Friday, July 17, 2020

ريجهو مل (روهڙئَ سان تعلق رکندڙ ناميارو صوفي شاعر)


ريجهو مل

(روهڙئَ سان تعلق رکندڙ ناميارو صوفي شاعر)

ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘


سنڌ ملڪ ساڃاهه وندن، سرجڻهارن، صوفين، سنتن امن پسند ۽ سماج سڌارڪ انسان جو ديس آهي. هتي جي مٽيءَ ۾ وڏي مڻيا آهي. عقل، فهم، امن، آشتي ۽  انسانيت جا هتي اعلا مثال ملن ٿا. علم ۽ فن جي ديوي به هتي سدائين رقص ڪندي رهي آهي. هتي جي خمير سدائين کٿوريءَ خوشبوئون پکيڙيون آهن. هن ملڪ جي چپي چپي تي شاعر، صوفي، سنت ۽ سماج سڌارڪ سدائين ڪنول جي گلن وانگر کڙندا ۽ ڏيھه واسيندا رهيا آهن. سندن فڪر، فهم، امن، انسانيت ۽ پيار جا پيغام، سدائين پُئاڻيءَ جي ٻوٽي وانگر سڄي تَرَ کي واسيندا رهيا آهن.


 تصوف ۽ نينھن نگر جي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي کڙندڙ انھن ڪنول گلن مان ريجهو مل به هڪ آهي. هو هڪ سماجي خدمتگار، سڀني مذهب جي ماڻهن سان محبت ڪندڙ  ۽ سنڌيءَ جو شاعر هو. هن ننڍپڻ روهڙيءَ ۽ سکر ۾ گذاريو ، جوانيءَ واري ڄمار ۾ ٺٽي ويجهو فقير ڳوٺ ۾ سريچند جي درٻار ۾ اچي سدائين لاءِ رهي پيو. فقير ڳوٺ تڏهن سکن جي اڪثريت هئي، پرآسپاس ۾ مسلمان به رهندا هئا. 1947ع تائين هتي سڀئي بنا فرق جي رهندا هئا، منجهن ڪڏهن به ڪو  ڦڏو فساد نه ٿيو. ورهاڱي تائين ڀائرن وانگر رهيا. ريجهومل جي باري ۾ هتي جا ڪي وڏڙا ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون ۽ شاعري ٻڌائيندا آهن، جن جي بنياد هتي سندس مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.

چيو وڃي ٿو ته ريجهو مل، انگريزين جي دؤر ۾، روهڙي شھر ۾ ڄائو. سندس پيءُ (ڪي ان جو نالو نائلو مل ٻڌائن ٿا.)جو پهريائين ته روهڙيءَ ۾ هڪ هٽ هوندو هو، پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري روهڙيءَ کي ڇڏي، بکر ۾ وڃي هڪ ننڍڙو هٽ کولي ڌنڌو ڪرڻ لڳو. ريجهو مل کي پڻس ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وهاريو، جتي هي ٻه ٽي درجا پڙهڻ کان پوءِ اسڪول ڇڏي، اچي پنهنجي پيءُ سان هٽ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. ڪجهه وقت کان پوءِ هٽ تي دل نه لڳس ته وڃي پنهنجي ناني، ڪاڪي جيرام وٽ روهڙيءَ ۾ حڪمت سکڻ لڳو ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لڳو.

ريجهو مل جو ننڍپڻ کان ئي گيان ۽ ڌيان ڏانهن گهڻو لاڙو هو. گرو گرنٿ جو  ننڍي هوندي ئي مطعالو ڪيائين، پوءِ ته ڏهاڙيءَ جو معمول بڻجي ويس. شاهه لطيف جي شاعريءَ سان  به گهرو لڳاءُ هئس. ٻڌايو وڃي ٿو ته جوانيءَ  ۾ ٻيو به چڱو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو هئائين. روهڙيءَ جي ڪنهن عالم ۽ استاد کان قرآن پاڪ جي تعليم به ترجمي سان حاصل ڪئي هئائين. اهو به چيو وڃي ٿو ته عمر جي پڇاڙيءَ تائين به کيس قرآن مجيد جون گهڻيون ئي آيتون ترجمي سميت ياد هونديون هيون، جيڪي موقعي ۽ مناسبت سان ٻڌائيندو  رهندو هو.

ريجهو مل  تي جڏهن ڀرپور جواني لٿي، تڏهن هي روهڙيءَ جي ڪنهن حسين ناريءَ جي نيڻن ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺو. انهيءَ سُونھن جي منڊ ۾ اهڙو ته منڊيو جو ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون انهيءَ گليءَ جا طواف ڪندو رهيو. انهيءَ عشق جي مُشڪ سندس طبيعت ئي تبديل ڪري ڇڏي. سندس نيڻن ۾ نينھن اُڇلون کائڻ لڳو. هن گهڻو ئي چاهيو ته سندس زندگي انهيءَ ناريءَ سان ئي گڏ گذري، پر افسوس جو گهڻي ڪوشش جي باوجود اها پدمڻي پلئه نه پيس. بس پوءِ ته انهيءَ جهوريءَ هيڪاري جهوري وڌس. تنهن کانپوءِ هيءُ اڪيلائيءَ ۾ رهڻ کي گهڻو پسند ڪندو هو ۽ پنهنجي دنيا ۾ ئي رهندو هو. انهيءَ عشق ۽ وڇوڙي جي ڪري ئي سندس لاڙو تصوف ۽ شاعريءَ ڏانهن ٿيو.

چيو وڃي ٿو ته، ريجهو مل جي راڳ سان ته ننڍي هوندي کان ئي دل هوندي هئي، پر اُن عشق جي سوز سندس آواز ۾ ڪيئي آلاپ سمائي ڇڏيا ۽ راڳ سندس روح ۾ رچي چڪو هو. جن سندس آواز ٻڌو هو انھن جو چوڻ آهي ته ڳلي ۾ ميٺاج گهڻو هئس، جڏهن به ڪي ٻول آلاپيندو هو ته ٻڌندڙ کي موهي وجهندو هو.

هڪ ڀيري جو واقعو ٻڌايو وڃي ٿو ته، ريجهو مل کي سکر کان روهڙي اچڻو هو، سو پتڻ تي پهتو ته پانڻي اُن مهل ئي پتڻ تان ٻيڙيءَ جي ناتاري کڻي چڪو هو. هن پاتڻيءَ کي سڏيندي، ٻيڙي واپس آڻي، کيس کڻي هلڻ لاءِ منٿ ڪئي، پر پاتڻيءَ ٻئي پُور تائين ترسڻ لاءِ چيس. هِن گهڻا ئي سڏ ڪندي چيس ته کيس روهڙِيءَ تڪڙو رسڻو  آهي، پر پاتڻي نه موٽيو. ريجهو مل کي ڏاڍو ڏک رسيو، سو مايوس ۽ مجبور ٿي ڪنڌيءَ تي ويهي رهيو. اُتي اوچتو ڪو پُور پيس ته ڪنهن ڪلام جا ٻول ذهن تي تري آيس ته سندس سريلو آواز گُونجي اٿيو. اُن وقت ٿڌڙِي هير گهلي رهي هئي. درياهه جي لهر به ڪجهه ماٺي هئي ۽ ٻيڙي به اڃا وڏي وهه تي ڪونه چڙهي هئي، سو آواز جي اُڏام پاتڻيءَ جي ڪَنن تائين رسي وئي. پاتڻيءَ کي اُن آواز اهڙو ته موهي  وڌو جو اُتان ئي سُکان کي موڙو ڏيئي، ونجهه ورائي کڻي ٻيڙيءَ کي واپس موٽائڻ لڳو. ماڻهن حيرت ۾ پوندي پڇيس ته: ”ناکئا ڇا ٿيئي!!؟“ وراڻيائين ته: ”اهڙي  سُريلي مڙس کي ڇڏي هلڻ واجب ناهي، هاڻي اُن کي کڻي پوءِ ٻئي پار هلبو. ٻڌوس ته سَھي ڪھڙو نه مٺڙو آواز اٿس.“ اهڙي ريت آواز جي جادوءَ رنگ لاتو ۽ پاتڻي ٻيڙيءَ کي واپس آڻي، ڪنڌيءَ لڳائي، ريجهو مل کي کڻي پار پھچايائين.

چيو وڃي ٿو ته، ريجهو مل جي محبوبا جي ڪنھن ٻئي سان شادي ٿي وئي ته هِي ڪيترائي سال سندس درشن ڪري ڪين سگهيو، ۽ وڇوڙي به ويھڻ نه ڏنس. نيٺ هڪ ڏينھن مجبور ٿي، ڪنھن نموني سان پنھنجي محبوبا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ نياپو مُڪائين، پر افسوس جو جواب ۾ ان عورت کيس ڪڏهن به نه ملڻ لاءِ چوائي موڪليو. انھيءَ ڳالهه ڄڻ ته وڍي وڌس. حقيقت ۾ انھيءَ واقعي ئي ريجهو مل جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي ۽ هن جو جِيءُ جوڳي بڻجي پيو. هاڻي هن لاءِ روهڙيءَ ۾ ڪجهه به نه رهيو، سو انھيءَ ئي ڏينھن روهڙي ڇڏي رُلندو ڦرندو اچي، حيدرآباد کان نڪتو. حيدرآباد جي مشهور ’ڪلياڻ مندر‘ ۾ ڪجهه ڏينهن گهاري، نيٺ اچي ٺٽي ننگر کان نڪتو. ڪجهه وقت کان پوءِ ٺٽي شھر ڀرسان فقير ڳوٺ ۾ پھچي، بابا سريچند جي درٻار ڀيڙو ٿيو. پوءِ ته باقي سڄي حياتي اتي ئي گذاريائين. اُتي ئي سندس ملاقات ٻائي پورنداس جي چيلي لڇمڻداس سان ٿي. تنهن کان چڱو متاثر ٿيو. ٺٽي ننگر جي هن درٻار ۾ کيس سڪون مليس. مندر ۾ سيوا ڪرڻ ۽ راڳ ڳائڻ سندس خاص مشغلا هوندا هئا. پوئين رات اُٿي راڳ ڳائڻ شروع ڪندو هو ۽ سج اڀرڻ تائين ڳائيندو رهندو هو. هن مٺي گفتار واري ماڻهوءَ جي ڪچھرين کان هندو سان گڏ مسلمان به ايترو ته متاثر هئا، جو سندس ڳالهيون اڄ به ٻڌايون وڃن ٿيون. ڪيترن علائقن جا عامل سندس سکه هوندا هئا، جيڪي وٽس ايندا رهندا هئا.

انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ريجهو مل جو شيوو هو. ڏکيءَ ويل هندو توڙي مسلمان هر هڪ جي هڪجھڙي مدد ڪندو هو. ريجهو مل حڪمت اڳي ئي ڄاڻندوهو سو هتي به اهو ڪن ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن کان به ڪو ڏوڪڙ پئسو نه گهرندو هو. سندس چوڻ هوندو هو ته: ”انسان جي خدمت ڪرڻ عبادت آهي ۽ عبادت جو اُجورو نه وٺبو آهي.“ اهڙي ريت هن خلقِ جي گهڻي خدمت ڪئي. درٻار جي ڏکڻ اوڀر طرف هڪ ٿلهو ٺھيل هوندو هو، جتي هي شام جو روزانو اچي ويھندو هو. نه رڳو درٻار جا پر آسپاس جا ماڻهو به اچي وٽس گڏ ٿيندا هئا ۽ ريجهو مل جي ڪچھري شروع ٿي ويندي هئي. هندو مسلم کي ويجهو ڪرڻ لاءِ هِيءَ چڱي ڪوشش هئي. مسلمانن سان گهڻي ويجهڙائي هئڻ ڪري فقير ڳوٺ جا ڪي سک مٿس رنج به رهندا هئا، پر هي صوفي فقير انھن جو ڪو به خيال نه ڪندو هو ۽ انهن  سان به سدائين چڱو ورتاءُ ڪندو هو.

       چيو وڃي ٿو ته فقير ڳوٺ ۾ آسپاس جي گهڻي زمين درٻار جي ملڪيت هوندي هئي، جنھن ۾ وڏا وڏا باغ هوندا هئا. انھن باغن جو ميوو وڪرو نه ڪيو ويندو هو، پر اُهو درٻار ۾ عام ماڻهن لاءِ آندو ويندو هو. جنھن مان ڪجهه حصو الڳ ڪري، ڳوٺ جي ماڻهن ۾  به ورهايو ويندو هو. جنھن مان هندو توڙي مسلمان کي هڪ جيترو ڏنو ويندو هو، ان عمل ۾ ريجهو مل جي ڪوشش هئي.هڪ ڀيري هڪ مسلمان اچي ساڻس شڪايت ڪئي ته کيس ٻن ٽن ڏينهن کان ميوات نٿي ملي. انھيءَ تي ريجهو مل کانئس معافي به ورتي، ته ڏنڊ طور ٽن ڏينهن تائين پنھنجي پتي به انهيءَ ماڻهوءَ کي موڪليندو رهيو.

فقير ڳوٺ جا جهونا ريجهو مل جا احسان، ڀلايون، ڳڻ ۽ ڳالهيون اڄ به ياد ڪري ٻلھار پيا ٿيندا آهن. ساڃاهه، سُرت ۽ سچائيءَ جي هُن سوداگر ورهاڱي کان ٻه سال اڳ (يعني 1945ع) ۾  ديهانت ڪئي. سندس وڇوڙي  جو جيترو ڏک سک توڙي هندو ماڻهن کي رسيو اوترو ئي مسلمانن به کي پهتو.

ريجهو مل گهڻين ئي خوبين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ چڱو شاعر به هو. هن شاعريءَ جي شروعات ڪڏهن ڪئي، ڪيتري عمر ۾ شعر لکڻ شروع ڪيو ۽ ڪيتري شاعري ڪيائين، اها معلومات ته ڪٿان به ملي نه ٿي سگهي. البت جهونا اها ڳالهه ڪن ٿا ته، ريجهو مل شاعري جي شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن روهڙيءَ ۾ لنئون لڳي هيس. چيو وڃي ٿو ته، سندس ڪلام جو قلمي ڪتاب 1970ع تائين درٻار ۾ رکيل هو، پر پوءِ گم ٿي ويو. هاڻي سندس ڪلام مان فقط ڪجهه ڪافيون ۽ ڀڄن ملن ٿا، جيڪي اُتي ماڻهن ۽ ڪن ڳائيندڙن جي سينن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن. سندس انھيءَ مختصر شاعريءَ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته، ريجهو مل سنڌي ٻوليءَ جو چڱو شاعر هو. سادگي ۽ ٻوليءَ جو ميٺاج سندس شاعريءَ جون خوبيون آهن. فني لحاظ سان به ريجهي مل جي شاعري چڱي آهي. سندس جيڪا شاعري ملي سگهي آهي، سا هتي پيش ڪجي ٿي: 

ڪافيون


(1)
آيو جو عشق آهي، هي راز  حسن  جو  آهي
سھڻي سڀ صورت هن جي آهي، ٻيو ڪي ناهي

ويس لکين پهري آيو، لئون ڪيڏي لايو
اسرار اکين ۾ پايو، ٿو ٺاهه وڏا ٺاهي

هيءَ ذات صفاتي، آ ڪنهن ڪنهن سڃاتي
لئون جنهن لاتي، هي تنهن کي ئي گهائي

آهي حسن معرفت ۽ حسن حقيقت
حسن شريعت ۽ حسن طريقت آهي


(2)
حسن ڪيو حيران،
يار اوهانجي، سينگار اوهان جي.

وار وڏا، آهن ڪارا ڪارا،
سينڌ ڦڻيءَ سان سنواريا سارا،
زلف ڪيو پريشان.

ٺاهه وڏا ٿا هي مون لئي ٺاهن،
هي نيڻ نرگس تنهنجا گهائن،
مرڪ ڪيو مستان.

هڪ ته جواني ۽ ٻيو سينگارين،
ٿو ڪيڏو مشتاقن کي مارين،
توکي ڪو ارمان!

صدقي سڀڪو تنهنجي سونهن تان،
 هي ’ريجهو‘ ريجهي کل خوشيءَ سان،
تو تان ٿيو قربان.

...........................

موهه مايا جو ڄار، آهي هي سنسار،

آ لوڀ جي ٻيڙي، پار نه پوڻي پار.

هيءَ مايا ڇايا آ، ڌن تي ٿيءُ نه سوار،

دو رنگي هيءُ دنيا، اصل کان آزار.

ڪَڍ انڌيرو من مان، دل جو ديپڪ ٻار،

ٿِي ٿِي، امرت جوت ٿي، وِش ۾ امرت ڌار.


هل تون سُک نگريءَ ڏي، ڇڏ سڀ سنگي يار،


نيڪي نام ڪمائي، پهچي ويندين پار


حوالا ۽ حاشيا

·                  هيءُ هڪ گاهه جو قسم آهي، جيڪي جابلو علائقي ۾ ٿيندو  آهي. شڪل ڊڀ جهڙي اٿس، هن ۾ تمام گهڻي خوشبوءِ ٿيندي آهي. هيءُ گاهه مال ڏاڍي چاهه سان کائيندو آهي. ان جو ٻج اڇي رنگ جي مڻين وانگر هوندو آهي، عورتون ان مان هار ٺاهي ڳچيءَ ۾ پائينديون  آهن،، جيڪو ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي.

(1)            هيءُ هڪ تمام وڏي ۽ سهڻي درٻار  سدريچند جي آهي، جيڪا اڄ کان هڪ سؤ سال اڳ ۾ هڪ لک روپين ۾ جڙي هئي. سريچند صاحب، گرو نانڪ جو پٽ هو. هي جڏهن سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن ٺٽي کان ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف اچي ڌوڻي ڪئي هئائين ۽ ڪيترو ئي وقت اُتي ترسيو هو. بيمارن جي مفت ۾ دوا درمل ڪندو هو. سندس استعمال جون ڪجهه شيون اڃا به درٻار ۾ رکيل آهن. هن درٻار تي هر چيٽ جي پهرين تاريخن تي تمام وڏو ميلو لڳندو آهي، جتي نه رڳو سنڌ پر ٻين به گهڻن ئي هنڌن تان پانڌيئڙا پهچندا آهن.

(2)            ٻائو پورنداس، فقير ڳوٺ جي درٻار جو مشهور ٻائو هو. فقير ڳوٺ واري ديهه ۾ اسڪول سندس نالي سان آهن. ويجهو ئي سنڌ جو مشهور ٻيلو به ’ٻيلو ٻائو پورنداس‘ جي درٻار جي چيلي ٻائي پورنداس جي نالي سان مشهور آهي. ٻائي پورنداس 1922ع ۾ پرلوڪ پڌاريو.

(3)             لڇمڻداس جي تفصيلي احوال لاءِ ڏسجي ’سنڌ جا سنت ۽ سڌارڪ‘ خوشيرام نيڀنداس خوشحالاڻي ڇپائيندڙ ڪوڙو مل سنڌي ساهتيه منڊل سڌارسڀا حيدرآباد، 1932ع ص 54، 55 ۽ 56.

(4)            اهي حقيقت ۾ سِکَ هئا، جيڪي گهڻو آڳاٽو پنجاب کان لڏي اچي فقير ڳوٺ ۾  ويٺا، جتي هاڻي هاءِ اسڪول بلڊنگ آهي، اُتي ڪو عامل رهندو هو. اُهي سمورا سِک ۽ هندو ورهاڱي وقت هتان لڏي هندستان هليا ويا.

روايتون ڏيندڙ:


1.  محترم محمد محسن مير بحر،ڄمار: نوي ورهيه، تاريخ: 8 ڊسمبر 1991ع ويٺل فقير ڳوٺ.

2.   

3.  محترم تاراچند پرائمري استاد، جيڪو درٻار جي سيوا ڪندڙن ۾ شامل آهي.

No comments:

Post a Comment