جاڳ ۾ ئي ڀاڳ آهي
(عزيز ڪِنجھرائيءَ جي ڪتاب ”قومي ڏاهپ ۽ سنڌ جو مستقبل“ جو اڀياس)
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
دنيا ۾ ڪي ماڻهو هر وقت متحرڪ
هوندا آهن. اهي پنھنجي صلاحيتن جو سٺو استعمال ڪندي، پنهنجي قول، ڪردار، فن، فڪر،
ڏات يا ڏاهپ سان سماج کي سنوارڻ لاءِ هر وقت مصروف هوندا آهن. انهن جي اندر جي
اڻتڻ کين سک سان ويهڻ ئي نه ڏيندي آهي. ڇاڪاڻ ته لطيف چواڻي ته:
گنجو ڏونگر گام، پيھي جن پروڙيو
گنجو ڏونگر گام، پيھي جن پروڙيو
ڪري تن تمام، لوچي لاهوتي ٿيا
اهڙن ئي ڪردارن مان سائين
عزيز ڪِنجهرائي به آهي. سنڌ جي تاريخي داستانن ۽ درد ڪھاڻين جي گواهه، سھڻن منظرن
۽ وسيلن سان مالامال ڪِنجهر جي ڪنڌيءَ تي جنم وٺي مُنِي صَدي گهاريندڙ هن ڪِنجهر
جا جيڪي مختلف رنگ ۽ روپ ۽ تبديليون ڏٺيون آهن. اها هڪ الڳ تاريخ آهي.
عزيز ڪِنجهرائي هڪ استاد ۽
اديب ته آهي ئي پر حقيقت ۾ هي هڪ سياسي ذهن آهي. ترقي پسند، قوم دوست، روشن خيال
هو اسان جو سياسي استاد آهي. سندس ئي ڪتاب جي مھاڳ ۾ پروفيسر مشتاق ميراڻي صاحب
درست لکيو آهي ته: "پارٽين ۾ هن جو ڪردار نظرياتي استاد وارو رهيو آهي."
حقيقت ۾ هو گهڻ پڙهيو شخص آهي، خاص ڪري سياسي ادب جنھن ۾ هيگل، مارڪس، لينن ۽ ٻين
ڏاهن جي فڪرن، نظرين ۽ ڪتابن گهرو مطالعو اٿس. نه رڳو پاڻ پڙهيو آهي. سندن فلسفا ۽
فڪر نوجوان نسلن کي پڙهائيندو به رهيو آهي. ڪنھن زماني ۾ ته سنڌ جي هر ڪنڊڪڙڇ ۾
پيو ليڪچر ڏيندو هو. پڊعيدن، چنبڙ، ڪرم نظاماڻي، باقر نظاماڻي، داد جروار يا نبي
بخش همدرد جو ڳوٺ، احمد لغاريءَ جو ڳوٺً يا ارشاد گلاباڻيءَ جي جاءِ هجي، هو رات
ڏينهن انهيءَ خفي ۾ هوندو هو. سچ هيءُ آهي ته کيس اڃا به آرام ناهي.
"ويھي ڪن نه وچ ۾، آديسي آرام".
هي فقير جيڪا واٽ وٺي نڪتو آهي، اڄ به ان تي گامزن آهي. ان مارڳ تي هن ڪيتريون ئي سختيون به سٺيون پر موٽيو ناهي، ڇو ته هي لطيف جي هيءَ سِٽ چڱي ريت سمجهي ٿو ته،
مارڳ جي مرن، وڏا طلع تن جا
اهي احوال هيءُ پاڻ ئي لکي ته
بھتر ٿيندو. اهي احوال لکڻ ضروري به آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سوچن جي ٽڪراءُ جا حقيقي
احوال آهن. هيٺئين طبقي جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ قومي شعور رکندڙ ماڻهن ۽
جاگيرداري ذهنيت جي وچ ۾ ٽڪراءُ جا احوال آهن. جاگيرداري ۽ فرسودا ذهنيت جا ڪردار
سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙماڻهن جي رستا روڪ ڪندا رهيا آهن. جن ماڻهن انھن حالتن
مان گذرندي ڀوڳيو آهي، اها هڪ الڳ سياسي سماجي تاريخ آهي، جنھن جي چٽي ۽ پڌري ٿيڻ
جي بنھه گهڻي ضرورت آهي.
اَسِي واري ڏهاڪي کان پاڪستان
خاص ڪري سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ گهڻي ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڌڙابندي ڪائي ويئي آهي. انھيءَ ساري
عرصي ۾ عزيز جتي به رهيو اتي سدائين قوم دوست ۽ ترقي پسند ڌرين سان گڏ رهيو.
عزيز ڪِنجهرائي گهڻي زماني
کان لکندو به رهيو آهي. هن جيڪو به لکيو آهي سو بي مقصد ڪڏهن به نه لکيو آهي. وقت
۽ حالتن کي نظر ۾ رکي لکيو آهي. مشهور اديب ۽ نقاد مجنون گورکپوريءَ پنهنجي ڪتاب
"ادب اور زندگي" (ص 44) ۾ لکيو آهي ته: "ادب انسان جي مڙني مادي ۽
غير ماده اثرن جو نتيجو آهي ۽ ان جو سڀئي عملي ۽ فڪري حرڪتن وغيره جو حصو آهي. ان
نقطه نظر سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ادب نه خارجي سببن ۽ حالتن کان الڳ آهي ۽ نه ئي
مقصد کان بي نياز". سائين عزيز جي هر لکڻي انهيءَ ڳالهه تي پورو لھي ٿي. سندس
ذهن سدائين سماج سان سلهاڙيل رهيو آهي. سندس ڪھاڻيون هجن، ناول هجي يا مضمون هجن.
انهن ۾ سٺ ستر سالن جو عڪس نظر ايندو. انھن حالتن کي سمجهڻ ۽ سڌارڻ لاءِ هن ڪا واٽ
ڳولهي لھڻ لاءِ لکيو آهي.
هن کان اڳ ۾ عزيز ڪِنجهرائي
جا ٻه ڪتاب (1) درد جو سفر (ڪھاڻيون) ۽ (2) وڍيو هوئين ته ويھه (ناول) ڇپجي
پڙهندڙن تائين پهچي چڪا آهن. فني پاسي کي ڇڏي مواد کي ڏسجي ته هو انھن ۾ به چٽو
آهي. هاڻي سندس ٽيون ڪتاب "قومي ڏاهپ ۽ سنڌ جو مستقبل" ڇپيو آهي. پروفيسر
مشتاق ميراڻي صاحب جي لکيل مھاڳ واري هن ڪتاب ۾ عزيز جا ويھه مضمون آهن. جن مان
گهڻا ته مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. انهن مضمونن مان پھرين ڀاڱي ۾ ماضيءَ
جون ماجرائون آهن. ٻئي ۾ حال جون تلخ حقيقتون ۽ صلاحون ڏنيون آهن. منھنجي خيال ۾
ڪنهن به لکڻيءَ جي تڪ تور ۽ ان جي چڱي نموني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ ان وقت جي حالتن، هنڌ
۽ ماحول کي درست نموني سان نظر ۾ نه رکبو ته نتيجا درست ڪڍي نه سگهبا. ويتر اوجهڙ
۾ الجهي، ٻين کي به الجهائي وجهبو. وقت ۽ حالتون لڳاتار ڪيتري تيزيءَ سان تبديل ٿي
رهيون آهن. اها ڪَٿ ڪرڻ به ضروري آهي. هن جديد دور ۾ اک کوليندڙ ماڻهوءَ کي ڪھڙي سُڌ
ته اڄ کان ٽيھه چاليھه سال اڳ ويھن ميلن جي فاصلي تي ڪو پيغام وغيره رسائڻ ڪيترو
ڏکيو هو. ائين هرگز نه هو ته ڪو اڄ وانگر موٽر ۾ چڙهي اڌ ڪلاڪ کن ۾ ئي رسي وڃبو
هو. نه ئي ڪو هاڻي وانگر موبائيل فون هئي جو سيڪنڊن ۾ هزارين بلڪِس لکين ميلن
تائين رسائي ڪري سگهجي هئي. هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ هڪ مضمون "شاهه عنايت جي
جدوجهد" به آهي. شاهه شھيد جي فڪر، تحريڪ وغيره کي سمجهڻ لاءَ پهريائين ان
وقت جي حالتن، ماحول وغيره کي سمجهڻو پوندو. هو پاڻ ان مضمون ۾ لکي ٿو ته:
"شاهه عنايت جي سوچ ۽ جدوجھد کي سمجهڻ لاءِ ان وقت جي علائقائي، ملڪي ۽ قومي
حالتن سان گڏ سماجي اوسر ۽ تبديليءَ کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. هيءُ مضمون مختصر پر
تز حقيقتن تي ٻڌل مضمون آهي. جيڪو هن تحريڪ کي سمجهڻ ۾ گهڻو مددگار ٿيندو. اهڙي
ريت سٺ ستر سال اڳ جي واقعن وغيره لکڻين کي سمجهڻ لاءِ ان وقت جي حالتن، ماحول
وغيره کي گهرائيءَ سان سمجهڻو پوندو.
عزيز ڪِنجهرائي پنهنجي تقرير
وانگر هر تحرير ۾ به بنھه چٽو آهي. مختصر جملن ۾ چٽي ڳالهه ڪرڻ ۽ لکڻ جي جرئت به
وٽس آهي ته ڏانءُ به آهي. سندس هن ڪتاب جا لڳ ڀڳ ويھه ئي مضمون اهڙا آهن. هن جن
شخصيتن تي لکيو آهي، ان ۾ سندن ذاتي زندگي تي نه پر سندن فڪر، نظريي، جدوجھد يا
ڪارنامن تي لکيو آهي. ڪتاب ۾ سندس پھرين مضمون "قومي مدبر جي ايم سيد" ۾
به فڪري پھلو ۽ جدوجھد تي اهڙي نموني لکيل آهي. جو ان دور کي سمجهڻ ۾ به چڱي مدد
ملي ٿي. ڪنهن به سياسي يا سماجي لکڻي لاٰءِ ڪن خاص ڳالهين سان گڏ انهيءَ ڳالهه کي
به نظر ۾ رکڻو پوندو آهي ته هو ڪھڙي فڪري ڌارا سان سلھاڙيل آهي. يا ڪهڙا فلسفي،
مفڪر، عالم ۽ ڏاها سندس آبياري ڪندڙ آهن. هو پنهنجي پھرئين مضمون ۾ لکي ٿو
ته:"هيءَ انساني عظمتن جي اها صدي هئي، جنهن ۾ قومي مدبر جي ايم سيد سان گڏ
دنيا ۾ تمام وڏا ماڻهو پيدا ٿيا. مھاتما گانڌي، ڊاڪٽر سن يات سين، ابوالڪلام آزاد،
جواهر لال نھرو، لينن، نيلسن منڊيلا، سوئيڪارنو، جمال ناصر، پيٽرس لمبا، مارشل
ٽيٽو، مائوزيتنگ، هوچي منھه، فيڊل ڪاسترو ۽ ٻيا".
منهنجي خيال ۾ قومي ۽ ترقي
پسند فڪري ڌارا رڪي ناهي، پر وقت ۽ ڏکين حالتن ۾ وٽبي سٽبي گذري رهي آهي. البت
تحريڪن جي اڳواڻن جي غير ذميوارين ۽ مخالفن جي نفسياتي ۽ ٻين حملن جي ڪري ساڻائي
ضرور آئي آهي. عزيز ڪنجهرائي جي مضمون "قومپرست سياست ۽ سنڌ جو مستقبل"
۾ ڪيتريون ئي حقيقتون کولي بيان ڪيون آهن. پاڻ مختلف پارٽين جي اڳواڻن جي بيانن
مان حوالي طور ٽڪرا ڏيئي حقيقتن جي اصليت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن پنهنجي مضمون
"خودمختياريءَ جو مطالبو ۽ ليفٽ يونٽي" ۾ سنڌ جي حالتن ۽ اڀريل اهم
مسئلن جو ذڪر ڪندي هڪ خاص ڳالهه لکي آهي ته: "هاڻي سنڌ جي سڀني سڄڻن کي سنڌ
جي نين حالتن کي پڙهي پروڙي، فيصلي ۾ ڪابه دير نه ڪرڻ گهرجي. سوشلزم جي اڏاوت زمين
تي ٿيندي، جي زمين ئي پيرن هيٺان نڪري ويئي ته سوشلزم ته پري رهيو پر اسان هزارين
سالن جي تاريخي سڃاڻپ رکندڙ سنڌي قوم کي اقليت جي عذاب ۾ ڦاسائي قومي وجود وڃائي
ويھنداسين.
عزيز پنهنجي مضمون "قومي
انقلاب جي سياست" ۾ لکيو آهي ته:"لينن جي سائنس جيڪا مظلوم قومن جي
آزادي ۽ انقلاب جي سائنس آهي. ان کي سياسي عمل کان ڌار ڪري عقيدي پرستي ۽ روزگار
جو وسيلو بڻائي ڇڏيو اٿن." ائين "نظرياتي بحران جو آخري منظر"
مضمون پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان ٿورو اڳ واري دور کي سمجهڻ لاءِ هڪ اهم مضمون
آهي. جنهن ۾ ليکڪ پاڪستان بابت 19 ڊسمبر 1930ع تي علامه اقبال جو نقطئه نظر، 23
مارچ 1940ع تي محمد علي جناح صاحب جي تقرير ۽ 1946ع ۾ ڏنل انٽرويو ۽ 24 ڊسمبر
1943ع تي سائين جي ايم سيد جي تقرير مان اهم ٽڪرا حوالي طور ڏيئي ظاهر ڪيو آهي ته
پاڪستان بابت هنن جيئن چاهيو تيئن ٿي نه سگهيو.
2018ع واري اليڪشن بابت اليڪشن ٿيڻ کان اڳ ۾ لکيل سندس ٻه مضمون.
جن مان پھريون فيبروري 2018ع ۾ ڇپيو. ان ۾ سندس پاران ڪيل تجزيو ۽ ڏيکاريل امڪانن
مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ته عملي شڪل ۾ سامھون آيو. ڪتاب ۾ شامل مٿين مضمون کانسواءِ توڙي
جو سڀئي اهم آهن، پر "سنڌ واڳن جي وات ۾"، "12 مئي دهشتگردي
ڪيس" ۽ "قومي ڏاهپ جي هڪ دور جي پڄاڻي" اهم مضمون آهن.
سندس هن مضمون ۾ هيءُ جملو بنھه
غور طلب آهي ته: "هي دور ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ سان شروع ٿي، ايڊووڪيٽ رسول بخش
پليجي جي وفات سان پڄاڻي تي پھتو."
توڙي جو ڪتاب ۾ شامل خاص ڪري
پوين ڪن مضمونن جي سڀني ڳالهين سان سھمت نه به ٿجي يا ڪن مضمونن ۾ ڪن وضاحتن جي
اڃا تشنگي به رهي آهي. تنهن هوندي به مجموعي طور 96 صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب سياسي ۽
سماجي لحاظ کان هڪ اهم ڪتاب آهي. آخر ۾ ڪتاب جي منڍ ۾ "پنهنجي پاران" ۾
ڏنل ليکڪ جو هيءُ جملو ڏيڻ ضروري سمجهون ٿا. جيڪي وقت جو اهم آواز ۽ هن ڌرتيءَ جو
سڏ به آهي، هو لکي ٿو ته: "جاڳ ۾ ئي ڀاڳ آهي ۽ ننڊ وڏو نڀاڳ آهي! ڀاڳيا
جاڳندا رهندا ته ڪوبه چور چوري ڪري نه سگهندو."
منهنجو شفيق استاد ۽ محسن
ReplyDelete