Friday, July 10, 2020

محبت مايائون ”اسدي“ جي ڪتاب ”انمول احساس“ تي ڪجھ جملا

محبت مايائون

”اسدي“ جي ڪتاب ”انمول احساس“  تي ڪجھ جملا

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


سنڌ ساڻيهه ٺٽي ننگر جي جنگشاهيءَ ڄائو محترم سائين پير غلام رسول شاهه جيلاني ”اسدي“ گڻائتو انسان آهي. خوش اخلاقي ۽ ملڻ جو مٺو انداز ته ڪو وٽانئس سکي. دوستن جو دوست، ڪڙو ۽ ڪوسو ڪنهن سان گھٽ ٿيندو. هو ذات جو ته برابر پير آهي پر سَڀاءُ جو به پير آهي. تڏهن ئي ته پاڻ به سندس لفظن ۾: ”محبت مايائون، عمر ڀر لئي ميڙيم.“ ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه دنيا جي ماڻهن ۾ محبتون ماڳهين گھٽجي ويون آهن، ماڻهن جي دلين ۽ چهرن تي رڳو نفرتون ئي نفرتون نظر اينديون. وستين، واهڻن ۽ ويڙهن تي وحشتون راڄ ڪري رهيون آهن، ماڻهن جي گھڻائي انسان ۽ انساني سماج کي آزارڻ لاءِ وَر کڻيو بيٺي آهي، انهيءَ ماحول ۾ ڪو ڪنهن سان سچائيءَ سان ڪي مٺا ٻه ٻول ٻولي ته به وڏي ڳالهه آهي.
پير غلام رسول ”اسدي“ کي علم ۽ ادب سان گھڻي وقت کان لڳاءُ رهيو آهي.


 پاڻ ڪي سال اڳ ۾ بزمِ جيلانيءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ مرڪزي عهديدار به رهيو آهي. انهيءَ دوران ڪيترائي پروگرام ڪرائڻ  ۾ پير صاحب تمام گھڻو سرگرم رهيو. رهائش جي سلسلي ۾ مڪلي مان منتقل ٿي گلشن حديد اچي رهيو ته سندس اهي سرگرميون به هوريان هوريان گھٽجي ويون پر پوءِ به پنهنجا لڳاءُ ۽ لاڳاپا برقرار رکندو اچي. اڃا علمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ پري پري پنڌ ڪري به وڃي پهچندو. عالمن ۽ اديبن سان سندس تعلقات به گھڻا آهن. اسديءَ جو ادب ۾ خاص ڪري شاعريءَ سان لڳاءُ ڪافي زماني کان رهيو آهي. مون کي خوشي تڏهن ٿي جڏهن پاڻ هڪ ڏينهن فون تي ٻڌايائين ته هن پنهنجي شاعري ڪمپوز ڪرائي ڇڏي آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ملڻ چاهين ٿا. نيٺ هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجي شاعريءَ جو ڪمپوز ٿيل هيءُ مجموعو کڻي اچي سهڙيو، جيئن ان تي آئون به ڪجھ لکان. سندس ڪتاب جنهن جو نالو ئي آهي: ”انمول احساس“ ها شاعري سچ پچ انمول احساس ئي هوندي آهي.

سڄي دنيا ۾ فطري توڙي انساني سونهن، موهه، عشق، محبت، وصل، وڇوڙو وغيرهه ته شاعري، ادب ۽ آرٽ جا اهم موضوع رهيا آهن، پر انهن ۾ ڪي حقيقتون ۽ روايتن مختلف به هونديون آهن. عشق، محبت، جذباتي لڳاءَ وغيره ته اسدي وٽ به اهي ئي آهن پر سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ ٻين ڳالهين سان گڏ مون کي جن ڳالهين ڌيان ڇڪايو سي آهن، ٻوليءَ جي شاهوڪاري، بيان جي سادگي ۽ شاعريءَ جي رواني. سندس جنم هنڌ جنگشاهي جيڪو سنڌ ساڻيهه جي لاڙ جي ڪچي ۽ جابلو علائقي جو هڪ سهڻو سنگم آهي تنهنڪري هن علائقي جي ماڻهن جي سنڌي ٻولي ۾ ڪچي ۽ ڪوهستان ٻنهي جو گڏيل سڳنڌيو ساءُ آهي، پير صاحب جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ٻوليءَ ۾ به ڪٿي ڪٿي اهو ساءُ ۽ جھلڪ محسوس ٿئي ٿي. سندس شاعريءَ جي سڄي مجموعي کي پڙهڻ سان ڪٿي به ڌارين ۽ دقيق لفظن جي ڀرمار نه ملندي. سندس شاعري جي بيان جي سادگيءَ جي سونهن به سُٺي نموني ملي ٿي، سندس هيٺيان شعر به اهڙي شاهدي ضرور ڏين ٿا: 

اهڙي طرح بيان جي سادگي به اسدي جي شاعريءَ جي هڪ خوبي آهي، اها سادگي ڏسڻ لاءِ سندس هيٺيان شعر پڙهي اهو احساس محسوس ڪري سگھجي ٿو:

من  ۾ ٿئي ٿي منهنجي مونجھ   الائي  ڇو،
رهي  پري  ٿي  منهنجي  ڪونج  الائي  ڇو.
جڏهن ساٿ ڪنهنجو به ڪنهن کان ڇٽي ٿو،
خدا   جو  قسم   سو   اندر  کان   ٽٽي  ٿو.
محبت    مايائون،     عمر    ڀر     ميڙيم،
کڻي  ويو  جو  پوري، پوپونج   الائي   ڇو

 رواني ڪنهن به شاعري لاءِ انتهائي ضروري هوندي آهي، جنهن شاعريءَ ۾ اها خوبي نه هوندي آهي اها شاعري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ تي ڄڻ ته بوجھ هوندي آهي. اسدي جي شاعريءَ ۾ روانيءَ جي خوبي نمايان نظر ايندي، هتي لفظ پونج به سُٺي نموني استعمال ڪيو ويو آهي. توڙي جو رواني سندس سموري شاعريءَ ۾ موجود آهي پر سندس هيٺيان نظم نموني طور پڙهي ۽ پروڙ ڪري سگھجي ٿي:

1_ هن عشق جا هئا جي عجيب سلسلا

2_ ڏکن ۾ ڏوٿين جو ڏان ٿجين....

3_ ٺٽو ڏس ته اڃا به ٺاٺ سان ٺهي ٿو...

آخر ۾ سندس شاعريءَ مان ڪجھ دلچسپ شعر ڏجن ٿا:

۽  مانڌاڻ  من  جي  پو  ماريو  وجھي   ٿي،
جڏهن   يار  منهنجي   نظر  کان   هٽي   ٿو.
اهو  عشق  اسان  کان  الائي  ڇو  رٺو  هو،
اسان   پاڻ   تانگھي  جو   تياڳي   ڏٺو   هو.
وياسين  ٿي  مقتل  ڏي  منزل سا  سمجھي،
عشق  تنهن اسان  کي بنا  ڪهل ڪٺو   هو.
”اسدي“ هيءَ حياتي  پو خالي خول لڳي ٿي،
جڏهن  جيءَ  جيار  کان  جو  ناتو  ٽٽو   هو.

ايئن سندس هيٺيون شعر ته وري ڪجھ اصل حقيقتن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، جيڪا سمجھڻ وقت جي وڏي ضرورت به آهي:

ستيتاليهه  ۾  سُتل  اڃان  ستا  پيا   آهيون،
ڪچيءَ  مان ٿو ڪيئن جاڳائين سنگھار کي.

پير غلام رسول ”اسدي“ جيڪو هڪ سُٺو شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعري ڪتابي صورت ۾ آڻي هڪ چڱي ڪوشش ڪئي آهي، شاعري هڪ رياض آهي، جيڪو رياض پير صاحب کي جاري رکڻ گھرجي. وڌيڪ پڙهندڙن تي ڇڏجي ته بهتر ٿيندو، جن کان اميد ڪجي ٿي ته کيس سٺي موٽ ملندي.

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
                                                         مڪلي ٺٽو، جولائي 2017ع

No comments:

Post a Comment