Wednesday, July 8, 2020

محمد خان مجيدي، جوئي آھيان سوئي سنڌ

’محمد خان مجيدي‘

 جوئي آھيان سوئي سنڌ

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

شاعري انساني اندر جي بنھه لطيف جذبن ۽ ڪيفيتن جو تمام سھڻو اظھار آھي. مختلف ڪيفيتن جي اثرن جي ڪري جڏھن انسان جي اندر جي بنھه نفيس احساسن جي تارن ۾ لرزش اچي ٿي ۽ انھئَ لرزش سان جيڪي به‌ احساس اُٿن ٿا ۽ اُھي اظھار جو بنھه سھڻو روپ ڌارين ٿا تڏھن شاعري بڻجي پون ٿا. رڳو انسان جي اندروني ڪيفيتن جا نه پر ٻاھريان لقاءَ به‌ شاعرئَ جا مٺا موضوع رھيا آھن. مختلف منظرن ۾ لقائن جي ڏسڻ پسڻ ۽ ڀوڳڻ سان جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون، اُنھن ڪيفيتن جو اظھار به سھڻي شاعري آھي.

انھئَ ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته انساني حسن شاعريءَ جو اھم موضوع رھيو آھي پر ڌرتي ۽ ڌرتئَ جا ڏک، سور، سک، سَرھايون ۽ سُرھاڻيون به ته شاعرئَ جا سگھارا موضوع رھيا آھن. ھونءَ به ھڪ فرد جي عشق کان ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي رھندڙ ڪروڙھا ماڻهن جي عشق جو موضوع ته مٿاھون ئي ھوندو آھي. اڄ جنھن شاعر جو ذڪر ڪجي ٿو انھئَ شاعر جي شاعرئَ جو موضوع ئي آھي سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو ۽ سنڌ جي حياتي. جنھن جي شاعرئَ جي سِٽ سِٽ جي عشق جو محور سنڌ آھي. ھو مست الست سنڌ کان سواءِ نه ڪا ڳالهه ٻڌي ٿو ۽ نه ئي ٻڌائي ٿو. ھن جا ورد ۽ ورلاپ ئي سنڌ آھي. اھو سچن جذبن سان ٽمٽار، سٽن جو سرجڻھار آھي محمد خان مجيدي. محمد خان مجيدي، جنھن جي سوچن سوچيو آھي ته فقط سنڌ کي سوچيو آھي، جنھن جي چاھتن چاھيو آھي ته فقط سنڌ کي چاھيو آھي، جنھن جي اکين ۾ سنڌ وسي ٿي، جنھن جي تخليق ۾‌سنڌ وسي ٿي، جنھن جو عشق سنڌ آھي. ھا! ھو سراپا سنڌ آھي. ھو پنھنجي شاعرئَ ۾ بنھه صاف ۽ سادڙي نموني سان پنھنجي عشق جو اظھار ڪري ٿو:


تنھنجو مياري ڏوھِي آھيان،

 جو ئي آھيان سو ئي سنڌ،

توکي ڳايان رنگ رچايان، 

منھنجو رنگ اھو ئي سنڌ،

جو ئي آھيان سو ئي سنڌ، 

جو ئي آھيان سو ئي سنڌ.

مڃون ٿا ته وٽس وڏيون تشبيھون، وڏا استعارا وغيره نه آھن، پر وٽس چٽي سنڌ آھي ۽ سنڌ کان ڪا وڏي تشبيھ به ته نه آھي!!؟؟


مٽي منھنجي مٽي آھي،

جنھن ۾ سنڌو چٽي آھي،

مٽي مورئون مٽيان ڪين،

اُن جي الفت ڀانيان دين.


مجيديءَ جنھن دور ۾ شاعرئيءَ جي شروعات ڪئي، انھئَ دور ۾ گھڻا شاعر اھي ھئا، جيڪي فارسئَ جي گھاڙيٽن تي شاعري رچي رھيا ھئا. سندن شاعرئَ جا نه رڳو موضوع پراڻا، گٺل پيٺل ھئا پر ٻولي، تشبيھون، استعارا، تمثيلون وغيره به ڌاريون ھونديون ھيون ۽ اھي ساڳيا ساڳيا موضوع ۽ صنعتون دھرائبيون رھبيون ھيون. سندن شاعرئَ جو سر سينورجي چڪو ھو. ڪي ٿورڙا شاعر ھئا، جيڪي انھن گٺل گسن کي ڇڏي، ڪي نوان گس گھيڙ ۽ گھاڙيٽا اختيار ڪري رھيا ھئا. جن جو مھندار ته ڪشن چند بيوس ھو پر پوءِ شيخ اياز، انھئَ واٽ تي وکون وڌائي، سنڌي شاعرئَ لاءِ سيجون سجايون. محمد خان مجيدي به گٺل گسن کي ڇڏي، نواڻ طرف مُھاڙ ڪئي. پر ھن وري پنھنجي الڳ واٽ ورتي، جيڪا بنھ عوامي واٽ ۽ سادگئَ سان سُرھاڻيل واٽ آھي. سادي، سٻاجھي، ٻھراڙئَ جي ٻھڳڻي ٻولي، لاڙي ھوا جھڙي رواني ۽ ماڃر جھڙي مٺاڻ سندس شاعرئَ ۾ سمائي، واھڻ واھڻ، وستي وستي ورلاپڻ لڳو:


ھئَ ڌرتي ننگر ڀونگر جي،

ھئَ ڌرتي ڪرڙي ڏونگر جي،

ھي ڌرتي دولھه دلبر جي،

ھي ڌرتي قومي ورڪر جي،

ھي ڌرتي شاھه بلاول جي،

ھي ڌرتي ٻھڳڻ ٻارن جي،

ھي ھيمون جھڙن يارن جي.


لڳ ڀڳ مُني صديءَ کان ھر محفل، ھر ميڙ ۽ گڏجاڻي ۾ محمد خان مجيدي جو اچڻ ضروري سمجهيو ويو آھي. ھي جڏھن پنھنجي مخصوص انداز سان پنھنجي شاعري ٻڌائيندو آھي ته ھر ٻڌندڙ جا جذبا اُڀامڻ لڳندا آھن. ھو وڏي گوڙ شور ۽ بنھه رواني سان شاعري ڇا پڙھندو آھي، ڄڻ ته‌ ماڻھؤَ جي اندر ۾ لھي اچي دونڌاڙيندو آھي:


ھئَ ڌرتي ڪاڪ ڪڙولي جي،

ھي ڌرتي ڌوڄ ڌڻولي جي،

ھي ڌرتي گهاٽ گهڙولي جي،

ھي ڌرتي واٽ وڙولي جي،

ھي ڌرتي ڄام تماچئَ جي،

ھي ڌرتي ڪُن ڪلاچي جي،

ھي ڌرتي خدمتگارن جي،

ھي مَکئَ جي مھندارن جي.


سائين مجيديءَ جي شاعري حقيقت ۾ سنڌنامو آھي، جنھن ۾ سنڌ وطن جي تاريخ ۽ تھذيب جون ڪٿائون آھن، جاگرافئَ جون جهلڪُون آھن، ڇاڪاڻ ته پاڻ ھڪ سُڄاڻ استاد آھي، تنھن ڪري کيس تاريخ جو ڇڱو شعور آھي ۽ ھو ڄاڻي ٿو ته:

سنڌ امڙ جا پھريان والي،

پھريان ھمدم حال حوالي،

باغ امڙ جا پھريان مالھي،

پھريان ڪٽنب آل عيالي،

پھريان ماڻھو ذات نرالي،

سالن کان ھو ھٿين خالي،

ڄڻ ھو سورن لئه ساماڻا

پھريان سنڌي مير مھاڻا.

اھڙئَ ريت مجيدي تمام سادي نموني تھذيب ۽ تاريخ جو سبق پڙھائي ٿو. منھنجي خيال ۾ ھھڙي نموني سولي انداز ۾ ڪنھن به تاريخ نه لکي آھي:


پھريان هي جن پوکيو ساريون،

پھريان هي جن چالون چاريون،

پھريان هي جن باهيون ٻاريون،

پھريان هي جن هرڻيون ماريون،

پھريان هي جن ٻيڙيون تاريون،

پھريان هي جن رسمون پاريون،

واقف ڪن ٿا ورق وراڻا،

پھريان سنڌي مير مھاڻا.

سنڌ جي اُترئين ڀاڱي ۾ بئراج سرشتو اڳ ۾ آيو. تنھن ڪري لاڙ جا علائقا ڪجهه متاثرٿيا ته پوکن پڪين ڏينھن لاڙ جا ماڻهو پنھنجا پڊ ڇڏي لابارن لاءِ مختلف علائقن ڏانھن اُسھندا هُئا. اهڙيون تاريخي حقيقتون به محمد خان مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ ملن ٿيون جيئن هن نظم ۾ آهي:


هو پاڻي پوک جو پورو ناهي، ڪيٽي بندر کاري ۾،

هو لاڙ جون کاريون ناليون ڏس، لھواري اوڀاري ۾،

هو پورهيت تن لئه پورهيو ناهي ٺٽي، گجي، گھاري ۾،

هو ڍڳا ڍانڍا ڏيئي ويٺا، ڪڙمت جي ڪاباري ۾،

هو لائي ڪارڻ لالڻ نڪتا، لڏي سان لاباري ۾،

هو چيٽ چٽائي نڪتا آهن، ڪڻڪن جي ڪاٽاري ۾،

سڀ ماکي چوسِي مکن، باقي ميڻ رهيو ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

مجيدي سنڌ ساڻيھه جو اهو شاعر آهي، جنھن سڄي سنڌ لتاڙي، هڪ قومي ڪارڪن وانگر هر ننڍي وڏي ميڙ ۾ پھچي هن ڀُونءِ جو پيغام پھچايو آهي. جڏهن به ساڻس ڪا گفتگو ڪبي ته هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي ڪنھن موضوع تي ڪچهري ڇيڙيندي دير ئي نه ڪندو. جيڪڏهن وٽانئس ڪا شاعري ٻڌڻ جي طلب ڪبي ته به سنڌ سندس موضوع هوندي. مطلب ته هو سنڌ جو سچو قومي ڪارڪن آهي. ايتريقدر جو کانئس جيڪڏهن ڪو آٽوگراف وٺندو ته به سنڌ سندس موضوع هوندو. مون کي ياد آهي ته اسان جڏهن ننڍي هوندي هاءِ اسڪول جهرڪ ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن محمد خان مجيدي ڪڏهن ڪڏهن اسڪول ۾ اچي نڪرندو ته اسين سڀ شاگرد ۽ استاد گڏجي گهڻي گهڻي دير تائين کانئس شاعري ٻڌندا هئاسين. هِي هڪ ڀيري آيو ته منھنجي هڪ دوست کانئس آٽو گراف وٺي ڏيئڻ لاءِ مون کي چيو ته هن هيٺيون آٽوگراف لکي ڏنو:

 

هو جو ٿلها موٽا آهن،

قوم وطن جي غدارن جا،

پوٽا ۽ پڙ پوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

قربانين جي ميدانن ۾،

ٻارن کان پڻ ڇوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

بوبڪ واري ڀنگ ڀلاري،

تنِھن جا گهاٽا گهوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

گدؤَ واري نار تي ڦرندڙ،

اُبتا سبتا لوٽا آهن.

مجيدي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڏاڍي سولي نموني سان ساڻيھه جي سڄڻن سان پيار ۽ غدارن سان نفرت جا درس ڏي ٿو. ايئن به ناهي ته هي رڳو ڪوٺايل ميڙن ۾ ئي اچي شاعري ٻڌائيندو آهي. پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ماڻهن کي ڌرتيءَ جا داستان ۽ قوم جا قصا ٻڌائي کين سجاڳ ڪندو رهيو آهي. ڌرتي، ڌرتيءَ ڌڻين ۽ قومي هيرن سان محبت سيکاريندو رهيو آهي:

 

هي ڌرتي هوشو حيدر جي،

هي ڌرتي سيد سندر جي،

هي ڌرتي اڇي اندر جي،

هي ڌرتي دل جي مندر جي،

هي ڌرتي شاهه عنايت جي،

هي ڌرتي بختاور باهمت جي،

هي ڌرتي ڀٽ ڀلارن جي،

هي سچو صاف سچارن جي.


       اهڙي ريت هو ڌاڙا هڻندڙ ڌارين، غدارن ۽ ويڪائو ماڻهن کي به پنھنجي شاعري ۾ وائکو ڪندو رهيو آهي. جيئن سندس هيٺين نظم ۾ هو ويڪائو ماڻهن جو احوال پيش ڪندي چوي ٿو:


ڪير وڪاڻا، ڪير وڪاڻا،

پائي پيسي ٻير وڪاڻا،

سنڌ جا ويري وير وڪاڻا،

ميرايون ۽ مير وڪاڻا،

ڏيراڻيون ۽ ڏير وڪاڻا.

 

مجيدي پنھنجي شاعريءَ جي سِٽ سٽ ۾ سنڌ وطن تي قابض حاڪمن ۽ وطن جي ويرين جي چالاڪين ۽ چالبازين کان  عام کي اهڙيءَ ريت آگاهي ڏي ٿو جو ستل ضمير به جنجھوڙجي جاڳي پئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ رڳو ماضيءَ جو پٽڪو ناهي پر کيس اُميد آهي ته ڍونگي ماڻهن جا ڍونگ باقي ڪي ڏينھن آهن. ظالمن جا ظلم به رهڻا ناهن ڇاڪاڻ ته کيس حسين صبح جي اُڀرڻ ۾ کيس پڪي پَڪ آهي. هن اهڙو اظھار ڪيترن ئي نظمن ۾ ڪيو آهي. جن مان هيٺيون نظم به سر فھرست آهي:


ظالم تنھنجو وقت پُڄي ويو،

ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيندين تون.

 

گيت بغاوت جا ويا لکجي،

ڪھڙا ڪاغذ ڦاڙِندين تون.

 

ڀونگي ڀونگي ۾ هو باغي،

ڪھڙا پيٽ پڇاڙيندين تون.

 

اهڙا سندس ڪيئي نظم آهن، جن ۾ اُميد آهي، اُتساهه آهي، ايمان آهي ڀروسو ۽ ڏڍ آهي. انهن نظمن ۾ ”هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو“، ”سرواڻ اُٿيا“، ”سنڌي پُٽڙا“، ”وَٺي جون وايون“، ”قومي هيرو“، ”لکان ڪجهه ته لکان“، ”سسئي“، ”مارئي“، ”اُها ڪاڪ“، ”سچ“، ”ورڪر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ٻيا نظم قابلِ ذڪر آهن. محمد خان مجيديءَ جي ڪتاب ”مٽي منھنجي مٽي آهي“ ۾ ڏنل شاعريءَ کي پڙهڻ سان هر نظم جا رنگ سچا ۽ نج لڳن ٿا. وٽس ڪابه سِٽ ڪَسِي نه آهي، پر هر سٽ سوائي آهي. آئون هن ڪتاب ڇاپڻ لاءِ سندس پياري ڌيءَ ۽ شاعره سانئڻ مريم مجيديءَ کي مبارڪ ڏيندي سچ پچ ڏاڍي خوشي محسوس ڪريان ٿو.

آخر ۾ هن ڪتاب ۾ شامل هڪ نظم ’غدار نه ٿي!‘ مان ڪجهه شعر چئي اجازت وٺندس:


ڀلي يار اسان جو يار نه ٿي،

پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي.


No comments:

Post a Comment