لاهري / لاڙي بندر (ٻارهين کان سترهين عيسوي صدي- سنڌ جو اهم بندر)
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
لاهري بندرجو ٺهڻ
ديبل بندر کان پوءِ لاهري بندر سنڌ ساڻيهه جو مکيه ۽ جڳ
مشهور بندر رهيو آهي. هِيءُ بندر نائين عيسوي صدئَ ڌاري وجود ۾ آيو، ۽ ڏهين عيسوي صدئَ تائين گھڻو مشهور ٿي چڪو هو.
جڳ مشهور سيلاني، عالم، رياضيدان
۽ تاريخدان ابو ريحان البيروني پهريون شخص آهي، جنهن لاهري بندر جو يارهين عيسوي
صديءَ ۾ سنڌ ملڪ جي مُک بندر طور ذڪر ڪيو آهي.(1) مختلف دستاويزن مان پتو پوي ٿو
ته هِيءُ بندر يارهين عيسوي صديءَ تائين پنهنجي اوج کي رسيو ۽ سورهين عيسوي صديءَ
تائين اوج تي رهيو. البيروني کان پوءِ مشهور سيلاني ابن بطوطه جنهن چوڏهين عيسوي
صديءَ ۾ سنڌ جو سفر ڪيو هو ۽ لاهري بندر
ڏوري اچي ڏٺائين سو به لاهريءَ جو تمام وڏي بندر طور ذڪر ڪري ٿو.2)