تاج صحرائي - سنڌ جي قديم آثارن جو جاکوڙي
(ڏاهو، محقق، تعليمدان ۽ عالم)
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
سُونھان سُڌيون ڏين، ديواني درياهه جون،
ڪوڙ اوڏائي ڪينڪي، رڳو سچ سُڌين،
عِجز جو اڌ رات کي وڻج وهائين،
ساٿ نباهيو
نِين، ثابت اِنهيءَ سير
مان
(لطيف)
سنڌ ملڪ جي تھذيب ۽ قديم
آثارن جو ذڪر ٿيندي ئي سنڌ ۾ ڪجهه وڏن نالن ۾ سائين تاج صحرائي صاحب جو نالو بنهه
نمايان نظر اچي ٿو، سنڌو تهذيب، قديم آثار، خاص ڪري کير ٿر جو اوڀاريون پاسو ۽
منڇر جو ذڪر ٿيندي ئي تاج صحرائي هڪ ماهر ۽ ڄڻ ته اُتي جي انسائيڪلو پيڊيا طور ذهن
تي تري اچي ٿو.
ڪنهن به تحقيق ۽ تخليق
لاءِ مطالعو ۽ گڏو گڏ مشاهدو ٻئي گهڻو ضروري هوندا آهن. تاريخ، جاگرافي ۽ قديم
آثارن متعلق تحقيق ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي ماڳ مڪان سُٺي نموني سان جانچي
ڏسجن وائسجن. رڳو ڪتاب اڳيان رکي، انهن تي تحقيق ڪرڻ سان سندن گهڻا پاسا ڄاتا به اَڄاتا
رهجي ويندا. نه رڳو تحقيق ڪندڙن لاءِ پر سڀني ساڃاهوند ماڻهن لاءِ اهو ضروري آهي
ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي وطن جو مطالعو ۽ مشاهدو ضرور ڪن. هونئن به چيو ويندو آهي ته
”گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو“ رڳو انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪيو وڃي ته به گهڻو آهي.
سنڌ
ساڻيهه جا تمام گهڻا ماڳ، مڪان ۽ آثار اهڙا به آهن، جن متعلق جيڪڏهن مون پھرين
پڙهيو آهي ۽ پوءِ ڪڏهن سنڀري ٺھي يا اتفاق سان انهن ماڳن مڪانن کي اُتي وڃي ڏٺو
آهي ته مون کي گهڻيون ئي ڳالهيون مختلف ۽ گهٽ وڌ لڳيون آهن. جيڪا شيءِ حقيقت ۾ اتر
طرف هوندي ته سا ڪتابن ۾ وري ڏکڻ طرف ڏيکاريل هوندي، جيڪا شيءِ اوڀر ۾ هوندي ته
اها وري اولهه ۾ ڏيکاريل هوندي. ڇاڪاڻ ته بنا ڏٺي وائٺي ائين ئي ٿيندو آهي. اسان
وٽ تمام ٿورڙا اهڙا محقق آهن، جن کي ڪنھن تي لکڻو هوندو ته پھريائين هنڌ
تي وڃي پاڻ پنھنجن اکين سان ڏسي وائسي، پوءِ ان بابت گهرو مطالعو ڪري، تنھن کان
پوءِ ان تي قلم کڻندا آهن. سنڌ سڄڻ سائين تاج صحرائي انهن محققن مان بنھه ناميارو
هو، جن جو مشاهدو ۽ مطالعو ٻئي گھرا هوندا آهن. هيءُ اهو جهونو جاکوڙي آهي، جنهن
پنهنجي 83 سالن جي ڄمار مان وڏو حصو سنڌ جي مختلف ماڳن مڪانن جي ڳولا ڪندي گهاري
ڇڏيو. هو پنهنجي انهيءَ عشق جي شروعات بنهه ننڍي هوندي کان ٻڌائيندو هو. عمر جي
پڇاڙيءَ تائين گهڻو پيرسن هوندي به ڪڏهن اُنهيءَ ڳولا ۽ ووڙ مان نه ٿڪو. ان ڪري
سنڌ وطن سان سندس عشق سدائين ڦوهه جوڀن ۾ ئي رهيو. هونئن به ”عشق پوڙهو نه ٿيندو
آهي، کڻي ٿيس اڇي ڏاڙهي.“ قديم آثارن سان سندس لڳاءُ ايترو ته گهرو هو، جو هو هر
وقت، هر حلقي ۾ اُٿندي ويھندي، تاريخ، سنڌو تهذيب ۽ قديم آثارن متعلق ذڪر پنھنجي
محبوب جي سارُن وانگر ڪندو رهندو هو. تاج
صحرائي حقيقت ۾ هو هڪ عالم هو. سندس مطالعو، مشاهدو ۽ پرک گهري هئي. سچ ته هو هڪ
وڏو ادارو هو، جيڪو سدائين تحقيق جي دنيا ۾ محو رهي، ڪيئي نيون نيون حقيقتون آڻي،
محققن، عالمن، اديبن ۽ ساڃهه وند ماڻهن کي آڳاهيون ڏيندو رهيو.
سائين
تاج صحرائيءَ کي مون پڙهڻ ته ڳچ وقت اڳ ۾ ئي شروع ڪيو هو. گهڻو وقت اڳ هڪ ڀيري هڪ
ادبي پروگرام ۾ کيس مقالو پڙهندي ٻڌو به هو پر ساڻس ڪا ملاقات ۽ ڪچھري ڪڏهن نه ٿي
سگهي هئي. حقيقت ۾ منهنجي ساڻس نئين سڃاڻپ ٿورا سال اڳ تڏهن ٿي هئي، جڏهن سنڌ جو
ناميارو محقق، اديب ۽ استاد ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو
چيئرمين ٿي آيو ۽ شاهه لطيف جي ميلي جي موقعي ادبي ڪانفرنس اٿارٽيءَ ۾ رکي ويئي
هئي. عالمن ۽ اديبن کي مقالن پڙهڻ لاءِ اتي ئي ڪوٺايو ويو هو. انهيءَ موقعي تي مون
کي ’سنڌ جا قديم سامونڊي بند‘ جي موضوع تي مقالي لکڻ لاءِ چيو ويو هو. حقيقت ۾
آئون انهن بندرن تي اڳ ۾ ڪيترا ڀيرا وڃي ۽ ڪجهه بندرن تي ٿورو گهڻو لکي به چڪو هئس،
جنهن جي کيس ڄاڻ هئي. توڙي جو آئون ڪو قديم آثارن جو ماهر نه آهيان، منهنجي هڪ
شاگرد جي حيثيت آهي. مون ڄاتو ٿي ته اهو موضوع تمام وڏو هو ۽ آهي، پر آئون پنهنجي
وس آهر مقالو لکي ’لطيف ادبي ڪانفرنس‘ ۾ کڻي آيس. ترتيب موجب مقالي پڙهڻ لاءِ مون
کي سڏ ٿيو ته آئون ان مقالي جو
تَتُ پڙهي، جڏهن اسٽيج تان هيٺ لهي
رهيو هئس ته هڪ ٿلهو متارو جهونو، جنهن جي ڀرن
جا وار وڌيل بنھه اڇا هئا، سو اڳتي وڌيو ۽ اچي مون کي تمام گهڻي پيار ۽ گرم جوشيءَ
سان ڀاڪر پائي ملي ۽ وري وري شاباس ڏيندي، سٺي مقالي هئڻ جو چئي، مبارڪ ڏنائين.
ساڻس ملي، چند ٻين ماڻهن سان ملڻ کان پوءِ آئون جڏهن پنهنجي ڪُرسيءَ تي ويٺس ته
پاڻ مون کي سڏي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ چيائين. آئون جڏهن پنهنجي جاءِ ڇڏي، سندس ڀر ۾ اچي
ويٺس ته هُو منهنجي مقالي جي تعريف ڪندي، حوصلي افزائي ڪرڻ لڳو. اهو سنڌ جو مشهور
محقق ۽ سنڌ جي قديم آثارن جو ماهر تاج صحرائي هو، جيڪو مون کان لڳ ڀڳ اڌ صدي وڏو
هو، سو سڀ سَنڌا سيڙها ميٽي، پنهنجائپ سان تاريخ ۽ قديم آثارن متعلق ڪچهري ڪرڻ
لڳو؛ ۽ پوءِ آئون هميشه ئي سندس اها وڏائي محسوس ڪندو رهيس. سچ ته هِي عظيم انسان،
مختلف لحاظن سان ايڏي وڏي وِٿي هوندي به اُن وِٿيءَ کي ڪڏهن اک ۾ ئي نه آڻيندو هو.
سندس اهو سُٺو رويو نه رڳو مون لاءِ پر انهن سڀني ماڻهن لاءِ هوندو هو، جيڪي علم
ادب ۽ خاص ڪري قديم آثارن سان چاهه رکندڙ هئا. انهيءَ ملاقات کانپوءِ سگهو ئي هن
مون کي خط لکي هڪ پروگرام جي موقعي تي، حيدرآباد ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ چيو. انهيءَ ٻي
ملاقات کان پوءِ، وري قلندر جي سالياني ميلي جي موقعي تي، ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾
مقالي پڙهڻ لاءِ دعوت موڪليائين. اهڙيءَ ريت مختلف پروگرامن ۽ موقعن تي ساڻس
ملاقاتون ٿينديون رهيون هيون. پهرينءَ ملاقات کان پوءِ، هو تڪڙو تڪڙو نه رڳو مون
کي خط لکندو رهيو، پر جڏهن به ڪنهن کي ڪو علمي ادبي خط لکندو هو ته انهيءَ خط جي
فوٽو ڪاپي به مون ڏانهن ڏياري موڪليندو رهندو هو. هو مختلف وقتن تي، مختلف ماڳن
مڪانن تي وڃڻ لاءِ ٻين ڪجهه نوجوانن سان گڏ مون کي صلاحون ڏيندو رهيو ۽ آئون به
سندس انهن صلاحن تي تڪڙو عمل ڪري، انهن جو حال احوال کيس موڪليندو رهندو هئس.
اهڙيءَ ريت اسان جو اهو تعلق ڏينهون ڏينهن گهرو ٿيندو رهيو ۽ پوءِ سندس شفقتون مون
مٿان سدائين وڏ ڦڙي جيان وسنديون رهيون.
سنڌو درياهه ۽ سنڌو تهذيب
جو عاشق سائين تاج صحرائي، جيڪو اصل ۾ سنڌ ساڻيهه جي شهر شڪارپور جو (جنم 11 سيپٽمبر
1921ع) رهاڪو هو، سو 1945ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ سيوهڻ هاءِ اسڪول ۾ اچي استاد
جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏيڻ لڳو. سياسي حوالي سان هڪ خاڪسار جي حيثيت ۾،
آزادي واري جنگ ۾، آگسٽ کان وٺي 26 سيپٽمبر 1947ع تائين دهلي جيل ۾ رهيو. ورهاڱي
کان پوءِ سيوهڻ ڇڏي دادوءَ ۾ اچي ’آواز‘ اخبار ڪڍڻ لڳو ۽ اڳتي هلي طالب الموليٰ
هاءِ اسڪول ۾ استاد بڻيو، جتان 1981ع ۾ هيڊ ماستر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. هڪ
استاد جي حيثيت سان مشهور عالم تاج صحرائي ڪچهرين ۾ پنهنجي زندگيءَ جون ڪيئي
ڳالهيون ۽ وڻندڙ واقعا ٻڌائيندو رهندو هو.
تاري وانءُ طراز کي، منجهان مَوج مَلاحَ
سُڌيون ڏين سمونڊ جون، اونهن جا آگاههَ،
سُونهَن جي صَلاحَ، وٺ ته وِير لنگهي وڃين.
(لطيف)
ادبي دنيا ۾ پهرين خوبصورت
شاعري تخليق ڪندڙ تاج صحرائيءَ کي سنڌ جي سُونهن سُندرتا، تهذيب تمدن جي شاهوڪاري
۽ تاريخ موهي ۽ اُمهائي وڌو هو. سنڌ جي سُونهن جو گهايل هيءُ سپوت، سيلاني بڻجي
سنڌ جي ٻاڙي ٻاڙي، ڪُنڊ ڪڙڇ ڏسڻ واسڻ ۽ مٽي ماٿي لائڻ لڳو. سنڌ جو طواف ڪندي، سنڌو
جي لڙاٽيل پاڻيءَ کي سڀ کان مٿانهون ڀائيندي، جويون جهاڳڻ لڳو ۽ لطيف جي لفظن ۾:
کرڪڻا لاهي،
سک نه سُتا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(لطيف)
جبل،
رڻ پٽ، ريگستان، ڍنڍون، ڍورا ۽ سنڌوءَ جا ڪچي وارا علائقا سندس پنڌن ۾ رهيا ۽ تاج
صحرائي سنڌ جي مٽي مٿي لائي، نيڻن ۾ نينهن جون ڇوليون سمائي، وطن کي ووڙيندو رهيو.
هونئن ته ساري سنڌ سندس محبوبا رهي پر جابلو علائقي (خاص ڪري منڇر ۽ آسپاس) سان
جذباتي لڳاءُ ججهو رهيس. هو سنڌ جي مڙني علائقن تي تحقيق جا چٽاوان نقش اُڪيريندو
رهيو، پر بڊو جبل، آمري، موهن جي دڙي، ڪاهو ۽ ڪجهه ٻين دڙن تي مثالي ڪم ڪري،
پنهنجو فرض پورو ڪيائين. سنڌو تھذيب جي اڻ ڳڻين اهڃاڻن، دڙن، اُجڙيل شهرن، ڪوٽن ۽ قلعن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ
کان سواءِ جابلو علائقن مان پنڊ پهڻ سون سريکا ڀانئي، پنهنجا جھول ڀري، هر زر زيور
کان مٿاهون ڀانئي، پاڻ وٽ گڏ
وِئا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي
تِن سِپون سُوجھي ڪڍيون پاتاران پيهي
پسندا سيئي، اَمُلَ اکڙين سين
(لطيف)
هن جھوني جوڳئَ سنڌ جي نوجوانن ۽ عالمن کي نه رڳو سنڌ جي
قديم آثارن جي اهميت کان آگاھ ڪيو، پر کين اُتي وڃي، اُهي ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ پڻ
اُتساهيو ۽ هر ماڳ کي سٺي نموني، اکين سان ڏسي، پسي، تحقيق ڪرڻ جي روايت کي اُڀاريو.
سنڌو ۽ سنڌؤَ جي پاڻئَ سان بي پناھ پيار ڪندڙ ۽ سنڌ جي مٽئَ سان اڻ مَئي محبت ڪندڙ
تاج صحرائئَ کيرٿر جي جابلو سلسلي ۽ منڇر تي زندگئَ جو ڳچ حصو کوج ڪندي گھاريو. هن
لڳاتار پورهيو ڪري، تهذيب جي تاڪين تي تحقيق وسيلي، ڄاڻ جا ريشمي ڀرت ڀريا. نه رڳو
کيرٿر جون جابلو ٽڪريون، اڙل ۽ منڇر انهئَ جون شاهد آهن، پر انهن تي سندس لکيل
ڪتاب ۽ ڪيئي مقالا ثابتين لاءِ ساکي آهن. سنڌ جي قديم دور کان وٺي موجود دور تائين
سگھاري معلومات ۽ راءِ رکندڙ تاج صحرائي وڏي ڄمار ۾ به گھڻو روشن خيال، سدائين صحتمند
سوچ رکندڙ ۽ سرس ساڃهوند انسان رهيو. سنڌ بابت قديم دور کان وٺي موجوده ۽ جديد دور
تائين، سج جي سهائئَ وانگر اُجرو شعور رکندڙ تاج صحرائي سدائين اميد جي سوجھرن سان
روشن رهندي، سياسي، سماجي ۽ معاشي نا انصافين تي به ماٺ نه رهيو ۽ پنهنجي آواز کي
بلند ڪندو رهيو. ايتريقدر جو ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جھيڙن ۾ سون جھڙين جوانين جي قتل
ٿيڻ تي مختلف اخبارن جون دل ڏاريندڙ خبرون فوٽوڪاپي ڪرائي، پنهنجن جھير ڏيندڙ راين
سان سنڌ جي ساڃاھوند ماڻهن کي موڪلي، اُن عملن سان نفرت جو اظهار ڪري ۽ ٻين سڀني
کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.
سن 1964ع کان سيوهڻ ۾ قلندر جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي
ڪانفرنسن جا ڪنوينر جي حيثيت سان، انتظام سنڀاليندو رهيو. ڏٺو وڃي ته تاج صاحب
ڪيترن ادبي ادارن کان به اڳتي وک کڻي، اُتي نه رڳو قلندر پر سنڌو تھذيب، سنڌ جي
تاريخ، جاگرافي، علم، ادب، ٻولي ۽ ثقافت تي اديبن، عالمن ۽ ماهرن کان مقالا
لکرائي، پڙهائي، گڏوگڏ بهترين مشاعرا ڪرائي، سنڌ جي وڏي خدمت ڪندو رهيو. انهيءَ
سلسلي ۾ هو ميلي کان ڪافي ڏينهن اڳ ۾ ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيندو هو. ڪيترو وقت اڳ
۾ ئي عالمن ۽ اديبن کي مختلف موضوع ڏيئي، خط لکندو ۽ اُتساهيندو رهندو هو.
’شهباز ادبي ڪانفرنس 2000ع‘
جي موقعي تي سائين تاج صحرائيءَ مون کي خط لکي، سنڌ جي ڪنهن قديم اهڙي ماڳ مڪان تي
مقالي لکڻ لاءِ حڪم ڪيو، جنهن تي اڳ ۾ يا لکيو ئي نه ويو هجي، جيڪڏهن لکيو ويو هجي
ته بنهه گهٽ. سندس اهڙي حڪم کي مون اندر جي گهراين سان قبول ڪري هائوڪار ته ڪئي،
پر ڪجهه پريشان ضرور ٿيس. بهرحال مون پنهنجي وس آهر سنڌ ملڪ جي مشهور حاڪم ڄام
تماچي جي جوڙايل ’جهول ماڙي‘ (۽ جهول ڍنڍ) تي مقالو کڻي اچي، جڏهن ڪانفرنس ۾
پڙهيو، تڏهن پاڻ ڏاڍو خوش ٿي، تمام گهڻي حوصلي افزائي ڪئي هئائين.انهيءَ موقعي تي
جن به نوجوانن سٺا مقالا پڙهيا هئا، سائين تاج صحرائي ٻئي ڏينهن تي انهن (ٽن ڄڻن)
سان ڪچهري رکي، سچ پچ هڪ تربيتي ڪلاس هليو هو. سندس سٺي استاد ۽ عالم هئڻ جي حيثيت
۾ اعليٰ اهليت ۽ قابليت مون منجهس، انهيءَ ڏينهن چڱي ريت ڏٺي هئي. پنهنجي ڳالهه ۽
معلومات ٻين تائين منتقل ڪرڻ جو کيس وڏو ڏانءُ هو ، ۽ ڏات هئي.
آڇاڙا عَميق جا، گڏئا غواصن،
جهُڙيون جهاڳڻ آئيا، ڪارونڀار ڪفن،
سمنڊ سوجهي جن، آڻي، اَمُلَ اولِئا
(لطيف)
سندس حياتيءَ جي پڇاڙڪن
ڏينهن واري ’شهباز ادبي ڪانفرنس 2002ع‘ جي موقعي تي مون کي ’لاڙي\لاهري بندر‘ تي مقالو پڙهڻ لاءِ حڪم ڪيائين. ڇاڪاڻ ته انھن
ڏينهن ۾ آئون سنڌ جي قديم بندرن تي ڪم ڪري رهيو هئس، جنهن جي کيس خبر هئي. ميلي
کان ٿورا ڏينهن اڳ ۾ سائين تاج صحرائي مانواري شاعر ۽ محقق نواز رڪڻائي ۽ سندس وڏي
فرزند جمال الدين سان گڏ ٺٽي ۾ اچي سَھڙيو. ڪاليج ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ به مون
کي ڪاليج ۾ درس ۽ تدريس ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ڇاندو پاڻي ڪري، حالي احوالي ٿياسين
ته هُن سنڌ جي مشهور عوامي شاعر سائين محمد خان مجيديءَ (جنهن جي تازو ٽنگ ڀڄي پئي
هئي ۽ هو بستري ڀيڙو هو.) ڏانهن سجاول هلڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪئي. اسين تڪڙو ئي
اوڏانهن نڪري پياسين.اسين دولهه درياخان پل تي کن پل رڪجڻ کان پوءِ جڏهن سجاول ۾
سنڌ جي عوامي شاعر سائين محمد خان مجيديءَ جي گهر پهتاسين ته هو گهر ۾ کٽ تي ضعيف
حالت ۾ پيل هو. آخر ۾ ٻڌڻ جي سگهه به گهٽجي چڪي هيس، ته نظر به بنهه پوري ٿي چڪي
هئي. سو شروع ۾ مجيدي صاحب اسان کي سڃاڻي نه سگهيو، رڳو منهنجو آواز سڃاڻي چوڻ
لڳو: ”ابا، مانجهي اچي ويو!!....... اڙي مانجهي ابا!..... توسان گڏ ٻيو ڪير آهي!؟“
جڏهن مون تعارف ڪرائيندو چيو ته: ”سائين! تاج صحرائي آهي!“ سائين مجيدي پهريان کيس
تاج جويو سمجهي ڪجهه ڳالهايو، پر تاج صاحب چيس ته: ”مان صحرائي آهيان!!؟“ جڏهن
پوءِ به نه سمجهيائين تڏهن ڪجهه وڏي آواز سان چيائينس ته: ”مان تاج جهنگلي
آهيان!!؟“ ته اهو لفظ ٻڌندي ئي کيس هڪدم سڃاڻي ورتائينس. سائين مجيدي سرهائيءَ مان
ٻانهون ڦھلائي ”اڙي جهنگلي... اڙي منهنجو جهنگلي...“ دهرائيندي، ملڻ
لڳو. ڇاڪاڻ ته سائين مجيدي کيس پيار مان جهنگلي سڏيندو هو. اُنهيءَ موقعي تي حالي
احوالي ٿيڻ دوران مجيدي صاحب کي ڏکارو ڏسي پاڻ به ڏاڍو ڏکارو ٿيو. اڃا به وڌيڪ
ڏکارو تڏهن ٿيو، جڏهن سائين مجيديءَ کيس چيو ته: ”هن بيماريءَ ۾ اڍائي مهينن کان
مون وٽ مانجهي ايندو رهيو، ۽ هاڻي توهان گڏجي آيا آهيو، ايترن ڏينهن ۾ ٻيو ڪو به
اديب يا سياستدان مون وٽ نه پهتو آهي. سجاول جا ڪجهه سنگتي آيا هئا...“ ڪچهري ڪندي
تاج صحرائيءَ کيس چيو ته: ”آئون تنهنجي سار سنڀال لاءِ چيف سيڪريٽريءَ کي لکندس ۽
پڻ اخبارن ۾ به لکندس ته هڪ وڏو شاعر ڪيئن بستري تي علالت ۾ اڪيلو آهي
۽ اسان ڪيترا نه بي حس آهيون.“ تاج صاحب مون کي مخاطب ٿيندي چيو ته: ”مانجهي!
مجيدي وڏو ماڻهو آهي. هن حالت هوندي به ڪنهن وڏيري، ڪاموري يا وزير اڳيان هٿ نٿو
ڦھلائي.“ مون کيس چيو ته: ”سائين! سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن ۾ هٿ ڦهلائڻ جي روايت گهٽ رهي
آهي.“ جنهن سان هو گهڻو نه پر ٿورو
سھمت ٿيو
سائين محمد خان مجيديءَ
کان موڪلائي، اسين جڏهن ٺٽي پهتاسين ته مون کانئس موڪلائڻ مهل هڪ دڪان تان ٺٽي جي
مشهور واصل درس جو شربت وٺي آڻي ڏنو. تڏهن چيائين: ”مانجهي! آئون توکي شربت لاءِ
چوڻ وارو هئس، پر تو چوڻ جي مھلت ئي نه ڏني.“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن آئون ’شھباز
ادبي ڪانفرنس‘ تي شام جو سيوهڻ ۾ پهتس ته خبر پئي ته تاج صاحب گهڻي دير کان منهنجي
اوسيئڙي ۾ آهي. مون کي ايندو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي چيائين ته: ”مانجهي! اڪيلو رهڻ
چاهيندين يا ڪنهن سان گڏ!؟“ مون وراڻيو ته: ” اڪيلو ڪمرو هجي ته بھتر پر جيڪڏهن
شوق صاحب آيل آهي ته آئون ساڻس گڏ رهندس.“ سائين تاج صحرائي مون کي تڪڙو هٿ منهن
ڌوئي، ماني کائڻ لاءِ چيو. ماني کائي، آئون پنهنجي محسن استاد، سائين نواز علي شوق
صاحب سان وڃي حالي احوالي ٿيس. اسين جڏهن ڪانفرنس هال ۾ پهتاسين، تڏهن پنهنجي عادت
موجب اڳين سيٽن کان ڪجهه پوئتي ويھڻ چاهيم ته هن مون کي
سڏي اڳين سيٽن تي وهڻ لاءِ چيو. سڄي رات ادبي ڪانفرنس جي ڪاروائي هلندي رهي.
ڪيترائي ٿڪجندا ۽ ويندا رهيا، پر تاج صحرائي هميشه وانگر اسٽيج تي پڄاڻيءَ تائين
ويٺو رهيو. ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن اسين ريسٽ هائوس ۾ پهتاسين ته مون کيس
چيو ته: ”توهان مون کي ڪاليج مان موڪل وٺي اچڻ ۽ ڪي ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ چيو هو.
آئون موڪل ته وٺي آيو آهيان، پر توهان سڄي رات جا ٿڪل آهيو، اوهان جي عمر جي تقاضا
کي نظر ۾ رکندي، منهنجي گذارش آهي ته اوهان کي آرام ڪرڻ کپي ۽ ٻيا به ڪيترائي اديب
به مهمان ٿي آيل آهن....“ هن منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي، چيائين ته:”تون منهنجي
طبيعت ۽ ٿڪاوٽ جو ڪو به فڪر نه ڪر. اديبن لاءِ محترم نواز رڪڻائي موجود آهي.تون
پنهنجي ڳالهه ڪر! سڀاڻي آئون هجان نه هجان، بهتر آهي ته بنھه تڪڙو تيار ٿي ته
هلجي.“ مون سندس حڪم تي بنهه تڪڙو پنهنجي روم ۾ اچي تيار ٿي، نيرن ڪئي. سائين
ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب کي به گڏجي هلڻ لاءِ چيو ته هو به هلڻ لاءِ هڪدم تيار
ٿيو. سگهو ئي اسين ٽيئي ڄڻا سيوهڻ کان نڪري جهانگارا باجارا روڊ تي هلڻ لڳاسين.
سفر شروع ٿيندي ئي سائين تاج صاحب هڪ ماهر رهبر/استاد
جي حثيت سان ٻاڙي ٻاڙيءَ بابت اسان کي ٻڌائڻ لڳو: ”هي قديم دور جو اَڙل واهه آهي،
جڏهن درياهه چاڙهه ۾ ايندو هو ته هي اڀارو وهندو هو، پر جڏهن درياهه ۾ لاٿ هوندي
هئي ته لهوارو وهندو هو. هتان هڪ عظيم شاهراهه به هو، جيڪو آڳاٽي دور ۾ سمير تائين
ويندو هو.“ ”هتان ئي آمدرفت ٿيندي هئي. سنڌي وڻجارا هن شاهراهه وسيلي سمير تائين
وڃي اچي سگهندا هئا. آڳاٽي دور ۾ ايران وارا حملا به هتان ٿيندا هئا.
اسين اَڙل واهه سان اڳتي
هلي جهانگارا وارا قبرستان وغيره ڏسندا، بُلي جي بُٺيءَ تائين پھتاسين. اُتي مون
بُلي جي بُٺيءَ جون ڪجهه تصويرون ڪڍيون ۽ اسان اڳتي هلي اُمڙاچ نئي جي ڪنارن تي اُهي
قديم آثار ڏٺا، جن کي تاج صحرائيءَ پنهنجي شاهڪار ڪتاب ’سنڌو تھذيب‘ ۾ نوڪو بُٺيءَ
جي نالي سان درج ڪيو آهي. آمري دور جا
اُهي آثار چڱيءَ ريت ڏسندا، تصويرون ڪڍندا، نئنيگ واري رستي سان اڳتي
هلڻ لڳاسين. تاج صاحب ڊرائيور کي بڊي جبل واري رستي سان ڪائي ڏانهن تيزيءَ سان هلڻ
لاءِ چيو. ڪجهه پنڌ هلڻ کان پوءِ اسين حسين وادي ڪائيءَ ۾ وڃي لٿاسين، اهي منظر
ڏسي مون رڙ ڪري چيو ته:” هيتري سنڌ جي هِيءَ وادي سهڻي!!“ ڪار مان لهي اسين اڃا مس
بيٺاسين ته ڪجهه ماڻهو اڳتي وڌي اچي، سائين تاج سان گهڻي پنهنجائپ سان مليا. انهن
اسان کي اڳتي واهيءَ جي ڪنڌيءَ تي وٺي آيا ۽ اُتي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ چيائون.
جيستائين اسان وهندڙ اُجي پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوتو تيستائين هنن ڪرسيون آڻي وڻن جي
ڇانوَ ۾ رکيون. مون آسپاس نهار ڪئي ته عجيب منظر هو. لاهوت ويندڙ ٽولا ڪي ويٺل هئا
ته ڪي اچي رهيا هئا، جن لاءِ ’ڪائي‘ پھرين منزل آهي. مون اُٿي وڃي انهن قافلي جي
ماڻهن سان اڃا ڳالهايو ئي مس ته هوڏانهن
چانهه اچي ويئي سو مون کي سڏيائون. اُتي ملندڙ ماڻهن ۽ ماحول کي ڏسي، مون کي لڳو
ته سائين تاج قديم دور کان ئي هتي رهندو پيو اچي. هتي جو نه رڳو هاڻوڪو نسل
پر هتي کيس ڪيئي نسل ڄاڻن سڃاڻن. هتي جا پھاڙ، پٿر، پنڊ ۽ پھڻ به کيس گهڻو سُڃاڻن
ٿا. مون سندس گهاٽين اڇين ڀِرن ۾ گهُوري ڏٺو ته سندس اکين مان هزارين سالن جون
ڪٿائون ڇوليون هڻنديون، سندس زبان تي آيون ۽ عظيم سنڌو تھذيب جي قديم تاريخ
ڳالهائڻ لڳي:”هن هنڌ تي هزارين سالن کان انساني قدم گهمندا ڦرندا رهيا آهن ۽ هٿ
هنر ڪندا رهيا آهن. هتي جيڪي قديم دور جون غارعن آهن، انهن غارن ۾ انسان جي رهڻ جا
اهڃاڻ چٽا موجود آهن.“
ڪجهه ڪلاڪ ڪائيءَ ۾ گذاري،
مختلف هنڌ ڏسندا، اتان نڪري بڊي تان ٿيندا، واپسيءَ ۾ ٻنڌڻي کان اڳتي وڃي، ڏلهه
جبل جي ڪنڌيءَ تي ’ڪافر ڪوٽ‘ وٽ پھچي واپس ورياسين. سيوهڻ ۾ تاج صاحب کان موڪلائي
ورياسين. رستي ۾ شوق صاحب سان تاج صاحب جي شخصيت، سندس وسيع مطالعي ۽ مشاهدي بابت
ڪچھري ڪندا حيدرآباد پھتاسين. شوق صاحب ڪراچي نڪري ويو ۽ آئون پنهنجي پياري دوست
حفيظ ڪنڀر جي گهر رهي، ٻئي ڏينهن پنهنجي ڳوٺ آيس، جتي ’ڪائي‘ جي سفرنامي جا ڪجهه
نوٽ لکندو رهيس. ٽئي ڏينهن آئون سوير جڏهن مڪلي پنهنجي گهر پهتس ته ڪم ڪرڻ واري
ڇوڪري ٻڌايو ته: ”تاج صحرائي نالي شخص توهان کي ڪالهه ٻه ٽي ڀيرا فون ڪئي هئي.“
آئون تڪڙو تڪڙو ڪاليج وڃي، هميشه جي عادت موجب مقرر وقت تي پنهنجا پيرڊ وٺندو
رهيس. واندو ٿي جڏهن پرنسپل جي آفيس ۾ آيس ته پرنسپل دوست محمد قريشيءَ ٻڌايو ته:
” صبح کان توهان جون فونون اينديون رهيون پر توهان ڪلاس ۾ هئا. هاڻي توهان هتي وهو
جيئن فون اچي ته ڳالهائي سگهو.“ آئون آفيس ۾ ئي پرڀرو ويهي عادت موجب ڪجهه پڙهڻ
لڳس ته فون جي گهنٽي وڳي. ڪلارڪ مون کي فون تي ڳالهائڻ لاءِ چيو. مون فون تي
ڳالهايو ته، فون ڪندڙ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ريجنل آفيس ٺٽي جو هيڊ ڪلارڪ نيڪ
محمد ”هيلو“ ڪندي چيو ته: ”سائين توهان ڪاوش اخبار پڙهي آهي؟؟“ وراڻيم ته: ”نه!!“
هن ڏکاري لهجي ۾ چيو ته: ”سائين تاج صحرائي صاحب گذاري ويو.“ مون فون رکي هڪدم
ڇوڪري کي ڪاوش اخبار آڻي ڏيڻ لاءِ چيو ۽ اخبار ۾ اها خبر پڙهي به اعتبار نه ڪندي،
سائين تاج صحرائيءَ جي نمبر تي فون ڊائل ڪرڻ لڳس، پر افسوس جو ڪنهن به فون کڻي ڪو
جواب نه ڏنو. عجيب ڪيفيت ۾ ڪاليج ٻاهران ’پي.سي.او‘ تان
وري به فون ڪيم، پر ڪنهن به نه کنئي. تنهن هوندي به مون وري به ڪاوش جي آفيس فون
ڪري خبر جي تصديق ڪئي. هڪ ٻن دوستن کي فون ڪيم ته انهن به اها ساڳي ڳالهه ڪئي. ٻئي
ڏينهن سوير نڪري پيس ۽ دادو وڃي سائين
تاج صحرائيءَ جي پٿر تي پهتس. جتي سندس فرزند جمال الدين، محترم سائين مجيب صاحب ۽
ٻيا موجود هئا. مون سندس گهر طرف گهوريو ته مون انهيءَ گهر جي سندس ڪمري مان
ڪتابن، وکريل ڪاڳرن ۽ ٺڪرن، پٿرن جي سُڏڪن جا آواز محسوس ڪيا. مون کي سندس ٻڌايل
ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون.
ڪجهه ڏينهن پهرين تاج
صحرائي ٺٽي آيو هو، تڏهن ويندي ويندي چيو هئايئن ته: ”آئون سگهو
ئي ٺٽي ايندس ۽ ڪجهه ڏينهن رهي، ’انڊو‘ واهه (جنهن لاءِ تاج صحرائي ڪجهه وقت اڳ ۾
خط لکي معلومات ورتي هئي) ۽ سنڌ جا قديم سامونڊي بندرگاهه گهمندس. ڇاڪاڻ ته انهن
جو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار آهي ۽ پڻ انهن تي لکيل تنهنجي مضمونن به مون کي گهڻو
متاثر ڪيو آهي.“ پر افسوس جو موت سائين تاج صحرائيءَ کي انهيءَ پروگرام تي اچڻ جي
مهلت ئي نه ڏني.
آخر ۾ سنڌ جي عالمن،
اديبن، تاريخدانن ۽ محققن کي عرض ڪندس ته اهي تاج صحرائيءَ وانگر وسيع مشاهدو ڪري،
سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ قديم آثارن تي تحقيق ڪن يا جيڪي جنهن به مضمون ۾ ڪم ڪري
رهيا آهن، ان ۾ ڀرپور نموني محنت ڪن ۽ تاج صحرائيءَ جي جستجو، جاکوڙ، بلند خيالي ۽
مسلسل محنت ڪرڻ مان سبق حاصل ڪري پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ مثال بڻجن.
No comments:
Post a Comment