Sunday, July 12, 2020

خادم حسين ابڙو جي شاعري جي مجموعي ”جَالِڻُ جِهانگِين سَاڻُ“ جو مهاڳ (حوصلي ۽ اُميد جو شاعر)

حوصلي ۽ اُميد جو شاعر


(خادم حسين ابڙو جي شاعري جي مجموعي  ”جَالِڻُ جِهانگِين سَاڻُ“ جو مهاڳ)

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ڏاها چون ٿا ته ”شاعري جي رمزيت کي تمام گهڻو جامع ۽ همه گير هئڻ کپي، ڇو ته عظيم المرتب ۽ جليل القدر شاعريءَ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي.“  منهنجي خيال ۾ ”جامعيت“ ۽ ”همه گيري“ ئي ڪنهن شاعريءَ جي سگهه آهي. ڪنهن به شاعريءَ ۾ موضوع جو وسيع هئڻ، زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي نظر ڌرڻ، محبت، ميلاپ، عشق، وڇوڙو، موت، تباهيءَ جي احساس جي ڪيفيت وغيره شاعريءَ کي سگهه بخشيندڙ جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون آهن. فرد کان ويندي سماج ۽ قوم سان گهرو لڳاءُ، خلوص ۽ عشق ئي تخليق جي سلن لاءِ سانوڻي مند آڻيندا آهن. اها ئي خوبصورت شاعريءَ جي سڃاڻپ آهي ته ان ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ موجود هجن.


قديم دور  کان انسان پنهنجي  من ۾ پيدا ٿيندڙ مختلف احساسن کي آشڪار ڪرڻ لاءِ حيلا هلائيندو رهيو آهي. سندس اهڙي جستجو ۽ ڪوشش ڪڏهن غارن جي ڀتين تي ته ڪڏهن وڻن جي پنن تي ڪڏهن ڇوڏن، پٿرن ۽ چمڙي تي مختلف چٽن ۽ نقشن جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي. اڄ تائين پنهنجي خيالن کي عام ڪرڻ ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ واري انساني خواهش اڄ تائين قائم ۽ اهو سلسلو جاري آهي. انهيءَ سفر ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جن پنهنجي لکتن ۾ وقت کي قيد ڪيو ۽ ايندڙ نسلن ڏانهن نه صرف پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا منتقل ڪيا پر ايندڙ وقتن ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ معاملن کي منهن ڏيڻ سميت انهن جي حل خاطر پاڻ کي تيار رکڻ لاءِ نت نوان خيال ۽ پيغام به پهچايا. سندن اهڙي عمل انساني سماج کي مهذب بڻائڻ جي جاکوڙ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄ اسان جنهن سماج  جو حصو  آهيون، انهيءَ کي بهتر بڻائڻ ۾ انهن ماڻهن جو ڪردار آهي. موجوده دور ۾ به ڪيترائي ماڻهو اهڙي عمل کي جاري رکندي، اڳتي وڌي رهيا آهن. اهي پنهنجي فڪر ۽ دانائيءَ وسيلي مختلف ذريعن سان وقت، حالتن انهن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن. اهڙن وسيلن ۽ ذريعن مان هڪ وسيلو شاعري به آهي، شاعري پنهن جي تخليقي جوهر سان ڪنهن فڪر  کي گهڻ رخي انداز سان پنهنجي حال ۽ هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين پهچائڻ جو ذريعو بڻجي ٿي.

شاعر پنهنجي دور جو آئينو هوندا آهن، جيڪي سماجي، معاشي ۽ ٻين حالتن ۽ رخن کي پنهنجي تخليقي سگهه وسيلي عوام آڏو آڻيندا آهن. فرد کان ويندي سڄي قوم جا مسئلا، فڪر، فلسفا، لڳاءُ، احساس وغيره سندن تخليق جا موضوع هوندا آهن. سماج ۾ فرد سان ڪهڙا مسئلا آهن، ان جون خوشيون، غميون وغيره ڪهڙيون آهن؟ ۽ قوم ڪهڙين خوشين، غمن وغيره مان گذري رهي آهي. خوشين جا اسباب ڪهڙا آهن ۽ غمين جا اسباب ڪهڙا آهن. انهن ڪيفيتن جي ڪري قوم ۽ فرد تي ڪهڙا اثر پون ٿا. شاعر پنهنجي ڏات وسيلي انهن سڀني کي لفظن جي روپ ۾ پنهن جي ڏات ۽ ڏاهپ سان عوام آڏو اظهاريندا آهن.

موجوده دور جي اهڙن شاعرن منجهان هڪڙو نانءُ تمام ڏاهي ۽ فقير منش سائين خادم حسين ابڙي جو به آهي، جنهن ان خواهش کي هٿ وٺرائيندي پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو ۽ هاڻ سندس ان سفر جو ثمر سندس ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. پاڻ نه رڳو شخصي لحاظ کان، پر پنهن جي نثر ۽ شاعري جي حوالي سان به سگهارو آهي.

شاعري، جيئن مون چيو، گهڻ رخي فڪر جي ڦهلاءَ جو واحد ذريعو آهي. ان ڪري هر شاعر گهٽ ۾ گهٽ لفظن ۾ وڌ ۾ وڌ فڪر ۽ خيال جو پرچار ڪري ٿو. ان خيال ۾ سڀني حالتن ۽ زمانن جو عڪس هوندو آهي ۽ اها ئي هڪ سٺي شاعر جي سڃاڻپ آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سائين خادم ابڙي پنهن جي شاعريءَ جي ڪتاب جو مسودو آڻي، منهن جي حوالي ڪيو. مون کي سندس مسودي جي شروعات ۾ ارپنا نه فقط وڻي پر ان تي سچ پچ ڪيترو وقت سوچيندو رهيس. سندس ارپنا ڳوٺ پنهل خان چانڊيي جي شهيدن جي نالي سان آهي ۽ هن ارپنا ۾ انهن شهيدن جا نالا، پِيءُ جي نالي، ذات، ڄمار ۽ ڪرت سميت ڏنا آهن. ارپنا کان پوءِ پاڻ پنهن جي پاران “جيڪي ڪُنيءَ سو پاٽ ۾” جي سِري سان جيڪو احوال ڏنو آهي، ان ۾ سائين خادم صاحب پنهن جي زندگيءَ جو مختصر احوال ۽ پوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حوالي سان اهم احوال ڏنو آهي. آئون ڀانيان ٿو ته سائين خادم جو اهو احوال ڪيترن ڪتابن کان مٿانهون آهي، جنهن ۾ سنڌ سان ماضي قريب ۾ ٿيل حالتن جو انگن اکرن ۾ مختصر رڪارڊ ڏنل آهي جيڪو تاريخ جو اهم ڀاڱو آهي. اهو رڪارڊ نه رڳو اسان جي ننڍن کي پڙهائڻ ضروري آهي پر ان رڪارڊ جي بنياد تي اسين پنهن جي مستقبل بابت به سوچي ۽ ڪي راهون ڳولي سگهون ٿا. اهڙي سچيتائي سان احوال لکڻ تي آئون سائين خادم ابڙي کي سچ پچ سلام پيش ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو. سندس شاعري ۾ به سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم جا قصا ڏاڍي سهڻي ۽ چٽي نموني سان پيش ڪيل آهن. هُن شاعريءَ جي بنيادي ڳالهين کي چڱيءَ طرح سمجهيو ۽ پروڙيو آهي. هڪ حساس ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ هو سمجهي ٿو ته سنڌي ماڻهو اندروني ۽ ٻاهرين غلاميءَ واري ڪيفيت ۾ آهن. هي پاڻ به حالتن جي سنگينيءَ ۽ مسئلن جي دٻاءَ واري پيڙاءُ مان گذريو آهي، پر ان باوجود هو مايوس ناهي. اها ڳالهه وڏي خوشيءَ جي آهي ته سمورن دردن، بيوفائين ۽ ناانصافين کي ڀوڳيندي به سندس شاعريءَ ۾ نراسائيءَ جوعڪس نٿو ملي. وٽس نااميدي آهي ۽ مايوسي ناهي. جيڪڏهن وٽس ڪجهه آهي ته اُها سندس شاعريءَ ۾ حوصلي ۽ اميدن جي مشعل آهي، جيڪا کيس ۽ سندس فڪر کي منور ڪري ٿي.

محترم خادم حسين ابڙو نه رڳو سٺو شاعر ۽ اديب آهي، پر سچ پچ ته هو هڪ اعليٰ ظرفرکندڙ گڻائتو انسان به آهي. وٽس زندگيءَ جي وڏائيءَ جي جهلڪ سندس هر رويي مان محسوس ٿيندي. هو هر وقت ننڍي وڏي سان مرڪندي ملي ۽ ڳالهائي سچ پچ موهي وجهندو آهي. تمام گهڻو ڄاڻندي به پنهنجو پاڻ کي ڄاڻو محسوس نه ڪرائڻ، هر ڳالهه ائين ٻڌندو ڄڻ ته هن لاءِ اها ڳالهه ڪا نئين هجي پر پوءِ جڏهن پاڻ ان تي ڳالهائيندو، تڏهن ٻڌندڙ کي محسوس ٿيندو ته وٽس ڄاڻ جو خزانو آهي. اهي گُڻَ هڪ عالم ۽ هڪ سٺي انسان جا آهن. آئون پڪ سان چوان ٿو ته سائين خادم حسين جهڙا انسان زماني ۾ گهٽ پيدا ٿينداآهن.

ابڙي صاحب جي شاعريءَ جا موضوع سگهارا آهن. سنڌ ڌرتيءَ جو سٻاجهو ماڻهو، سنڌ ساڻيهه جا مسئلا، ساڻن ناانصافي، سنڌ جي پيڙهجندڙ طبقي جي پيڙاءُ ۽ درد سندس شاعري جا اهم موضوع آهن. ڇو ته لڳ ڀڳ مُني صديءَ  کان پاڻ پنهنجي اکين سان هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ لقاءُ ڌيان سان ڏسندو رهيو آهي. سندس هيءَ شاعري انهيءَ مُني صديءَ جي ڏکوئيندڙ سفر جو سچو داستان ۽ عڪس آهي. سنڌي ماڻهن اها مني صديءَ جي تاريخ سنڌ جي ماڻهن سان بيوفائين، ناانصافي، دوکن، وڇوڙن ۽ وڍن سان ڀري پئي آهي. ڌاريان ته ڌُوڙ پر سنڌي سماج ۾ جيڪي اوڻايون آهن، اُهي سنڌ کي ڪيئن کائي تباهه ڪري رهيو آهن، انهن جو عڪس به خادم ابڙي جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو.

چليءَ جي مشهور شاعر پئبلونرودا لکيو آهي ته، “جنهن قلمڪار جي قلم جي مس جو ناتو آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ جوڌي جي رت ۽ پورهيت جي پگهر سان ناهي. جنهن قلم ڪار جي قلمڪاري ۽ قلم جو واسطو غلام ۽ مظلوم سان نه آهي، اهو قلمڪار ۽ قلم بي زبان آهي، لاوارث ۽ اجايو آهي.” سائين خادم ابڙي جي شاعري ۽ انداز پئبلونرودا جي انهن ڳالهين جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. هونئن ته سندس شاعريءَ جون ڪيتريون خوبيون آهن، پر منهنجي نظر ۾ جيڪي سندس شاعريءَ جون خوبيون آهن، تن مان جيڪي خاص آهن، اُهي خاص ڪري هي آهن ته موضوع، فڪر، اندازِ بيان ۽ ٻولي.

سمجهه سچ سورهيه کڻي، جي وک کڻين،
اِتهاس جي لکيل پنن کي جي پڙهين،
ڪالهه ڇا ٿيو هو ۽ ڪيئن ٿيو سڀ سڻين،
ساهه صدقو ڪرڻ لئه تون ڪر کڻين،
آس آهي ڪانه تون ڪا چُڪَ ڪندين.
سندس شاعري جيڪا گهڻو ڪري نظمن تي مشتمل آهي، ان ۾ هيٺيان نظم موضوع، فڪر، اندازِ بيان ۽ ٻولي جي لحاظ کان خوبصورت نظم آهن. جن ۾ ” آءُ ته اڄ سنياس وٺؤن“ ، ”نانءُ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.“ ، ”جي تون کڻندين ڪانه ترار!“ ، ”ڳالهيون آهن اڪيچار“ ، ”هڪ ڏينهن“ ، ”نه سمجهه ڀلي تون اڄ ڀوتار“ ،”جڏهن تو ڀيڻ ماري“ ، ”ڇڏي اڄ تڏيون وڃئون ٿا“ ، ”لڱ منهنجا ڪاٺ“ ، ”غدار جيڪو وطن جو“ ، ”ماڻهو نه آهن مسلمان“ ، ”وات ڳاڙها اُٿي پون“ ، ”ڇوڙي؟“ ، ”مان ڪامران ٿي؟“ ، ”سنڌ سڄي ۾ جهولو آهي.“ ، ”هاهڙ هُوهڙ ڪندا هلو.“ ، ”گوري ڏي هو ڌيان“ ۽ ”سنڌ کي بقاءُ آ“ شامل آهن.

مٿيان نظم سچ پچ نه رڳو وري وري پڙهڻ جهڙا ۽ هيئين سان هنڊائڻ جهڙا آهن، پر اسان لاءِ قومي درس آهن. هونئن شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جو فرض آهي ته اُهي تعمير ۽ تشڪيل جي حوالي سان نئين نسل جي رهنمائي ڪن، مرض جي سڃاڻپ ڪن، اُن جي سببن تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ ان جي چڱڀلائيءَ لاٰءِ ڪنهن سُتي ڦڪيءَ جي ڳولا به ڪن. اها حقيقت آهي ته سائين خادم جي شاعريءَ ۾ اهي ڳالهيون چڱي نموني سان موجود آهن.

سندس شاعريءَ جاڳ لاءِ سڏ آهي ته ڀاڳ لاءِ به سڏ آهي. جيئن هو هڪ نظم ”ڳالهه اصل ۾ سمجهڻ جي آ“ ۾ چوي ٿو ته.......

جيسين جاڳ نه ٿيندئي دلبر، گهربل ماڳ نه ملندئي ڪنهن پر،
ڪو ڀي ڪاڄُ نه ٿيندئي ڪٽپر، ڳالهه اها ئي ڳڻجڻ جي آ،
خادم جيءَ کي جهوري ويٺو، تڪي ٿو ۽  توري ويٺو،
توسان پڻ ٿو اوري ويٺو، ٻئي جي ڪانه ٻڌجڻ جي آ.

هونئن به عالم، اديب، شاعر، مصور ۽ ٻيا تخليقڪار پنهنجي پنهنجي قوم جا ترجمان، سنڀاريندڙ، ساريندڙ ۽ اڳتي وٺي ويندڙ سونهان هوندا آهن. اهي ڳالهيون ۽ عمل تڏهن ئي ٿي سگهن ٿا، جڏهن وٽن اُها سوچ، فڪر، گهرائي، وسيع تجربو، دورانديشي ۽ حوصلو، جستجو جو جذبو ۽ سچائي هجي. اهي ڳالهيون جن وٽ به هونديون آهن، تن جون تخليقون امر ٿي پونديون آهن. انهيءَ سفر ۾ ڪيترائي سچا ۽ سونهان رهيا آهن. جيڪڏهن انهيءَ سفر ۾ سائين خادم جو نالو ڳڻجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

آخر ۾ سندس هڪ خوبصورت نظم جو هيٺيون بند ڏجي ٿو، جيڪو ئي هن وقت جو سڏ آهي.

هاهڙ هُوهڙ ڪندا هلو،
 ڀير جيان وڄندا هلو،
سگهاري سُر ڪندا هلو،
 ڌاريو ڪَنُ ڪَنجي ويندو.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ڪراچي
19 آگسٽ 2010ع

No comments:

Post a Comment