قيدياڻي جي ڊائري
ليکڪا: اختر بلوچ
پيش لفظ (چوٿون ايڊيشن): ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
پيش لفظ
سڄي دنيا جي ادب ۾ جيڪي ڪتاب سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا، انهن ۾ آتم ڪٿائون، يادگيريون، سوانح عمريون ۽ جيل ڊائريون اچي وڃن ٿيون. اسان جي سنڌي ٻولي پڻ اهڙي ادب کان وانجهيل نه رهي آهي. سنڌيءَ ۾ ڇپيل ۽ لکيل سوانح عمرين، سفرنامن ۽ جيل ڊائرين جو جيڪڏهن ويهي وستار ڪجي ته انگ وڃي سَوَن ۾ بيهندو. نثر جي انهن ادبي صنفن ۾ سڀ کان وڌيڪ ذهن ۽ دل کي متاثر ڪندڙ جيل ڊائري آهي. آتم ڪٿائن، سوانح عمرين ۽ سفرنامن ۾ ليکڪ گهڻو ڪري وڌاءَ کان ڪم وٺندا رهيا آهن يا انهن کي دلچسپ بڻائڻ خاطر ادبي چاشنيءَ جو رنگ ڀريو ويندو آهي. پر جيل ڊائري هڪ اهڙي تحرير هوندي آهي، جيڪا قيديءَ تي بروقت ٿيندڙ اثرن، مٿانئس ٿيندڙ وارداتن، واقعن ۽ ڪيفيتن جو سچو پچو داستان هوندي آهي. جيل ڊائريون ڀلي خطن جي صورت ۾ هجن يا بيانيه انداز ۾، پر اهي دل تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڪنديون آهن.
اهڙين جيل ڊائرين تي نظروجهجي ٿي ته اسان کي سنڌي زبان ۾ سڀ کان پهرين لکيل جيل ڊائري جيٺمل پرسرام جي ’تُرنگ جو تيرٿ‘ ملي ٿي. هن جيل ڊائريءَ جي ڪٿا به عجيب آهي. 1919ع ۾ جڏهن ظالم انگريز جنرل اوڊائر، جليان والا باغ لاهور ۾، انگريز مخالف سياسي ڪارڪنن تي گولي بازي ڪرائي هئي ۽ ڪيترائي وطن دوست اڳواڻ ۽ ڪارڪن شهيد ٿيا هئا، ته ان دل ڏاريندڙ واقعي بابت ڄيٺمل پرسرام پنهنجي اخبار ۾ هڪ سخت قسم جو ايڊيٽوريل لکيو هو، جنهن جو عنوان هو: ’اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنڀاهيا‘ جڏهن ايڊيٽوريل جي مواد ۽ سِري جو ترجمو ٿي، ان وقت جي انگريز ڪليڪٽر ’ايڇ.ٽي.سورلي‘ وٽ پهتو ته هن ڄيٺمل پرسرام کي ٽي مهينا جيل جي سزا ڏني ۽ قيد جي انهيءَ روئداد، پهرين سنڌي جيل ڊائريءَ جو روپ ورتو. ايڇ.ٽي.سورلي، ڄيٺمل پرسرام کي سزا ته ڏيئي ويٺو، پر جڏهن هن ايڊيٽوريل جي عنوان واري شاعر شاهه لطيف جو مطالعو ڪيو ته سندس ذهن جا دروازا کلي ويا ۽ هن شاهه لطيف جو ايترو ته گهرو مطالعو ڪيو جو ”شاهه آف ڀٽ“ عنوان سان هڪ تاريخي مقالو لکيائين، جنهن تي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي ۽ شاهه سائينءَ تي اڄ ڏينهن تائين ٿيل سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي حوالي سان ٿيل ٻئي اهڙي ڇنڊ ڇاڻ ۽ مطالعو گهٽ ملي ٿو.
ائين سنڌ جي ڪيترن ئي بهادر ۽ وطن پرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جيلن جا مُنهن ڏٺا، جن ڪارن ڪوٽن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ويھي، سنڌ جي اُجري مستقبل جا اُجرا خواب ڏٺا. اها حقيقت آهي ته سنڌ جي تاريخ جدوجهد جي لازوال داستانن سان ڀري پئي آهي. هن ڌرتيءَ جا ماڻهو جيترا مهمان نواز، درويش طبيعت ۽ محبتي رهيا آهن، ان کان وڌيڪ اصول پرست، اڏول، وطن دوست ۽ مٽيءَ جو مان رکڻ لاءِ سر گهوريندڙ رهيا آهن. موهن جي دڙي کان وٺي مڪليءَ تائين، ڪارونجهر کان ڪِنجهر تائين ۽ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، سنڌ ڌرتيءَ جي سرزمين جي ڪڻ ڪڻ ۾ ڪيئي ڪهاڻيون موجود آهن.
رڳو ويجهيءَ ڇڪ جي ساٺيڪو سالن جي تاريخ تي نظر ڊوڙائينداسون ته اسان کي ڏاڍ، جبر ۽ آمريت جي قوتن خلاف ڌرتيءَ ڌڻين ۽ ڌڃاڻين کي سر جا سانگا لاهي، پڙ ۾ بيٺل پسنداسون. ايوبي آمريت جو سڄو دور سنڌي ماڻهن جي لازوال جدوجهد سان ڀريو پيو آهي. اسان جي ڪيترن ئي قومي اڳواڻن ۽ دلير ڪارڪنن، سوريءَ کي سينگار ۽ جيلن کي جنسار سمجهي، آمدريت جي علمبردارن سان اکيون اکين م ملائي، قيد ۽ بند جون تڪليفون سٺيون آهن ۽ پوءِ به پنهنجي ڳاٽ ۽ آواز کي اوچو رکيو آهي. ان ميدان ۾ مردن سان گڏ سنڌ جي نياڻين به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.
اهڙين بهادر نياڻين ۾ ’ادي اختر بلوچ‘ جو نالو بنهه مٿاهون مقام رکي ٿو، جنھن ون يونٽ مڙهيندڙ آمرن خلاف نه رڳو آواز اٿاريو، پر پنھنجي ساٿين ۽ ساٿياڻين سان ووٽر لسٽون سنڌي ٻوليءَ (لکت) ۾ ٺهرائڻ واري تحريڪ دوران بک هڙتالون ڪيون، ۽ نتيجي ۾ جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ باندياڻي بڻي. هن ادبي ۽ سياسي پسمنظر رکندڙ نياڻيءَ، جيل ۾ نه رڳو پنهنجي ساٿياڻين کي حوصلو ۽ همت ڏياري، پر مردن سان گڏجي پنھنجي ڳاٽ کي اوچو پڻ رکيو. جيل جي ڏکين حالتن ۾ رهندي پنهنجي مقصد سان سچائي، پنهنجي ساٿين جي سار سنڀال لھڻ، ساڻن گھري لڳاءُ ۽ پنهنجائپ جو هِيءُ ڪتاب شاندار مثال آهي. ليکڪا جا پنهنجي ماءُ جيجي زرينا بلوچ ڏانهن لکيل خط جنھن جرئت ۽ جذبي سان ڀرپور انداز سان هوندا هئا، اهي به مثال آهن. انهن مثالي خطن جو عڪس به هن ڊائريءَ ۾ موجود آهي. سندس جيل ۾ لکيل ڊائري ’قيدياڻيءَ جي ڊائري‘ جي نالي سان جڏهن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آئي ته سنڌ جي ماڻهن کيس، روس، چين، ويٽنام، انگولا ۽ فلسطين جي بهادر ڪردان جي صف ۾ بيٺل ڏٺو ۽ کيس سلام پيش ڪيو، ڇو ته هن سنڌ جي ڌرتيءَ جي ماڻهن جي آجپي، خوشحاليءَ ۽ باوقار جياپي لاءِ پنھنجي ذات تي اذيتون ۽ عذاب سٺا ۽ مصيبتن کي مُنهن ڏنو. سندس اڏول ڪردار سنڌ جي نياڻين جي لاءِ نه صرف مشعل راهه آهي، پر هڪ شاندار مثال به آهي، جنھن مان اڄ به اتساهه ۽ ويساهه جا نوان نوان سبق ملن ٿا.
’قيدياڻيءَ جي ڊائري‘ کي هن ڀيرو وري پڙهڻ سان نه صرف هن ڪتاب جي اهميت جو شدت سان احساس ٿئي ٿو، پر اهو به چٽو ٿئي ٿو ته هن ۾ بيان ڪيل وارتا ڪنهن به صورت ۾ تاريخي دستاويز کان گهٽ نه آهي. اسان جي مرداڻي سماج ۾ عورتن سان اڻ برابريءَ ۽ نه سَھپ واري رويي اسان جي عورتن کي نفسياتي طور هيڻو ڪيو آهي. اهڙي سماج ۾ هڪ سياسي قيدڻ تي گذريل وارتا ۽ ان طرفان هر ڏاڍ کي حوصلي، مضبوطي ۽ استقامت سان مُنهن ڏيڻ ۽ برداشت ڪرڻ واري ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته ”الاستقامت فوق الڪرامت“ يعني استقامت، ڪرامت يا معجزي کان وڌيڪ آهي.
هِيءُ ڪتاب، سنڌ کان سواءِ ’نئين دنيا پبلشرس‘ ممبئي پاران پڻ ڇپيو هو، ۽ اڄ ان جي ٽئين ڇاپي ۾ اسان سنڌ جي برک ڏاهي ۽ سياسي دانشور محترم رسول بخش پليجي جو هڪ تاريخي مضمون ’مڙيا مٿي مچ‘ به شامل ڪري رهيا آهيون، جيڪو نه رڳو ان دور جي آمريتي صورتحال جا چٽا عڪس پيش ڪري ٿو، پر هن ڪتاب جي اهميت ۽ موضوع کي پڻ وڌيڪ اجاگر ڪري ٿو.
هِيءُ ڪتاب هڪ اهڙي ڏيئي يا مشعل جي مثل آهي، جنھن ۾ طوفانن سان سيني ساهڻ جي سگهه ۽ اُتساهه آهي. ادي اختر جو بلند حوصلو ۽ اڏول ڪردار تاريخ ۾ تحسين جوڳو آهي. آءٌ کيس زندگيءَ کي استقامت سان گذارڻ ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ زندگيءَ جي آرائش ۽ سھل پسنديءَ کان بي نيازيءَ تي سلام پيش ڪريان ٿو.
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي،
ڪراچي، 05\03\2009
No comments:
Post a Comment