Friday, July 3, 2020

رسول بخش درس ۽ سنڌ هيرن کاڻ

رسول بخش درس ۽ سنڌ هيرن کاڻ

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


سنڌ ساڻيهه هونئن ته سارو سونهن ۽ سُرهاڻ آهي. لاڙ هجي، وچولو هجي يا سرو هجي، اکيون ته هڪجهڙيون ئي آهن. پر سٻاجهي سنڌ جو جهڙيءَ ريت مور جي کنڀن جهڙو سهڻو ٿر وارو علائقو آهي ته ائين ئي وري هرڻ جي اکين جهڙي جهلڪ ڏيندڙ ڪوهستان وارو علائقو حسين آهي. جيئن هُتي مارُئي جي وطن ۽ ويڙهيچن سان محبت جو اعلي مثال آهي تيئن هتي وري سسئي جي بي مثال جُستجو ۽ سورهيائي جي صدائن جي گونج گونجي ٿي.

 هنن علائقن جي اُڃ به ساڳي ته پلر پالوٽن لاءِ آسروند به ماڻهن جي آس به اُها ئي. وسن تي گلزاريون به ساڳيون ته وڻ ٽڻ ۽ وليون به ساڳيون، واڙا ۽ ولوڙا به ساڳيا. وري مالوندن جا مارڪا ۽ جون مُرڪون به ساڳيون. ڏُڪار ۾ اُڃ ۽ رُڃ به ساڳي ته ساجُهر ساٺيڪن سنجڻ جي ريت به ساڳي. ڏٿ به ساڳي، ته ڏوٿي به ساڳيا. خوشيون ۽ غميون به هڪجھڙيون. ٻنهي علائقن جي سُونهن ۽ سُرهايون به ٿوري گھٽ هڪجھڙيون ئي آهن.                                                             
ڪيترو نه خوش نصيب آهي رسول بخش درس جيڪو سنڌ جي سُهڻي علائقي ڪوهستان جو رهواسي آهي. پر اڃا به وڌيڪ خوش نصيب ان ڪري آهي جو اُتر هوائن ۾ هندورو ٿيندڙ ۽ واهوندي ورندي کٿوري بڻجندڙ خوبصورت ڍنڍ ڪنجهر ڪنڌيءَ رهندڙ آهي. تڏهن ئي سندس لکڻين ۽، روين ۾ سنڌ جا سڀئي ساءُ، سواد ۽ رنگ آهن. اها به حققيقت آهي ته جڏهن ڪنجهر ڪنڌيءَ تي ماضيءَ جي جهرڻن (چشمن) واري شهر جهمپير جو ذڪر ڇِڙندو ته هر ماڻهو جي ذهن تي رسول بخش درس جو نالو ضرور تري ايندو. ڇا اهو اعزاز گهٽ آهي جيڪو اسان جي هن دوست کي نصيب ٿيو آهي. ها پر ان ۾ سندس محبت، سوچ، فڪر، پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان پيار جو عمل دخل ئي آهي. ڇا ڪاڻ ته هن سڄي ڄمار سنڌ، سنڌي ادب، ٻولي، فن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري آهي. سنڌ جي هر فنڪار، اديب، شاعر، سياستدان ۽ ڪارڪن کي هن جيءُ ۾ جايون ڏنيون آهن. ڪنجهر ۽ ڪوهستان وانگر رسول بخش درس دوستن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ رهيو آهي. وٽس سدائين دوستن جا ميڙا متل هوندا آهن. اسان جو هر اديب، شاعر، فنڪار، سياستدان ۽ ساڃاھوند گواھ آهي ته دوستن کي بي پناھ محبتون ڏيندڙ رسول بخش هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن وٽ ننڍي کان وڏي ڄمار ۽ درجي جا ماڻهو ايندا ۽ اتساھ وٺندا رهيا آهن. 
     
مبارڪ آهي رسول بخش درس کي جو سندس هيءُ ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ حصو ٽيون خوبصورت نموني سان ڇپيو آهي. ”سنڌ هيرن کاڻ“ جا پهريان ٻه جلد اڳ ۾ ڇپجي ۽ سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. سنڌ ۾ خاڪانويسي يا تذڪره نگاريءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي نالا آهن پر انهن ۾ رسول بخش درس هڪ مُنفرد ليکڪ آهي. سنڌ جي فن، ادب، تاريخ، ثقافت ۽ سونهن کي جنهن نموني سان رسول بخش محسوس ڪيو آهي، هن انهن احساسن کي پنهنجي اکين ۽ دل سان هن ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ وسيلي اسان تائين پهچايو آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته هيءُ ان ۾ واھ جو ڪامياب ويو آهي. ڪتاب ۾ شامل جنهن به خاڪي، مضمون، يا ليکڪ کي پڙهبو ته اهو ڏاڍو دلچسپ لڳندو. ڪو به خاڪو يا مضمون شروع ڪبو ته دل چوندي ته اهو پڙهي پورو ڪجي، اهو پڙهي پورو ڪبو ته دل چاهيندي ته وري ٻيو به پڙهجي. ائين سڄو ڪتاب پڙهي دل چاهيندو ته هيءُ ڪتاب وري وري پڙهجي. اهو آهي رسول بخش درس جي لکڻين جي خوبصورت انداز جو ڪمال.
            
       رسول بخش درس سڀني لکڻين ۾ چٽيءَ ريت سنڌ سان واڳيل آهي. سندس سپنا ۽ ساڀيائون محبتن سان ڀريل جديد ۽ خوشحال سنڌ لاءِ آهن. ڇاڪاڻ ته هن جي سوچ، قلم ۽ عمل سنڌ سان سلهاڙيل آهي. کيس پڙهي ڏسبو ته هن انهن فنڪارن، اديبن، شاعرن ۽ بهادرن تي قلم کنيو آهي جن سنڌ جي ثقافت، ادب وغيره جي سچائي سان خدمت ڪئي آهي. هو پاڻ ئي پنهنجي هن ڪتاب ۾ ”حال پريان نال“ ۾لکي ٿو ته: ”منهنجا ڪردار سياسي ڪارڪن، سماجي خدمتگار، فنڪار ۽ سنڌ جا دلير ۽ بهادر انسان آهن.“                                                       
سندس هر خاڪو دلچسپ ته آهي ئي پر مختلف حقيقتن سان گڏ سنڌيءَ جي سهڻي نثر جو سهڻو مثال آهي. ”بشير خان قريشي هن دور جو ٻيو دريا خان“، ”ناري جا سخي سُخنور شاعر: پلي ڀائر“، ”جيجي زرينه بلوچ“، ”سنڌ جي ڪوئل رُبينه قريشي“، ”محمد جمن دربدر“، ”ساري سنڌ حسن جو پاڇو“، ”سنڌ جو ارڏو پٽ يوسف لغاري“، ”استاد منظور علي خان ڪافي جو بادشاھ“، ”استاد فتح علي خان“، ”قادر بخش طالباڻي: درياھ دل شخص“، ”يارن جو يار: يار محمد جلالاڻي“ ۽ ”ٺٽي جا سومرا سردار ڍول ماڻهو“ اهڙا خوبصورت خاڪا آهن جن ۾ انهن شخصيتن کانسواءِ انهن خاڪن ۾ سنڌ جون  ٻيون به ڪيتريون ئي حقيقتون جهلڪندي نظر اچن ٿيون.

توڙي جو رسول بخش درس جو هيءُ ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ جلد ٽيون خاڪن تي مشتمل آهي پر هن ۾ ڪجھ مضمون به ڏنا ويا آهن. انهن مضمونن ۾ ”هڪ درمند دل جو سنڌ کان سوال، قبيلائي سوچ ۽ قومي تشخص“ ۽ ”ڏکي تو ڏڪار“ توجھ طلب مضمون آهن. ”وسڪاري جي ويل وري آ“ به هڪ خوبصورت ليک آهي. پر خاص ڪري سندس مضمون ”قبيلائي سوچ ۽ قومي تشخص“ نه رُڳو شاهڪار مضمون آهي پر وقت جي صدا ۽ ڌرتيءَ جي اندر جو آواز آهي. هن مضمون جي شروعات ئي هن ريت ڪئي اٿس: ”سنڌ ۾ اڄ ڪلھ مسلسل غلاميءَ صدين جي دربدريءَ ۽ احساس ڪمتريءَ سبب مختلف ذاتيون قومي وجود کان هٽي ڪري عجيب منطق تحت تنظيمون ٺاهڻ لڳيون آهن. گڏيل قومي وجود لاءِ اهو عمل تمام هاڃيڪار آهي. وري ذاتين کي قوم چئي  هام هڻندي اُتر سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙا جھڙوڪ ذاتين جي بنياد تي جتوئي، مهر، چانڊيا، مگسي، جمالي، قمبراڻي ۽ انهن جا ڀوتار قومي سردار سڏائين ٿا.“                                                              
       رسول بخش درس جي لکڻ جو انداز بنهه دلچسپ آهي. انهيءَ خوبيءَ هن ڪتاب کي وڌيڪ دلچسسپ بڻايو آهي. هو روبينا قريشي جي پروفائيل ۾ روبينا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”ڪلام سائين زمان شاھ ٺٽي واري جو ”آئي مند ملهاري وي، آئون کهنبا ڪنديس ڪپڙا“ روبينا قريشيءَ جا سُر ڄڻ بارڻ نئين ڪانڀو جبل تان ڪهندي اچي. ساوڻ رُت هجي، ماکيءَ جي لار جهڙي آواز جو جادو ڄڻ سڄي تن من تي سيسراٽ نڪري وڃن. چوڌاري بهار هجي، سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ هجي، موتيو، مُگرو، سُنبل، حُسن هزاري هجي.“
        
بشير قريشي جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”پروفيسرن جي جدوجهد ۾ ڪافي استاد جيل ۾ واڙيا ويا هئا. ان تي حال احوال ٿيا بس  احتجاج ڪندي پوليس رات جي پهر ۾ ڪافي پروفيسرن جون گاڏيون ڀري سينٽر جيل ۾ سٿي آئي. سائين تعجب مان پيو ٻڌائي، اسان کي ڏاڍي مار ڪُٽ ڪري وڃي جيل جي باريڪ ۾ اُڇلايائون. رات هجي صبح جو اک کُلي ته هڪ همراھ هڏ ڪاٺيءَ ۾ جانٺو جُوان، باز جهڙيون اکيون، ڏاڍي زبردست شخصيت، اسان کي هڪ باريڪ ۾ وٺي آيو. ٺيڪ ٺاڪ بسترا لڳا پيا هجن، تڙ ڪرڻ لاءِ ٽوال، صابڻ، بُرش، پيسٽ، وهنجي سهنجي تيار ٿي نڪتاسين. سڀني لاءِ سٺي نيرن به کڻي آيو. ڪافي دوست هجون دوستن ٻڌايو ”بابا بشير خان قريشي اهو آهي.“ هر ڪنهن استاد اڳيان هٿ ٻڌي بيٺو هجي. چئي ”سائين اوهان استاد آهيو. قوم جا ابا آهيو. مون لاءِ تمام محترم آهيو.“                                                                   
       سنڌ جي مشهور فنڪار، گلوڪار، صداڪار، ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ زرينه بلوچ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “مون کي پنهنجي شعوري سفر جي شروعاتي لمحا ياد ڪندي ڪافي يادون دل تي تري ٿيون اچن. تحريڪن ۾ سرگرم ٿياسين ۽ قومي ڪاڄن ۾ هڪ آواز ڏاڍي ولولي ۽ جوش سان گونجندو هو، ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جامي محبت پيئي سنڌ.“ ايئن ئي ڪتاب ۾ شامل سموريون لکڻيون سهڻي انداز ۽ ٻوليءَ جي سونهن سان واهه جو سينگاريل آهن.                                                                                                           
ڪويتا پبليڪيشن پاران خوبصورت نموني سان ڇپايل رسول بخش درس جي هن ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ حصو ٽيون جون ڪيترين خوبين سان گڏ هيٺيون خاص خوبيون آهن:                                                             
1. خاڪن ۾ شخصيتن جا رڳو انگ اکر ڏيڻ بدران شخصيتن جا فني، فڪري ۽ ثقافتي داستان سچائيءَ سان ڏنل آهن. سندن فن، ادب ۽ سنڌي قوم سان سچائيءَ جا پهلو به چٽا ڏيکاريل آهن. 
                                
2. خاڪن ۾ انهن شخصيتن سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻي به چڱي معلومات ڏنل آهي. تاريخي ڳالهيون ۽ سنڌ جا ٻيا عڪس به موجود آهن.
                 
3. انهيءَ ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته رسول بخش درس جو هي ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ حصو ٽيون به پهرين ٻن ڀاڱن وانگر سنڌ جي ثقافتي تاريخ آهي. 
                                                         
4. هن ڪتاب مان اسان جي نئين نسل کي اُتساھ ملي ٿو. 
           
5. خاڪن ۽ مضمونن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ۽ لهجو نج ۽ موهيندڙ آهي. جنهن ڪري ڪتاب پڙهندي هڪ قسم جو سُرور حاصل ٿئي ٿو.                                                                                 
6. ڪتاب ۾ صحتمند، ترقي پسند، روشن خيالي، ثقافت، پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان بي پناھ پيار جي جذبن جي خوشبو ذهن کي واسيو ٿي ڇڏي. 
                                                                        
هن ڪتاب ۾ جهڙا رسول بخش جا لکيل خاڪا خوبصورت آهن اهڙو ئي هن ڪتاب تي حفيظ ڪنڀر جو لکيل مهاڳ آهي. گڏوگڏ محترم نواز شاھ ڀاڏائي، ضراب حيدر ۽ مير حسن آريسر جا رسول بخش تي لکيل ليک به هن ڪتاب ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.                                                                             
هن ڪتاب ۾ سنڌ جون فني، فڪري ۽ ادبي روايتون ۽ ريتون ملن ٿيون، اهي ريتون ۽ روايتون جن وسيلي فن، ادب، ٻولي ۽ قوم سان پيار، رواداري، وفاداري، اڳتي وڌڻ لاءِ فن، فڪر ۽ ادب سان گهرو رشتو جوڙڻ جو پيغام ملي ٿو. انتهاپسندي جي مخالفت ڪرڻ، مهمان نوازي، وڏوڙائي، پنهنجي فني روايتن، قدرن ۽ پنهنجي ماڻهن خاص ڪري غير معمولي ماڻهن سان پيار ۽ محبتون ڪرڻ جو سڏ آهي. 
       
آخر ۾ آئون ”سنڌ هيرن کاڻ“ جلد ٽيون جي هڪ مضمون ”هڪ دردمند دل جو سنڌ کان سوال ـ قبيلائي سوچ ۽ قومي تشخص“ جيڪو سنڌ جي اندر جو آواز آهي ان مان ڪجھ شروعاتي سٽون ڏيڻ چاهيان ٿو جيڪي هن ريت آهن: ”سومرا قوم، مهر قوم، پڙهيل لکيل ماڻهو به انهن ذاتين کي قومون سڏيندي انتهائي غلط عمل ڪري رهيا آهن. سنڌي قوم کي ننڍن گروهن ۾ ورهائڻ لاءِ وڏيرا شاهي ان هٿيار کي خوب استعمال ڪيو آهي. قبيلائي جهيڙن وڏي تباهي آندي آهي. اخبارن ۽ ٽي وي تي مگسي، قمبراڻي جهيڙي جا منظر ڏسي دل ڏري ٿي پئي، زنده ماڻهو ساڙيا ويا آهن، 22 ماڻهو هڪ ئي وقت مئا آهن، ان خيال کان سنڌ ۾ برادرين ۽ ذاتين جي بنياد تي تنظيم ڪاريءَ ۾ قومي سطح تي وڏو نقصان ٿئي ٿو ۽ نوان جديد طرز جا وڏيرا جنم وٺن ٿا ۽ نفرتون، جهيڙا، وڇوٽيون ماڻهن ۾ گهڻيون وڌن ٿيون.“ رسول بخش درس هيءَ هڪ اهڙي حقيقت بيان ڪئي آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ذاتين ۽ قبيلن جي کول ۾ رهندڙن لاءِ هڪ اهم پيغام آهي.

آخر ۾ آئون هي ڳالهه به چوندس ته رسول بخش درس جو هيءُ ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ - حصو ٽيون“ ضرور پڙهڻ کپي، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب م سنڌ جي ثقافتي تاريخ جا سهڻا عڪس سهڙيل آهن. هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ نه رڳو هڪ سٺو واڌارو آهي پر هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن جي پڙهڻ سان رسول بخش درس کي اڃا به وڌيڪ مٿاهون ڀائيندي ۽ کيس مبارڪون ڏيندي خوشي محسوس ڪريون ٿا. محترم عزيز گوپانگ ڪتاب جي پوئين ورق تي درست لکيو آهي ته: ”سنڌ ڌرتيءَ جي حيثيت سان سڀني سنڌين جي ماءُ آهي ۽ تواريخ اهڙي ماءُ جي لائق پُٽن جي جڏهن به فهرست جوڙيندي ته رسول بخش درس جو نالو ان ۾ اڳيان لکيل هوندو“.

No comments:

Post a Comment