لاهري / لاڙي بندر (ٻارهين کان سترهين عيسوي صدي- سنڌ جو اهم بندر)
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
لاهري بندرجو ٺهڻ
ديبل بندر کان پوءِ لاهري بندر سنڌ ساڻيهه جو مکيه ۽ جڳ
مشهور بندر رهيو آهي. هِيءُ بندر نائين عيسوي صدئَ ڌاري وجود ۾ آيو، ۽ ڏهين عيسوي صدئَ تائين گھڻو مشهور ٿي چڪو هو.
جڳ مشهور سيلاني، عالم، رياضيدان
۽ تاريخدان ابو ريحان البيروني پهريون شخص آهي، جنهن لاهري بندر جو يارهين عيسوي
صديءَ ۾ سنڌ ملڪ جي مُک بندر طور ذڪر ڪيو آهي.(1) مختلف دستاويزن مان پتو پوي ٿو
ته هِيءُ بندر يارهين عيسوي صديءَ تائين پنهنجي اوج کي رسيو ۽ سورهين عيسوي صديءَ
تائين اوج تي رهيو. البيروني کان پوءِ مشهور سيلاني ابن بطوطه جنهن چوڏهين عيسوي
صديءَ ۾ سنڌ جو سفر ڪيو هو ۽ لاهري بندر
ڏوري اچي ڏٺائين سو به لاهريءَ جو تمام وڏي بندر طور ذڪر ڪري ٿو.2)
هنن شاهدين
مان چٽيءَ ريت پتو پوي ٿو ته لاهري بندر ڏهين صديءَ کان اڳ وجود ۾ آيو بلڪ ڏهين
صديءَ ۾ هڪ وڏي بندر جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. چوڏهين صديءَ ۾ ته هو پنهنجي عروج جي
چوٽ تي پهچي چڪو هو. ابو ريحان البيروني ۽ ابن بطوطه کان پوءِ ترتيبوار ڏيهي توڙي
پرڏيهي تاريخدانن لاهري بندر جو پنهنجي پنهنجي روزنامچن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ شاندار
نموني سان ذڪر ڪيو آهي.(3)
مشهور محقق ۽ عالم ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب “An
Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh” ۾ لاهري بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”ديبل بندر جي جاءِ لاهري بندر ورتي جيڪو ڏهين صدئَ جي پڇاڙئَ ڌاري وجود ۾ آيو.“
(4) پنهور صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته: ”لاهري بندر جو ذڪر پهريون ڀيرو ديبل جي خوارزم
شاهه هٿان 24/1223ع ڌاري تباهئَ کان پوءِ اچي ٿو.“ (5) پنهور صاحب ٻئي هنڌ پاڻ ئي لکي ٿو ته: ”1333ع کان ٿورو اڳ درياهه وهڪرو مٽايو
۽ گھارو ڇاڙهه کي ڇڏي ويو ته ماڻهو ديبل شهر کي ڇڏي ويا. ڪلرئَ جي ڪڙ تي لاهري
نالي نئون بندر آباد ٿيو.“ (6) حقيقت هيءَ آهي ته ان کان گھڻو اڳ ۾ ڏهين صديءَ ۾
البيروني جي سفرنامي ۾ لاهري بندرجو ذڪر سٺي نموني ملي ٿو جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي.
مطلب ته لاهري بندر ڏهين عيسوي صديءَ کان اڳ ئي وجود ۾ اچي چڪو هو ۽ پوءِ وقت گذرڻ
سان جاگرافيائي ۽ واپاري اهميت جي ڪري، وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ مشهور ٿيندو رهيو. اڳتي
هلي لاهري بندر سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو ۽ ارڙهين صديءَ تائين آباد رهيو.
نالو
لاھري بندر، جيڪو ديبل کان پوءَ سنڌ ملڪ جو ھڪ مکيه
بندر ھو، ڏسجي ته ان تي لاھري نالو ڪيئن پيو؟ ان لاءِ مختلف روايتون ۽ لکتي بيان
آهن. ھن بندر جي نالي کي به مختلف اُچارن سان لکيو ويو آھي. البيروني (وفات 1039ع)
پھريون مورخ آھي، جنھن ڏھين صدي عيسويءَ ۾ سنڌوءَ جي احوال سان گڏ لاھري بندر جو
”لوھاراڻي“ جي نالي سان ذڪر ڪيو آھي. هو لکي ٿو ته: ”اروڙ کان گذرڻ بعد ھن نديءَ (سنڌوءَ) کي مھراڻ سڏين ٿا.
اھا ٻن شاخن جي گڏجڻ جي ڪري، ويڪري ٿي وڃي ٿي ۽ سندس وھڪرو سڌو ٿئي ٿو. جيئن پوءِ
تيئن ھن جي ويڪر ۾ واڌ ايندي وڃي ٿي. سندس پاڻي صاف ٿئي ٿو. پنھنجي وھڪري دوران ڪي
ڪي ٻيٽ ڇڏيندي اچي ٿي. جيستائين اھا منصورا پھچي ٿي. جيڪو سندس ٻن شاخن جي وچ ۾ آھي.
ان بعد سمنڊ ۾ لوھاراڻي شھر ڀرسان ٻن ھنڌن تي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.“(7)
جڏھن
ته البيرونيءَ کان ٽي صديون پوءِ ابن بطوطه 1333ع ۾ سنڌ ۾ آيو ھو، تنھن انھيءَ
بندر کي لاھري(8) ڪري لکيو آھي. اھڙي ريت ھن بندر کي مختلف تاريخدانن هنن مختلف
نالن سان جيئن لوھاراڻي، لاھوري، لھري، ليري، ليھوري، سنڌو، بندر سنڌ، سنڌي لاڙي،
سنڌي ديبل يا ديول، لاھري،
لاري، ته ڪن وري لاڙي ڪري لکيو آھي.
ھن
بندر جي نالي متعلق ڪن محققن جو خيال آھي ته ھن بندر جي آسپاس رھندڙ ماڻھو لوھ مان
اوزار ٺاھڻ جو ڌنڌو ڪندا ھئا. يعني ان تي رھندڙن جي گھڻائي لوھارن جي ھئي. تنھنڪري
مٿس نالو ئي لوھاري يا لوھراڻي بندر پئجي ويو. جڏھن ته ڪن مورخن جو خيال آھي ته: ”لاھري بندر لِھور شھر جي پُٺيان سڏجڻ ۾ آيو ۽ اُن شھر جو بندر ھو.“(9) ليھور آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جو مشھور
شھر، ڇوڙ واري علائقي ۾ ھو. سومرا دور جي مشهور بادشاهه ۽ ليلا جي مکيه
ڪردار(هيرو) چنيسر جي گھر واري ليلا
ليھور شهر جي رھاڪو ھئي. تنھن ڪري ليلا چنيسر جي ڪھاڻئَ ۾ ليھور جو ذڪر ملي ٿو.
سنڌئَ ۾ ڪيترائي اھڙا بيت ملن ٿا، جنھن ۾ ”ليلا
شھر ليھور جي“ لفظن جو
ورجاءُ ملي ٿو. اھو شھر ديبل بندر جي ويجھو ھو. اهڙيءَ ريت ٻيا محقق وري نالي پوڻ
ڳالهيون ٻڌائن ٿا. جنرل اليگرينڊر ھيگ ته ھن بندر جي نالي بابت لکي ٿو
ته: ”لاھري بندر جو نالو لاھور مان
نڪتل آھي جيڪو ان وقت پنجاب جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ان وقت لاھور جو سڀ مال ھن بندر
تان ڏيساور ويندو ھو. ان ڪري ٻاھريان واپاري ماڻھو ھن بندر کي لاھوري بندر چوڻ لڳا.“(10) اھا ڳالهه ڪنھن به لحاظ کان نٿي
ٺھڪي، ڇو ته جنھن علائقي ۾ اھو بندر ھجي، اُتان ئي مختلف علائقن ۽ شهرن سان گھڻي ۾ گھڻو واپار ھلندو ھجي، ان
علائقي جي نسبتن کي ڇڏي، ڪنھن ٻئي ھنڌ جي نالي پٺيان بندر جو نالو مشھور ٿئي سو ناممڪن
آھي.
مانواري
مصنف قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ”قديم
سنڌ، اُن جا مشھور شھر ۽ ماڻھو“
۾ لکيو آھي ته: ”ھيءُ اصل ۾
لاڙي بندر يعني لاڙ جو بندر ھو.“(11)
اھڙئَ ريت سنڌي ٻولي جو ناميارو محقق ڀيرومل مھر چند آڏواڻي پنھنجي تصنيف “سنڌ جي
ھندن جي تاريخ” جي جلد ٻئين ۾ لکي ٿو ته: ”لاڙي بندر معنى لاڙ جو بندر“(12) جڏھن ته مانواري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“
۾ به ھن بندر جو نالو ”لاڙي بندر“ لکيو آھي.(13) پر ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ تحقيق کان
پوءِ لاھري بندر جي نالي بابت وضاحت ڪندي چوي ٿو ته: ”لاھري بندر بابت مون ڪافي
ڪجھ سوچيو ۽ لکيو آھي. صحيح نالو لاھري ، وڏا جھاز وڏي پاڻئَ ۾ پري بيھندا
ھئا، ۽ ٻيڙيون جھازن مان سامان کڻي اينديون ھيون، ۽ ھتان کڻي وينديون ھيون. لاھري
ان وقت جي بندر واري خاص ٻيڙئَ جو نالو ھو جيڪو چئن پنجن سَوَن سالن تائين ھلندو
آيو، اھو لاھري ٻيڙين وارو بندر ھو. مون ٽي چار دفعه ان جو معائنو ڪيو، ۽ ان جا
خاڪا (رَف) ڪڍيا.“(14) ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ هن ڪري به اهم آهي جو شروع ۾
هي بندر اهڙي هنڌ تي هو جتي پاڻي گهرو هو. وڏا ٻيڙا اُتي اچي لنگر هڻي بيهندا هئا.
جهازن ۾ لڏيل سامان اُتي ئي ننڍين ٻيڙين ۾ ڀري شهر تائين آندو ويندو هو، پوءِ
محصول ۽ چڪاس جي مرحلن مان گذاري اڳتي روانو ڪيو ويندو هو. ٿي سگھي ٿو ته اهي
ٻيڙيون جيڪي سمنڊ ۾ بيٺل جهاز مان سامان ڍوئي شهر تائين پهچائينديون هيون تن کي
لاهري جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هجي.
مانوارو محقق پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي
الانا پنھنجي تصنيف ”لاڙ جي ادبي
۽ ثقافتي تاريخ“ ۾ ھن بندر
کي، لاڙي بندر ڪري لکيو آھي. ھو لکي ٿو ته: ”لاڙي بندر، جنھن لاءِ ڪتابن ۾ لاھري
بندر لفظ ڪم آندو ويو آھي. لاڙ جو مکيه بندر ھو، جنھن تي لاڙ واري خطي ۾ ھئڻ ڪري
اھو نالو پيو ھو.“(15)
ممڪن آهي ته هن بندر تي هن علائقي جي
شهر ليھور(16) جي نسبت
سان نالو پيو هجي. اڳتي ھلي زماني جي تبديلين سان گڏ ليھور مان ڦري لاھري نالو
مشھور ٿي ويو.(17) ڇاڪاڻ ته لاڙ واري علائقي ۾ ھئڻ جي ڪري ھتي جي بندرن کي لاڙي
بندر سڏيو ويندو ھو جيئن ڪجھ تاريخدانن پنھنجي ڪتابن ۾ لکيو آھي. تنھنڪري ھن بندر کي
لاڙي بندر به سڏيو ويندو ھو پر مشهور لاهري جي نالي سان ٿيو. ٿورو گھرائيءَ سان
ڏٺو وڃي ته لاهري بندر جا آڳاٽا آثار جنهن کاريءَ تي ملن ٿا ان جو اڄ تائين نالو
ئي لهرو يا لهري آهي، ان کي ڪي ماڻهو لاياري به چون ٿا. گھڻي مشاهدي کان پوءِ آئون
هن نتيجي تي پهتو آهيان ته لهرو يا لاهري کاري تي بندر هئڻ جي ڪري مٿس نالو ئي
لاهري پئجي ويو. ٿي سگھي ٿو ته ليهور جو شهر به انهن ئي ماڳن تي هجي.
هتي هي به سوال اُٿي ٿو ته هاڻي انهن آثارن کي
جاکي، جانکي
بندر، يا جاڪي يا جونا شاهه بندر ڇو ٿا ڪوٺين؟ ان بابت اشتياق انصاري لکي ٿو
ته:”ناٿن ڪرو 1799ع ۾ ان جي تباهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. موجود وقت (1993) ۾ ان ڳالهه
کي ذري گھٽ ٻه سَو سال گذري ويا آهن، ان ڪري مقامي ماڻهن ان غير آباد جاءِ کي
پنهنجي ڄاڻ مطابق جيڪو نالو سمجھيو ڏنو آهي. جيئن اڄ به مهاڻا ڪي ان کي جاڪي بندر،
جانکي بندر، جونا شاهه بندر، قبي يا ڪٻي سڏين ٿا.“(18) محترم اشتياق انصاري جي
هيءَ ڳالهه درست آهي ته هنن آثارن کي اڄڪلهه انهن ئي نالن سان ڪوٺيو وڃي ٿو. البت قبي
يا ڪٻي ان ماڳ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪوٽ ملان عباسي هو، جنهن جي اتر اولهه ۽ هنن آثارن جي
ڏکڻ اوڀر ۾ قديم مسجد سان گڏ هڪ مقبرو/ قبو هوندو هو ان کي قبي يا ڪٻي ڪوٺيو ويندو هو. هنن
آثارن کي جاڪي، جانکي، يا جونا شاهه بندر سڏيو وڃي ٿو. نالي جو اهو فرق ڇو آهي اهو
سوال اڃا به تحقيق گھري ٿو. توڙي جو ان کان گھڻو آڳاٽي ديبل بندر کي اڄ به ساڳئي
ئي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ريت ٻيا ڪيترائي ان دور جا آثار ساڳين نالن سان
ياد ڪيا وڃن ٿا.
بيھڪ
لاهري بندر سنڌوءَ جي مشهور وهڪري بگھياڙ جي نارڪي شاخ جي ڇوڙ تي موجود هو. اها شاخ
ننگر ٺٽي جي ڏکڻ کان نڪري، پير پٺي کان ڦرندي، ساڪري کان ٿيندي اڳتي سمنڊ ڏانهن
ويندي هئي. ساڪري کان ٿورو اولهه واري موڙ وٽ سنڌوءَ جي قديم وهڪري ڪلريءَ جي هڪڙي
ڇاڙهه به اچي منجھس پوندي هئي. نارڪي کڏي کاريءَ کان ڏاکڻو پاسو ڏيئي پئٽياڻيءَ
کاريءَ وٽان مڙي لهرو/لهري کاري وٽ سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان
اڳ اها شاخ پهريائين جتي پئٽياڻي، کاهي ۽ ٻين کارين جي وچ ۾ هوندي هئي، اتي
نارڪيءَ جي پوڇڙ ۾ لاڙو/لاڙي سان ٻيهي جي ڀٽ واري ماڳ تي لاهري بندر موجود هو،
جنهن هنڌ کي هاڻي تڙ ۽ بندر به سڏيو وڃي ٿو. لاڙو/تڙ/بندر جاکي بندر جي آثارن کان اٽڪل ساڍا پنج ڪلوميٽر
جي فاصلي تي آهن. گھڻن پيڙهين کان هتي رهندڙ سڄاڻ شخص عبدالقادر موليپوٽي جو چوڻ
آهي هن اهو علائقو نه رڳو پاڻيءَ کان آجو ڏٺو پر اتي ساريال جا ڀلا فصل به ڏٺا.(19)
انهيءَ بيان مان به چڱو اندازو ڪري سگھجي ٿو. هتي مانواري محقق ڊاڪٽر غلام علي
الانا صاحب جي ڳالهه به درست لڳي ٿي. هن هي آثار 1957ع ۾ مختلف هنڌن تي الڳ الڳ
ڏٺا هئا. هن لاڙي بندر جا آثار 29 مارچ 1957ع تي ڏٺا هئا ۽ جاڪي بندر جا آثار ٻئي
ڏينهن يعني 30 مارچ 1957ع تي وڃي ڏٺا هئا.(20)
اسان پهريون ڀيرو جڏهن اَسي واري ڏهاڪي ۾ هي آثار ڏٺا هئا تڏهن به الڳ الڳ هئا. منهنجي خيال ۾ کُڏي کاري پوءِ ٿي آهي، جيڪا شروع
۾ ننڍي ڪسيءَ جيڏي هئي، جيڪا ويجھڙ ۾ ويڪري ٿي آهي. جيئن نقشي ۾ ڏيکاريل آهي.
1983ع تائين بندر واري ٻيٽ جي شڪل مستطيل جهڙي هئي، پر هاڻي اها شڪل گھڻو بدلي آهي.
تڏهن (1983 84ع تائين) هِيءُ هاڻوڪي آثارن وارو ٻيٽ اوڀر کان اولهه تائين اٽڪل اٺ
ڪلوميٽر ۽ اُتر کان ڏکڻ لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر ماپ ۾ هو. وقت گذرڻ سان پئٽياڻي به وڌي
آهي ۽ کُڏي کاري جيڪا اڳ ۾ ننڍي هئي پر پوءِ گھڻو وڌي آهي. انهن کارين جي وڌڻ ڪري
بندر جا گھڻا آثار پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. اَسِي واري ڏهاڪي تائين لاهريءَ جا
آثار گھڻي ايراضيءَ ۾ پکڙيل چٽا ڏسي سگھبا هئا.
موجود بچيل آثارن کي ۽ مختلف
محققن، سياحن ۽ تاريخدانن جي احوالن کي نظر ۾ رکي ھاڻي اندازو ئي ڪري سگھجي ٿو ته
پهرين لاھري
خاڪو نمبر 1
خاڪو نمبر 2
بندر ڪھڙي ھنڌ تي ھو. ذڪر ٿي چڪو آهي
ته سڀني کان آڳاٽو ڏھين عيسوي صديءَ ۾ البيرونئَ ھن بندر جو لوھراڻي جي نالي سان
ذڪر ڪيو آھي. سندس لکت موجب اھو شھر، مھراڻ جي ھڪ الھندي شاخ جي ڇوڙ وٽ ھو ۽ اڳتي
ھلي ديبل جي جاءِ تي سنڌ جو ھڪ مکيه بندر بڻجي ويو. ھن ديبل ۽ لاهري (لوھراڻي) جي
وچ ۾ مفاصلو ٻارنھن فرسخ (36
ميل ) ڏسيو آھي. پر پوءِ ليمبرڪ، البيروني جي ٻڌايل فاصلي
سان اختلاف ڪندي لکيو آھي ته: ”ھو ڀلجي ٻارنھن فرسخ ڏيئي ويو آھي، نه ته ڏيڻا ٻه
فرسخ ھوندس، جو الخردازيه ۽ الادريسي ديبل ۽ درياءَ جي ڇوڙ جي وچ ۾ مفاصلو اھوئي
ڏنو آھي.“(21)
البيرونيءَ
کان پوءِ ابن بطوطه سن 1333ع ۾ سيوھڻ کان سير سفر ڪندو ٻيڙيءَ رستي لاھري بندر
پھتو ھو، تنهن به هن بندر جو چڱو ذڪر ڪيو آهي. هو لاهري بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو
ته: ”هي بنهه گھڻو سهڻو شهر سمنڊ ڪناري تي آهي. هن جي ڀر ۾ سنڌو اچي ڇوڙ ڪري ٿو.“
(22) جين فيئرلي پنھنجي ڪتاب ”سنڌو شينھن درياھ“ ۾ ابن بطوطه جي سفر جو ذڪر ڪندي
لکي ٿو ته: ”ابن بطوطه پنھنجو درياھي سفر، جنھن بندر وٽ پورو ڪيو ھو، تنھن جو نالو
لاڙي يا لاھري بندر ھو. جيڪو ھن ماڳ تي سامونڊي ڪناري سان واقع ھو، جتي سنڌو اچي
سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آھي. ھي ڄاتل سڃاتل ماڳ آھي ۽ سنڌؤَ جي موجود ڇوڙ کان ڪجھ اولهه ۾
پرڀرو آھي“.(23) ان مسافرئَ ۾ کيس پنج ڏينھن لڳا ھئا. ابن بطوطه پنھنجي سفرنامي ۾
لاھري بندر جي ٺٺ ٺانگر، مشھوري ۽ اھميت جو ذڪر ڪندي لکيو آھي ته: ”ھي سمنڊ جي ڪپر
تي ھڪ سونھن ۽ سک ڀريو شھر آھي. سنڌو انھيءَ جي ڀرسان اچي سمنڊ ۾ پوي ٿو. اتي ھڪ
وڏو بندر به آھي، جتي يمن، فارس، عربستان ۽ ايران ۽ ٻين ھنڌن جا ماڻھو واپار سانگي
ايندا آھن.“(24) مطلب
ته چوڏھين صديءَ جي اوائل ۾ جڏھن ابن بطوطه لاهري بندر ڏٺو ھو تڏھن ھِيءُ ھڪ اھم
بندر شمار ٿيندو ھو، ۽ سنڌؤَ جي ڇوڙ سان
نقشو 5 بي
3 اي اي 4
نقشو هيملٽن
سمنڊ ڪناري تي موجود ھو. اتي بندر سان
گڏ هڪ وڏو شهر به اڏجي چڪو هو. جنرل ھيگ لکيو آھي ته: ”ابن بطوطه جي احوالن مان
اسان کي پتو پوي ٿو ته انھيءَ زماني ۾ ڇوڙ جي علائقي جو بندر لاھري ھو. جيڪو
بگھياڙ جي ئي پڇڙيءَ تي راھو ڦاٽ جي ڪنڌيءَ سان آباد ھو. ھي تمام قديم بندر ديبل
جيترو پراڻو ۽ ان جي مقابلي جھڙو ھو.“(25)
مشهور
سياح ۽ واپاري اليگزينڊر ھيملٽن موجب لاھري بندر کان ٺٽي تائين مفاصلو چاليھ ميل
آھي. ھن پنھنجي سفرنامي ۾ سنڌ، خاص ڪري ٺٽي جو ذڪر ڏاڍئَ
دلچسپيءَ ۽ وضاحت سان ڪيو آھي. جنھن ۾ ھن لاهري بندر جو فاصلو بنھ چٽن لفظن ۾ ھن
طرح لکيو آھي: ”ٺٽو ھن صوبي جو واپاري مرڪز آھي، ۽ ھر لحاظ سان وڏو دولتمند شھر
آھي..... لاھري بندر کان ھي چاليھن ميلن جي فاصلي تي آھي.“(26) اڳتي لاھري بندر کان ٺٽي جي رستي ۽ فاصلي جو ذڪر
ڪندي ھيملٽن لکي ٿو ته: ”اڃان اسان 16 ميل سفر مس ڪيو ته مخبر اچي خبر ڏني ته اڳيان
ويجھو ئي وڏي تعداد ۾ بلوچ ۽ مڪراني ڦورو اسان جي انتظار ۾ آھن.“(27) هو انھن
ماڻھن کي منھن ڏئي وري اڳتي وڌيا. ھو لکي ٿو ته: ”اٽڪل چار ميل سفر ڪرڻ بعد ھڪ ڪچي
قلعي ۾ پھتاسين. ھي قلعو لاھري بندر ۽ ٺٽي جي وچ ۾ موجود آھي. ھتي قافلن کي رھائڻ
جو انتظام ٿيل آھي.“(28) پر افسوس جو هن وقت هيملٽن
وارو بيان ڪيل نه اهو قلعو موجود آهي نه ئي ڪي اُن جا آثار بچيا آهن. هاڻي فقط
اندازو ڪري سگھجي ٿو.
مٿين لکت موجب 16 ۽4 ميل
يعني ويهه ميل. اُھو قلعو لاھري بندر کان به ويھن ميلن تي ھو ته ٺٽي کان به ويھ
ميل.20+20=40 ميل. مطلب ته قلعو لاھري بندر ۽ ٺٽي شھر جي پوري وچ تي ھو. ھيملٽن،
لاھري بندر کان ٺٽي جو فاصلو چاليهه ميل ڄاڻايو آھي، جيڪو انهئَ حساب سان درست
بيھي ٿو. سيٺ نائومل جنھن لاھري بندر جو ھڪ مشھور بندر طور ذڪر ڪيو آھي ۽ ساڳئي
ڪتاب جي حاشئي تي لکيل آھي ته: ”لاھوري بندر سمنڊ
مٿين لکت موجب 16 ۽
نقشو 1، 2، 3
هيملٽن موجب
خاڪو
نقشو بي
نقشو اي
نقشو 6 ۽7
اي 1
کان سورنھن
ڪلوميٽر اندر سنڌو نديءَ جي ڇوڙ جي کارين جي وچ ۾ ھو، ۽ گھاڙي ڦاٽ جي رستي تي
ڪراچي سان ڳنڍيل ھوندو ھو“.(29) مطلب ته لاھري بندر سنڌوءَ جي ٻي شاخ جي ڪناري تي
موجود ھو ۽ سمنڊ کان اٽڪل سورھن ميلن تي سامونڊي کارين جي وچ ۾ ھو. مڪمرڊو جي
رپورٽن ۾ به لاهري سنڌوءَ جي اولهائين منهن تي سمنڊ لڳ ڏيکاريو ويو آهي.(30)
ڊبليو
ونسٽ 1805ع ۾ سنڌ جو نقشو جوڙيو ھو، جيڪو برطانوي سرڪار جي باقاعدي منظوري کان
پوءِ شايع ٿيو ھو. تنھن ۾ به لاھري بندر ساڪري شاخ جي پڇاڙيءَ تي ڏيکاريل آھي.
انگريز دور ۾ پھريون ڀيرو سنڌ جو نقشو 1898ع ۾ تيار ڪيو ويو. ان نقشي ۾ لاھري بندر
جي بيھڪ 37، 27، 24 اوڀر ۾ 29، 37، 49 اُتر تي بيھي ٿي. ورھاڱي کان پوءِ وارن نقشن
۾ لاھري بندر ان ھنڌ کان ٿورو پرڀرو ڏيکاريل آھي.(31)
مشھور جاگرافيدان اليگزينڊر ڪننگھام پنھنجي مشھور ڪتاب ”سنڌ- ھنڌ جي قديم جاگرافي“ ۾ ديبل بندر جي بيھڪ متعلق آڳاٽن مصنفن ۽ تاريخدانن جي حوالن جي روشنئَ ۾ اصل ھنڌ جي ڳولا لاءِ بحث ڪيو آھي. توڙي جو اھي حوالا ديبل بندر متعلق آھن، پر انھن حوالن ۾ لاھري بندر جو ٺٽي، ديبل ۽ ٻين ھنڌن کان فاصلو ڏيکاريل آھي، گڏوگڏ کارين ۽ سنڌؤَ جي انھئَ وھڪري جي نشاندھي ٿيل آھي، جتي لاھري بندر موجود ھو. تنھنڪري اُھي حوالا ھتي پيش ڪجن ٿا:
هو لکي ٿو ته: ”مئڪمرڊو جو بيان آھي ته پوري ريت سُڪي وڃڻ کان گھڻو اڳ گھاري وارو ڦاٽ جھازرانئَ جوڳو ڪونه رھيو ھو. اھوئي سبب ھو جو ڀنڀور ۽ ديبل 1250ع ڌاران اُجڙي ناس ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته سنڌؤَ ان ڦاٽ جو منھن لٽي ڇڏيو ھو. مون پاڻ به کوجنا ڪئي آھي، جنھن مان پتو پيو ته جڏھن جلال الدين خوارزم 1221ع ۾ سنڌ تي ڪاھي آيو ته ديبل موجود ھو، پر 1333ع ڌاران ڦٽي ويو. ان زماني ۾ ابن بطوطه سنڌ آيو ته لاھري بندر ڏوري اچي ڏٺو ھئائين جيڪو ديبل جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ اڏيو ويو ھو.“(32) ھو ”مين نگر، منحاباري يا ٺٽو“ جي احوال ۾ لکي ٿو ته: ”سڀئي عرب مؤرخ ۽ جاگرافيدان ھن ڳالهه تي متفق آھن ته منحاباري، سنڌؤَ جي اولاھين ڪٺار سان آباد ھو ۽ اتان کان ديبل ٻن ڏينھن جي پنڌ تي ھو. ٺٽي جي جاگرافيائي بيھڪ به اھا ساڳي آھي، ڇاڪاڻ ته سنڌؤَ جي اولاھين ڪنڌئَ سان ۽ لاڙي بندر کان چاليھن ميلن يا ٻن ڏينھن جي فاصلي تي آباد آھي.“(33) وري به ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو ته: ”آئون ھيٺ اھا ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته لاھري بندر ديبل کان تمام ٿورئَ وٿئَ تي آباد ھو.“(34) اھڙئَ ريت نيرون ڪوٽ جي احوال ۾ لکي ٿو ته: ”حيدرآباد جو شھر برھمڻ يا منصوره جي ڦٽل دڙي کان چوھتر ميل پري آھي ۽ لاھري بندر کان سندس فاصلو ساٺيڪو ميل کن ٿيندو.“ (35) ”ٻانڀڙا-ڪا-ٺل کان ستيتاليهه ميل ۽ لاڙي بندر کان پنجاسي ميل پري آھي.“(36) اسان جا جيڪي به ذريعا آھن، تن سڀني جو بيان آھي ته ديبل، مھراڻ جي اولاھين ڪٺار سان آباد ھو، جيڪو سنڌؤَ جو مکيه وھڪرو ھوندو ھو. ٿي سگھي ٿو ته بگھاڙ ڦاٽ ھجي، جيڪو لاهري بندر کان لنگھي، پنھنجي ڦاٽن جھڙوڪ: پٽي، ڦنڊي، ڪيار ۽ پٽياڻئَ وسيلي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو.(37)
ڪننگھام ديبل جي بيهڪ جي کوجنا ڪندي لکي ٿو ته: ”انھن احوالن موجب ديبل بگھاڙ جي اولهه پاسي ان ٿاڪ وٽ ھوندو، جتي گھارو يا ساڱرو ڦاٽ اچي بگھاڙ سان سنگم ڪندو ھو. تنھنڪري ديبل جي جاگرافيائي بيھڪ مذڪوره سنگم جي ويجھو لاڙي بندر کان پنج ميل اتر ڀنڀور جي ماڳن کان سترھن ميل ڏکڻ-اولهه ۽ پٽي، پٽياڻي ڦاٽن جي ڇوڙن کان ٽيهه ميل پري ھئي. ڀنڀور جي ھئَ جاگرافيائي بيھڪ سر ھينري اليٽ جون اھي گھرجون ته پوريون ڪري ٿي ته ديبل ڪراچئَ ۽ لاڙي بندر جي وچ تي ڪٿي آباد ھو، جتي نڱامرا (Tangamara) نيات جا ماڻھو رھندا ھئا.“(38) ”تيار ٿيل تازن نقشن مان معلوم ٿيندو ته ٺٽي ۽ گھاري جي وچ تي ھن ڦاٽ الھندي پاسي وري ٻي ڇاڙھ ڇڏي آھي، جيڪا اڳين وھڪري مان ويھ ميل پوروڇوٽ تي وھندي ڏکڻ ڏانھن موڙو کائي، لاڙي بندر کان ٿورو ھيٺ مکيه وھڪري سان ملندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مذڪوره ڇاڙھ ڀنڀور کان ٻه يا ٽي ميل پري ڏکڻ وارو پاسو ڏيئي وھندي ھئي. تنھنڪري ھن شھر تائين پٽي (Piti)، ڦونڊي (Phundi)، ڪيار (kyar) ۽ پنٽياڻي (Pinteani)، ڦاٽن وسيلي ھاڪاري پھچي سگھبو ھو.“(39) ”وچون وھڪرو جنھن کي ٽالمي کريفون اوسٽيم سڏي ٿو. سو اڪيلو جھازرانئَ جي لائق ھوندو ھو. آئون کريفون ڦاٽ کي ڪيار نالي وارو موجود ڦاٽ سمجھان ٿو. اھو ان ماڳ وٽان وھندو نظر ايندو جتي گھاري کان ڏکڻان ايندڙ ڦاٽ اچي مکيه وھڪري سان لاڙي بندر ويجھو ملندو ھو.“(40)
ڪننگھام ھن بحث جي آخر ۾ لکي ٿو ته: ”مٿئين بحث وسيلي آئون ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته گھاري کان اُتران مٽيندڙ ڦاٽ سنڌؤَ جو اولاھيون وھڪرو ھوندو ھو، ۽ ھن ڦاٽ وسيلي سڪندر ۽ نيرڪس ھاڪاري وڃي سمنڊ تائين نڪتا ھئا. سن 200ع ڌاري ھن وھڪري گھاري کان ڏکڻان پنھنجو پيٽ جوڙي ورتو ھو. جيڪو وڌيڪ ڏکڻ ڏس تي موڙو کائي لاڙي بندر کان ٿورو ھيٺ سنڌؤَ جي مکيه وھڪري سان ھاڪاري باربريڪي (باربريڪان) پھچندا ھئا ۽ اُتي سامان لاھي ٻيڙين ۾ لڏي مين نگر پھچايو ويندو ھو، جيڪو تنھن زماني ۾ لاڙي بندر جي راڄڌاني ھو.“(41)
جڏھن ته مانواري ڀيرومل لاھري بندر جي احوال ۾ لکيو آھي ته: ”ننگر ٺٽي جي پريان ھن وقت جيڪو بگھاڙ واھ آھي، سو اڳي سنڌو ندئَ جو ڦاٽ ھو. بگھاڙ واھ شيشا کارئَ ۾ وڃي پوي ٿو، ھي بندر اُن کارئَ جي ويجھو ھو“.(42)
مانوارو ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب “An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh” ۾ لکي ٿو ته: ”لاڙي بندر ڪلري واهڙ جي ڪَڙ سان هوندو هو. تنهن زماني ۾ ڪلري ئي اصل درياهه هوندو هو.“(43) هو ڪلرئَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”1524ع ۾ ڪلري ئي اصل درياءَ هو ۽ شروعات وارا لاهري بندر سڀئي هن تي ٺهيا.“ (44) هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ”لاهري بندر پهريان ڪلري ۽ پوءِ بگھاڙ جي ڪپ تي هوندو هو ۽ جيتوڻيڪ ڪيترا ميل پري پري ٻين هنڌن ۽ ٻين مُنهن تي ٺهندو رهيو.“(45) ٿي سگھي ٿو ته لاهري بندر درياهي ڦيرڦار جي ڪري شروع ۾ پنهنجون جايون مٽايون هجن پر آخري ڀيرو جيڪو لاهري بندر ڏهين صدئَ ۾ وجود ۾ آيو تنهن ئي عروج ماڻيو ۽ دنيا جي ڏور ڏيهن تائين مشهور ٿيو. اشتياق انصاري سنڌ جي ڪوٽ ۽ قلعن تي سٺي تحقيق ڪري آهي، هو پنهنجي ڪتاب ۾ لاهري بندر جي هنڌ جو مختلف حوالن سان ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”وثوق سان چئي سگھجي ٿو ته جاڪي بندر وارو موجود هنڌ ئي لاهري بندر آهي صرف نالي جو فرق آهي.“ (46) هو لکي ٿو ته:”خاص ڪري ان مقام ڀرسان ونگو ۽ راهڙ کاري چڱي طرح سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.“(47)
منهنجي خيال ۾شروع ۾ لاهري بندر هاڻوڪن ظاهر آثارن کان ڏکڻ طرف هو، هاڻوڪا آثار پوئين بندر جي قلعي ۽ شهر جا آهن پر پوئين بندر جا به گھڻا آثار ڏکڻ واري ڪجھ گپ چڪ ۾ آهن ته ڪي پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن ۽ هاڻي باقي ڪي وڃي بچيا آهن.
مشھور جاگرافيدان اليگزينڊر ڪننگھام پنھنجي مشھور ڪتاب ”سنڌ- ھنڌ جي قديم جاگرافي“ ۾ ديبل بندر جي بيھڪ متعلق آڳاٽن مصنفن ۽ تاريخدانن جي حوالن جي روشنئَ ۾ اصل ھنڌ جي ڳولا لاءِ بحث ڪيو آھي. توڙي جو اھي حوالا ديبل بندر متعلق آھن، پر انھن حوالن ۾ لاھري بندر جو ٺٽي، ديبل ۽ ٻين ھنڌن کان فاصلو ڏيکاريل آھي، گڏوگڏ کارين ۽ سنڌؤَ جي انھئَ وھڪري جي نشاندھي ٿيل آھي، جتي لاھري بندر موجود ھو. تنھنڪري اُھي حوالا ھتي پيش ڪجن ٿا:
هو لکي ٿو ته: ”مئڪمرڊو جو بيان آھي ته پوري ريت سُڪي وڃڻ کان گھڻو اڳ گھاري وارو ڦاٽ جھازرانئَ جوڳو ڪونه رھيو ھو. اھوئي سبب ھو جو ڀنڀور ۽ ديبل 1250ع ڌاران اُجڙي ناس ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته سنڌؤَ ان ڦاٽ جو منھن لٽي ڇڏيو ھو. مون پاڻ به کوجنا ڪئي آھي، جنھن مان پتو پيو ته جڏھن جلال الدين خوارزم 1221ع ۾ سنڌ تي ڪاھي آيو ته ديبل موجود ھو، پر 1333ع ڌاران ڦٽي ويو. ان زماني ۾ ابن بطوطه سنڌ آيو ته لاھري بندر ڏوري اچي ڏٺو ھئائين جيڪو ديبل جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ اڏيو ويو ھو.“(32) ھو ”مين نگر، منحاباري يا ٺٽو“ جي احوال ۾ لکي ٿو ته: ”سڀئي عرب مؤرخ ۽ جاگرافيدان ھن ڳالهه تي متفق آھن ته منحاباري، سنڌؤَ جي اولاھين ڪٺار سان آباد ھو ۽ اتان کان ديبل ٻن ڏينھن جي پنڌ تي ھو. ٺٽي جي جاگرافيائي بيھڪ به اھا ساڳي آھي، ڇاڪاڻ ته سنڌؤَ جي اولاھين ڪنڌئَ سان ۽ لاڙي بندر کان چاليھن ميلن يا ٻن ڏينھن جي فاصلي تي آباد آھي.“(33) وري به ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو ته: ”آئون ھيٺ اھا ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته لاھري بندر ديبل کان تمام ٿورئَ وٿئَ تي آباد ھو.“(34) اھڙئَ ريت نيرون ڪوٽ جي احوال ۾ لکي ٿو ته: ”حيدرآباد جو شھر برھمڻ يا منصوره جي ڦٽل دڙي کان چوھتر ميل پري آھي ۽ لاھري بندر کان سندس فاصلو ساٺيڪو ميل کن ٿيندو.“ (35) ”ٻانڀڙا-ڪا-ٺل کان ستيتاليهه ميل ۽ لاڙي بندر کان پنجاسي ميل پري آھي.“(36) اسان جا جيڪي به ذريعا آھن، تن سڀني جو بيان آھي ته ديبل، مھراڻ جي اولاھين ڪٺار سان آباد ھو، جيڪو سنڌؤَ جو مکيه وھڪرو ھوندو ھو. ٿي سگھي ٿو ته بگھاڙ ڦاٽ ھجي، جيڪو لاهري بندر کان لنگھي، پنھنجي ڦاٽن جھڙوڪ: پٽي، ڦنڊي، ڪيار ۽ پٽياڻئَ وسيلي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو.(37)
ڪننگھام ديبل جي بيهڪ جي کوجنا ڪندي لکي ٿو ته: ”انھن احوالن موجب ديبل بگھاڙ جي اولهه پاسي ان ٿاڪ وٽ ھوندو، جتي گھارو يا ساڱرو ڦاٽ اچي بگھاڙ سان سنگم ڪندو ھو. تنھنڪري ديبل جي جاگرافيائي بيھڪ مذڪوره سنگم جي ويجھو لاڙي بندر کان پنج ميل اتر ڀنڀور جي ماڳن کان سترھن ميل ڏکڻ-اولهه ۽ پٽي، پٽياڻي ڦاٽن جي ڇوڙن کان ٽيهه ميل پري ھئي. ڀنڀور جي ھئَ جاگرافيائي بيھڪ سر ھينري اليٽ جون اھي گھرجون ته پوريون ڪري ٿي ته ديبل ڪراچئَ ۽ لاڙي بندر جي وچ تي ڪٿي آباد ھو، جتي نڱامرا (Tangamara) نيات جا ماڻھو رھندا ھئا.“(38) ”تيار ٿيل تازن نقشن مان معلوم ٿيندو ته ٺٽي ۽ گھاري جي وچ تي ھن ڦاٽ الھندي پاسي وري ٻي ڇاڙھ ڇڏي آھي، جيڪا اڳين وھڪري مان ويھ ميل پوروڇوٽ تي وھندي ڏکڻ ڏانھن موڙو کائي، لاڙي بندر کان ٿورو ھيٺ مکيه وھڪري سان ملندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مذڪوره ڇاڙھ ڀنڀور کان ٻه يا ٽي ميل پري ڏکڻ وارو پاسو ڏيئي وھندي ھئي. تنھنڪري ھن شھر تائين پٽي (Piti)، ڦونڊي (Phundi)، ڪيار (kyar) ۽ پنٽياڻي (Pinteani)، ڦاٽن وسيلي ھاڪاري پھچي سگھبو ھو.“(39) ”وچون وھڪرو جنھن کي ٽالمي کريفون اوسٽيم سڏي ٿو. سو اڪيلو جھازرانئَ جي لائق ھوندو ھو. آئون کريفون ڦاٽ کي ڪيار نالي وارو موجود ڦاٽ سمجھان ٿو. اھو ان ماڳ وٽان وھندو نظر ايندو جتي گھاري کان ڏکڻان ايندڙ ڦاٽ اچي مکيه وھڪري سان لاڙي بندر ويجھو ملندو ھو.“(40)
ڪننگھام ھن بحث جي آخر ۾ لکي ٿو ته: ”مٿئين بحث وسيلي آئون ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته گھاري کان اُتران مٽيندڙ ڦاٽ سنڌؤَ جو اولاھيون وھڪرو ھوندو ھو، ۽ ھن ڦاٽ وسيلي سڪندر ۽ نيرڪس ھاڪاري وڃي سمنڊ تائين نڪتا ھئا. سن 200ع ڌاري ھن وھڪري گھاري کان ڏکڻان پنھنجو پيٽ جوڙي ورتو ھو. جيڪو وڌيڪ ڏکڻ ڏس تي موڙو کائي لاڙي بندر کان ٿورو ھيٺ سنڌؤَ جي مکيه وھڪري سان ھاڪاري باربريڪي (باربريڪان) پھچندا ھئا ۽ اُتي سامان لاھي ٻيڙين ۾ لڏي مين نگر پھچايو ويندو ھو، جيڪو تنھن زماني ۾ لاڙي بندر جي راڄڌاني ھو.“(41)
جڏھن ته مانواري ڀيرومل لاھري بندر جي احوال ۾ لکيو آھي ته: ”ننگر ٺٽي جي پريان ھن وقت جيڪو بگھاڙ واھ آھي، سو اڳي سنڌو ندئَ جو ڦاٽ ھو. بگھاڙ واھ شيشا کارئَ ۾ وڃي پوي ٿو، ھي بندر اُن کارئَ جي ويجھو ھو“.(42)
مانوارو ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب “An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh” ۾ لکي ٿو ته: ”لاڙي بندر ڪلري واهڙ جي ڪَڙ سان هوندو هو. تنهن زماني ۾ ڪلري ئي اصل درياهه هوندو هو.“(43) هو ڪلرئَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”1524ع ۾ ڪلري ئي اصل درياءَ هو ۽ شروعات وارا لاهري بندر سڀئي هن تي ٺهيا.“ (44) هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ”لاهري بندر پهريان ڪلري ۽ پوءِ بگھاڙ جي ڪپ تي هوندو هو ۽ جيتوڻيڪ ڪيترا ميل پري پري ٻين هنڌن ۽ ٻين مُنهن تي ٺهندو رهيو.“(45) ٿي سگھي ٿو ته لاهري بندر درياهي ڦيرڦار جي ڪري شروع ۾ پنهنجون جايون مٽايون هجن پر آخري ڀيرو جيڪو لاهري بندر ڏهين صدئَ ۾ وجود ۾ آيو تنهن ئي عروج ماڻيو ۽ دنيا جي ڏور ڏيهن تائين مشهور ٿيو. اشتياق انصاري سنڌ جي ڪوٽ ۽ قلعن تي سٺي تحقيق ڪري آهي، هو پنهنجي ڪتاب ۾ لاهري بندر جي هنڌ جو مختلف حوالن سان ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”وثوق سان چئي سگھجي ٿو ته جاڪي بندر وارو موجود هنڌ ئي لاهري بندر آهي صرف نالي جو فرق آهي.“ (46) هو لکي ٿو ته:”خاص ڪري ان مقام ڀرسان ونگو ۽ راهڙ کاري چڱي طرح سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.“(47)
منهنجي خيال ۾شروع ۾ لاهري بندر هاڻوڪن ظاهر آثارن کان ڏکڻ طرف هو، هاڻوڪا آثار پوئين بندر جي قلعي ۽ شهر جا آهن پر پوئين بندر جا به گھڻا آثار ڏکڻ واري ڪجھ گپ چڪ ۾ آهن ته ڪي پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن ۽ هاڻي باقي ڪي وڃي بچيا آهن.
واپار
لاهري بندر تان
سڄي دنيا سان وڻج واپار ھلندو ھو. لاھري بندر، يارھين عيسوي صدئَ جي پهرين ڏهاڪن ۾
جڏهن ابوريحان البيروني ڏٺو هو، تڏهن به ھڪ وڏو بندر ھو. ان کان پوءِ جڏهن ابن
بطوطا ڏوري اچي هن هنڌ کي ڏٺو هو تڏهن به هن بندر جي وڏي هاڪ هئي ۽ هتي يمن، فارس
۽ ٻين ھنڌن جا ماڻھو ايندا رهندا ھئا. تنهن زماني ۾ منجھائنس اٽڪل سٺ لکن جو محصول
ڪٺو ٿيندو ھو. سترھين صدئَ ۾ ھندستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هِيءُ ھڪ مکيه لنگهه ھو.
ھئَ به سُڌ پوي ٿي ته جيئن سنڌو ڊيلٽا اوڀر طرف لاڙو ڪيو ته ديبل بندر لٽجي ويو ۽
لاھري بندر انھيءَ جي جاءِ والاري، ۽ علائقي جو وڻج واپار ھن نئين بندر جي ذريعي هلندڙ
ھو. ابن بطوطه لکي ٿو ته: ”يمن ۽ فارس جا جهاز ۽ واپاري گھڻا اچن ٿا، ان جي ڪري هِيءُ
شهر نهايت ئي مالدار آهي ۽ هن جو محصول گھڻو آهي. عطاءُالملڪ مون کي ٻڌايو ته هن
جو محصول سٺ لک دينار آهي. ۽ اميرالملڪ کي اُن زماني ۾ اُن مان ويهين پتي ملندي آهي.
يعني عشر جو اڌ. انهيءَ حساب سان بادشاهه پنهنجي عملدارن کي علائقو سپرد ڪندو
هو.“(48) ھن شھر ۽ بندر کي وسندڙ ۽ آباد ڏٺو ھو. سندس بيان مان اندازو ڪري سگھجي
ٿو ته ان دور ۾ ھِيءُ هڪ مصروف بندر ھو ۽ تڏھن ھن جي سالياني ڪمائي 60 لک تنڪا
ھئي، جيڪا اُن زماني جي لحاظ سان گھڻي ڪمائي ھئي. مختلف سفرنامن، رپورٽن، تاريخي
ڪتابن وغيره مان معلوم ٿئي ٿو ته نه رڳو لاهري بندر مشهور ۽ وڏو بندرگاهه هو پر
هيءُ هڪ وڏي واپاري شهر جي شڪل پڻ اختيار ڪري چڪو هو. بندر تي هڪ ئي وقت هزارين
ٻيڙيون ۽ ڪيترائي وڏا وڏا جهاز لنگر انداز ٿي سگھندا هئا. ابوالفضل (وفات 1602ع)
موجب ھتي چار ھزار ٻيڙيون بيھي سگھنديون هيون. جڏھن ته ٻيا سياح ۽ تاريخدان به لکن
ٿا ته ھتي جھازن ۽ ٻيڙين جا ھر وقت ھجوم رھن ٿا. وقت ھجوم رھن ٿا. مولانا دين محمد
وفائي ان دور جي واپار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”سنڌ جي جھوني کان جھوني تاريخ تي
نظر ڪجي ٿي ته ديبل بندر جو واپار ايران، عراق، عرب ۽ هندستان سان سمنڊ رستي سان
ڳنڍيو پيو هو.اسلام جي اچڻ کان پوءِ ڪنهن زماني تائين ديبل بندر آباد هو ۽ واپار
جي وڏي منڊي هو. انهيءَ کان پوءِ، ان جي ڦٽڻ بعد ساڳئي هنڌ تي مٺي ۽ کاري درياءَ
جي ميلاپ وارن هنڌن تي ننڍا ننڍا بندر قائم رهندا آيا، جن ۾ لاهري بندر وڏو هاڪارو
بندر ٿي گذريو آهي.“(49)
ايڇ ٽي سورلي لکيو آھي ته: ”سنڌو نديءَ جي لڳ لاھري بندر، سنڌ جو اھم بندر ھو. جتي ٻه سؤ ٽَن کان ٽي سؤ ٽن وزني جھاز بيھي سگھندا ھئا جيڪي ان دور ۾ وڏي ۾ وڏا جھاز ليکبا ھئا ۽ ان سان گڏ تجارتي بندوبست به اعليٰ ۽ اوچو ھو. ڏٺو وڃي ته هن بندر کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي واپارين 1636ع ڌاري ڏاڍو ساراھيو آھي.“(50) هن احوال مان ظاهر آهي ته ھن بندر جو ڪنارو سڻائو ھو، جتي ٻه سؤ کان ٽي سؤ ٽنن جا جھاز جيڪي ان وقت ۾ وڏا جھاز ليکبا ھئا، مال لاھڻ ۽ چاڙھڻ لاءِ اچي لنگر ھڻندا ھئا.(51) وڏن واپارين لاءِ اها به سَهنجائي هئي. ھسٽري آف اورنگزيب جو مصنف جادوناٿ سرڪار لکي ٿو ته: ”سڄي ھندستان ۾ سنڌ جي ٺٽي کانسواءِ ٻيو ڪو به واپاري مرڪز نه ھو. وڏي ۾ وڏو بندر لاري بندر ھو، جيڪو ٺٽي کان ٽن ڏينھن جي مسافرئَ تي ھو. ھنن کي ٺٽي کان لاھور وڃڻ لاءِ ٽي مھينا لڳندا ھئا ۽ موٽندي ھڪ مھينو لڳندو ھو. لاري بندر تي ٽي سؤ ٽن بار کڻي ايندڙ ٻيڙا اچي لنگرانداز ٿيندا ھئا.“(52)
مشهور واپاري ۽ سيلاني ڪيپٽن اليگزينڊر ھيملٽن جيڪو دنيا جي گهڻن ملڪن جا سير سفر ڪندو جڏهن سنڌ ملڪ پهتو تڏهن سنڌي سمنڊ ۾ داخل ٿي پهريائين لاهري بندر تي ٻيڙو لنگر لڳائي اچي لٿو. هن انهيءَ بندر کي سٺي نموني سان ڏٺو. هو لاهري بندر جي واپار وغيره جي گهڻي تعريف ڪري ٿو. سندس انهيءَ سفر نامي ‘An Accout of east Indeas” جو يارهون باب نه رڳو دلچسپ آهي پر تاريخي لحاظ کان گھڻو اهم آهي. هن پنهنجي سفرنامي ۾ لاهري بندر جي فاصلي جو احوال ھن ريت ڏنو آھي: ”ٺٽي کان لاھور جو سفر ڇھن کان ستن ھفتن ۾ طئي ٿيندو ھو. ليڪن لاھور کان واپسئَ ۾ ارڙھن ڏينھن لڳندا ھئا، ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھو سفر ٻارھن ڏينھن ۾ به طئي ٿيندو ھو.“(53)
ايڇ ٽي سورلي لکيو آھي ته: ”سنڌو نديءَ جي لڳ لاھري بندر، سنڌ جو اھم بندر ھو. جتي ٻه سؤ ٽَن کان ٽي سؤ ٽن وزني جھاز بيھي سگھندا ھئا جيڪي ان دور ۾ وڏي ۾ وڏا جھاز ليکبا ھئا ۽ ان سان گڏ تجارتي بندوبست به اعليٰ ۽ اوچو ھو. ڏٺو وڃي ته هن بندر کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي واپارين 1636ع ڌاري ڏاڍو ساراھيو آھي.“(50) هن احوال مان ظاهر آهي ته ھن بندر جو ڪنارو سڻائو ھو، جتي ٻه سؤ کان ٽي سؤ ٽنن جا جھاز جيڪي ان وقت ۾ وڏا جھاز ليکبا ھئا، مال لاھڻ ۽ چاڙھڻ لاءِ اچي لنگر ھڻندا ھئا.(51) وڏن واپارين لاءِ اها به سَهنجائي هئي. ھسٽري آف اورنگزيب جو مصنف جادوناٿ سرڪار لکي ٿو ته: ”سڄي ھندستان ۾ سنڌ جي ٺٽي کانسواءِ ٻيو ڪو به واپاري مرڪز نه ھو. وڏي ۾ وڏو بندر لاري بندر ھو، جيڪو ٺٽي کان ٽن ڏينھن جي مسافرئَ تي ھو. ھنن کي ٺٽي کان لاھور وڃڻ لاءِ ٽي مھينا لڳندا ھئا ۽ موٽندي ھڪ مھينو لڳندو ھو. لاري بندر تي ٽي سؤ ٽن بار کڻي ايندڙ ٻيڙا اچي لنگرانداز ٿيندا ھئا.“(52)
مشهور واپاري ۽ سيلاني ڪيپٽن اليگزينڊر ھيملٽن جيڪو دنيا جي گهڻن ملڪن جا سير سفر ڪندو جڏهن سنڌ ملڪ پهتو تڏهن سنڌي سمنڊ ۾ داخل ٿي پهريائين لاهري بندر تي ٻيڙو لنگر لڳائي اچي لٿو. هن انهيءَ بندر کي سٺي نموني سان ڏٺو. هو لاهري بندر جي واپار وغيره جي گهڻي تعريف ڪري ٿو. سندس انهيءَ سفر نامي ‘An Accout of east Indeas” جو يارهون باب نه رڳو دلچسپ آهي پر تاريخي لحاظ کان گھڻو اهم آهي. هن پنهنجي سفرنامي ۾ لاهري بندر جي فاصلي جو احوال ھن ريت ڏنو آھي: ”ٺٽي کان لاھور جو سفر ڇھن کان ستن ھفتن ۾ طئي ٿيندو ھو. ليڪن لاھور کان واپسئَ ۾ ارڙھن ڏينھن لڳندا ھئا، ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھو سفر ٻارھن ڏينھن ۾ به طئي ٿيندو ھو.“(53)
مڙني
تاريخن، روزنامچن، سفرنامن وغيره مان معلوم ٿئي ٿو ته لاھري بندر ھڪ مشغول بندر ھو
۽ ھندستان جي پرڏيھي واپار ۽ سنڌ جي سامونڊي واپار جو ھڪ مکيه مرڪز ھو. اھا پڻ ھڪ حقيقت
آھي ته سنڌ جو واپار خشڪي توڙي بحري رستن
ذريعي مغرب ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان ھلندو ھو. جوھي، ۽ ان جي آسپاس مان کيرٿر جبلن
جي لنگھ، مول لڪ جي رستي قافلا بلوچستان ٽپي ايران ويندا ھئا. جتان ڀونوچ سمنڊ
وارن ملڪن ڏانھن ويندا ھئا، يا وري ٽنڊي رحيم خان، واھي پانڌي، لڪ روھيل، لڪ
ڦوسيانڊ، لڪ گاري مان ٿيندا، ايران پھچندا ھئا، ۽ اُتان ترڪئَ لاءِ اُسھندا ھئا.
پوءِ وري ٻين ملڪن ڏانھن. قديم آثارن جي ڄاڻو ۽ تاريخدان محترم سائين تاج صحرائئَ
جي چوڻ موجب: ”اڙل واھ وٽان جھانگارا باجارا، ٻنڌڻي، ڪافرڪوٽ، نئين ڪرچات کان
مڪران تائين رسبو ھو ۽ پوءِ اڳتي ايران پھچبو ھو.“(54)
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي
پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۾“ پٿاوالا جي حوالي سان لکيو آھي ته: ”افغانستان
۽ ٻين اترين ملڪن سان واپار ھڪ شاھي رستي ذريعي ھلندو ھو، جو بکر کان شروع ٿي
سليمان-ھالار جبلن جي قطار جي آسان لڪن وچان بولان دري مان لنگھي قنڌار، مري روڊ،
ھروِ کان ٿيندو ترڪستان ۾ ٿي ختم ٿِي“.(55)
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي اڳتي لکي ٿو ته: ”انھئَ کان سواءِ مغربي ملڪن ڏانھن وڃڻ لاءِ ھڪ بحري
رستو پڻ ھو، جو دوآبي جي بندرن، لھري بندر، اورنگ بندر، وستا بندر کان ايراني نار
جي بندرن بصره، گومبرون (بندر عباس)، آرمز، مسقط، ڪانگو ۽ بحرين بندرن تائين ھو.
جتان وري يورپ کي پھچائڻ لاءِ مال خشڪئَ رستي قسطنطنيه آندو ويندو ھو. سمنڊ جي
ڪناري سان سڌا جھاز به ھلندا ھئا، جي نه رڳو ھندي سمنڊ جي ڪناري وارن مختلف بندرن
ڏانھن بلڪه مشرق بعيد ۾ چين تائين مال کڻي ويندا ھئا“.(56)
اھڙئَ ريت لاھري
بندر سڄي سنڌ ۽ آسپاس جي سڀني علائقن ۽ ملڪن سان نه رڳو ڳنڍيو پيو ھو پر انهن لاءِ
واپار ۽ اچ وڃ جو مکيه وسيلو به
هو. هن سلسلي ۾ سٻاجھي سنڌؤَ جو درياھي رستو خاص طرح موجود هو جيڪو سنڌي سمنڊ رستي دنيا جي ملڪن سان
سلهاڙيل هو. ٻيا به ڪيترائي خشڪئَ جا رستا پڻ موجود ھئا، جن جي وسيلي مال، لاھري
بندر تائين آسانئَ سان پھچي سگھندو ھو ۽ پوءِ اُتان کان سنڌوءَ وسيلي اُتر وارن
ملڪن ڏانهن ويندو هو. اهڙيءَ ريت دنيا جي ٻين ملڪن ڏانھن جھازن رستي هن بندر وسيلي
ئي ويندو ھو. ٿوري دير لاءِ اڄ جي دور کي ڇڏي، رڳو ٽي چار سؤ سال ماضئَ طرف مُڙي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته
جنھن دور ۾ لاريون، موٽرون، ريل گاڏيون،
ھوائي جھاز وغيره ماڻھو ۽ مال
ڍوئڻ لاءِ موجود نه ھئا، تڏھن ملڪ جي مختلف علائقن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن تائين وڃڻ
يا مال پھچائڻ يا آڻڻ لاءِ وڏي ۾ وڏا ۽ مکيه وسيلا بحري يعني سامونڊي ۽ درياهي رستا ھوندا ھئا جن ذريعي ٻيڙيون ۽ سامونڊي جھاز وڏا سفر ڪندا ھئا. انھن لاءِ
وري ڪي سامونڊي ۽ درياهي بندر ضروري ھئا.
لاهري بندر ساڍا ٽي سؤ سال اڳ تائين سنڌ ملڪ جو
مکيه بندر ھو، جنھن وسيلي سنڌ، سڄي دنيا جي ملڪن سان ڳنڍي پئي ھئي. مانوارو محقق
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي درياھي آمدرفت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ” آمدرفت ۽ رسل و رسائل جي
ذريعن جي لحاظ کان ڏسبو ته سنڌ پنھنجي پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ جيڪي سو فائدي ۾ رھي
آھي. سنڌو درياھ اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه جي رخ تي وھي ٿو. ان ڪري مٿان پنجاب کان
ھيٺئين وھڪري تي سنڌ جي مکيه بندرن بکر، سيوھڻ، ٺٽي ۽ درياھ جي منھن واري لاڙي
بندر تائين آمدرفت نھايت آسانئَ سان ٿي سگھي ٿي.
ھندستان جي ٻين بندرن جي حالت ۾، ڪنھن تيز ۽ زور آور وھڪري جي سامھون مٿي اُڀي
آمدرفت آسان نه آھي، پر سنڌ ۾ ھميشه سمنڊ طرف کان زوردار ڏکڻ اولهه جي ھوا لڳي ٿي،
انھئَ ڪري وھڪري جي سامھون مٿئين طرف به آمدرفت سولائي سان ٿي سگھي ٿي. اھو ڏکڻ
اولھ وارو وھڪرو سنڌ جي ھڪ خصوصيت آھي.“(57) مطلب ته لاھري بندر ھر لحاظ سان ھڪ اھم ۽
سَھنجو بندر ھو.
اھڙئَ
ريت هئَ ڳالهه درست آهي ته ”سنڌ کي لاھري بندر، ھندستان جي اتر
اولھ وارن سامونڊي ڪنارن وارن شھرن سان
ملائي ڇڏيو ھو، جنھن جي ڪري خليج جي ڪيترن ئي ملڪن سان واپار وڌيو. جھڙوڪ: بصرا، بندر عباس، مسقط، ڪونڪن، بحرين، ڪنجي، سورت وغيره. ان زماني ۾ تيار
ٿيندڙ اڪثر مال لاھري بندر ذريعي ڏيساور اماڻيو ويندو ھو. ان ۾ گھڻائئَ ۾ سوٽي
ڪپڙو، سلڪ، کنڊ، ڌاڳو، نير، شورو، چمڙي جو سامان، گلم، نقش و نگار وارا قلمدان
ھوندا ھئا.“ رحيم داد مولائي شيدائئَ پنھنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکيو آھي ته: ”محمد
تغلق ھي بندر قاضي علاءُالملڪ ھراتيءَ کي جاگير ڪري ڏنو ھو. بندر جي ساليانه آمدني
20 دينار ھئي.“(58)
ايڇ ٽي سورلي تجارت جي لحاظ سان ذڪر ڪندي
مسٽر فرندلي شيراز جي حوالي سان لکيو آھي ته: ”زراعت ھن ملڪ جي اھم صنعت آھي. جنھن
کي گھرو ھنر وڏي ھٿي فراھم ڪئي ھئي، جيڪا ملڪ جي ڪن حصن ۾ ته وڏي عروج تي پھتل ھئي.“(59) اڳتي لکي ٿو ته: ”انگريزن کان اڳ واري ھندستان ۾ آمد
رفت گنگا ۽ سنڌو نديءَ کان سواءِ بلڪل ئي بيڪار ھئي. فقط ھڪ رستو ھوندو ھو، جيڪو
آگري کان لاھري ويندو ھو. انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به آمد و رفت جو رستو ڪونه ھو.“(60) ھن بيان مان هن بندر جي واپاري اھميت جي سُڌ چٽيءَ
ريت ملي ٿي. ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته: ”تڏھن اھو ثابت ٿيندو ته سنڌ جنھن کي سنڌو
نديءَ جي روپ ۾ ھڪ ٻيو تجارتي رستو ھو ۽ سندس سڌو تعلق ھندستان جي تاريخ جي ٻن
مشھور ترقي پذير شھرن، ملتان ۽ لاھور سان به ھو. سندس ڏينھون ڏينهن ترقي ڪندڙ صنعت
به پنھنجي عروج تي ھئي. ٺٽي جھڙي وسيع تجارتي منڊي ۽ ان جي ڀر ۾ ھر وقت مشغول
لاھري بندر ھو.“(61) ڀيرومل پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي
ھندن جي تاريخ“ ۾ لاهري بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”مسقط ۽ ٻين پاسن کان جيڪو
مال ايندو ھو، سو ھن بندر تي اچي لھندو ھو، جتان پوءِ ٺٽي ويندو ھو“(62) منھنجي خيال ۾ لاھري بندر نه رڳو سنڌ پر ھن سڄي
برصغير بلڪِ سڄي دنيا جي لاءِ ھڪ اھم بندر ھو. سنڌ ساڻيهه ته اُن دور تائين ھونئن ئي سڄي دنيا جي ملڪن ۾ واپار وغيره جي لحاظ سان مشھور ملڪ ھو، ڇا ڪاڻ
ته سنڌ زراعت، صنعت وغيره جي لحاظ کان دنيا لاءِ دلچسپئَ جو وڏو سبب ھو.
ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي
اقتصادي تاريخ“ ۾ سنڌ جي زراعت، صنعت، واپار ۽ تجارت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”سنڌ
جي گادئَ جو ھنڌ ٺٽو بين الاقوامي تجارت جو ھڪ مرڪز بنجي پيو ۽ دنيا جي عظيم شھرن
مان ھڪ ليکجڻ لڳو“(63) وري ائبٽ جي
حوالي سان اڳتي لکي ٿو ته: ”انھئَ سنڌ کي ٻين قومن منجهه ھڪ امتيازي مقام ھٿ ڪري
ڏنو. سندس لاھري بندر تي، جنھن کي وسيع ساحل ھو، اورانھن ۽ پرانھن ديسن جا جھاز
ايندا ھئا“.(64) انگريز واپاري لاھري بندر تي جڏھن 1735ع ۾ آيا تڏھن
ھي بندر/شھر خوشحال ھو. سستائي گھڻي ھئي، مسواڙ لاءِ گھر سستا ھئا، مڇي، اناج ۽
چوپائي مال جي گھڻائي ھئي.
تمام
گھڻن تاريخي ڪتابن ۽ لکڻين مان ثابت ٿئي ٿو ته ھن خطي ۾ لاهري بندر جي وڏي اھميت ۽ حيثيت ھئي. واپاري لحاظ سان ھي سڄي دنيا جي ملڪن سان
ڳنڍيل ھو ۽ ڏيھان ڏيهه مشھور ۽ معروف ھو. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکيو آھي ته: ”ڀانئجي ٿو ته
لھري بندر قديم ديبل کان به گوءِ کڻي ويو ھو.“(65)
اھوئي سبب ھو جو گھڻو آڳاٽو لاھري بندر جي ڪري سمن، سومرن ۽ تغلقن جي وچ ۾ اڻبڻت
ھئي. اُن زماني ۾ لاھري بندر جي پيداوار جو چڱو حصو دھلي سلطنت کي ملندو ھو. انھئَ
دور ۾ ابن بطوطه ھتي آيو ھو. اھو پڻ اھڙي احوال جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ھي تمام
خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي. ويجھوئي سنڌو درياھ سمنڊ ۾ ڪري ٿو. ھي شھر وڏو بندرگاھ
آھي. يمن ۽ فارس جا جھاز ۽ واپاري تمام گھڻا آھن، انھئَ (واپار) ڪري ھي شھر نھايت
مالدار آھي ۽ ھن جو محصول تمام گھڻو آھي. علاءُالملڪ مون کي ٻڌايو ته ھن بندر جو
محصول سٺ لک دينار آھي، ۽ امير علاءُالملڪ کي اُن جو ويھون ڀاڱو ملي ٿو.“(66) سمن جي سلطنت دوران بندر جي آمدني ڪافي وڌي ويئي ھئي. پوءِ نيٺ سمن پنھنجو
حق واپس ورتو ھو ۽ سنڌ جي بندر جي اُپت به سنڌ کي ئي ملڻ لڳي ھئي. انھئَ دور ۾
سياحن جي احوالن مان ظاھر ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ ٺٽي ۾ محصول مقرر ٿيل نه ھوندا ھئا،
پر تڏھن به اھي خاص طور تي ڄاڻايل ھوندا ھئا ۽ ھر بندرگاھ تي لکيل ھوندا ھئا. لاھري
بندر تي محصول دفتري لکيل ۽ ڄاڻايل ھوندو ھو.
ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب پنھنجي مضمون ”لاري بندر“ ۾ لکيو آھي ته: ”يورپي
واپارين جي ھتي اچڻ کان پوءِ لاھري بندر جي آمدني اڪبر بادشاھ ان کي خالصا جاگير،
يعني شاھي جاگير ۾ شامل ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ جھانگير جي زماني ۾ جڏھن نورجھان کي اثر
رسوخ مليو، تڏھن ھن لاھري بندر، پنھنجي ڀاءُ آصف خان کي جاگير ۾ ڏياريو. جڏھن
انگريزن ٺٽي ۾ پنھنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ چاھي، تڏھن آصف خان انھن جي مدد ڪئي ۽
ان مان ان ڳالهه جو فائدو ٿيو ۽ انگريز واپار جي ڪري ڪسٽم ڊيوٽي وڌي ويئي.“(67) مغلن جي ڏينھن ۾ سنڌ جو ذڪر
ڪندي، رحيم داد مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”مغلن جي دور
۾ سڄو ھندستان صوبن، سرڪارن، پرڳڻن ۽ محالن ۾ ورھايل ھو. ھر ھڪ سرڪار مٿان حڪومت
ھلائيندا ھئا. سنڌ ٺٽي ۽ بکر ٻن سرڪارن ۾ ورھايل ھئي، ۽ ٻئي سرڪارون ملتان جي
ماتحت ھيون. 1- ٺٽو پنجن حصن ۽ 18 محالن ۾ ورھايل ھو، سندس سالياني آمدني 991،
999، 29 دام ھئي. 2- چاچڪان يارھن محالن ۾ ورھايل ھو، سندس سالياني آمدني 586،
784، 11 دام ھئي. 3- سيوھڻ 9 محالن ۾
ورھايل ھو، سندس سالياني آمدني 808، 546، 15 دام ھئي. 4- نصرپور 7 محالن ۾ ورھايل
ھو، سندس سالياني آمدني 006، 835، 7 دام ھئي. 5- چڪرالو 8 محالن ۾ ورھايل ھو، سندس
سالياني آمدني 048، 085 5 دام ھئي. بکر 12 محالن ۾ ورھايل ھو. سکر، بکر، الور ۽
ماٿيلو ھڪڙي محال ھيٺ ھئا. جنھن جي سالياني آمدني 150، 32، 1 دام ھئي. لاھري ۽
اورنگا آباد سمنڊ تي ٻه اهم بندر هئا. انهن مان لاهري بندر جي آمدني اڪبري دور ۾
ھڪ لک سٺ ھزار روپيا ھئي“(68)
مشهور محقق ۽ عالم ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب “An
Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh”
۾ لکي ٿو ته: ”لاهري بندر تان سٺ لک دينار آمدني ٿيندي هئي. تنهن مان پنج سيڪڙو
گورنر کي ملندو هو. باقي مرڪزي خزاني ۾ ويندي هئي. دهلي سرڪار ٻاهران گھرايل هر
قسم جي مال تي ٻاويهه سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙيندي هئي.“(69)
گھڻي زماني تائين ملڪي معشيت،
دفاع، واپار وغيره جي لحاظ کان لاھري بندر جي خاص اھميت هئي، خاص ڪري حفاظت ۽ مضبوطي به هن بندر لاءِ تمام
ضروري ھئي، ڇا ڪاڻ ته گھڻن رخن کان لاھري بندر سنڌ توڙي ھند جي ٻين بندرن کان وڌيڪ
سَھنجو، سولو ۽ محفوظ ھو. مختلف ھنڌن تي وڃڻ لاءِ ماڻھو ۽ مال پھريائين ھن بندر تي
پھچندو ھو پوءِ ٻين ڏيھن ڏانھن ويندو ھو. اھڙيون گواھيون تاريخ جي لڳ ڀڳ سمورن
ماخذن ۾ موجود آھن. مير ظريف(70) جنھن کي آخري سالن
۾ شاھجھان بادشاھ پاران فدائي خان جي لقب سان نوازي، لاھري بندر سندس حڪومت ۾ ڏنو
ويو ھو، سو جڏھن حڪومت ۾ شامل نه ھو اُن کان اڳ ۾، جڏھن شاھجھان جي حڪم تي ايران،
گھوڙن جي خريداري لاءِ ويو ھو، تڏھن هو اوڏانهن ويو ۽ موٽيو به ھن بندر وسيلي ھو. صمصام الدوله
شاھنواز خان پنھنجي شاھڪار ڪتاب ”ماثرالامرا“ ۾ اھڙو ذڪر(71)
ڏنو آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته ھندستان لاءِ به ھي بندر ئي سَھنجو ۽ مناسب ھو،
سڄي ھندستان کان ماڻھو، گھڻو ڪري ڏور ڏيھن ڏانهن ھتان ئي ويندا ۽ ايندا ھئا.
تاريخ جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته يورپي ماڻھن ھند ۽
سنڌ ۾ پندرھين صدئَ ۾ اچڻ شروع ڪيو. 1498ع ۾ پرتگالي واسڪوڊيگاما(72) مشرقي آفريقا کان ٿيندو ھتي
پھتو ۽ پوءِ پورچوگيز اچڻ لڳا.(73) 1501ع ۾ ھنن گوا
تي قبضو ڪري پنھنجو مرڪز بڻايو. 1580ع ۾ پورچوگيز ڪمزور ٿيا ته ڊچ، فرانسيسي ۽
انگريز اچڻ لڳا. انگريزن وڏي ڏاھپ سان پھريائين فرانسيسين کي، پوءِ ٻين کي ھتان
بيدخل يا ڪمزور ڪيو. 218 واپارين پاران گڏجي ٺاھيل ايسٽ انڊيا ڪمپني سن 1600ع ۾
ملڪه الزبيٿ اول کان چارٽر منظور ڪرائي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃڻ ۽ وڌڻ لڳي.
ھندستان ۾ 1612ع ڌاري سورت ۾ پھرين واپاري ڪوٺي قائم ڪري، ڀڙوچ ۽ احمد آباد ۾
واپار ڪرڻ لڳا. اھڙئَ ريت انگريز ڪمپني پير پختا ڪندي، مختلف علائقن ۾ وڌندي رھي.
اڃا به ھندستان جي بادشاھ فرخ سير جڏھن کين محصول جي کُلي ڇوٽ ڏني، تڏھن انگريز
ھندستان جي واپار وغيره تي ڇانئجڻ لڳا.
سنڌ سان ته انگريزن گھڻي وقت
کان پنھنجا تعلقات قائم ڪرڻ پئي گھريا، پر ايئن ڪري نه پئي سگھيا. نيٺ سترھين صدئَ
۾ ھو هن خطي ۾ پنهنجي ڪوٺي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ھنن پھريائين سنڌ ۾ لاھري
بندر تي اچ وڃ جي شروعات ڪئي. تنهن زماني ۾ واپار ۽ دولت جي لحاظ سان سنڌ جو جڳ
مشھور شھر ٺٽو ھو، ۽ ملڪ جو خاص بندرگاھ لاھري ھو، جنھن ذريعي واپار خليج، فارس،
گوا، گجرات ۽ دنيا جي ٻين ملڪن سان ھلندڙ ھو. سنڌو درياھ جي وسيلي لاھور، قابل،
قنڌار، تاجڪستان ۽ انھئَ طرف جي ٻين ملڪن جو واپار ٺٽي تائين رسندو ھو، ۽ اُتان
پوءِ لاھري بندر تائين ايندو ھو. اھو واپاري سامان لاھري بندر کان ٻين واپارين
معرفت دنيا جي ملڪن تائين ويندو ھو. انگريز ڪمپني انھئَ واپاري اھميت کان گھڻو
باخبر ھئي. آڳاٽن دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽامس رو، جيڪو انگريزن پاران
جھانگير جي درٻار ۾ آيو ھو، تنھن سنڌ جي انھئَ اھميت متعلق ڪمپنئَ کي چڱئَ ريت
آگاھ ڪيو ھو، ۽ واپار لاءِ غور ڪرڻ جي تجويز ڏني ھئي. سنڌ مان جيڪي شيون ٻاھر
وينديون ھيون، اُنھن ۾ سوٽي ڪپڙو، ڪپهه، سُٽ، سلڪ، نير، اناج، شورو وغيره ھو. يورپ
کان ايندڙ سامان جي به ھتي چڱي کپت ھئي. ۽ پڻ ھتان کان بلوچستان، پنجاب ۽
افغانستان سان به واپار ٿي سگھيو ٿي. جڏھن 1635ع ڌاري ٺٽي ۾ شاھي فرمان وسيلي
ڪمپنئَ واپاري ڪوٺي قائم ڪئي، تڏھن اُن جا خاص چار مقصد ھئا:
1. لنڊن جي مارڪيٽ لاءِ سوٽي ڪپڙو موڪليو وڃي.
2. نير حاصل ڪيو وڃي.
3. شوري جي بٺي قائم ڪئي وڃي.
4. لاهري بندر کان ايران ۽ ھندستان جي بندرن ۽ شھرن سان واپار ڪيو وڃي.
ڪمپنئَ جي اها واپاري ڪوٺي 27
سالن کان پوءِ 1662ع ۾ بند ڪئي ويئي. جڏھن ته پوءِ 1735ع ۽ پوءِ وري باقاعدا 1758ع ۾ نئين سري سان شروعات ڪئي ويئي. اورنگا ۽ شاھ
بندر ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ٿيون. 1644ع ۾ جان اسپلر هن علائقي مان ڪپڙي جا ڇهه هزار
تاڪيا ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ خريد ڪيا هئا. سندس احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته
تڏهن بکر، روهڙي، ساهتي، سيوهڻ، سن، نصرپور، ۽ ٺٽي ۾ ڪپڙي، گيهه، چمڙي، ڪاٺ جي
سامان وغيره جا وڏا ڪارخانا موجود هئا. سنڌو درياهه جي مختلف شاخن ڪنڌين، ٻيٽن ۽
پتڻن تي واپارين جون ڪوٺيون ۽ محل اڏيل هئا. سنڌو درياهه ۽ سندس شاخن ۾ هر وقت
ٻيڙين جي اچ وڃ هوندي هئي. لڳي ٿو ته اهو سلسلو ميرن جي حڪومتي دور تائين موجود هو
جو هينري پاٽنجر حيدرآباد کان راڄي ديري ڏانهن ويندي رڳو 9 ڏينهن ۾ 349 ٻيڙيون
سامان سان سٿيل لنگھندي ڏٺيون هيون. هيملٽن ۽ ٻين پرڏيهي واپارين جي احوالن مان
اهو چٽيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته لاهري بندر، ٺٽي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هر شئي جي
قيمت مقرر ٿيل هئي. چين، لنڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن سان گڏ يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن
سان واپار هلندڙ هو. جڏھن سنڌ جي واپارين طرفان ڪمپنئَ جي واپار جي
مخالفت ٿيڻ لڳي ته سن 1800ع ۾ اھي ڪوٺيون بند ڪيون ويون. پر پوءِ تڪڙو انگريز نئين
انداز سان وڌڻ لڳا. ٿورو ماضيءَ ڏانهن مڙي ڏسبو ته جنھن زماني (1717ع) کان ھندستان ۾ فرخ سير ۽ سنڌ ۾ غلام شاھ ڪلھوڙي،
انگريزن کي محصول کان آجو ڪري حوصله افزائي ڪئي تنھن زماني کان انگريز ھن علائقن ۾
وڌيڪ سگھارا ٿيا. ھنن انھئَ ٺاھ مان ڀرپور فائدا حاصل ڪيا.
ڪيپٽن اليگزيڊر ھيملٽن ھن بندر جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي ته:
”سنڌ مغل سلطنت جو سڀ کان اولھائون پرڳڻو آھي، جيڪو سمنڊ جي ھڪ ڪناري سان آھي. ھن
پرڳڻي ۾ سمنڊ کان پنج ڇهه ليگ (ھڪ ليگ = ٽي ميل) پري سنڌوءَ جي ھڪ شاخ جي ڪناري تي لاھري بندر
آھي. جتي ٻه سؤ ٽنن جا بار ڀريل جھاز اچي سگھن ٿا.“(74)
هو لکي ٿو ته: ”ھن شھر کي پٿر جو ھڪ وڏو قلعو آھي. جنھن کي چئن پنجن توبن جا مورچا
آھن، جي واپارين جي مال جي بچاءَ لاءِ آھن، ڇاڪاڻ ته اولهه پاسي کان ڄامن جون حدون
آھن. جيڪي اڪثر ڦورو ۽ ڌاڙيل آھن. ھتي مسقط ۽ ٻين پاسن کان جيڪو مال اچي ٿو، سو ھن
بندر تي اچي لھندو آهي ۽ اُتان ٺٽي ڏانهن موڪليو ويندو آھي.“(75)
نيڪولسن وٿنگٽن انگريزن مان
آڳاٽو (1612ع کان 1613ع) مصنف آھي، جنھن کي ھتي موڪليو ويو ھو. انگريز ڪوٺي جي
نگرانيءَ لاءِ ڪيپٽن بيسٽ کيس 1612ع ۾
مغلن جي علائقي ۾ مقررڪيو ھو. ھن کي سنڌ جو سفر ڏاڍو ڏکيو ڪاٽڻو پيو ھو ۽ ھو ڏاڍو
پريشان ٿيو ھو، تنھن پنھنجي ننڍڙي ڪتاب ۾ ڪي حقيقتون قلم بند ڪيون آھن. ھو ٻڌائي
ٿو ته: “سنڌ اندر ٺٽي جھڙو واپار سڄي ھندستان ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. مکيه بندر لاري
آھي، جيڪو ٺٽي کان ٽن ڏينھن جي پنڌ تي آھي.”(76)
جيڪو ماڻھو ڪنھن سفر ۾ تمام گھڻو پريشان ٿيو ھجي، تنھن ھوندي به لکي ته ھندستان
جو ڪو به شھر ٺٽي کان واپار ۾ وڌيڪ نه آھي....... وڏي ڳالهه آھي. لاهري بندر بابت
”قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”مينوسي 1657ع ۾ ھتي آيو ھو. ھن
پورچوگيزن جي واپاري ڪوٺي ۽ گرجا گھر به ڏٺو ھو. انھئَ زماني ۾ اورنگا بندر موجود
ھو. پر پوءِ به لاھري بندر کي اڃان به اھميت ھئي. اھا تعجب جھڙي ڳالهه ڪانه آھي،
جو ديبل \ ديول، لاھري بندر جون يادگيريون ماڻھن جي ذھنن اندر محفوظ رھيون. ھنن
کان سواءِ ٻيا به گھڻا بندر ولايتي ماڻھن، سياحن ۽ واپارين انھن نالن سان سڏيا
آھن. ڪيترن ڏيھي ماڻھن به ايئن ڪيو ٿو ڏسجي. سورھين ۽ سترھين صدئَ وارو ديول بندر، دراصل لاري بندر آھي. سترھين صدئَ جي ٻئي اڌ ۽ ارڙھين صدئَ جي پھرين اڌ تائين
اورنگا بندر موجود ٿو ڏسجي.“(77) راورٽي لکيو آھي ته:
”بگھياڙ سنڌ جو اولھندو ڦاٽ آھي. جيڪو ٺٽي شھر کان ٿورو ڏکڻ درياھ مان ڇڄندو آھي.
چيو ويندو آھي ته اھو وھڪرو 1699ع ۾ لاھري بندر تائين جھازرانئَ لائق رھيو. ان دور
۾ اھو سنڌ جو مکيه بندر ھو.“(78) ٿيوناٽ جيڪو 1666ع
ڌاري سورت بندر آيو ھو. ان جو بيان راورٽي پنھنجي ڪتاب ۾ ھن ريت ڏنو آھي. ”لاھوري
بندر تي ڏاڍو وڻج واپار ھلندو آھي. ھي شھر سمنڊ جي ڪناري تي ٺٽي شھر کان ٽن ڏينھن
جي پنڌ تي آھي. سڄي ھندستان ۾ جھازن واسطي ھن جھڙو ٻيو ڪو به بندر نه آھي.“(79)
مٿين ڳالھين ۽ سببن جي ڪري ھتي
واپار به گھڻو وڌي ويو ھو. عرب ملڪن ۽ ايران سان ته خاص واپاري تعلقات قائم ٿي چڪا
ھئا. مسٽر منوسي، سنڌ جي واپار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”درياھ تمام وڏو آهي. جيڪو
ستن درياهن جي ميلاپ سان جڙيو آهي، جيڪي ملڪ جي اندروني علائقن کان وهندا هيٺ
ايندا آهن. هتي اسان ڪيترائي عربي، فارسي سامونڊي جھاز ڏٺاسين، جيڪي کجور، گھوڙن،
سچن موتين، بخورات ۽ يهودين جا مقدس پٿر گھڻي تعداد ۾ مڪي کان درآمد ڪندا آهن. ان
جي بدلي ۾ هو ڳاڙهي ۽ اڇي کنڊ، مکڻ، زيتون ۽ ناريل کڻي ويندا آهن. جن کي ماهر طب
چوندا آهن. ........ هو اڇو سوٽي ڪپڙو ۽ ٻين ڪيترين ئي شين جا قسم برآمد ڪندا آهن،
جيڪي هن خطي ۾ ٺهندا آهن.“(80)
نڪولسن وٿنگٽن کان پوءِ اھو
سلسلو جاري رھيو. “جنت السنڌ” جو مانوارو مصنف لکي ٿو ته: ”سن 1635ع ۾ ھڪڙو انگريز
جھاز ڊسڪوري، لاھري بندر تي پھتو، جنھن تي وليم فريملين، جان سپلر ۽ رچرڊ موئلي،
انگريز تجارتي وفد جا ميمبر ٺٽي پھتا. ڪمپنئَ کين ھدايت ڪري ڇڏي ھئي ته ڪنھن به
پورچوگيز سان ڪو تعلق نه رکن، فقط ڪپڙي جو واپار ڪن. شاھي پرواني ھئڻ سبب، ٺٽي جي
عملدارن، وفد جو خير مقدم ڪيو، ۽ ميمبرن جي رھائش لاءِ شھر ۾ ھڪڙي عمارت جو انتظام
ڪيو.“(81)
لاھري بندر، جنھن پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن کي ڇڪي هن پاسي آندو، سو صدين تائين وڌنڌو ويجھندو رھيو،
ايستائين جيستائين سنڌؤَ جو پاڻي بگھياڙ وسيلي کڏي ۽ پٽي وٽان وھڻ بند نه ٿيو. ھن بندر لاءِ لڳ ڀڳ سڀئي سياح ۽ تاريخدان
لکن ٿا ته: ”ھي بندر تمام وڏو ھو ۽ آدمشماري تمام گھڻي ھيس، ھتي ھر وقت جھازن جون
قطارون لڳل ھونديون ھيون. جيتوڻيڪ اھو سمنڊ کان ڪجهه فاصلي تي واقع ھو، پر تڏھن به
ٻه سؤ ٽنن جا ٻيڙا بيھي سگھندا ھئا. 18 صديءَ تائين اتان ٺٽي وڃي سگھندا ھئا.“ راورٽي لکي ٿو ته: ”اولهه طرف ٻه سؤ ٽن وزني جھاز ھاڪاري سگھبا ھئا. مٿيون بندر
ڇوڙ واري ٿاڪ کان ويھارو کن ميلن تي ھو.“(82) جنھن بندر تي ايڏا وڏا جھاز اچي سگھن، اھو ضرور سَنھجو
ھوندو. اھوئي سبب آھي جو ھن بندر تي دنيا جي ملڪن جا واپاري به آرام سان اچي وڃي
سگھندا ھئا. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي سنڌ ساڻيهه جي واپارين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ايئن چوڻ
۾ ڪو به وڌاءُ نه آھي، جو شايد ڪوبه اھڙو وڏو شھر يا مکيه سامونڊي بندر نه ھوندو،
جتي ڪو سنڌي واپاري جواھرن، ھنري چيزن ۽ ريشمي سامان جو واپار ڪندو نظر اچي. اُھي
ھتان کان آيل آھن. جھڙي طرح اڳي ٺٽي، نصرپور، سيوھڻ، بکر ۽ لھري بندر جا واپاري
يورپ ۽ ايشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجي ملڪ سنڌ جو نالو وڃي چمڪائيندا ھئا“.(83) توڙي جو لاهري بندر جي پڄاڻي
ٿي چڪي هئي پر اهو به معلوم ٿئي ٿو لاهري بندر ۾ ارڙهين صديءَ تائين به ڪجھ واپار
هلندو رهيو. جڳ مشهور تاريخدان جادوناٿ سرڪار پنهنجي ڪتاب ”اورنگزيب“ کلي ٿو
ته: ”ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺٽي، لاهري بندر، اورنگا بندر ۽ شاهبندر ۾ جيڪي قلمي شوري کي
صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا هئي سي 1799ع تائين هلندا رهيا.“(84)
مطلب ته نه رڳو ھي بندر ۽ ھن بندر جو واپار دنيا ۾
مشھور ٿيو، پر ھتي جا واپاري به ھتان نڪري دنيا جي ملڪن تائين پھتا ۽ اُتي رھي
پنھنجو ڪاروبار ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيائون.
هتي هاڻوڪن آثارن جا فوٽو ڏبا ۽ هڪ خاڪو
انتظام
ھن بندر جو انتظام به ڏاڍو
سھڻو ۽ ڏاھپ ڀريو ھو. بندرگاھ ۽ شھر جو انتظام شاھ بندر يا مير بندر (يعني اعلا عملدار) سنڀاليندو ھو. ڪسٽم ۽ روينيو جمع ڪرڻ،
حملن، چوري چڪارئَ کان محفوظ رکڻ سندس فرض ھو. شاھ بندر کان سواءِ ٻيو به نائب
ھوندو ھو، جيڪو حڪومت جو ملازم ھوندو ھو. جنھن جو ٽي سؤ رپيه ماھوار پگھار ھوندو
ھو. بندرگاھ تي، جھاز مان سامان لاھڻ بعد ڪسٽم عملدار جائزو وٺي، ڪسٽم ڊيوٽي
لڳائيندا ھئا. ڪسٽم ڊيوٽي روڪ رقم جي صورت ۾ ورتي ويندي ھئي. اھڙي قسم جي لکت
رجسٽر ۾ درج ڪئي ويندي ھئي. هن بندر جي انتظام جي سلسلي ۾ ”تاريخ طاھري“ واري مصنف
جو بيان به ڏاڍو دلچسپ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آھي، سو ھتي پيش ڪجي ٿو: ”ٺٽي ۽ لاھري بندر
جي وچ ۾ خشڪي ۽ درياھي رستي ٻن ڏينھن جي پنڌ جو مفاصلو ٿيندو. ان کان پوءِ سمنڊ
تائين ھڪ منزل ٿيندي، اتان نار نالي ھڪ سوڙھو واھ نڪري بندر تائين اچي ٿو. جنھن جي
ڊيگهه ڪٿي ڏھ طناب (طناب زمين جي ماپ لاءِ اڪبر بادشاھ جي زماني ۾ رائج ھو) ته ڪٿي
وڌيڪ ٿيندي. پر ان واھ جي اونھائي گھڻي آھي. درياھ جي وچاڳ ۾ ٻي آبادي نه آھي.
اُتي مير بندر جي چوڪي آھي. جنھن ۾ ھڪ توب تيار رکي وڃي ٿي، جڏھن ڪا ٻيڙي سمنڊ مان
اچي ان واھ تائين پھچي ٿي ته توب ڇوڙي وڃي ٿي. جنھن مان چوڪيدارن کي خبر پوي ٿي ته
سمنڊ مان ٻيڙي واھ ۾ داخل ٿي رھي آھي. جواب ۾ ھيڏانھن به توب ڇٽي ٿي، جنھن جو آواز
بندر تائين پھچي ٿو ۽ ڄاڻ پوي ٿي ته نئين ٻيڙي اچي رھي آھي، پوءِ سڄو تفصيل ٺٽي جي
سوداگرن ڏانھن موڪلي، چوڪيدار ۽ پاڻ، ننڍين ٻيڙين ۾ چڙھي، نار جي منھن تي پھچي جاچ
ٿا ڪن ته اھا ٻيڙي ڪنھن جي آھي؟ جنھن جي ٻيڙي ھوندي آھي، ان جو ڄاڻ ٻين واسطيدارن
ڏانھن پھچائيندا. جيڪي به غوراب ۾ چڙھي سڌو اُتي ھليا ايندا. پوءِ جيڪڏھن پنھنجي
بندر جي ھوندي ته ان کي نار ۾ لاھي لاھري بندر تي لنگر ھڻائيندا، پر جيڪڏھن ٻي
ڪنھن بندر جي ھوندي ته ھن کي اُتي ترسائي سڄو سامان غورابن ۾ ڀري شھر ڏانھن آڻيندا.“(85)
مٿين تفصيلي احوال مان ھن بندر تي بچاءُ لاءِ هڪ بهترين
انتظام ھئڻ جي چٽي ريت سُڌ پئي ٿي ته
ھتي ڪيڏو نه سٺو ۽ مٿاهين درجي جو انتظامي نظام ھوندو ھو. ٻين به ڪيترين ئي لکتن مان ھن بندر جي سٺي انتظام ھئڻ جا
ثبوت ملن ٿا. ڊاڪٽر سورلي لکيو آھي ته: ”لاھري بندر ۽ ٺٽي جي وچ وارو بند مستقل
طور تي ٻي نقطه نظر کان به ھڪ مصيبت بڻيل ھو. ٽيور نيئر ھڪ انگريز ڪيپٽن متعلق ھڪ
دلچسپ واقعو بيان ڪيو آھي، جيڪو ھن بندر ۽ ٺٽي جي وچ تي سفر ڪري رھيو ھو. بادشاھ
اھو قبول ڪيو آھي ته جھاز جا انگريز ڪيپٽن جڏھن جھاز مان لھي ڪناري تي ايندا ته
سندن تلاشي نه ورتي ويندي پر ھڪ ڏينھن انگريز ڪيپٽن ٺٽي ڏانھن ويو. جيڪو شھر
ھندستان جي تمام وڏن شھرن مان ھڪ آھي. جڏھن شھر گھمي رھيو ھو ته محصول جي عملدارن
کيس گرفتار ڪيو ۽ پاڻ بچائي نه سگھيو.“(86)
اڳتي هلي پاڻ ئي لکي ٿو ته: ”ھن ۽ ٻين اھڙين ھمعصر لکتن مان سمجھي سگھجي ٿو ته سنڌ
۾ خشڪي ۽ آبي تجارتي نظام بھترين بنيادن تي بيٺل ھو. واپار، ڌنڌو سٺي نموني سان
قائم ڪيل ھو ۽ مٿانئس حڪومت جي نظرداري به تمام عمدي ھئي.“(87)
هنن احوالن مان بندر ۽ سٺي انتظام هئڻ ۽ حڪومتي قاعدي قانون جي
به سُڌ ملي ٿي. مٿين احوالن مان اهو به
معلوم ٿئي ٿو ته جاگرافيائي لحاظ سان به ھن بندر جي بيھڪ ڪجهه اھڙي ھوندي
ھئي جو نئين ناکئي کي ٻيڙو يا جھاز ھيستائين يا اڳتي ھاڪاري اچڻ ۾ گھڻي ڏکيائي پيش ايندي ھئي.
انھئَ ڏس ۾ ڪيتريون ئي شاھديون ملن ٿيون. ھينري پاٽنجر، جنھن سنڌ ۽ بلوچستان جو
سير سفر ڪيو ھو، سو پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”چون ٿا ته درياءَ جي ڇوڙ وٽ وارئَ
جو ڪو به پتو ڪونھي ۽ نه وري لاھري بندر
کان وڌيڪ اوچو ڪا ٻي رڪاوٽ آھي. لاھري
بندر دراصل سمنڊ جي ھڪ ٻانھن آھي جيڪا جنگي جھاز جي ھڪ رسي کي به مٿي وڃڻ کان روڪي
سگھي ٿي. بشرطيڪ اھو جھاز ڪنھن ڪاريگر ۽ ھوشيار ناکئي جي ضابطي ھيٺ ھجي.“(88) ايستائين جو هتي ٽپال جو
انتظام به بهترين هو. مختلف حوالن سان ”جنت السنڌ“ جو ليکڪ ٽپال جي انتظام جو ذڪر
ڪندي لکي ٿو ته: ”ھر ھڪ پرڳڻي ۽ شھر جو احوال ”واقع نويس“ لکي دھلئَ تائين
پھچائيندا ھئا. احمد آباد ۽ ٺٽو سڄي ھندستان ۾ واپار ۽ صنعت جا مرڪز ھئا. ٻنھي
شھرن ۾ تجارتي سھوليت لاءِ ھفتيوار ٽپال جو انتظام رکيل ھو. ٺٽي کان ڀُڄ، ماندوي،
گجرات، مارواڙ، پالي، جيسلمير ۽ آگري ڏانھن رستا ويندا ھئا. سباسٽن منرڪ ٺٽي کان
آگري، جيسلمير جي رستي کان پھتو ھو. ھڪڙو رستو ٺٽي کان ننگر پارڪر ويندو ھو. لاھريءَ
کان سمنڊ جو مال قافلن وسيلي ننگر پارڪر ويندو ھو.“ (89)
”جنت السنڌ“ جي ساڳئي صفحي جي حاشئي ۾ آھي ته: ” قافله سرائن ۾ وھٽن جي ھئڻ ڪري
گندگي رھندي ھئي. بلوچ ڌاڙيلن جي ڪاھن کي روڪڻ لاءِ لاھري بندر جي وچ شھر ۾ پٿر جو
مضبوط قلعو جڙيل ھو، جنھن تي توبون رکيل ھيون“.(90)
اسان کي پرڏيهي ۽ خاص ڪري هتي آيل پرڏيهي واپارين ۽ سيلانين جي
احوالن مان پتو پئي ٿو ته ٺٽي ۽ لاهري
بندر جي وچ تي به اھڙو ھڪ مضبوط قلعو ھوندو ھو، جيڪو حفاظتي انتظامن ۽ مسافرن جي
منزل ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو ھو. انھئَ قلعي جو ذڪر يورپي سياح ۽ واپاري ھيملٽن مختلف
ھنڌن تي ڪيو آھي. ھو ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: ”ھن (لاھري بندر) جي اولهه ۾ ھڪ وڏو قلعو
آھي. انھئَ ۾ 500 ماڻھن ۽ گھوڙن جي رھڻ جي سھوليت آھي. ھتي ماڻھن جي رھڻ جي لاءِ
بيرڪون ۽ گھوڙن لاءِ طنبيلا آھن. نواب لاءِ ھڪ وڏو محل موجود آھي. اھو سمورو سامان
جيڪو ٺٽي کان لاھري بندر ايندو آھي، انھن جي لاءِ اُٺن، ڍڳن ۽ گھوڙا گاڏيون
استعمال ٿين ٿيون.“(91) انھئَ سفر دوران
به قافلن لاءِ چڱو حفاظتي انتظام مقرر ٿيل ھوندو ھو. ھيملٽن لکي ٿو ته: ” قافلن جي
حفاظت لاءِ ٻه سؤ (200) گھوڙي سوارن جا دستا ھوندا آھن. جيڪي ٺٽي جو نواب يا گورنر
انھن سان گڏ موڪليندو آھي.“(92) پر مختلف دورن خاص
ڪري ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ حالتون تبديل ٿي ويون. مقامي ماڻھن جي حاڪمن سان ڪا
به دلچسپي نه رھي ۽ انھن خلاف آواز ۽ هلچل اُڀرڻ لڳي. ڪن زمانن ۽
وقتن تي ٺٽي کان لاھري بندر تائين مال پھچائڻ جي لاءِ اُٺ، ڍڳي ۽ گھوڙي گاڏيون
استعمال ٿينديون ھيون، جيڪي قافلن جي صورت ۾ سفر ڪنديون ھيون. ساڳئي وقت مختلف
تاريخن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته انھن قافلن کي سفر دوران ڦورو ڦريندا به ھئا. پر
انھئَ ۾ به ڪو شڪ نه آھي ته تنهن دور ۾ مقامي ماڻھن پاران لڳاتار ايندڙ ڌارين ۽ سندن ڦر لٽ وغيره خلاف مزاحمتي تحريڪ به اُڀري رھي ھئي.
جنھن جون شاھديون به تاريخ ۾ ملن ٿيون. ھيملٽن، لاھري بندر ۽ ٺٽي واري رستي ۾ چوري
چڪارئَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ” ڦورو سامان سان ڀريل گاڏيون ڦريو ٿا وڃن. 1699ع ۾
چار پنج هزار بدمعاشن جي جٿي، ھڪ مال، دولت وغيره سان ڀريل قافلي کي لٽيو ھو. سندن
حفاظتي دستو جيڪو اڍائي سؤ (250) گھوڙي سوارن تي مشتمل ھو، سو سڄي جو سڄو قتل ڪري
ڇڏيائون. پنج سؤ واپاري ۽ سامان کڻڻ وارا، جيڪي قافلي سان گڏ ھئا، جڏھن اُھي ڦرجي،
لٽجي اچي ٺٽي پھتا، تڏھن انھن ٻين کي به ڊيڄاري ڇڏيو.“(93)
افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھيملٽن جھڙو سياح ۽ ليکڪ سڀ حقيقتون بيان ڪندي اها حقيقت
سمجھي نه سگھيو يا ڄاڻي واڻي ان حقيقت کي بيان ڪرڻ کان لنوائي انهن ماڻهن کي ”پنجن
ھزارن جو بدمعاش جٿو” لکيو آهي. ڏٺو وڃي ته ڪٿي ۽ ڪڏھن به ايتري تعداد ۾ ڦورو گڏ
جٿي جي صورت ۾ نه رھيا آھن، ڇاڪاڻ ته اھو بنهه ناممڪن آھي. اھا حقيقت ھيئن آھي ته
سنڌ ملڪ ۾ ان وقت مقامي ماڻھن پاران، ڌارين ماڻھن خلاف سخت مزاحمت ٿي رھي ھئي. انھئَ
مزاحمت جو اھو ھڪ چٽو مثال آھي. ظاھر آھي ته جنھن ملڪ تي ڌارين جو قبضو ھجي ۽ ٻيا
ڌاريان به ڦرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل ھجن ته مقامي ماڻهن پاران پنھنجي ملڪ ۽ ملڪ جي
وسيلن کي بچائڻ لاءِ وڙھڻ ۽ ڌارين جي ظلم، ڏاڍ، ناحق ۽ نا انصافئَ خلاف مزاحمت ھڪ
فطري عمل آھي جيڪو عمل هي ڪري رهيا هئا.
مرزا عيسيٰ خان ترخان جي دور ۾ پورچوگيز لاھري بندر
کان ٺٽي تائين آيا ھئا ۽ اچي جيڪا ڦرلٽ ڪئي هئائون سا ساري جڳ ۾ مشهور آهي جنهن جو ذڪر ٿي چڪو
آهي. اُن واقعي متعلق مير علي
شير قانع لکيو آھي ته: ”فرنگي، گوا بندر کان لاھري بندر تي آيا ۽ لاھري بندر واري
کاري جي دڪي کان بيڌڙڪ پھچي ٿي سگھيا.“(94)
پورچوگيز ٺٽي ۾ پھچي، ٺٽي شھر کي ڦري لُٽي تباھ ڪري، باھيون ڏيئي، آخر ۾ ويندي
ويندي ھن بندر ۽ ٻين وستين کي باھيون ڏيندا ويا. شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي
پنھنجي تصنيف ”تحفة الطاھرين“ ۾ اھو سربستو احوال ھن ريت لکيو آهي ته: ”مرزا شاھ
حسن ارغون کي اولاد ڪونه ھو ان ڪري سندس وفات کان پوءِ سنڌ ملڪ ان جي ٻن وڏن اميرن
۾ ورھائجي ويو. سمنڊ کان ھاله ڪنڊئَ تائين مرزا عيسى ترخان، ۽ سيوستان کان بکر تائين سلطان محمود
خان جي قبضي ۾ آيو. آخر ٻنھي ڌرين جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو. مرزا عيسى، سلطان جي مھم کان پريشان ٿي، فرنگين کان
پنھنجي مدد لاءِ لشڪر جي درخواست ڪئي. جڏھن انھن فرنگين جي اچڻ ۾ دير ٿي ته، حملو
ڪري سيوستان جو قلعو ۽ آسپاس قبضي ۾ ڪري ورتائين. ان وچ ۾ فرنگي،گوئا بندر کان
لاھري بندر تي آيا ۽ سن 962ھ، جمعي جي ڏينھن، ٺٽي شھر ۾ اچي ڪڙڪيا. ملڪ کي مالڪ
(بادشاھ) کان خالي ڏسي، گھٽين ۽ نالين ۾ بارود وجھي، ٺٽي شھر کي باھ ڏنائون. مار
ڌاڙ ۽ خونريزي شروع ڪيائون. اھڙي طرح ماڻھو، جن مان گھڻا ته اوليا الله ھئا، شھيد
ڪيائون“.(95) مشھور ڪتاب ”دي
ھسٽري آف دي ڊسڪوري ائنڊ ڪانڪيسٽ آف انڊيا باءِ دي پورچوگيز“ جي حوالي سان جنرل
ھيگ لکي ٿو ته: ”اھو جنگي ٻيڙو (پورچوگيزن جو) خير سان وڃي ٺٽي پھتو، جتي سنڌ جي
باشاھ جي درٻار ھئي. شھزادو جيڪو ٺٽي ۾ موجود ھو، تنھن بئريٽو سان ملاقات ڪري،
سندس پھچڻ جو اطلاع، پنھنجي پئُ ڏانھن موڪليو. سندس پيءُ ان وقت ٺٽي کان ٻاهر هو
تنهن نياپو ڏياري موڪليو ته پورچوگيزن جي ڪمانڊر کي ٿوري انتظار ڪرڻ لاءِ چيو وڃي.
بئريٽو انتظار ڪيو، ٿوري وقت کان پوءِ کيس پتو پيو ته بادشاھ کيس ٻڌائڻ کان سواءِ
پنھنجي دشمن سان صلح ڪري ڇڏيو آھي.“(96)
اڳتي لکي ٿو ته: ”ھن شھزادي کان واعدي ڪيل خرچ پکي جي گھر ڪئي. جنھن بابت سنڌ جو
سفير باسين جي گورنر سان ڏيڻ جو واعدو ڪري آيو ھو، شھزادي خرچ پکوڪجهه ٿورو ڏيڻ
پئي چاھيو، جنھن تي بئريٽو پنھنجا ماڻھو جھازن مان ھيٺ لاھي شھر ۾ ڪاھي پيو. ڪاوڙ
۾ اچي ھن اٺ ھزار ماڻھو قتل ڪرايا، شھر کي باھ ڏياري، جنھن ۾ ٻن ملين جي ملهه
جيترو ته رڳو سون سڙي رک ٿي ويو. پوءِ ھن پنھنجي ٻيڙن تي ايترو قيمتي سامان لڏيو،
جنھن جو مثال ايشيا ۾ ڪٿي به ملي ڪونه
سگھندو، ھن ڪاروائئَ ۾ پورچوگيزن جو ھڪڙو ماڻھو به ڪونه مئو. ھو ٺٽي ۽ سامونڊي
ڪناري جي وچ تي، ٻنھي ڪنڌين سان، اٺ ڏينھن ساندھ ڦرلٽ ڪندا رھيا. بنديل (لاھري)
بندرگاھ ۾ مزاحمت ڪئي ويئي پر نيٺ اھو فتح ڪري، پوري ريت ناس ڪري ڇڏيائين.“(97) مطلب ته پورچوگيزن پاران ھن حملي
۾ نه رڳو ھزارين ماڻھو قتل ٿيا ۽ ٺٽي جھڙي شاھوڪار ۽ سهڻي شھر کي باھ ڏئي ساڙيو
ويو، پر لاھري بندر کي به ناس ڪيو ويو. جنرل ھيگ، ھڪ فرينچ مصنف جي ڪتاب "Histoire des decouvertrtes et conquestes des
portugais dans Le Nouveau Mande par le pere Jose Francois Lafitan de La
Campagnine De Jesus Paris1733 جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”پورچوگيزن جي حملي ۾ اٺ ھزار ماڻھو ماريا ويا. سندس ڪي
ٿورا ماڻھوزخمي ٿيا. سون جيڪو باھ ۾ سڙي
رک ٿي ويو، تنھن جو ملهه ٻن ملين کان به وڌيڪ ھو، ڦرلٽ ڪري جيڪو قيمتي مال ھٿ ڪيو
ھئائون، ان جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونه ھو. واپسئَ واري سفر ۾ سمنڊ ۾ پھچڻ تائين ڦرلٽ مچائيندا، قتل عام
ڪندا، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ پکيڙيندا ويا“.(98)
ھونئن به پورچوگيز گھڻي وقت کان وٺي، ھند سنڌ جي سامونڊي علائقي ۾ ڦرون ۽ ڌاڙا
ھڻندا رھندا ھئا ۽ ھتي جا ماڻھو کانئن گھڻو آزاريل ھئا. مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب
”جنت السنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”مرزا شاھ حسن ملتان فتح ڪيو، ۽ سيوي، شال، مستونگ ويندي
گرم سيل تائين علائقا ارغونن جي قبضي ھيٺ ھئا.
قنڌار مرزا غازي بيگ جي جاگير ھو، تنھنڪري ھرات، خراسان ۽ سمرقند جا رستا،
سنڌ سان واپار لاءِ کليل ھئا. سمنڊ رستي واپار لاھري بندر ۽ ٺٽي سان چالو ھو، مگر
سمنڊ تي پورچوگيزن جي حڪومت ھئي، ھرمز ٻيٽ ۽ گجرات جا ٻه بندر ڊمن ۽ ڊيو سندن قبضي
ھيٺ ھئا. سندن تجارتي ايجنٽ ٺٽي ۾ رھندو
ھو، پورچوگيز سمنڊن تي جھازن کي ڦري ماڻھن کي قيد ڪندا ھئا، ان سبب ڪري ھندستان جا
سمورا حاجي مڪي ڏانھن خشڪئَ رستي ٺٽي ۽ مڪران جي ڪناري واري رستي کان ويندا ھئا“.(99) اڪبر بادشاھ جي زماني ۾
پورچوگيز سامونڊي علائقي ۾ ڦرون ۽ ڌاڙا
ھڻندا رھيا، تنھن ڪري عبدالرحيم خانِ خانان انھن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ھئا. “جنت
السنڌ” ۾ اھڙو احوال ھن ريت بيان ڪيل آھي: ”سن 1000هه ۾ خانِ خانان پورچوگيز کي
سيکت ڏيڻ لاءِ ٺٽي کان لاھري بندر پھتو، ۽ ڪجهه وقت سمنڊ جو نظارو ڏسڻ لڳو. سندس
پاران شاھ بيگ، غازي خان، جانش بھادر، خواجه خضري، ٺٽي جي انتظام لاءِ مقرر ٿيا.
لاھري بندر ۾ جيڪي پورچوگيزن جا جاسوس رھندا ھئا، تن کي شھر مان تڙي ڪڍڻ کان پوءِ
فتح باغ جي انتظام کي درست ڪري خانِ خانان، مرزا جاني بيگ کي سندس اھل و عيال سميت
دھلئَ ڏانھن وٺي ويو، ۽ ٺٽي تي اڪبر پاران دولت خان لوڌي، حاڪم مقرر ٿيو”.(100) مانواري محقق ڇٻلاڻي صاحب موجب
پورچوگيزن جي سرڪاري روزنامچو لکندڙ ائنٽونيوبوڪارو (ع1631) به لکيو آھي ته: “ھي
بندر تمام وڏو ۽ آدم شماري به تمام گھڻي ھئي.“(101)
مرزا
غازي بيگ جي دور
۾ به لاھري بندر عروج تي رھيو. ”مرزا غازي بيگ، مير عبدالرزاق معموري کي ملڪ جو
امين ۽ سيوھڻ، لاھري بندر ۽ ضرب خاني جي نگراني ۽ انتظام جي عھدي تي مقرر ڪيو.“(102)
اڪبر بادشاه، عبدالرحيم خانِ
خانان جي اڳواڻي ۾ فوج موڪلي سنڌ تي حملو ڪيو. لڳ ڀڳ ٻه سال کن جنگ ھلندي رھي، ٻه
وڏيون ڪاھون ڪيون ويون ۽ سنڌ تباھ ٿيندي رھي. عبدالرحيم خانِ خانان جڏھن سنڌ ملڪ
تي قبضو ڪيو ته ملڪ جو انتظام سنڀالڻ کان پوءِ مرزا جاني بيگ ۽نواب خانِ خانان گڏجي
ٺٽي پھتا ۽ قلعو تغلق آباد (ڪلان ڪوٽ) ڏسڻ آيا. اتان سير، سفر ۽ شڪار جي لاءِ لاھري
بندر روانه ٿيا. رستي ۾ منھوڙو ڏسڻ جو خيال ٿين جيڪو ھڪ جزيري جي صورت ۾ لاھري
بندر کان ويهه ڪوسن جي مفاصلي تي آھي.“(103)
” ترخان نامي“ وارو صاحب خانِ خانان جو درياهه تي وڃڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ان
دوران ڏاڍيون تيز ھوائون لڳيون ۽ درياھ به وڏيون ڇوليون ھڻڻ لڳو. جيئن ته خانِ
خانان جي ماڻھن ان کان اڳ اھڙو منظر ڪڏھن به نه ڏٺو ھو ۽ ٻيڙيون به وڏا لوڏا کائڻ
لڳيون، جنھن ڪري انھن کي اُلٽيون اچڻ لڳيون. خانِ خانان سوچيو ته اھو طريقو اختيار
ڪرڻ عقل بعيد ھو. انھيءَ موقعي تي مرزا جاني بيگ کي چيو ويو ته اسين خانِ خانان جي
ٻيڙيءَ کي ٻوڙي ڇڏيون پر مرزا جاني بيگ بلند آواز سان ”استغفار“ پڙھي چيو ته خدا
نه ڪري، جو ائين ٿئي جو آئون پنھنجي عھد جي خلاف ورزي ڪريان. منھنجي جان، خانِ
خانان سان آھي.“(104) ”اھڙي ريت پوءِ لاهري
بندر پھتا، جتي اھي سمنڊ ڪناري تي اچي لطف اندوز ٿيا.“(105)
ڏسجي ٿو ته جنھن دور ۾ سنڌ مغل حڪومت حوالي ٿي، تنھن دور ۾ لاھري بندر اھم بندر
ھو. اڪبر، سيوستان، لاھري بندر ۽ ضرب خانو خلاصي طور شاھي (پنھنجي) غلامن جي ھٿ
ھيٺ رکي، باقي ملڪ مرزا جاني بيگ جي حوالي ڪيو.(106)
يوسف ميرڪ پنھنجي شاھڪار ڪتاب ”تاريخ مظھر شاھجھاني“ ۾ لکي ٿو ته: ”جڏھن مرزا جاني
بيگ بادشاھي درٻار مان مشرف ٿي چڪو ته اڪبر بادشاھ سلطنت جي تدبير مطابق، سيوھڻ ۽
لاھري بندر واريون راڄڌانيون قبضي ۾ آڻي مرزا جاني بيگ کان الڳ ڪري، شاھي تحويل ۾
آنديون ۽ باقي چار راڄڌانيون مرزا جاني بيگ کي جاگير طور بخش ڪيائون.“(107) هتي ٻين ڳالهين سان گڏ ٽپال جو
بهترين نظام موجود هو. معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي ۽ احمد آباد جي وچ ۾ هفتيوار ٽپال نظام باقاعدا رکيل هو.
لاھري بندر جو ڦٽڻ
جڳ مشهور لاهري بندر مليل حوالن موجب 10هين عيسوي صديءَ کان 18هين عيسوي
صديءَ تائين لڳ ڀڳ 800 سالن تائين قائم رهيو. نيٺ 18هين عيسوي صديءَ ۾ سدائين لاءِ
اُجڙي ويو لاھري بندر جي اجڙڻ متعلق ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ لکيو آھي ته: ”لاھري بندر
جي اھميت ان وقت ختم ٿيڻ شروع ٿي، جڏھن 1635ع ۾ ھرمز تي انگريزن قبضو ڪيو. ليڪن
سياسي حالتن کان فطري حالتون ھن بندر لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيون. سترھين صدئَ ۾
ھتي مٽئَ جا تهه ڄمڻ شروع ٿي ويا ۽ ھتي جھازن جي اچڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي.... معلوم
ايئن ٿو ٿئي ته ارڙھين صدئَ ۾ ھن بندر جو استعمال ترڪ ڪيو ويو، ڇو ته انھئَ وقت
تائين ھتي مٽئَ جا تهه ڪافي جمع ٿي ويا.“(108)
حقيقت ۾ لاھري بندر گھڻي وقت تائين قائم رھندو آيو. جنھن جو ذڪر ايسٽ انڊيا
ڪمپنئَ جي عملدارن گھڻو ڪيو آھي. سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھ جڏھن انگريز واپارين
سان عھدنامه ڪيا، انھن عھدنامن ۽ غلام شاھ جي فرمانن (109) ۾ لاھري بندر جو ذڪر گھڻو ملي ٿو.
ڪلھوڙا دور ۾، سنڌ ملڪ ۾ اُٿل پُٿل وارو ماحول رھيو. انھئَ زماني ۾ سنڌ تي
تمام گھڻا حملا ٿيا، جن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن کي تباھ ڪري ڇڏيو. انھئَ ڪري سنڌ جي
معشيت واپار وغيره تي تمام گھڻا اثر پيا. وحشي صفت بادشاھ نادر شاھ به انھئَ دور ۾
سنڌ ساڻيهه تي حملو ڪيو. ٽي پوسٽنس لکي ٿو ته: ”نادر شاھ جي وڃڻ کان پوءِ ميان نور
محمد، لکپت جي راجا جي ڌر بڻجي ڪڇ جي صوبيدار سان جنگ جوٽي، ڇا ڪاڻ ته ھن مٿس بيجا
حملو ڪري گھڻئَ بي رحمئَ جو مظاھرو ڪيو ھو. ميان نور محمد جي حملي جو ٻڌي گورنر
وڃي ھڪ مضبوط قلعي ۾ پناھ ورتي. ميان، قلعي جو گھيرو جاري رکيو. قلعي جي فتح کان
پوءِ کيس جنگي باندي بنايو ويو. ان کان پوءِ ھو لاھري بندر جي گورنر راجا اجمل تي
به ڪاھي ويو“.(110) راجا اجمل تي
ڌاراجا ۾ حملو ٿيو هو.لاهري به ويجھو هئڻ ڪري، ان ڪاهه جي باهه جي لپيٽ ۾ ضرور آيو
هوندو.
جڏھن نادر شاھ سنڌ تي 1739ع ۾ حملو ڪيو، تڏھن نادر شاھ ۽ محمد شاھ جي وچ ۾
ھڪ صلح نامو ٿيو، جنھن ۾ شھنشاھ محمد شاھ سنڌ جو وڏو حصو نادر شاھ جي حوالي ڪيو،
انھئَ صلح نامي مان جنرل ھيگ پنھنجي ڪتاب ۾، فريزر جي لکيل ڪتاب ”لائيف آف نادر
شاھ“ جو ھڪ ٽڪرو کنيو آھي. جيڪو ھن ريت آھي: ”مان نادر شاھ کي، اٽڪ درياھ، سنڌو
درياھ ۽ سنڪرا (سانڱرا) درياهه جي اولھ پاسي وارا علائقا، جھڙوڪ پشاور ۽ ان جي
ڀرپاسي وارو علائقو ڪابل، غزني ۽ پٺاڻن جي رھڻ وارا جابلو علائقا، ھزاره جات وارا
لڪ، بکر جو قلعو، سکر، خدا آباد ۽ ٻيا لڪ، بلوچن ۽ جوکين جي رھڻ واريون ايراضيون،
ٺٽي جو صوبو، رام قلعو، تربين جو ڳوٺ، جوڻ، سماوتي ۽ ڪيترا وارا شھر، ٺٽي جا ماتحت
علائقا، شھر، ڳوٺ واھڻ، زمينون ، قلعا، بندر ۽ اھي شھر ڏٺا، جتي سنڌو درياھ جو
پاڻي پھچي ٿو. سانڪره وھڪري جو اوسو پاسو ويندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين، مطلب ته اٽڪ
درياھ، سنڌو درياھ ۽ سانڪره جي وھڪري جو اولهه پاسي وارو سارو علائقو، ھن بادشاھ
جو ملڪيت سمجھيا ويندا. لاھري بندر جو قلعو، شھر ۽ اھي علائقا جيڪي اٽڪ درياھ،
سنڌو درياھ ۽ سانڪره وھڪري جي اوڀر پاسي آھن، سي اڳ جيان ھندستان جي شھنشاھ جي
ملڪيت رھندا. ”شاھ جھان آباد ۾ معاهدو لکيو ويو. تاريخ 4 محرم 1152ھ مطابق 2 اپريل
1739ع.“(111) لاهري بندر جي آخري دور متعلق هن ڳالهه مان به ڪجهه
حقيقتون ملن ٿيون.
انگريزن جي پھرين واپاري دور ( 1635ع کان 1662ع) ۽ ٻئي واپاري دور ( 1758ع
کان وٺي 1775ع تائين) ۾ به ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي واپاري ڪوٺي ۽ ڪارخانو لاھري بندر ۾ موجود ھو. 18 صديءَ جي آخر ۾ مسٽر
ڪرو سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا جا ڪارخانا شروع ڪيا، تڏھن ڪمپنيءَ جو ڪارخانو لاھري بندر ۾
ھو.(112) پر اها به هڪ حقيقت آهي ته انهئَ دور ۾ لاھري بندر
پنهنجي اهميت وڃائي رهيو هو. ناٿن ڪرو پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکي ٿو ته: ”مشهور شهر
ٺٽي جي آبادي چاليهه هزار آهي. هن علائقي جي بندرگاه
ڪراچي جي آبادي ڏھ هزار آهي. هن ۾ شاه بندر ۽ لاھري بندر جا علائقا شامل نه
آهن، ڇو ته اُهي علائقا هاڻي ختم ۽ ويران ٿي ويا آهن.“(113) مطلب ته ايستائين به لاھري بندر جهڙي تهڙي حال ۾ ته موجود ھو. پر هاڻي اُن جي اها اهميت نه رهي هئي ۽ ختم ٿي چڪو هو. اڳتي هلي اڃا به آھستي آھستي ھن بندر جي اھميت گھٽجي ويئي ۽ بندر ختم ٿي
ويو.
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي صاحب لکيو آھي ته: ”سترھين صدئَ جي آخر ۾ درياھ جو پيٽ واري ۽
رءُ سان ڀرجي ويو، ۽ لاھري بندر تائين درياھ جي آمدرفت مشڪل ٿي پئي، ان دوران ٻيا
بندر جھڙوڪ اورنگ بندر، شاھ بندر، وستا بندر، وڪر بندر، ڌاراجا بندر۽ ڪراچي اُسري
پيا ته لاھري بندر جي اھميت گھٽجي ويئي.“(114) جڏھن ته ڦاٽن ۾ ڦيرڦار جو ذڪر ڪندي ڀيرومل صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌو ندئَ جا
ڦاٽ ڪڏھن ڪھڙا ته ڪڏھن ڪھڙا، ھيئن به آھي ته اڳي جيڪي ڦاٽ ھئا، تن مان ھنئير سنوان
سنواٽا واھ آھن. جھڙوڪ اُڀرندو نارو ۽ ڦليلي ۽ ھن پاسي بگھاڙ واھ، پڃاري ۽ گونگڙو.
گونگڙو اڳي ڦاٽ ھو، سَنڌا اڃان ظاھر آھن. اڳي جڏھن ان ۾ پاڻي جام ھوندو ھو، ۽ سمنڊ
جاتئَ کان ٻن ڪوھن جي مفاصلي تي ھوندو ھو، تڏھن پڃارئَ جي پاڻئَ سان گڏ سير کارئَ
۾ وڃي پوندو ھو. سن 1819ع ۾ ھن پاسي ڌرتي ڌٻي، تنھن ھن لاڙ جي طبعي صورت ئي ڦيرائي
ڇڏي“.(115) حقيقت ۾ لاهري بندر 18هين عيسوي
صديءَ جي پهرين جي پڄاڻيءَ ۾ ختم ٿي ويو. ”تحفت الڪرام“ جو مصنف مير علي شير قانع
سن 1767ع ڌاري لکي ٿو ته: ”لاهري بندر جيڪو پراڻو ديول هو، ڪڏهن سهڻو شهر هو. جتي
گھڻا پڙهيل لکيل ۽ عالم رهندا هئا. پر وقت جي لاهن چاڙهن سبب ڪجھ سال اڳ اهو تباهه
ٿي چڪو آهي ۽ اتان جا ماڻهو ڀر پاسي وارين آبادين ڏانهن هليا ويا آهن.“
لاهري بندر جا آثار
لاھري بندر جنهن صدين تائين وڏا
عروج ۽ اوج ماڻيا سو نيٺ ماڳ ريٽجڻ ۽ سنڌوءَ جي وھڪري
رُسي وڃڻ جي
ڪري، هميشه لاءِ اُجڙي ويو. هاڻي رڳو وڃي سندس آثار ۽ ڳالهيون رهيون آهن. مطلب ته حالتن جي تبديليءَ ھن بندر کي ختم ڪري ڇڏيو. جين فيئرلي ڏاڍو بھتر لکي ٿو ته:
”جيڪڏھن سنڌؤَ جي ڇوڙ واري علائقي کي چڱئَ ريت گھمي ڏسبو ته پتو پوندو ته سنڌؤَ
اھڙا ڪيترائي ڀريا تريا شھر پائي ناس ڪري ڇڏيا آھن. ھتي ٽي ھزار ھم چورس ميل ھڪ
سنئون سڌو پٽ آھي، جتي سنڌو جڏھن ۽ جيڏانھن وڻندو اٿس، تڏھن ۽ تيڏاھن آر ڪندو آھي.
ھڪڙن کي سائو ڪندو ۽ ٻين کي سڪائيندو آھي“.(116) پر پوءِ سنڌوءَ جو پاڻي گھٽجڻ جي ڪري ڪيترا وهڪرا بند
يا گھٽجي ويا. اھڙي ريت ھاڻي لاھري بندر جا نشان باقي ڪي وڃي بچيا آھن. جيڪي وير
واري کاري ۾ اچي چڪا آھن. واضع رھي ته جيڪي آثار وير واري کاريءَ ويجھو لاھري بندر
جا سمجھيا وڃن ٿا، سي جاکي بندر جا آثار آھن . جن ماڻهن لاهري بندر ۽
جاکي بندر جا آثار الڳ الڳ ڏٺا هئا، انهن ماڻهن مان ڪي ماڻهو اڃا به حال حيات آهن.
سنڌي ٻولي، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو مشهور ڄاڻو ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب،
جيڪو ٺٽي جي ڇوڙ واري علائقي سان تعلق رکي ٿو، تنهن ٺٽي جا سمورا قديم آثار، پنجاه
سال اڳ ۾ سفر ڪري وڃي اکين سان ڏسي، انهن جا احوال وغيره
محفوظ ڪيا. هن صاحب لاھري بندر ۽ جاکي بندر جا آثار الڳ الڳ ڏٺا هئا. هن جاکي بندر
جا آثار 3 مارچ 1957ع تي ڏٺا هئا. جڏهن ته لاھري بندر
جا آثار 29 مارچ 1957ع تي ڏٺا هئا. جن جا
احوال هن پنهنجي ڪتاب ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ۾ صفحي
99 ۽ 100 تي واضح ڏنو آهي. اها به حقيقت آهي ته ڪنھن
زماني کان وٺي لڳاتار سمنڊ جو پاڻي سُڪي ڏانھن ڌوڪيندو پيو اچي ۽ ڊيلٽا واري
علائقي ۾ لڳاتار ڦيرڦار اچي رھي آھي، تنھن ڪري اُن دور جي سامونڊي بندرن جا آثار
هاڻي سُڪي تي ڳولڻ ڀُل آھي. ارڙهين صدئَ جي ڦيرڦار يا گھڻو پوءِ 1819ع ۾ جيڪو
زلزلو آيو ھو، تنھن به ھن علائقي ۾ وڏي ڦيرڦار آندي ھئي. ڀيرومل صاحب، ”تحفة
الڪرام“ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”تحفة الڪرام ۾ لکيل آھي ته بلوچي ۽ مڪراني چور
ھن بندر تي چوريون ڪرڻ ايندا ھئا، تنھن ڪري بچاءُ لاءِ بندر جي چوڌاري ڪوٽ جڙيل
ھوندو ھو. انھئَ ڪوٽ ۽ ٿورين ٻين ڊٺل جاين جا نشان اڄ تائين بگھاڙ واھ جي پڇڙئَ وٽ
ظاھر بيٺا آھن ۽ سمنڊ جون لھرون اُتي پيون لوڏا ڏين. ڪيترن ورھين کان ھتي ھر ڪنھن
سال بالو شاھ جو ميلو لڳندو آھي. جنھن ۾ اڪثر مھاڻا ۽ جت وڃي ڪٺا ٿيندا آھن. ميلي
واري وقت بستي ٿيندي آھي، باقي پوءِ ته اُتي سُڃ پئي واڪا ڪندي آھي“.(117) منھنجي خيال ۾ ھئُ احوال وڌيڪ مستند آھي.
توڙي جو سن 1838ع
۾ اليگزينڊر برنس جڏھن اچي ڊيلٽا وارو علائقو ڏٺو وائٺو ھو، ته کيس ٻڌايو ويو ھو
ته بگھياڙ ٽي سال اڳ ۾ لٽجي چڪو آھي، جنھن جي ڪري لاھري بندر جا نشان به لٽجي ۽
سمنڊ جي ويرن سان ملي چڪا آھن.(118) برنس اهي آثار پاڻ نه ڏٺا
هئا،پر ٻڌل ڳالهين موجب لکيو ته: ” آثار لٽجي چڪا آهن. معلوم ٿئي ٿو ته ويھين صديءَ جي پوئين اڌ کان ئي لاھري بندر جا آثار ختم ٿيڻ لڳا. البت
تنهن کان پوءِ به ڪجهه حصي جا آثار موجود هئا، جيڪي به 1973ع ۽ 1976ع واري عرصي ۾ پاڻئَ ۾ اچي ويا. اھڙي نموني
سان اڄ نه اھو لاھري بندر آھي، جنھن تي رات ڏينھن ڏيھي ۽ پرڏيھي ماڻھن جا ميڙا ھئا،
نه سو بندر آهي ۽ نه ئي اھو شھر آھي. ھاڻي ته اھو مست ٿي وھندڙ سنڌوءَ
جو پاڻي ۽ سندس اُھي وھڪرا ئي نه رھيا آھن، جنھن تي ھي سارو علائقو آباد ۽ حيات
ھو، ۽ جنهن تي اُهي بندر ۽ بازاريون هيون. ھاڻي ته فقط ڳالھيون ۽ ڳاراڻا وڃي رھيا
آھن.
نه
سـي تـڙ ھوڙاڪ، نه وايـون وڻجارن جـون
سرتيون
سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ
مـــاريــنـــم
فـــراق، پــاڙيـچــيـــون پــريـــن جــا.
(شاهه لطيف)
لاھري بندر جا سمورا آثار ڏسڻ ته اڄڪلھ ڏکيا آھن، ڇو ته ڇوڙ واري علائقي ۾ وڏي ڦيرڦار ٿيندي رھي آھي. پھرين ته اٺين کان ڏهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري، جڏھن سنڌو ندئَ پنھنجو وھڪرو ڦيريو ته ڪيترائي بندر ۽ شھر اُجڙي ويران ٿي ويا. پراڻيون وستيون ڦٽي ويون، نيون وستيون آباد ٿيون ۽ سن 341ھ- 926ع ڌاري سنڌ ۾ ھڪ وڏو زلزلو آيو ھو، ۽ ڌرتي ڌٻي ھئي. تنهن کان پوءِ 1819ع ۾ تمام وڏو زلزلو آيو جنهن جي ڪري ڪڇ کان ڪراچيءَ تائين خاص ڪري هن علائقي ۾ وڏي تباهي ۽ تبديلي آئي.ان زماني کان پوءِ سنڌوءَ جا ڪيترائي وهڪرا تبديل ٿيا يا ختم ٿي ويا. ان ئي دور ۾ لاهري بندر سخت متاثر ٿيو. انهئَ زماني کان پوءِ به زلزلا ۽ درياهي ڦيرگھير ٿيندي رهي. انھيءَ ڪري به ڪيئي ماڳ اُجڙيا ۽ وري نوان جُڙيا. جين فئيرلي لکيو آھي ته: ”سنڌؤَ ڪيترائي ڀريا تُريا شھر پائي ناس ڪري ڇڏيا آھن. ھتي ئي ھزار چورس ميل ھڪ سنئون سڌو پٽ آھي، جتي سنڌو جڏھن ۽ جيڏانھن وڻندو اٿس، تڏھن ۽ تيڏانھن آر ڪندو آھي. ھڪڙن کي سائو ڪندو آھي ۽ ٻين کي سڪائيندو آھي.“ (119)
سنڌؤَ
جي ڦيرڦار جي ڪري سمنڊ جي ڪناري واري علائقي تي تمام گھڻا اثر پيا. مختلف سببن جي
ڪري سمنڊ خشڪي ڏانھن وڌنڌو رھيو آھي. پٿاوالا
لکيو آھي ته: ”ان ڳالھ جون چٽيون شاھديون آھن ته ڊيلٽائي ايريا جيئن پوءِ تيئن
وڌنڌي رھي آھي ۽ ان ۾ ڦيرڦار ٿيندي رھي آھي.“(120) اھڙي ريت ڪيترائي ماڳ سامونڊي پاڻي ھيٺ اچي چڪا آھن.
لاھري بندر جا ڪي عالم، اديب، بزرگ ۽ مشھور ماڻھو
لاھري بندر ھڪ تمام وڏو بندر ھو. جتي سوين سالن
تائين ھڪ ڀَريو تُريو شھر موجود ھو. اُتي ڪيترائي خاص ۽ عام ماڻھو رھندا ھئا. جن ۾
سنڌ ملڪ جا ڪيترائي خاص ماڻھو به هوندا ھئا. ظاھر آھي ته ھڪ ترقي يافته شھر ۾ عوام
سان گڏ ڪيترائي لکيل پڙھيل ماڻھو، عالم، اديب، مصور، ڪاريگر، ڏاھا، عاشق ۽ بزرگ به
ضرور ھوندا. پر افسوس جو ھاڻي اسان کي انھن متعلق ڪو به پتو نه ٿو پوي. البت ھتي
فقط ڪجهه شخصيتن جو احوال پيش ڪجي ٿو، جيڪي ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعراء“ يا ڪن
ٻين ڪتابن ۾ محفوظ رھجي ويا آھن.
مخدوم ابراھيم
مخدوم ابراھيم، مخدوم آدم نقشبنديءَ جي وڏن خليفن مان
صاحبِ فضيلت ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آھي. مخدوم ابوالقاسم جو پيرڀائي مريد ھو.
ھي بزرگ اصل ۾ لاھري بندر جو ويٺل ھو. مير علي شير قانع ٺٽوي ”مقالات الشعراء“ ۾
سندس احوال ۾ لکي ٿو ته: ”ملا ابراھيم از ساکنانِ بندرلاري ست. درعھدِ شاھجھان
منصبِ صدي داشته و تنخواھش بر بھکربود، ثاني الحال بخيانتي از آن معزول گرديده
بگوشه، قناعت بر خريد و از اھل و عيال وابريدهِ حق آشنا شد. عين رباعي حسب حال
گفته. منه.
يــــک
جـــنـــد بــفــکـــرِ جـــاه مــيگـــــر ديـــــدم
تــــارفـــتـــه
نــھـفــتـــــه چـــــاھِ ظـلـمــــت ديــــدم
ببـريـــدم
از آن راه وشـــدم گــــوشــه نشيـــن
چـــون عنچه اي ســـرِ بخــــوبش در
گنجيـــدم“ (121)
ھن بزرگ جي وفات
ٻارھين صدي ۾ ٿي گذري آھي. سندس ٻه فرزند ھئا. ھڪ ميان ابوبڪر ۽ ٻيو مخدوم گل
محمد.
ميان ابوبڪر لاھري
ميان ابوبڪر لاھري ولد مخدوم ابراھيم نقشبندي عرف نالي چڱو ھڪ نامور بزرگ ۽ بلند
مقامات جو مالڪ ٿي گذريو آھي.(122) ميان ابوبڪر جون ڪيتريون ئي ڪرامتون روايت ڪيون وڃن ٿيون. جن مان
ڪجهه ڪرامتن جو ذڪر مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب “تحفة الڪرام” ۾ ڪيو آھي.
جيڪي ھتي ڏيڻ ضروري نٿا سمجھون. ھن بزرگ جي وفات به ٻارھين صدي ۾ ٿي.
ارشد جازم
ارشد جي نالي بزرگ ڪڪرالي واري علائقي ۾
لاڙي بندر جي ويجھو رھندو ھو. مير علي شير قانع ٺٽوي سندس ھڪ شعر “مقالات الشعراء”
۾ ڏنو آھي، جيڪو اسان ھتي نموني طور ڏيون ٿا:
گوشِ
گل کرشو ڊاز نالهء بلبل بچمن
عاشـقِ زارِ توآن روزکه فــريــاد کـنـــد (123)
بلو خان لوڌي
بلو خان لوڌي جيڪو اصل ۾ ته ھتي جو مقامي نه ھو، پر چيو وڃي ٿو ته
جوانئَ جي دور ۾ ھتي آيو ھو پوءِ هتي ئي رهيو ۽ ھتي ئي وفات ڪيائين. مير علي شير
قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ لکي ٿو ته: ”ھڪ بزرگ نشانين ۽ ڪرامتن جو
ڌڻي لاھري بندر جي دڪي واري زمين تي دفن ٿيل ھڪ آڳاٽي سمي جو وڏو پير آھي.“ (124)
مخدوم
عبدالجميل
تحفة الڪرام ۾ لکيل آھي ته: ”اصل لاھري بندر جو رھندڙ آھي. ٽي پٽ، 1- ابوالفتح 2-
محمد شريف 3- مخدوم محمد شفيع ڇڏيائين. ابوالفتح جڏھن شاھجھان بادشاھ جي ڏينھن ۾،
شھزادي اورنگزيب ملتان ۾ اچي، لاھري بندر، جو سندس والد جي جاگير ھو، جي شاھبندر
جي حساب ڪتاب لاءِ گھرايو، تڏھن شاھبندر جي منشين جي سلسلي ۾ شھزادي جي حضور ۾
حاضر ٿيو ھو. دفتر جي چڪاس کان پوءِ شھزادي اورنگزيب جي اڳيان مدد معاش لاءِ عريضو
پيش ڪيائين، جنھن جي وسيلي منشين جي لسٽ ۾ داخل ٿيو ۽ علمي جوھر ۽ انشاء جي قابليت
جي بدولت شھزادي جو توجه پاڻ ڏانھن ڇڪائي، روز بروز وڌيڪ ترقي ڪندو ويو.“(125) اھڙئَ ريت سندس ٻيا
پٽ محمد شريف ۽ محمد ملا عبدالرشيد لاھري اھوئي
آھي، جنھن جو ”تاريخ طاھري“، ”ترخان نامه“، ”تحفة الڪرام“ ۽ ”مرزا غازي بيگ ترخان
اور اسڪي بزم ادب“ ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي. مير علي شير قانع ٺٽوي “تحفة الڪرام” ۾
لکيو آھي ته: ”اصل لاھري بندر جو رھاڪو، پنھنجي وقت اندر فقه ۾ مشھور ۽ شاعريءَ ۾
ناليرو ھو. مرزا غازي سندس صحبت ۽ شاعري پسند ڪري، کيس ڏاڍي خرچ جي مدد ڏيئي،
پنھنجي اصلوڪي وطن کان گھرائي ”خاني“ جي خطاب سان سرفراز ڪيو.“(126)
مانواري حسام الدين راشدي پنھنجي شاھڪار تحقيقي ڪتاب ”مرزا غازي بيگ ترخان
اور اسڪي بزم ادب“ ۾ تاريخ طاھريءَ جي حوالي سان لکيو آھي ته: ”ملا رشيد درحقيقت
لاھري بندر جو رھاڪو نه ھو، پر ٻاھر کان لاھري بندر تي آيو ھوندو ۽ سير سفر ڪندو
ٺٽي کان جڏھن گذريو ته مرزا جي نگاھ جيڪو جوھر شناس ھو، ان کي پنھنجي مصاحبت لاءِ
چونڊي ورتو. ٺٽي کان لاھري بندر جو فاصلو ھوندو ئي ڪيترو جتان کان گھرائڻ جي لاءِ
مرزا غازي کي امداد اخراج جي لاءِ ”مبالغِ کلي“ موڪلڻ جي ضرورت پئي ھوندي.“ (127)
ترخان نامه جي مصنف ملا
رشيد جي وطن جي مسئلي کي واضع ڪري ڇڏيو آھي ۽ لکيو آھي ته: ”ھو اصل ۾ ايراني ھو،
اُتان ھي ۽ ملا اسد قصه خوان گڏجي فقيرن وانگر خسته حالتن ۾ ھتي وارد ٿيا ھئا.
ترخان نامه اصل لفظ ھن ريت آھن: ازھر طرف مردم صاحب طبع بخدمت اوشتافته و درين
اثنا جمعي از شعرا ملا اسد و ملا رشيد وغيره در لباس فقرا از ولايت ايران آمدند.“(128)
تاريخ طاھريءَ واري، ملا رشيد کي قصه خوان جي زمري ۾ شامل ڪيو آھي، ”ترخان
نامه“ واري مصنف شاعرن جي سلسلي ۾ سندس نالو شامل ڪيو آھي. ”تحفة الڪرام“ ۾ به
چٽيءَ ريت ملا رشيد کي شاعرن جي طبقي ۾ شامل ڪيو ويو آھي. جڏھن ته سيد حسام الدين
راشدي صاحب به مرزا غازي بيگ ترخان اور اسڪي بزم ادب” ۾ به اھڙي حيثيت سان شامل
ڪيو آھي، پر سندس ڪو به شعر ملي نهسگھيو آھي. پير حسام شفيع به عالمگير وٽ مانَ ۽
مرتبي سان رھندا ھئا ۽ کانئن خطاب حاصل ڪيائون.
عبدالرشيد
الدين راشدي سندس احوال جي پڄاڻي ھنن لفظن سان ڪئي آھي ”ملا
عبدالرشيد جو ڪو به شعر اسان کي نه مليو آھي.“(129)
مخدوم عثمان
مخدوم عثمان ولد عبدالھادي
لاڙي بندر ۾ منشيگيرئَ تي مقرر ھو. سندس پيءُ عبدالھاديءَ جي احوال ۾ مير علي شير
قانع ٺٽوي مخدوم عثمان جو احوال ”تحفة الڪرام“(130) ۾ ڏنو آھي.
قاضي فصيح الدين
ھي
بزرگ اصل ۾ ھرات جو ھو. سلطان محمد تغلق جي زماني (725ھ کان 752ھ ) ۾ بادشاھ
پاران امير علاءُ الملڪ جي لقب سان لاھري بندر ۽ سندس لڳ ڀڳ پرڳڻي تي محصول جي
وصوليءَ جي لاءِ مقرر ڪيو ويو.(131)
اسپين جو جڳ مشھور سياح ابن بطوطه جڏھن سنڌ ۾
آيو تڏھن ھن بزرگ سان ملاقات ٿي ھُيس. مولانا دين محمد وفائي، قاضي ھرات فصيح فاضل
عادل علاءُالملڪ خراسانيءَ معروف به فصيح الدين (فارسي) جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”حنفي
مذھب جو وڏو فقيه ھو ۽ پھريان ھرات جو قاضي به رھيو. ان کان پوءِ ھندستان آيو.“(132) ”لاھري بندر سمنڊ جي ڪناري تي ڏاڍو خوبصورت شھر
آھي. جتي سنڌو ندي اچي سمنڊ ۾ ڪري ٿي ۽ ٻئي درياھ ھڪ ٿي وڃن ٿا. ان ھنڌ ھڪ وڏو
بندرگاھ آھي. يمن ۽ فارس جا ڪيترائي واپاري ٻيڙا پھچن ٿا.“(133)
قاضي فصيح الدين، ابن
بطوطه کي ٻڌايو ته بندر جي سالانا پيداوار سٺ لک رُپيا آھي. جنھن مان اميري ڪليڪٽر
کي سموري اُپت جي ويھين پتي پگھار طور ملندي آھي. ھي اٺين صدي جو بزرگ ھو. مولانا
دين محمد وفائي لکيو آھي ته: ”وفات جي تاريخ نظر مان نه گذري آھي، مگر ”نزھته الخواطر“
۾ ھن جو اٺين صديءَ جي علمائن ۾ ذڪر ٿيل آھي.“(134)
محمود شيرازي
مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي
ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ لکيو آھي ته: ”ھي بزرگيءَ ۾ نامي گرامي بزرگ لاھري بندر جي
ڏکڻ طرف مشھور ۽ معروف آھي.“ (135)
محمد باقر شيخ
شيخ محمد باقر جو ڪو خاص احوال ملي نه سگھيو
آھي. البت مانواري مير علي شير قانع ٺٽوي ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس مختصر ذڪر ۽ شعر
ھن طرح ڏنو آھي: ”شيخ محمد باقر ساڪن بندر لاھري. منھ:
صحــرا بفـضـاي سيــنـه ام نيســت
صـد ســــال بـگـــردِ
دل بگشـــتـــم.“ (136)
محمد علي بيگ
محمد علي بيگ جو
احوال پير حسام الدين راشدي صاحب، تاريخ مظھر شاھجھاني ۾ حاشيي تي ھن طرح ڏنو آھي.
”محمد علي بيگ بندري اصفھاني ھو. جھانگير جي زماني ۾ ڪي ڏينھن لاھري بندر جو حاڪم
رھيو ۽ کيس بندريءَ جو لقب ڏنو ويو پوءِ بکر جي قلعي ۾ قيد ڪيائين. جڏھن بکر نواب
آصف جاھ ۽ نورجھان بيگم جي جاگير ۾ آيو ته ھن کان ڪي ڪوتاھيون ٿيون. جنھن ڪري قيد
۾ پيو. آخر گھڻي خواري کان پوءِ اُتي وفات ڪيائين“.(137)
ملا موج دريا
مير
علي شير قانع ٺٽوي ”تحفة
الڪرام“ ۾ ملا موج دريا جو احوال ھن ريت ڏنو آھي ”شڪر گھاٽ جي اورينءَ ڀر، بندر
لاھري جو آڳاٽي سمي ۾ ديول بندر جي نالي سان مشهور هو، جي ڀرسان اھل الله جو ھڪ
وڏو مرڪز آھي. سندس اولاد جي پنھنجي وقت ۾ ملن جي نالي سان مشھور آھن، سي اڪثر
ڌاراجا بندر جا رھاڪو آھن.“(138)
شھيد مراد
شھيد
مراد، لاھري بندر واري علائقي جو رھاڪو ھو. چيو وڃي ٿو ته کيس مغلن، ڪنھن
ننڍڙي ڳالهه تان شھيد ڪرائي ڇڏيو. انھيءَ متعلق ٻه روايتون آھن. پھرين روايت آھي ته شهيد مراد ڪاٺ جي سامان جو
واپاري هو. ان دور جي مغل نواب ھڪ ڏينھن لاھري بندر ۾ اچي سڀني ماڻھن کي حاضر ٿيڻ
جو حڪم ڏنو. مراد اھو چئي نه آيو ته نواب وٽ ٻيا به گھڻائي ويندا، منھنجي نه وڃڻ
سان ڪھڙو فرق پوندو. انھيءَ ڳالهه تان نواب کيس گرفتار ڪرائي شھيد ڪرائي ڇڏيو.(139) ٻي روايت ھيءَ بيان
ڪئي وڃي ٿي ته: ”ھڪ ڏينھن ٺٽي جو نواب لاھري بندر آيل ھو. مراد، جيڪو واڍڪو ڌنڌو
ڪندو ھو. تنھن کان نواب ھڪ ھندورو ورتو. جڏھن مراد ھندورو کيس ڏنو، تڏھن ھن نواب
کان انھيءَ ھندوري جي رقم جي طلب ڪئي. تنھن تي نواب ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڪنھن نموني قتل
ڪرائي ڇڏيو. شهيد مراد جي قتل جو پهريون يا ٻيو سبب هجي پر ٻنهي مان هئَ ڳالهه ضرور
ظاهر ٿئي ٿي ته مراد هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ ضرور هو. هن شخص جي باري ۾ الڳ
کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي.“(140)
بهرحال مٿين ٻنھي روايتن
مان اھو معلوم ٿئي ٿو ته مراد کي ٺٽي جي ئي ڪنھن نواب قتل ڪرايو هو. ميربحرن جي
ڪنڊاڻي نک وارا اڄ به شھيد مراد جو روٽ ورھائي کيس ياد ڪندا آھن.
حوالا ۽ حاشيا
1.“Alberuni`s India” Edited with notes and
indices by Edwerd C Sachau, Printed under authority of Government of west
Pakistan Lahor, Vol:1, 1962, P 275 and Vol:2 P 438
۽ پڻ ڏسجي البيروني ابو ريحان ”ڪتاب الھند“ خدا بخش اورينٽل پبلڪ
لائبريري پٽنا، 1912ع، ص 70
2.
ابن بطوطه ”سفرنامه ابن بطوطه“ اردو ترجمه: رئيس احمد جعفري،
نفيس اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو پنجون 1986ع ص 19
3. جين فيئرلي ”سنڌو شينهن درياهه“ مترجم عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو/حيدرآباد 1995ع ص 218
4.
Panwhar M H, “An Ilustrated P 80
5. Same
6. Same
7.
”Alberuni`s India“ P 275
8.
ابن بطوطه، ”سفرناما ابن بطوطه “
ص19
9. ڏسجي ”سنڌوءَ جو ڇوڙ
وارو علائقو“ سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي حيدرآباد، 1995ع مترجم جو حاشيو ص 274
10. ھيگ اليگزينڊر ”سنڌؤَ
جو ڇوڙ وارو علائقو“ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
حيدرآباد 1994ع، ص 121
11. قليچ بيگ مرزا ”قديم
سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻھو“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1981ع ص 9
1
1
12. آڏواڻي
ڀيرو مل مھر چند ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ڀاڱو ٻيو- گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، 2003ع ص 36
13. بلوچ نبي بخش خان
ڊاڪٽر ”جامع سنڌي لغات“، جلد پنجون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1988ع، ص 2459، ”لاڙي بندر سنڌو ندئَ جي هڪ قديم بندر جو
نالو.“
14.
بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر جو ذاتي خط، بتاريخ 31 جنوري 2008ع. ھن جنهن جو عڪس ھتي
ڏنو ويو آھي.
15. الانا غلام علي ڊاڪٽر ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ
سنڌالاجي، ڄام شورو. 1974ع ص 99
17. ڏسجي ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“ مترجم جو حاشيو ص 274
16.
انھئَ زماني ۾ ملڪ جي حاڪم چنيسر سومري جي دور ۾ جلال الدين خوارزمي سنڌ تي حملو
ڪري، ديبل بندر کي تباھ ڪري ڇڏيو. نئون بندر جوڙيو ويو، جنھن تي ليھور نالو رکيو
ويو جيڪو اڳتي ھلي زماني جي تبديلين سان گڏ ليھور مان ڦري لاھري ٿي ويو.
18.
انصاري اشتياق، ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1996ع ص 160
19.
عبدالقادر مُليپوٽو: ڳالهه ٻولهه، تاريخ: ..................
20.
الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ص 99
21.
ليمبرڪ ايڇ ٽي ”سنڌ“ جلد پھريون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1968ع ص 327
22. ابن بطوطه ”سفرنامه ابن بطوطه“ اردو ترجمه: رئيس احمد جعفري،
نفيس اڪيڊمي ڪراچي 1961ع، ص 490
23. جين فيئرلي ”سنڌو شينھن
درياھ“ ص 327
24. ابن بطوطه ص 490
25. ھيگ اليگزينڊر ”سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو“ ص 121
.26
Hamilton Allexander “An
Account of East India”
Amsterdam 1970, P 75
.27 Same P 78
28. Same P 79
29. ڏسجي نائونمل ”يادگيريون“ سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد 1968ع ص 53
.30 Captain McMurdo`sMemoir on the Indus River McMurdo`s &
Delhsote`s Account of Sindh Edited by Dr.Mubarak Ali, Takhleeqat Lahor PP 93,
94, 96
.31 Pithawala
M.B "A Physical and Economic Geography of Sindh" Sindhi Adabi Board
Hyderabad 1976 P 292
32. ڪننگھام اليگزينڊر ”سنڌ-ھند
جي جاگرافي“ سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع، ص 29
33. ساڳيو حوالو ص 291
34. ساڳيو حوالو ص 282
35. ساڳيو حوالو ص 282
36. ساڳيو حوالو ص 288
37. ساڳيو حوالو ص 299
38. ساڳيو حوالو ص 299
39. ساڳيو حوالو ص 296
40. ساڳيو حوالو ص 297
41. ساڳيو حوالو ص 297
42. آڏواڻي ڀيرو مل مھر چند ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ڀاڱو ٻيو-
ص 36
43. Panwhar M.H, An Illustrated P 81
44.
Same P 119
45.
Same P 149
.46 انصاري اشتياق، ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ص 158
47. ساڳيو ص 160
48. ابن بطوطه ”سفرناما
ابن بطوطه“ ص 19
49. وفائي دين محمد مولانا، ”شاهه جو مطالعو“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
1991ع ص 118
50. سورلي ايڇ ٽي ”ڀٽ جو شاھ“ سنڌي ترجمو عطا
محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1994ع ص131
51. ساڳيو ص 139
52. Sarkar Jadunath Sir "History of
Auragnzeb" Volume 1-11, South Asian Publication Karachi, 1992, P 68
53.
Hamilton Allexander “An Account of East India” P 77
54.
صحرائي تاج، ڪچھري بتاريخ 22 مارچ 1997ع
55. ڇٻلاڻي ايس پي
ڊاڪٽر ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1995ع ص 143
56. ساڳيو ص 144
57. ساڳيو ص 147
58. مولائي شيدائي رحيم
داد ”جنت السنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1993ع ص 374
59. سورلي ايڇ ٽي ”ڀٽ
جو شاھ“ ص 128
60. ساڳيو ص 128
61. ساڳيو ص 130
62. آڏواڻي ڀيرومل مھرچند
”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ڀاڱو ٻيو، ص 26
63. ڇٻلاڻي ايس پي ”سنڌ
جي اقتصادي تاريخ“ ص 143
64. ساڳيو ص 143
65 ساڳيو ص 87
66. ابن بطوطه ”سفرنامه
ابن بطوطه“ ص 490
67. مبارڪ علي ڊاڪٽر
”مضمون لاري بندر“ ڪتاب ”سنڌ خاموشي ڪي آواز“ فڪشن ھائوس 1994ع ص 240
68. مولائي شيدائي،
”جنت السنڌ“ ص 375
69.
Panwhar M.H P
70. فدائي خان، اصل
نالو مير ظريف، پھريائين شاھجھان بادشاھ جو خدمت گذار/ملازم ھو. شاھجھان کي گھوڙن
جو گھڻو شوق ھو، جنھن کيس ھڪ ڀيري سفير سان گڏ ايران گھوڙا وٺڻ لاءِ موڪليو ھو پر
ڪو چڱو گھوڙو آڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ھو. تنھن کان پوءِ به ھو گھوڙن وٺڻ لاءِ مختلف
ھنڌن جا سفر ڪري چڪو ھو. ھو ايران وڃڻ لاءِ لاڙي بندر تان ويو ۽ موٽيو به ساڳئي
بندر تان ھو. شاھجھان بادشاھ بادشاھئَ جي تيرھين سال مير ظريف کي فدائي خان جو لقب
ڏيئي، ھڪ ھزار پيادل ۽ ٻه سو سوار ڏنا. تربيت خان جي تبديلئَ کان پوءِ آخته بيگئَ
جي خدمت تي مقرر ٿيو ۽ انھئَ زماني ۾ کيس لاھري بندر جي حڪومت ملي. شاھجھان بادشاھ
جي چوڏھين سال يعني 1051ھ موجب 1640ع ۾ وفات ڪري ويو. سموري احوال لاءِ ڏسجي “ماثر الاُمرا”
صمصام الدوله شاھنواز خان، جلد ٽيون، اردو ترجمو پروفيسر محمد قادري، مرڪزي اردو
بورڊ لاھور 1970ع، ص 109 ۽ 11
71. صمصام الدوله
شاھنواز خان، ”ماثر الاُمرا“ جلد ٽيون، اردو ترجمو پروفيسر محمد قادري، مرڪزي اردو
بورڊ لاھور 1970ع، ص 11
72.
73.
74. Hamalton
Allexander “A Account of East India”,
P 77
75. same p 78
76. مبارڪ علي ڊاڪٽر ”مضمون لاري بندر“ ڪتاب ”سنڌ
خاموشي ڪي آواز “ ص240
77.
چيتن ماڙيوالا/ايم ايڇ پنھور ”قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ“ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ص .139
78. راورٽي ”سنڌ جو مھراڻ“ ص 464.
79. ساڳيو ص 464
80.
Manucci, N, "Storia do magor or Mughul India" London 1907, P 57
81. مولائي شيدائي رحيم آباد ”جنت السنڌ“ ص 476
82. راورٽي ”سنڌ جو
مھراڻ“ ص 464
83. ڇٻلاڻي ايس پي ”سنڌ
جي اقتصادي تاريخ“ ص 157
84.
Sarkar Jadunath, “Aurangzeb” PP 114 116
85. طاھر محمد
نسياني سيد “تاريخ طاھري” سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ص 120.
86. سورلي ايڇ ٽي ”ڀٽ جو شاھ“ ص 133
87.
ساڳيو ص 133
88. ھينري پاٽنجر ”سنڌ
۽ بلوچستان جو سير سفر“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1993ع ص 416
89. مولائي شيدائي
رحيم آباد ”جنت السنڌ“ ص 489
90. ساڳيو ص 489
91. Hamilton
Allexander “An
Account of East Indies” Amsterdam 1970, P 76
92. Same P 77
93. Same P 77
94. قانع ٺٽوي مير علي شير”تحفة الڪرام“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1994ع ص 173
95. شيخ محمد اعظم
ٺٽوي ”تحفة الطاھرين“ سنڌي ترجمو عبدالرسول قادري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1990ع، ص
103 ۽ 104
96. ھيگ جنرل ”سنڌؤَ جو
ڇوڙ وارو علائقو“ ص 149
97. ساڳيو ص 149
98. ساڳيو ص 150
99. مولائي شيدائي
رحيم داد ”جنت السنڌ“ ص 431
100. ساڳيو ص 431
101. ڇٻلاڻي ايس پي، ”سنڌ جي اقصادي تاريخ“ ص 43
102. مولائي شيدائي،
”جنت السنڌ“ ص 431
103. ساڳيو ص .......................
104. مير محمد سيد بن
جلال ٺٽوي ”ترخان نامه“ باھتمام سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1965ع،
ص 71
105. ساڳيو ص 72
106 ساڳيو ص 72
107 ميرڪ يوسف ”تاريخ
مظهر شاهجهاني“ ص 182 ڏسجي:
Siddiqui Muhammad Hussain "History of Arguns
and Turkhans" Institute of Sindheology, Jam Shoro 1972, P 204
108. مبارڪ علي ڊاڪٽر، ”لاري
بندر“، ”سنڌ خاموشي ڪي آواز“ 244
109. ”عھدنامجات و اقرار نامجات و سندھاي متعلق سنڌ، فارس، ترڪستان“ جلد
ھفتم مطبع منشي نول ڪشور، لکنو 1869ع ص 6 کان 82
110. ٽي پوسٽنس ”سنڌ
جيئن مون ڏٺي“ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع ص 120
111. ھيگ جنرل ”سنڌ جو
ڇوڙ وارو علائقو“ ص 1
112.
Smyth, J.w "Gazetteer of the Province of Sindh, Karachi District"
Indus Publications Karachi, 2003, P 95
113. Crow, Nathan: "Account of the Country of
Sindh" Aerchives Department Karachi. P 27
114. ڇٻلاڻي ايس پي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ص 36
115. آڏواڻي ڀيرو مل
مھر چند ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ص 32
116. جين فيئرلي ”سنڌو
شينھن درياھ“ ص 327
117. آڏواڻي ڀيرو مل
مھر چند ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ص 39
118. برنس اليگزينڊر، ............
119 جين فيئرلي ”سنڌو
شينهن درياهه“ ص
120.
Pithawala M.B "A Physical and Economic Geography of Sindh", P 207
121.
قانع ٺٽوي مير علي شير ”مقالات الشعراء“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1957ع ص43
122. قانع ٺٽوي مير علي شير ”تحفة الڪرام“ ص 427
123. قانع ٺٽوي مير علي شير ”مقالات الشعراء“ ص 333
124. قانع ٺٽوي مير علي شير ”تحفة الڪرام“ ص 623
125. ساڳيو ص 594
126.
ساڳيو ص 594
127. راشدي حسام الدين سيد ”مرزا غازي بيگ ترخان اور اسڪي بزم ادب“ انجمن
ترقي ادارو پاڪستان ڪراچي 1970ع ص 249
128. مير محمد سيد ”ترخان نامه“ ص 83
129. راشدي حسام الدين سيد ”مرزا غازي بيگ ترخان اور اسڪي بزم ادب“ ص 251
130. قانع ٺٽوي مير علي شير”تحفة الڪرام“ ص 542
131. وفائي دين محمد مولانا ”تذڪره مشاھير سنڌ“ جلد پھريون سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد 1985ع ص 31
132. ساڳيو ص 29
133. ساڳيو ص 36
134. ساڳيو ص 36
135. قانع ٺٽوي مير علي شير ”تحفة الڪرام“ ص 623
136. قانع ٺٽوي مير علي شير ”مقالات الشعراء“ ص 108
137. راشدي حسام الدين پير ”تاريخ مظھر شاھجھاني“ جو حاشيه ص 381
138. قانع ٺٽوي مير علي شير”تحفة الڪرام“ ص 623
139. زباني روايت: محمد رحيم جلباڻي
بمشهور:نانا محمد رحيم، ويٺل ڳوٺ لڳ دانڌاري، عمر 78 ورهيه، بتاريخ: 12 آڪٽوبر
1983ع نوٽ: نانا محمد رحيم سنڌ جي سامونڊي علائقي جو سڄاڻ شخص هو کيس گھڻي معلومات
هئي. تنهن زماني ۾ ڪجھ احوال مون ۽ ڊاڪٽر اسلم کٽي (جيڪو تڏهن مون سان گڏ لُڊاڻي ۾
نوڪري ڪندوهو) ڪاپيءَ تي نوٽ ڪيا هئا، جيڪا ڊاڪٽر اسلم وٽ موجود آهي.
140. ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي هتي ڏيڻ
ضروري نه سمجهي ڇڏيون ويون آهن.
No comments:
Post a Comment