Friday, July 10, 2020

غزل جو شاعر گوپ ڪمل

غزل جو شاعر- گوپ ڪمل

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


گوپ ڪمل جو نالو شاعريءَ جي حوالي سان ڪو نئون ناهي. هُو سنڌي شاعري ۽ ادب جي دنيا ۾ سنڌ توڙي هنڌ ۾ ڪافي مشهور آهي. هو هڪ سگھارو شاعر آهي. اسين سندس شاعري گھڻي وقت کان پڙهندا رهيا آهيون. جڏهن به جديد سنڌي غزل جو ذڪر نڪرندو آهي ته سندس نالو ضرور ياد ڪيو ويندو رهيو آهي.

2011ع ۾ جڏهن منهنجو پهريون ڀيرو دُبئيءَ وڃڻ ٿيو هو، تڏهن مون کي منهنجي پياري دوست نريندر ساڌواڻئَ (جنهن جو ’هسيا ڪالا ڊراما گروپ‘ 1992ع کان وٺي اُتي ڪم ڪري رهيو آهي) ٻڌايو هو ته سنڌيءَ جا ڪيترا اديب ۽ شاعر دُبئيءَ ۾ رهن ٿا، جن ۾ آشا چاند، چاند پنجابي، ناري ساولاڻي، امداد علي، گوپ ڪمل ۽ ٻيا شامل آهن. چاهيندي به تڏهن آءٌ ساڻن ملي نه سگھيو هوس.


پيارو دوست ڊاڪٽر قادر سرڪي ۽ ٻيا دوست دُبئئَ ۾ هر سال تمام وڏا پروگرام ڪندا رهيا آهن، جن ۾ نه رڳو دُبئي، ابوظهبي، شارجا ۽ آسپاس جي ملڪن جا سنڌي ماڻهو اُتي اچي مڙندا آهن، پر هند ۽ سنڌ کان به ڪيترا اديب ۽ فنڪار اچي گڏ ٿيندا آهن. ايئن اُتي سنڌي ماڻهن جو ڄڻ ته هڪ ميلو ٿيندو آهي. 2012ع ۾ مهراڻ  آرٽس گروپ پاران سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ياد ۾ دُبئيءَ ۾ هڪ پروگرام رٿيو ويو. هن ڀيري به مون کي دبئيءَ وڃڻ جو موقعو مليو. 13 سيپٽمبر 2012ع جي شام جو جيئن ئي هوائي اڏي تي جهاز مان لهي اڃا مسَ ٻاهر ٿياسين ته دُبئيءَ ۾ رهندڙ دوست رشيد مگسي هميشه وانگر پري کان انتظار ڪندي نظر آيو. سنڌ مان آيل سڀني دوستن جي سدائين فرض سمجهي خدمت ڪندڙ پيارو دوست عبدالرشيد مگسي هن ڀيري به سنڌ مان آيل مهمانن جي آجيان ۽ خدمت لاءِ پهچي ويو هو. هوٽل ۾ پهچندي ئي مون پنهنجي دوست نريندر کي اطلاع ڏنو. گذريل ڀيري دُبئيءَ ۾ جيڪي هنڌ ۽ جڳهيون نه ڏسي سگھيو هوس ڏينهن اُهي ڏسندو\گھمندو رهيس. اڃا شام مسَ ٿي ته مانواري سائين چاند صاحب جو فون آيو، جنهن پنهنجي گھر تي اچڻ نينڍ ڏني. ڪلاڪ کن کان پوءِ سائين تاج جويي فون تي ٻڌايو ته هو آشا ۽ چاند جي گھر پهچي چڪا آهن اُتي دُبئيءَ جا سنڌي اديب ۽ شاعر دوست به پهچي چڪا آهن ۽ اوهانکي ياد پيا ڪن تنهنڪري سگھو پهچو. آئون جيئن ئي هوٽل مان هيٺ لٿس ته مون کي هڪ دوست وٺي وڃڻ لاءِ در تي بيٺو هو. آشا چاند جو گھرهوٽل کان بنهه ويجهو هو. سندس خوبصورت گھر فليٽ اندر داخل ٿي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.

اُتي محترم چاند، نريندر ۽ سندس گھرواري، گوپ ڪمل ۽ سندس گھرواري، دبئيءَ جي نامور ۽ خوبصورت گلوڪاره آشا ڪاجل ۽ ٻيا موجود هئا. آشا دبئيءَ کان ٻاهر ممبئيءَ، پنهنجي ماءُ سندري اُتمچنداڻيءَ ڏانهن ويل هئي تنهنڪري پنهنجي گھر ۾ موجود نه هئي. اُتي سائين تاج جويو ۽ پيارو دوست ناز سهتو به پهتل هئا. دير دير تائين ڪچهري هلندي رهي. سنڌ جي ثقافت جو ڏيک ڏيندڙ آشا جي گهر ۾ مانئَ جو تمام سٺو بندوبست ٿيل هو. مختلف ڳالهين سان گڏ اُتي جيڪا ڪچهري ٿي، سا هڪ تاريخي ڪچهري هئي.  مون کي دُبئيءَ مان موٽي اچڻ بعد لڳاتار اهو احساس ٿيندو آهي ته ڪاش اها ڪچهري رڪارڊ ٿي سگھي ها، ڇو ته اُن ڪچهرئَ ۾ سنڌ جي مسئلن ۽ هندستان يا ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي مسئلن تي تمام سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. سنڌ جي جي سياست، سماج، ثقافت، تاريخ، تهذيب، شاعري، علم ۽ ادب جي موضوعن تي اسان مان هر هڪ پنهنجي ليکي چڱو ڳالهايو هو. ڪچهرئَ ۾ جيڪا نمايان ڳالهه هئي اها هئي شاعري ٻڌائڻ، ٻڌڻ ۽ خوبصورت آواز جي مالڪ آشا ڪاجل جي آواز ۾ سنڌي ڪلام ٻڌڻ. سڀني شاعرن پنهنجي پنهنجي شاعري به ٻڌائي. اُتي گوپ ڪمل پنهنجي شاعري خاص ڪري غزل پنهنجي مخصوص انداز سان ٻڌائي، شامل دوستن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اُتي سائين تاج جويي رڙ ڪري چيو ته: ”اڄ ته ڪمل جو واهه جو رس ڄمي ويو آهي.“ اُن تي محترم چاند چيو ته ڪمل سدائين ائين ئي هوندو آهي ڪمل به انهئَ ڳالهه سان متفق ٿيو ته اڄ جي محفل واقعي وڌيڪ دلچسپ رهي آهي. آءٌ شخصي لحاظ کان هر شاعر ۽ اديب جي علمي، فني ۽ تخليقي پهلوءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو آهيان، پر اقرار ٿو ڪريان ته آءٌ گوپ ڪمل جي انداز ۽ شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيس.

هونئن ته انهئَ ڪچهرئَ تي ڪنهن ٻئي هنڌ تفصيل سان لکندس، پر ان ڪچهرئَ جي هڪ خاص ڳالهه جو ذڪر ضرور ڪندس، اُهو آهي اُتي ڪاجل جو موجود هئڻ. پنهنجي سُريلي آواز ۾ لڳاتار بنا ساز جي رات دير تائين سنڌي ڪلام ٻڌائڻ. اها انهئَ لحاظ کان هڪ اهم ڳالهه هئي ته هڪ ته اُتي هن پنهنجي پسند جي چونڊ شاعري ڳائي ٻڌائي ٻيو ته انهئَ ۾ پنهنجائپ جو پهلو سڀ کان وڌيڪ حاوي هو. اُتي گوپ ڪمل مون کي سندس ڪجهه وقت اڳ ۾ ڇپيل غزلن جو مجموعو “ڇانوَ ويڙهيل جسم” مون کي سوکڙي ڪري ڏنو. هتي اچي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون جڏهن گوپ ڪمل جي ڪتاب ۾ شامل غزلن جو مطالعو ڪيو ته سندس شاعري پڙهي، مون کي ٻولي، فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڏاڍي دلچسپ لڳي. منهنجي ذهن ۾ گوپ ڪمل جو درجو اڃا به وڌيڪ مٿاهون محسوس ٿيڻ لڳو. گوپ ڪمل جو جنم ته هندستان ۾ ٿيو ۽ سدائين اُتي رهيو ۽ هاڻي دبئيءَ ۾ رهي ٿو، پر سندس نج سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ لکڻ مان محسوس ئي نه ٿيندو آهي ته ڪو هو سنڌ کان ٻاهر رهندڙ آهي. ها اُهو نه سندس ڳالهه ٻولهه ۾، نه ئي سندس شاعرئَ ۾ ڪٿي محسوس ٿئي ٿو. پنهنجي مٺڙي ساڻيهه کان وڇڙي هندستان پهتل مائٽن جي گھر ۾، گوپ ڪمل 9 نومبر 1948ع تي جنم ورتو هو. هو سنڌئَ کان سواءِ انگريزئَ، اردو، هنڌي ۽ مرهٽئَ جو به ڄاڻو آهي. هن ننڍي هوندي کان ئي تخليقي سفر شروع ڪيو. شاعري، ڪهاڻيون ۽ ناول به لکيائين. هيستائين سندس جيڪي ڪتاب ڇپجي اچي چڪا آهن، تن ۾ 1. ”زندگي ۽ چار ڏينهن“ (ناول: 1973ع)، 2. ”چورايل خوشئَ جو سُک“ (ڪهاڻيون: 1979ع)، 3. ”هاءِ منهنجي نظر“ (ڪارٽوني تنقيد: 1986ع)، 4. ”سرحدن تي گل“ (ڪويتا: 1988ع)، 5. ”ننڊ ڦٽل“ (ڪويتا: 1990ع)، 6. ”واپسي“ (شاعري: 1999ع) ۽ 7. ۽ غزلن جو مجموعو ”ڇانوَ ويڙهيل جسم“ (2009ع)، جيڪو منهنجي هٿن ۾ آهي. مون سندس شاعرئَ جي هن خوبصورت ڪتاب غزلن جي مجموعي جو يڪساهئَ مطالعو ڪيو. جهڙي غزل جي سهڻي وصف آهي، گوپ ڪمل به تهڙئَ سُونهن پنهنجي غزلن ۾ برقرار رکي آهي. اُهو سچ آهي ته گوپ ڪمل جا غزل مون کي غزل جي وصف جهڙا ئي سهڻا لڳا. سندس غزل جو هر بند نه رڳو تخليقي لحاظ سان سگھارو آهي، پر خوبصورت احساس ۽ مختلف ڪيفيتن سان مالامال آهي. سندس سهڻا ۽ موهيندڙ غزل پڙهڻ سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪنهن سُونهن جي وادئَ ۾ ماڻهو اڏري رهيو آهي. جنهن ۾ ٻولئَ جي سُونهن به آهي، تشبيهن ۽ استعارن جا رنگ برنگي گلڙا به آهن، جذبن ۽ احساسن جي ڀنڀورين جا ڀيرا به آهن، سوچن جي سُرهي هوا جا جهوٽا به آهن ۽ اُهي عڪس به آهن، جيڪي ماڻهو رڳو محسوس ڪري سگھندو آهي، محسوس ڪري خوش ٿي سگھندو آهي ۽ ٿڌڙا ساهه کڻي سگھندو آهي. سچ پچ گوپ ڪمل غزل سان واهه جو نڀايو آهي.

سنڌئَ ۾ غزل گھڻي زماني کان لکجندو رهيو آهي، پر گل محمد گل هالائي سنڌيءَ ۾ تخليق ٿيندڙ روايتي غزل ۾ وڏي تبديلي آڻي غزل کي سنڌي ويس اوڍايو. اڳتي هلي شيخ اياز جي دور ۾ غزل اوچاين تائين رسيو. شيخ اياز، نارائڻ شام، نياز همايوني، ذوالفقار راشدي، امداد حسيني، تنوير عباسي، وفا ناٿن شاهي، ارجن حاسد، واسديو موهي ۽ ٻيا به ڪيترا غزل جا سگھارا شاعر آهن، پر اُنهن سڀني جي غزل جو پنهنجو پنهنجو انداز، فني سٽاءَ، فڪر ۽ موضوع آهن. ايئن پوءِ ٻيا به ڪيترا غزل جا خوبصورت شاعر آهن. اها حقيقت آهي ته هن دور ۽ ۾ غزل جي شاعر گوپ ڪمل جي غزل جو انداز وري پنهنجو آهي. سندس ڪتاب ”ڇانوَ ويڙهيل جسم“ تي واسديو موهئَ خوبصورت مهاڳ لکيو آهي.

گوپ ڪمل جي شاعري، فن، فڪر، ڏات ۽ خوبصورت ٻولئَ جو هڪ سهڻو جوڙ آهي. سندس غزلن جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:

هــــــــڪ طـــــــــوفــــــــان آ اچــــــــــــڻ وارو
تــــو اکيـــــن ۾ هــي جهليـــو ڇـــا هــــي.
ڇــــــــــو ٿــــو ڦــــاڙيــن بنا پــــڙهــــڻ جي،
پهرين ڏس ته سهي مون لکيو ڇا هي.
ڏنـــــــــد ڪرٽـــــــي مُڪون اُلاريــــن ٿو،
نيـــــــٺ اهـــــڙو به مون گهُريــو ڇا هي!

سندس غزل جي ٻولئَ جي سادگئَ ۾ ته هڪ الڳ خوبصورتي آهي، پر هن جي غزل جي هر بند \ شعر جو هڪ مقصد ۽ هڪ خاص پيغام آهي، ڪيفيت به الڳ الڳ ۽ دلچسپ آهي. جيئن سندس هي شعر پڙهي ڏسو:

نڪتو جتان هو صبح جو، پهتو اُتي ئي رات،
ٿـــڪجـــــي پيــو آ شهر ۾ رستا پُـــڇي پُـــڇي.
***
ڏاڍي مـــــــايــــــــــــوس نـــــاچــــــڻــــــــــي آهـــــــي،
اڄ بـــــه انـــــڌن اڳـــيـــــــــان نـــچـــــــــي آئــــــــــي.
***
ٿڪجي پيس نچي نچي، مــان داد جي بُکي،
ڇــو ڪونهــي ديد وارو هتي، ناچڻي پڇـــــي.

منهنجي خيال ۾ بيقدرئَ جو بيان هن انداز سان فقط گوپ ڪمل ئي ڪري ٿو سگھي. اسان سنڌ ۽ هنڌ جي ماڻهن جي پيار ۾ به پردو ڪرڻ، راز لڪائي رکڻ، ڀرم رکڻ وغيره جي رسم ۽ روايت عجيب آهي، جنهن کي گوپ ڪمل پنهنجي غزلن ۾ هيئن اظهاريو آهي:

کــــــــيس وشــــــــــواس نـــه آ سهيليـــــن تـــــي،
هــــــوءَ مـــلــــــڻ روز هـــيـــڪــلـــــــي آئـــــــــي.

گوپ جي غزلن ۾ ڳوٺ ۽ شهر جو تضاد ۽ تصور به ڏاڍي خوبصورت انداز سان ملي ٿو:

ڳـــــــوٺ جـــــــي يــــــــاد اڄ بــــــه تــــــــــازي آ،
کـــيــــــــــــــــت، گھــــــــــر، کــوهه، ڌنــڌا ناهن.
***
ايتـــــــــــــرا مـــــــــوهه ڳـــــــوٺ ۾ ڦــــاٿــــــــل،
لالچــــــــن تي به هــــــو لـــڏي نــــه سگھيـــو.
***
ڪجهه نه ڀلا ڳوٺ مان تــون وٺـــــــــــي اچ،
منهنجـــي بچپـــــن کي ڳولــــــي کڻــــي اچ.
***
سادگـــــــــي ڳـــــــوٺ ۾ ڇــــــڏي اچـــجـــنءِ،
شهــــر بي فڪـــــر ٿي گھمي سگھنديـــن.
***
ڪوبــــه هتي مرڪ کي ڳنهي ئي نٿــــــــــو،
ڇــــا ڀــــلا شــهــــــر مـــــــان ڪمائينـــــديـــن؟
***
هي شهر آهي شهر، تون وچ ۾ ٽپين متان،
ڏس ڪيترائـي خوني تماشـــــــو ڏسن پيــــا.
***
هن شهر جا حواس، لڳن ٿا عجيب ڪجهه،
سڏڪا ٻڌي سگھن نه، فقط ٽهڪ ٿــــا ٻـڌن.
***
شــهـــــــــــر ســـــارو آ نـــنــــــڊ ۾ غـــــافــــــل،
ڪنهن کي ڪنهن کي هتي اُٿارينديــــــن.
***
کيس وڪڻي ويـــــو اُهــــــــوئــــي شخــــــص،
جنهن سان هـــــي شهر هــــوءَ گهمــڻ آئـــي.

گوپ ڪمل جي شاعرئَ ۾ رڳو لفظ بازي ناهي، پر خوبصورت خيال ۽ فڪر آهي. خوبصورت ٻولئَ سان گڏ وٽس لفظن جي سادگئَ جي سُونهن به ڀرپور آهي. انهئَ ڪري سندس شاعري پڙهندي ڪٿي به بار ۽ بيزاري محسوس نٿي ٿئي. هن جي پشم جهڙن ڪُنئرن ۽ نفيس شعرن ۾ ننڍيون ننڍيون ۽ دلچسپ ڳالهيون، حقيقتون، ماجرائون ۽ منظر آهن. سندس شاعرئَ ۾ بيان ڪيل جيڪي خيال ۽ منظر آهن، سي سمورا عام زندگئَ جي وهنوار جا آهن. هئَ به حقيقت آهي ته گوپ ڪمل ڪڏهن ڪڏهن تمام وڏيون وڏيون ڳالهيون ۽ حقيقتون به تمام سادگئَ سان ڪري وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته گوپ ڪمل زندگئَ جو شاعر آهي. زندگئَ جون سموريون ڪيفيتون ۽ احساس سندس شاعرئَ ۾ ڀرپور انداز سان ملندا. سندس اها خوبي هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي چڱو متاثر ڪري ٿي.

اڌ راهه ۾ ڇڏيو جنهن، ڳوليان ڪٿي اهو شخص،
هڪ ڀــي نشان پنهنجو، وارئَ تي هن ڇڏيو ناهي.
***
رستــي تي هلندي هلندي، ڇا لئــه مُـــڙي نهاري،
ڄاڻي ٿو کيس ڪنهن ڀي، آواز ڏئي سڏيو نه آ.
***
ســـــــڀ وســــــاري هينئـــــــــر ڀاڪــــــــي پايـــــــون،
هـــــــوڏ تــــان هيــــــــــٺ تـــــــــــون ڀـــــي لهـــــــي اچ.

گوپ ڪمل جي شاعرئَ جون هونئن ته ڪيتريون ئي خوبيون آهن، پر انهن ۾ ٻولئَ جي استعمال جي خوبصورتي نمايان آهي. هڪ ته هُو نج سنڌي ٻولي استعمال ڪري ٿو، ٻيو ته هن وٽ ٻولئَ جي سادگي آهي. وٽس ڪوبه اهڙو لفظ نه ملندو، جيڪو پڙهندڙ کي ڳرو لڳي يا کاراڻ محسوس ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو وٽس روانگي به ڪمال جي آهي.

در وٽ اکين کي گروي ۽ وڪڻي درين کي ڪن،
منهنجـــــــي بـــــدن جا ڪيڏا نه ســــودا ڪري ويـــو.
***
پنهنجي ڳوڙهن کي لڪائي ڪري کلبو ناهــــي،
خــــود کي هـــر وقــت ئي ايڏو به ته ٺڳـــبو ناهـي.
***
جــي ملي ڇانـــوَ ڪا گھاٽـــي ته سمهي پئبو آ،
هر گھڙي سج کي مٿي تي کڻي هلبو ناهــي.
***
رانــــــــد ۾ ٻـــــــار، مـــــــــــار ڀُلجـــــــي ويـــــو،
مــــاءُ روئــــي اڃـــــــــا  ڀــــــــــــري سُـــڏڪـــــــا.
***
ياد، خط، فوٽا سڀ کڻــي ويـــــــــــو ســــــــــــاڻ،
هـــو ڇــــــــڏي مونکي بــــــــي سهـــــاري ويــــو.

توڙي جو گوپ ڪمل رومانوي شاعر آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ حالتن کان بي خبري به ناهي. دهشتگردي ۽ انسان دشمني، خوف ۽ خطرا جيڪي دنيا جي هر سماج خاص ڪري اسان جي ملڪن ۾ وڌيڪ آهن، هي انهن حالتن کان با خبر آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن جو هيئن ذڪر ڪري ٿو:
پنهــنجـــــي پـــاڇـــي کان ڊڄـــي ڇــرڪ ڀــري،
روپ بدلائي هتي خـــوف گھمـــن پيا شايــــد.
***
ٺڪ ٺڪ تي در نه کول سڃاتل ڀلي لڳئي،
خطــرا مٽائي چهــرا پيا ٿــــا هتــــي گھمـــــن.
***
بـــارود آ ڀـــــريــل يا وري زهـــــر ڪنهن وڌو،
مجبــور ٿي هُــــــو ساهه کڻــــي ڊپ لڳيس ٿو.

هونئن ته گوپ ڪمل جي سموري شاعري پڙهڻ ۽ وري وري پڙهڻ جهڙي آهي، پر آخر ۾ آءٌ سندس غزلن مان ڪجهه شعر پڙهندڙن لاءِ هتي ڏيان ٿو:
عــــــــمــــــر ڀـــــر شــــــــــاعــــرئَ جـــــــــلايــــــــــو آ،
اڄ چتاءَ تي بــــدن رکــــــــــــن ٿـــــــــــا لــــــــــوڪ.
***
هن کي ڳـــــــراٺــــڙي به لڳي ٿي چماٽ جيــــــان،
حيـــران ٿـــــي ويـــــــو آ نصيحت ٻُـــــــڌي ٻــــــڌي.
***
شاعــــري نـــــــاهـــــي رانـــــــــد ٻـــــــارن جــــــــــــــــي،
رات ۽ ڏينــــــهـــــــــــن جــــــــي ٿــــــــــي ننـــــڊ ڦُـــري.
***
شــــــــاعــري ناهــــــي رانـــــــــــــد ٻــــــــــــارن جـــــــــــــي،
سوچ جــا ڏنـــــگ تون سهـــــــــــي سگھنـــــــديــــــــــن.
***
گھر جي ٻاهر سڀ خوشيون بيٺيون رهيون،
ڇــــــــــو الائـــــي هـــــن ئــــي در کوليــــو نه هو.
***
ڇو شاعري ڪرڻ به “ڪمــــــل” تو ڇــــــــڏي ڏنــــي،
هـــــــاڻــــي ڇــــا درد دل کــــي ستائي نٿـــو ڪڏهــن.
***
روپ ۽ رنـــــــــــگ خوشبـــــــــو اڃــــا  يــــــاد  هـــن،
سانــوري ڇوڪـــــــــري، انبـــــڙي ڇــــــــــوڪــــــري.
***
ڪيــــــــــــــڏو سوگھـــــو جهليم چنــــــــڊ کي مُٺ ۾،
پــــر وٿيــــن مــان وئــــي کسڪنــــــــــدي روشنــــــــي.
***
هيــــڏو وڏو مڪان اڏيــــــو ڪنهـــن آ در اڳيــــان،
منهنجي حصي جو سج به کسيو جهوپڙي پڇـي.
***
نفرت کي رک سنڀالي، هي چيز آهي ڪم جي،
دنيا ۾ هن بنا تون، هڪ پل به جي نه سگھندين.
***
ڇــــــــو تـــــــون هــــــــت پيــــــــار جــــو ڍنڍورو ڏين،
پنـــــهنجــــــــــا دشمــــــــــــن اڃــــــــــان وڌائيــنديــــــن؟
***

No comments:

Post a Comment