻ ڪري، هو اڳتي نڪري اچڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويا. بهرحال ارغون سنڌ تي ڪاهيندا، نيٺ اچي ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ٺٽي شهر جي
ويجهو ساموئيءَ جي سامهون خان واهه جي ڪنڌيءَ تي اچي جنگ لاءِ بيٺا. فيروز انهن جو ٻُڌي ٺٽو ڇڏي، ڀڄي وڃي پير پٺي وٽ
لڪي ويهي رهيو. تڏهن دولهه دريا خان کي پنهنجون سڀ رنجشون ڇڏي، جنگ ۾ ڪاهي پيو. هن
هڪدم سنڌ جي فوج جي سربراهي پاڻ سنڀالي ۽ ٺٽي مان نڪري خان واهه وٽ ارغوني فوج کي
سامهون ٿيو. سنڌ جو سپوت ماڻڪ ٻيڙين تي فوجي جٿو وٺي، ويجهو ئي پھتو پر حادثي جو
شڪار ٿي فوج سميت اتفاق سان ٻڏي ويو. تاريخون لکن ٿيون ته ٻنهي طرفن کان وڏي جنگ
وڙهي ويئي. جنگ هلندي درياخان وڙهندي وڙهندي نيٺ پنهنجي وطن سنڌ تي سر ڏيئي شهيد
ٿي ويو. ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته
درياخان کي ارغونن سازش سان شهيد ڪيو. چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي سپوتن پنهنجي ملڪ جي
حفاظت جي جنگ اهڙي ته بهادرئَ ۽ سچائئَ سان وڙهي جو دشمن فوجون پوئتي هٽڻ تي مجبور
ٿيون. شاهه بيگ جڏهن ڏٺو ته هاڻي سنڌ جي فوجن سان سڌو مقابلو ڪري نه سگهبو تڏهن هن
وري به سازش سٽي. هن جنگ نه ڪرڻ ۽ صلح جي ڳالهين جي بهاني سان درياخان کي سڏايو.
پر شاهه بيگ پنهنجي نسلن وانگر پنهنجي واعدي ۽ قول تان ڦرندي دير ئي نه ڪئي. هنن
هڪدم وجهه وٺي، دوکي سان دولهه دريا خان کي شهيد ڪري ڇڏيو. پير حسام الدين راشدي
ظفر الوله جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”هنن (ارغونن) چالبازيءَ سان وزير درياخان کي
قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي بيوفائي ڪندي کين ذري ماتر پرواهه ڪانه ٿي.“(3) سائين نياز
همايوني اها حقيقت هن ريت بيان ڪئي آهي: ”شاهه بيگ ارغون سنڌ جي جيئري جاڳندي
شينهن دريا خان جي هيبت کان ڊڄي، گدڙ وانگي گوهي کائي، هن ڏانهن چوائي موڪليو ته
اسان ٻئي مسلمان آهيون آخر ڪيستائين هڪ ٻئي جو رت وهائيندا رهنداسين. هاڻ اچ ته
ڀائرن وانگي صلح ڪري خير جي دعا گهرون. ان لاءِ اسان ٻنهي جي وچ ۾ قرآن هوندو جنهن
تي سڄو نبيرو ڪيو ويندو. درياخان قرآن جو نالو ٻڌي سندرو ڇوڙي، هٿيار پنھوار ڦٽا
ڪري، اڪيلي سر ارغونن اڳيان ٿي هليو. هنن وجهه وٺي مٿس حملو ڪري ڏنو ۽ کيس ساهه
کڻڻ جي مُھلت به ڪانه ڏنائون. کن پل ۾ سنڌ جي سورمي، سپوت ۽ سنڌ جي سرويچ جو ڌڙ
سسيءَ کان ڌار ٿي ويو.“(4) ڊاڪٽر لاکي صاحب اها حقيقت هن لفظن ۾ لکي آهي ته: ”ڪجهه
عالمن جو خيال آهي ته ارغونن درياخان کي صلح جي ڳالهين تي گهرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل
ڪري ڇڏيائون. اصل حقيقت ڪيئن به هجي، ليڪن سنڌ جو هي فرزند ابتدا کان آخر تائين
پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو ۽ آخرڪار لڙندي وڙهندي مارجي ويو.“(5) اهو ڏينهن 22
ڊسمبر 1520ع موجب 11 محرم 927هه هو. انهيءَ اوچتي حملي کي روڪڻ لاءِ ايئن نه هو ته ڪو سنڌ جي جونجهارن پوءِ ڪا
جنگ نه ڪئي. ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ سنڌ جا سپوت پوءِ به وڙهندا ۽ پنهنجا سر ڏيندا
رهيا.
تاريخ جا ڪتاب لکن ٿا ته ڏهن ڏينهن تائين ارغوني فوجون ٺٽي
شهر کي ڦرينديون، لٽينديون، بازارين ۽ گھٽين کي باهيون ڏينديون، برباد ۽ قتل عام
ڪنديون رهيون. تاريخون لکن ٿيون ته: ”مغل 20 محرم تائين ٺٽي شھر کي ڦريندا،
لُٽيندا ۽ اُن جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.“(6) انڪري ئي اُن وقت جي عالمن انهئَ
واقعي جي تاريخ ابجد جي حساب سان ’خرابئ
سنڌ‘ مان ڪڍي هئي.(7) ڏٺو وڃي ته اها ’خرابيء سنڌ‘ جي تاريخ نه رڳو
تڏهوڪي تاريخ هئي پر اها سنڌ جي خرابي اڃا تائين جاري آهي. اُن حملي، قبضي، ڦرلٽ ۽
ڪوس جو سلسلو جيڪو جاري ٿيو سو ڪڏهن تيز رفتاريءَ سان، ڪڏهن هوريان هوريان ته ڪڏهن
وري روپ بدلائي نئين انداز سان صديون گذري وڃڻ باوجود اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي.)
اُن ارغوني حملي ۾ نه رڳو قتل عام ۽ ڦرلٽ ٿي پر سنڌ جي سڄي معشيت ۽ تهذيب تباهه ٿي
ويئي هئي. سموريون عبادتگاهون، درسگاهون ۽
ڪتب خانه به ساڙي رک ڪيا ويا. اُهوئي سبب آهي جو هاڻي اسان کي اُن دور جو ڪوبه
تاريخي رڪارڊ ۽ ڪتاب نٿو ملي.
قبضي ڪرڻ کانپوءِ
ارغونن جيڪا حڪومت ڪئي اُن جا احوال به تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهي سگھجن ٿا. لڳاتار
ڪيتري عرصي تائين معصوم ماڻهن جو قتل ٿيندو رهيو. شاهه بيگ جيڪو عرصو حڪومت ڪئي سو
به جڳ ڄاڻي ٿو، ته هن ڪيڏا وڏا ظلم ڪيا. سن 1523ع /928هه تي سنڌ جي عظيم عالم
مخدوم بلاول کي شھيد ڪيو ويو. 26 جون 1526ع تي شاهه بيگ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ
حسن ارغون جي حڪومتي دور ۾ به هر روز معصوم ماڻهن تي مصيبتون برپا ٿينديون رهيون.
سڄي سنڌ ڄڻ ته جنگ جو ميدان بڻيل هئي. شاهه حسن ارغون جي مرڻ کانپوءِ سندن ساٿي
ترخانن سنڌ کي مالِ غنيمت سمجهي ملڪ کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو. سيوستان کان مٿي اُتر
طرف سلطان محمود ۽ سيوستان کان وٺي سنڌ جي سامونڊي ڪناري تائين مرزا عيسيٰ ترخان
حڪومت ڪرڻ لڳو.
اُن زماني ۾ سلطان محمود ۽ عيسيٰ خان ترخان جيڪي پاڻ ۾
اٽڪندا رهيا، ان ۾ به تباهه وري به سنڌ ئي
ٿيندي رهي ۽ سنڌي ماڻهو ئي پيڙهجندا ۽ ڪسجندا رهيا. جڏهن سلطان محمود سنڌ جي
اورئين طرف وڌڻ لڳو ته عيسيٰ خان ترخان، سلطان محمود جي ڊپ کان گوئا جي مشهور رهزن
ڌاڙيل پورچوگيزن کي وڏيون لالچون ڏئي، پنهنجي مدد لاءِ گهرايو. جيستائين اهي اچن
ئي اچن اُن وچ ۾ عيسيٰ خان ترخان، سلطان محمود کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اُتر سنڌ طرف ويو
جتي هو وري به سنڌ کي گڏجي لُٽڻ جون ڳالهيون ڪري پاڻ ۾ ٺهي ويا. هوڏانهن عيسيٰ خان
ترخان جي ڦُرلٽ واري دعوت تي پورچوگيز (سندس غير موجودگي ۾) ٺٽي ۾ پهتا. هتي جڏهن
عيسيٰ خان ترخان جو اُتر سنڌ طرف وڃڻ ۽ پاڻ ۾ ٺھي وڃڻ جو ٻُڌائون ته سخت ڪاوڙجي
پيا. پورچوگيزن به اها ڪاوڙ وري سنڌ جي ماڻهن مان ڪڍندي، ٺٽي جي شھر ۾ ڦرلٽ ڪرڻ
شروع ڪري ڇڏي. نه رڳو ڦر لٽ پر معصوم ماڻهن جو ڪوس ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. نه ڏٺائون
ٻار، نه ٻڍو، واڍوڙيل سوئرن وانگر شھر تي ڇتا ٿي پيا. اها ڦرلٽ ۽ قتل عام تمام وڏي
پيماني تي ٿي هئي. ايستائين جو گهرن ۽ بازارين ۾ ته ڪوس ڪيائون پر مسجدن ۽ ٻين
مذهبي جاين ۾ پناهه وٺي ويٺل ماڻهن کي اُتي به وڃي ڪٺائون. رڳو مسجدن ۾ قتل ٿيندڙن
جو تعداد به ڇھه هزار ٻڌايو وڃي ٿو. شاهه گوهر گنج جي درگاهه وٽ جيڪو قبرستان آهي
سو اصل ۾ انهن سنڌين جون اجتماعي قبرون آهن. شاهه گوهر گنج کانسواءِ ٻيون به
ڪيتريون ئي اجتماعي قبرون آهن جن کي گنج چيو وڃي ٿو. اهڙين اجتماعي قبرن ۾ ڀائي
خان محلي، مغل واڙي، سهتا محلي، غلا بازار ۽ آگر محلي وارن گنجن جو ذڪر مختلف
تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو. شاهه مسڪين جھڙي امن پسند عالم ۽ ساڻس گڏ سڀني جماعتين کي
به هتي مسجد ۾ ئي ڪٺو ويو. سڄي شهر مان مال ملڪيت لُٽيو ويو ۽ عورتن جا سونا زيور
ڪن چيري ڇنا ويا. آخر ۾، ويندي ويندي پورچوگيزن ٺٽي شهر جي جڳهين، گهٽين ۽ پاڻئَ
جي نالين ۾ بارود ڀري سڄو شهر ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائون. ويندي ويندي لاهري بندر کي به
باهيون ڏيئي برباد ڪندا ويا. جن ترخانن جي ڪري سنڌ کي پورچوگيزي ڪوس ۽ ڦر لٽ ڀوڳڻي
پئي تنهن جو، ترخان حاڪمن کي ذري جو به احساس وغيره نه ٿيو هنن وري به سنڌي ماڻهن
جي ڦرڻ لُٽڻ ۽ سک ڦٽائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. عيسيٰ خان ترخان جا پٽ مرزا صالح ۽
مرزا باقي ته جڳ مشهور ظالم هئا. هنن سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ڪلور ڪيا تنهن جو
اندازو سندن ئي ماڻهن جي لکيل تاريخي ڪتابن پڙهڻ سان به ٿي وڃي ٿو.
ترخان دور ۾ ئي سن 1592ع ۾ هندستان جي حاڪم اڪبر بادشاهه،
عبدالرحيم خانِ خانان جي سربراهئَ ۾ جيڪي سنڌ تي حملا ڪرايا تن ۾ به سنڌ تباهه
ٿيندي رهي. انهن حملن ۾ ٻن اڍائي سالن تائين سنڌ جا ماڻهو ڦربا، لٽبا ۽ ڪُسبا
رهيا. مطلب ته تڏهن به سنڌ ئي تباهه ٿيندي رهي. لڳاتار سالن جا سال جنگي صورتحال ۾
سنڌ سان ڇا وهيو واپريو هوندو؟ ملڪ ۾ ڪهڙو وڻج واپار ٿيندو هوندو؟ ڪهڙي پوکي راهي
ٿي هوندي؟ سو سڀڪو ساڃاهه وند سمجهي سگھي ٿو. سنڌي ماڻهو ته پنهنجون حياتيون بچائڻ
۾ ئي پورا هئا. اڪبري حملي ۽ قبضي کان پوءِ سندن گورنرن ۽ نوابن جيڪا تباهي ۽ ڪلور
ڪيا، اهي به تاريخي رڪارڊ موجود آهن. اهي
سمورا مغل نواب ۽ عملدار قابض، وحشي، ڦورو، رهزن ۽ نمڪحرام کان سواءِ ڪجهه به نه
هئا. مٿان وري سندن حڪومتي بدانتظامي ۽ شاهه خرچين جي ڪري، سڄو ملڪ تباهه ۽ برباد
ٿي اُجڙي چڪو هو. هر طرف نا انصافي، ناحق ظلم ۽ بک واڪا ڪري رهي هئي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ به مغلن، افغانين ۽ ايرانين جون اُرهه
زواريون رهنديون آيون. ۽ سنڌ ڏن ڀريندي ۽ رت ڳاڙيندي رهي. سن 1750ع ۾ به
افغانستان، سنڌ مان ساليانو ڏن ڀرائڻ لڳو. سن 1754ع ۾ احمد شاهه درانئَ سنڌ تي
حملو ڪيو. اُن حملي ۾ به سنڌ سان جيڪو ڪلور ڪيو ويو، سو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي. سن
1773ع ۾ تيمور شاهه، ڪابل جي تخت تي ويٺو ته سنڌ لاءِ وري نوان آزار اُڀريا. مطلب
ته ڪلهوڙن جي دور ۾ به مغلن ۽ افغانن جي ڦرلٽ جيئن جو تيئن جاري رهي. اُن دور ۾
افغاني ٻين وارداتن کانسواءِ سنڌ جي واپار کي به تباهه ڪرڻ لاءِ اٽڪل بازيون ڪرڻ
لڳا هئا.
مٿين آزارن کي ڏسي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائئَ
فرمايو ته:
”پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجهن.“
يا اُن دور جي سڀني ڌاڙيلن کان سنڌ کي هوشيار رهڻ لاءِ
هدايت ڪندي ڀٽائئَ فرمايو ته:
’ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا.‘
سنڌ ۾ اهي ڌاريا
مختلف وقتن ۽ روپن ۾ ايندا ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون ڪندا رهيا.
شاهه لطيف فرمائي ٿو ته:
بغل منجھ بندوق، ماري ميرا ڪپڙا،
ماريو ميرملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي.
ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ افغانن جيڪي ڪاهون، ڪلور ۽ ارهه
زوارايون ڪيون تن جي تاريخ به طويل آهي. رڳو 1782ع کان 1843ع تائين سنڌ جي شڪاپور
واري علائقي تي حملا، قبضا ۽ جيڪي ويڌنون ڪيون ويون تن جا احوال پڙهڻ سان انسانذات
شرمسار ٿيڻ کان رهي نه سگهندي.
بُکن کان بدحال ٿي، جيڪي افغاني وڻج ۽ واپار بهاني سنڌ ۾
ايندا رهيا تن جڏهن سنڌ ڌرتيءَ جي اناج ۽ نمڪ مان پيٽ ڀريو ٿي ته اُن کي ئي ڏنگڻ ٿي شروع ڪيو. اها تاريخي نمڪ حرامي ۽ نرڄائي
ناهي ته ٻيو ڇا آهي!؟ افغانن جي اهڙي نمڪ حراميءَ جو احوال جڳ مشهور عالم مخدوم
محمد هاشم ٺٽوئَ پاران عبدالرﺆف افغان جي ڏنل جواب تي ٻڌل ڪتاب ’مدح نامه سنڌ‘(8)
۾ پڙهي ۽ پروڙي سگھجي ٿو. (آئون سڀني سنڌين کي هي ڪتاب پڙهڻ ۽ ان دور کي سمجھڻ جي
صلاح ڏيان ٿو.)
ٽالپورن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ تي خاص ڪري شڪارپور جي طرف کان
افغانين جا تمام گهڻا حملا ٿيندا رهيا. اُن دور ۾ به افغان شڪارپور تي نه رڳو قبضو
ڪري، جنگيون ڪندا رهيا پر ڳرا ڏن به ڀرائيندا رهيا. اُن ئي دور ۾ افغانين جي ڪيل
حملن، جنگين ۽ بربادين جا احوال مشھور ڪتاب ’تاريخ تازه نواءِ معارڪ‘(9) ۽ ٻين
تاريخي ڪتابن ۾ پڙهي سگهجن ٿا. ٽالپورن جي دور ۾ جيڪي شاهه شجاع حملا ڪيا ڦريو
لٽيو ۽ انگريزن جو ڀاڙتو بڻجي جيڪي ڪلور ڪيا، ان تي انسانيت شرمائيندي هوندي. سن
1720ع ۾ کرڙي جي ميدان ۾ شاهه شجاع طرفان ڪيل جنگ جي احوال واري واقعي تي سنڌ جي
سدا ملوڪ شاعر خليفي نبي بخش قاسم جو سرجيل ڪيڏارو(10) به پڙهي ۽ اُنھن ڪلورن جو
چڱئَ ريت اندازو ڪري سگهجي ٿو: خليفو نبي بخش چوي ٿو ته:
کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،
پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،
جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين.
..................
کرڙي کائي ماهه، پِيئيِ رت پياليون،
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ جان.
...................
کرڙي کپن پير، ته مون وڏو وس ڪئو،
وڏوسُڄي وير، ڪنهن
پر ڪھي ڪاٽيان.
انگريز دور ۾ افغان ٻي ڪا حرڪت ڪري
نه سگهيا ته وري واپاري ۽ گهورڙيا بڻجي، سنڌ کي لٽيندا رهيا. پاڪستان جي وجود ۾
اچڻ کان پوءِ خاص ڪري جنرل ضياءَ جي دور کان وري بنھه هڪ نئون روپ ڌاري انسانن جو
ڪوس ڪرڻ لڳا آهن. هنن نه رڳو سنڌ جي هر شھر، واهڻ ۽ وسندي پر هر ڳوٺ جي ٻاڙي
ٻاڙيءَ کي بارود بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ جيڪي عبادتگاهن، بازارن ۽ ٻين جڳھين تي بم
حملا ٿي رهيا آهن ۽ معصوم ماڻهو بمن جو کاڄ ٿي رهيا آهن سو به سندن ذهنيت ۽ حرڪتن جو نتيجو آهي. پنھنجي ئي ماتر
ڀوميءَ (افغانستان) سان نمڪ حرامي ڪندي ۽ ان کي کنڊر بڻائي، هاڻ امن پسند سنڌ جي
شھرن، ڳوٺن، ٽڪرين، ڀِٽن، وڏن شھرن جي مک لنگهن ۽ داخلي رستن تي قبضا ڪري، سنڌ جو
جيئڻ جنجال ڪري رهيا آهن. مطلب ته سن 1485ع کان افغانن سنڌ تي ڪاهن ۽ بربادئَ جو جيڪو
سلسلو شروع ڪيو هو سو اڄ ڏينھن تائين جاري آهي. اها پَڪَ آهي ته جيڪڏهن ان سلسلي
کي نه روڪيو ويو ته شايد اهڙا ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پون جنهن جو تاريخ ۾ ڪو مثال ملي نه
سگهي. توڙي جو خطرا ٻيا به کوڙ آهن جن کي گهڻو وقت اڳ ۾ ئي شاهه لطيف محسوس ڪندي
آگاهه ڪيو هو ته:
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سونهڻي.
اڄوڪي جديد سنڌ کي
به وڏي ۾ وڏو خطرو انهن افغانن ۽ ٻين مان آهي جيڪي ڪٽڪن جي روپ ۾ هتي آباد ٿي رهيا
آهن.
سوين سال اڳ اسان جي بزرگن جيڪا چوڻي چئي هئي سا سنڌ جي
فضائن ۾ اڄ ڏينھن تائين جيئن جو تيئن گونجي رهي آهي ته:
”جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو“
حوالا:
1. ٺٽوي مير علي شير قانع، ’تحفت الڪرام‘،سنڌي
ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1994ع ص137
2. معصوم مير محمد، ’تاريخ معصومي‘،
سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي حيدرآباد، 1959ع ص: 113
3. راشدي پير حسام الدين، ’ڳالهيون
ڳوٺ وڻن جون‘ انجمن تاريخ سنڌ، 1981ع ص:
828
4. همايوني نياز، ’دولھه درياخان جي
شھادت‘ نئين زندگي، مارچ 1990ع
5. لاکو غلام محمد ڊاڪٽر، ’سمن جي
سلطنت‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄام شورو، 1987ع، ص: 50
6. معصوم مير محمد، ’تاريخ معصومي‘
سنڌي ترجمو ص: 113
7. راشدي پير حسام الدين، ’ ڳالهيون
ڳوٺ وڻن جون‘ ص: 82
8. ٺٽوي مخدوم محمد هاشم، ’مدح نامه
سنڌ‘ سنڌي ترجمو مولانا محمد ادريس ڏاهري، شاهپور جهانيا نوشھرو فيروز ۽ پڻ ڏسجي
ليکڪ جو مضمون: ’مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌ دوست عالم.‘
9. ڏسجي ’تاريخ تازا نواءِ معارڪ‘
سنڌي ترجمو نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2005ع
10.
ڏسجي ’ڪيڏارو‘، ’خليفي صاحب جو رسالو‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1966ع
No comments:
Post a Comment