Thursday, July 9, 2020

ساڄن ملي تن کي، (ڪتاب: لاڙي لفظن جي موتين مالها تي لکيل)، ليکڪ: منصور ٿلهو، مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ساڄن ملي تن کي

(ڪتاب: لاڙي لفظن جي موتين مالها تي لکيل)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ منصور ٿلهو ڪافي وقت کان سنڌ جي لاڙ وارن پٽن، سو به خاص ڪري سنڌ جي سامونڊي علائقي تي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. چوڏهن پندرهن سالن کان انهئَ پسمنظر ۾ سندس ڪهاڻيون، ناول ۽ ٻيا ليک ڇپجندا ۽ پڙهندڙن تائين پهچندا رهيا آهن. ”مٽي ۽ مهاڻا“، ۽ ”ريڙهي مياڻ“، سندس ناول آهن ۽ ايئن ”سوکي بندر  ۽ سامونڊي سور“ خوبصورت سفرنامو آهي، پر سچ پچ ته اهي ٽيئي ڪتاب ڄڻ هن علائقي جي ماڻهن جي سماج ڪٿا آهن، دردن جا داستان آهن ۽ تاريخ آهن. منصور لڳاتار ڪڏهن لارين، ڪڏهن ٻيڙين ۾ ته ڪڏهن پيرين پنڌ ڪري، اُتي وڃي سامونڊي علائقن جي شهرن، ڳوٺن، وستين، واهڻن، کارين، ڍورين ۽ ڍورن جون ياترائون ڪري، پنهنجي ڪتابن لاءِ ماڻڪ موتي ميڙيا آهن.

 هن انهن ڪتابن ۾ ماڳن، مڪانن کان ويندي سامونڊي وستين جا نالا به اصل ڏنا آهن. اڃان به ٿورو گھرائي سان ڏسبو ته سندس ناولن جا ڪردار به اصلوڪا ۽ سچا آهن. ناولن سان گڏ پاڻ هڪ ڪتاب ”اکر پٽي“ جھڙي لغت به سهيڙي ڇپائي پڙهندڙن ڏني، جيڪو پڻ ٻولئَ جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي. منصور هڪ مهم جُو ماڻهو آهي. آئون سندس انهن مڙني مرحلن جو شروع کان شاهد آهيان. هو هڪ اڻٿڪ ۽ سچو شخص آهي، جنهن سدائين سچ سوديو آهي. اُها سچائي سندس هر لکت ۾ نمايان آهي. هُو سنڌ ۾ هُجي توڙي آمريڪا ۾ هجي، سنڌ سدائين سندس ساهن ۾ رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هُو ڏور ڏيھ ۾ رهي به لڳاتار سنڌ بابت ڪم ڪري رهيو آهي. ساڻس جڏهن ۽ جتي به ملبو يا فون تي ڳالهائبو تڏهن کيس پچار مڙئي ان ڪم جي هوندي.

ويٺي ور نه پون، سُتي ملن نه سُپرين
جي مٿي رَندَ رُونِ، ساڄن مل تن کي
                                                  (شاهه لطيف)  
                      
منصور جو هيءُ ڪتاب ”لاڙي لفظن جي موتين مالها“ سنڌي ٻولئَ جي 
لاڙي لهجي اڃان به ايئن چئجي ته لاڙ جي سامونڊي علائقي جي لغت آهي، جنهن ۾ هن هتي جا لفظ موتين وانگر چونڊي محفوظ ڪيا آهن. توڙي جو انهن لفظن مان ڪيترائي لفظ سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ به سمجھيا ۽ ڳالهايا وڃن ٿا، پر هن علائقي ۾ انهن جو استعمال ڪافي مختلف آهي جيڪو وڏي محنت سان اسان جي دوست منصورَ ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن سان گڏ ڪيترائي اهڙا اسم به ملن ٿا جيڪي شايد ئي ٻي ڪنهن هنڌ ملي سگھن. مثال طور ڪتاب ۾ ڪيترين ئي کارين ۽ ڍورين جا نالا ڏنا ويا آهن جيئن: ٻانجهي، پکيئڙو، جُري، جھٻَ، جھَولَ، چاڳلو، ڇَن، دٻو، ڌوڏاڻي، ڏٻي، ڏنبري، ڏوڙ، رنتي، رپڙ، سوداگر، سُڪيڙو، سيتل، ڪانئر، ڪانگ واري، ڪانگڻي، ڪانٽو، کڻند، گابار، گئو، مَنگر وارو، وِلاسيو وغيره. حقيقت ۾ سنڌي ٻولئَ جي هن پاسي تي تمام گھٽ ڪم ٿيو آهي. توڙي جو هن قسم جي ڪم تي گھڻي گنجائش آهي، تنهن هوندي به منصور ٿلهي هيءُ ڪم ڪري سچ پچ ته هڪ رڪارڊ 
قائم ڪيو آهي.


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
                                                         10 مئي 2019ع



No comments:

Post a Comment