Friday, July 10, 2020

ڪتاب: ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا، سهڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ڪتاب: ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا


سهڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي







ٻه اکر

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

سنڌ جي تهذيب، تاريخ، جاگرافي، حياتي ۽ حياتئَ جي وسيلن، ٻولي، لکت، ثقافت، لوڪ ورثي، ڀُونءِ وِڄا ۽ ٻين موضوعن تي تحقيق وغيره جي سلسلي ۾ ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا پنھنجي مقصدن ۽ وسيلن موجب ڪم ڪري رهيا آهن. تنهن هوندي به ڪيترائي پاسا ۽ پهلو اڃا به رهيل آهن، جن تي مستقبل ۾ ضرور ڪي نيون ڪوششون ٿينديون. انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ پهلوئن تي تحقيق ڪري، انهن کي نروار ڪرڻ لاءِ آگسٽ 2009ع ۾ سنڌ حڪومت جي (Antiquities Department) نوادرات کاتي پاران هڪ ادارو ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ جي نالي سان قائم ڪيو ويو. 26 سيپٽمبر 2009ع تي حيدرآباد ۾ هن انسٽيٽيوٽ جو افتتاح تڏهوڪي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان صاحب ڪيو، جنهن سان اداري جو بنياد رکندڙ کاتي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري به گڏ هو. انهئَ تقريب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص شرڪت ڪئي.

هِيءُ انسٽيٽيوٽ سنڌ جي تهذيب، تاريخ، ورثي ۽ مشرقي ٻولين جي مختلف موضوعن تي عالمي معيار جي تحقيق ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو. تڪڙو ئي هن اداري پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. اداري جي مقصدن موجب تحقيق ۽ تحقيقي ڪتابن ڇپائڻ سان گڏ هر سال ٻه ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ مٿين موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپون ڏنيون وينديون، ٻه اسائنمينٽس پوسٽ ڊاڪٽورل فيلوشپ ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڇڏيل ۽ نشاندهي ڪيل ڪمن ۽ موضوعن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ ڏنيون وينديون.

هِيءُ ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا“ جلد ستون آهي، جنهن ۾ تاريخ، ٻولي، ادب ۽ شخصيتن تي 25 مقالا شامل آهن، جيڪو ڇهين نيشنل سيمينار جي موقعي 6هين اپريل 2019ع تي اداري پاران شايع ڪري پڌرو ڪيو پيو وڃي. گھڻي زماني کان مختلف وقتن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا مختلف رسالن وغيره ۾ ڇپيل مقالا ۽ مضمون هڪ ئي ڪتاب ۾ شامل ڪري نه رڳو انهن کي وڌيڪ محفوظ ڪيو ويو آهي، پر هنن موضوعن تي مواد هڪ ئي هنڌ گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري، سهولت ڪئي وئي آهي. پَڪ سان چئي سگهجي ٿو ته پڙهندڙن خاص ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هِيءُ ڪتاب نه رڳو دلچسپيءَ جو سبب بڻبو پر وڌيڪ تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ خاص ماخذ طور ڪم ايندو.

مختلف تحقيقي رٿائن ۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ سڀني ميمبرن جو شڪريو ادا ڪرڻ به ضروري سمجهون ٿا، جن جي سهڻين صلاحن ۽ ساٿ سان نه رڳو هي ڪتاب وقت سِر ڇپجي رهيا آهن پر ڇهُون نيشنل سيمينار به ٿي رهيو آهي. کاتي جي انتهائي مانواري وزيرِ، سيڪريٽري، ۽ ڊائريڪٽر جنرل جا به وڏا وڙ جن پاران هن سلسلي ۾ مڪمل سهڪار رهيو آهي.

                                                ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
                                                   ڊائريڪٽر
                                              ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف
                                             هيريٽيج ريسرچ حيدرآباد، سنڌ

                                               31 مارچ 2019ع

No comments:

Post a Comment