Saturday, June 27, 2020

ڪامريڊ صديق پکيئڙو

ڪامريڊ صديق پکيئڙو

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي



جنين پيئي باس، گنجي ڏونگر گام جي
ڇڏي   سڀ لباس،  لوچي   لاهوتي  ٿيا
                                                           (شاهه لطيف) 

          سنڌ ساڻيهه جي علم، ادب، تهذيب، سُونهن ۽ سچ جون گواهيون ڏيندڙ،  قديم شهر ٺٽو ننگر، عالمن، اديبن، شاعرن، تاريخدانن، وڻجارن، ٻيڙيائتن، سورهين ۽ سچارن جي لحاظ کان گھڻو مشهور رهيو آهي. انهئَ لحاظ کان هن خطي ۾ ڏاڍا وڏا ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، انهن ۾ شيخ حماد جمالي، ڄام تماچي، ڄام نظام الدين، دولهه دريا خان، وسايو ڀٽرو، شهيد مريد، ابوالحسن سنڌي، مخدوم رحمت الله ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي، صوفي شاهه عنايت شهيد، صوفي شاهه اسماعيل، سيد عبدالڪريم ٺٽوي، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي، غلام علي ”مداح“ ٺٽوي،۽ ٻيا به ڪيترا نالا اچي وڃن ٿا.

مٿين هستين کان ڪير واقف ناهي؟ پوءِ واري زماني ۾ ليمون پاتڻي، موريو فقير، زمان شاهه، سيد صابر علي شاهه، محمد واصل درس، محمد عثمان سومرو، نور محمد پليجو (ٻيو) سيٺ صادق علي، موليڏنو عباسي، گل حسن شاهه امير خاني، اسماعيل شيدي ۽ ٻيا ڪيترائي پنهنجي پنهنجي دور ۾ ڳُڻن ڀريا ماڻهو ٿي گذريا آهن.

ننگر ٺٽو جنهن جي بازارن ۾ صبح شام پاڻئَ جو ڇنڊڪار ٿيندي هئي، جنهن جي گلين ۾ گلاب مهڪندا هئا، جنهن جي آسپاس کٽڻهار جا وڏا وڏا کيت سُڳنڌن سان هوائون هُٻڪاريندا هئا. جنهن جي مختلف ڇيڙن تي مٺي پاڻئَ جا تلاءَ ۽ کوهه هوندا هئا. جتي منگلا (منڪلا) سر، تندسر، شوَسر ۽ ٻيا تلاءَ صبح شام طلسماتي ڏيک ڏيندا هئا. جنهن جي اولهه ۾ ميڪرا ۽ ڪالڪان جهڙيون خوبصورت ڍنڍون هيون، جتي جي چانڊوڪين ۾ ماڻهو ڇا، هر جيو منڊجي پوندو هو. جتي سنڌوءَ جون پالوٽون ڪڻي مان ڪيچ ڪري ڏيکارينديون هيون. جتي جي اجرڪن جا خوبصورت رنگ اکين کان ڇنڀڻ به وساري ڇڏيندا هئا. جتي جون ست رنگيون لونگيون، ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهن کي موهي وجهنديون هيون. جنهن جا کُهنبا، جوانين کي ريس ڏياريندا هئا. ها، اُنهئَ شهر ننگر ٺٽي جي قديم پاڙي  ۾ جنم وٺندڙ، پنهنجي اصولن تي پڪو رهندڙ ۽ نظرين جو وڏو ڀرم رکندڙ فقير منش ۽ بنهه سچار شخص ”صديق پکيئڙو“ پنهنجو مثال پاڻ هو، جيڪو ڪامريڊ نالي سان وڌيڪ مشهور هوندو هو.

محمد صديق ولد محمد عثمان ذات جو پکيئڙو جو جنم 1910ع ۾ ٺٽي جي ڇاپائي محلي (جتي ڪپڙي تي پور ڇاپيا ويندا هئا.) ۾ ٿيو.  سندن وڏا ڪورڪو ڌنڌو ڪندا هئا. پيءُ جي نوڪري پوليس ۾ هئڻ جي ڪري، مختلف هندن تي بدلي ٿيندي رهندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ  پرائمري تعليم ڪيٽي بندر ۽ پوءِ باقي تعليم ٺٽي ضلعي جي مختلف اسڪولن مان پرايائين . اڳتي هلي انٽر تائين تعليم بمبئي ڪاليج هندستان مان حاصل ڪيائين. تنهن بعد گريجوئيشن (جيڪا مڪمل ڪري نه سگھيو) ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي ويو، جتي زرعي تعليم به حاصل ڪيائين، پوءِ زرعي ڪاليج سڪرنڊ سنڌ مان حاصل ڪيائين. سڪرنڊ کان واپسئَ بعد باقي حياتي ٺٽي ۾ گهاريائين. ڪجهه وقت ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ زرعي ايجنٽ مقرر ٿيو، جتي هو زميندارن کي زرعي ٻج ڏيندو هو. اڳتي هلي اهو پيشو به ڇڏي ڏنائين، ڇو ته ايگريڪلچر کاتي وارن ڏانهن، سندس پنجاهه هزار رپيه رهجي ويا هئا.

جيڪي کيس آخر تائين ڪونه مليا. تنهنڪري ڪامريڊ صديق سدائين انهن کي ڀرپور ۽ صحتمند گارين سان نوازيندو رهندو هو. باقي زندگي سندس گذر جو وسيلو زرعي زمين رهيو، پر اها زمين ڪا گهڻي اُپت نه ڏيندي هئي. شاهجهان جامع مسجد ٺٽي اولهه واري ڪنڊ تي پاڻ سارين جي چڪي ۽ ڪارخانو به قائم ڪيو هئائون،جنهن کي ڪامريڊ پاڻ سنڀاليندو هو. پيپلز پاٽيءَ جي پھرين حڪومتي دور ۾ جڏهن شاهجهان جامع مسجد جي اڱڻ ۽ چوديواري کي واڌائڻ جو پروگرام تيار ٿيو، تڏهن سرڪار ڪامريڊ جو اهو پلاٽ مسجد کي ڏيئي ڇڏيو، ايئن اهو ڪاروبار به بند ٿي ويس. اُن جي معاوضي لاءِ به ڪيتري عرصي تائين آفيسرن جي درن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو پر عوامي حڪومتي دور هوندي به اعلانيل معاوضو ملي نه سگهيس، اِيئن  ڪامريڊ جي ڪائي وٽ وراڻ ڪا نه ٿي. گذر جي لحاظ کان آخري دور ۾ ڪجهه تنگ به رهيو.

جنهن زماني ۾ ڪامريڊ صديق تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي ويو هو، ان دور ۾ ئي کيس سياست جو واءُ لڳو ۽ هن نوجوان ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪئي. انهئَ زماني کان وٺي، زندگئَ جي پڄاڻئَ تائين هڪ سچو ڪانگريسي رهيو. بمبئي ڪاليج واري زماني کان وٺي کاڌئَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائين ۽ ويندي مرڻ گھڙئَ تائين کاڌي پائيندو رهيو. هئُ کڌرپوش ورهاڱي واري دور تائين ڪانگريس ۾ سرگرم رهيو ۽ پارٽئَ جي پروگرامن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حصو وٺندو رهيو. تعلق نڀائڻ ۽ وابستگي  ته ڪو ڪامريڊ صديق جي زندگئَ کان سکي. برصغير ڀاڱا ٿي ويو، هندستان ۽ پاڪستان ملڪ ٺهي ويا. رڳو جاگرافي نه پر ماڻهن جا ذهن ۽ نظريا به تبديل ٿي ويا، پر ڪامريڊ صديق جو ذهن ۽ نظريو تبديل نه ٿيو. هو ورهاڱي کان پوءِ  به پنهنجي نظريي تي اٽل رهيو. 1956ع تائين ته کيس گھڻي اميد هئي ته اها وقتي افراتفري ختم ٿيندي ۽ ڪانگريس پنهنجي مقصد ۾ هتي به ڪامياب ٿيندي پر سندس چوڻ موجب جڏهن 1954ع ۽ 1956ع دوران هندستان مان وڌيڪ مهاجر گھرايا ويا، هندو سنڌين کان کسيل خوبصورت ۽ ڀريا تريا گھر، بنگلا ۽ ڪاروبار انهن جي حوالي ڪيا ويا، انگريزن جي وفادار فوج جي رٽائرڊ عملدارن کي سنڌ جون زرخيز زمينون ورهائي ڏنيون ويون، تڏهن هي ڏاڍو مايوس ٿيو. پوءِ کيس پڪ ٿي ته هاڻي هن ملڪ جو خير نه ٿيندو ۽ ٿيو به ايئن. سنڌ جي شهرن، وستين، واهڻن ۽ کيتن مان خير موڪلائي ويو. پاڪستان جي نظريي کي ڪڏهن به نه قبوليندڙ ڪامريڊ صديق سنڌ جي مقرر ڪيل هاڻوڪين سرحدن سان ڪڏهن به متفق نه رهيو. هو ون يونٽ واري دور ۾ شامل سنڌي سياستدانن کي سنڌ دشمن سمجهندو هو ۽ انهن متعلق وٽس ڪا به لچڪ نه هئي. پاڻ کي پڪو ڪانگريسي چوندڙ ۽ اُن تي فخر محسوس ڪندڙ هي شخص هر ڳالهه ۽ عمل ۾ ڏاڍو سچو ۽ چٽو هو. هر ڏاڍي کان ڏاڍي ماڻهوءَ کي به سامهون سچ چئي سگھندڙ ڪامريڊ صديق مصلحت پسندي، خوشامندي، منافقي وغيره جهڙن عملن ۽ روين کان بنهه پاڪ هو. هو پنهنجون ڪچايون ڦڪايون به پڇڻ تي چٽي نموني ٻُڌائي ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪندو هو. هئُ کڌرپوش جيترو ڳالهائڻ جو کارو هو، اوتروئي اندر جو حساس ۽ اُجرو انسان هو.

 ڪامريڊ صديق جي سائين جي ايم سيد سان تعلق گهڻو پوءِ ٿيو، ڇو ته هِي پڪو ڪانگريسي ۽ سائين شروع ۾ مسلم ليگ ۾ هو. ڪامريڊ صديق جنهن زماني ۾ سڪرنڊ ۾ پڙهندو هو، تنهن زماني کان سائين جي ايم سيد سان تعلق جُڙيس، ۽ پوءِ اُهو تعلق نه رڳو گهرو رهيو پر آخري ساهه تائين سانڍيندو ۽ سنڀاليندو آيو. سائينءَ سان اهو تعلق ايترو نج ۽ سچو هو جو ڪامريڊ صديق سڄي ڄمار هر عيد سن ۾ وڃي سائين جي ايم سيد سان ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس عيد، جي ايم سيد جي ديدار سان هئي. اسئَ واري ڏهاڪي کان سائين جي ايم سيد جي فڪر سان محبت جي ڪري هو هر قومي ميڙاڪي ۾ به وڃي رسندو هو. سائينءَ سان تعلق رکندڙ سڀني ڪارڪنن کي هميشه پنهنجو سمجهندو هو پوءِ جيئي سنڌ سان به ويجهو رهيو ۽ مختلف سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو. جيئي سنڌ جا ڪارڪن مختلف وقتن تي صلاح مشوري لاءِ به وٽس ايندا رهندا هئا. اها هڪ حقيقت آهي ته هو جيئي سنڌ سان هوندي به آخر تائين به هڪ ڪانگريسي رهيو. ڪانگريس کان سواءِ سڀني پارٽين، پارٽي ليڊرن تي تنقيد ڪندڙ ۽ ڪن کي ڪچيون گاريون ڏيندڙ بنهه نج ۽ کرو ماڻهو ڪامريڊ صديق، سائين جي ايم سيد جي ذاتي دوستئَ جي ڪري قومي تحريڪ ۽ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کي تنقيد وغيره کان آجو رکندو هو. البته سچ سڀ ڪنهن کي چٽو ۽ مُنهن تي چئي ڏيندو هو.

پنهنجي اصولن ۽ نظريي سان سدائين نڀائيندڙ ۽ خوددار شخص ڪامريڊ صديق ڪڏهن ڪڏهن ته گھڻي زماني کان پر خاص ڪري زماني جي مشهور ڊڪٽيٽر ضياءَ الحق جي دور يعني اسي_نوي واري ڏهاڪن ۾ ڇاپائي محلي ۾، سندس گھر جي سامهون پراڻين قبر ن جي دڪي تي شام جو روزانو اچي ريڊيو کڻي ويهندو هو، نوين، ڏهين وڳي تائين آڪاش واڻي، بي بي سي ۽ ٻين اسٽيشنن تان نشر ٿيندڙ خبرون ٻڌندو هو. قبرن جي اها دڪي ئي ڪامريڊ جي اطاق هئي. پاڻ جيئن ئي شام جو اچي انهئَ قبر جي دڪئَ تي ويهندو هو، تيئن شهر جا ڪجهه نوجوان ۽ ڪڏهن ڪي بزرگ به اچي وٽس گڏ ٿيندا هئا. خبرون ٻڌندا هئا، ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهائيندا هئا، ايئن ٻين ملڪن جي حالتن، نظامن ۽ نظرين تي به روزانو  ڪچھري هلندي رهندي هئي. قبرن جي اها دِڪي (ٿلهو) ڄڻ ته ڪو سياسي ۽ سماجي تعليم جو اسڪول هو، جتي سياست سان گڏ جُرئت ۽ سچ چئي ڏيڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي. هو ڄڻ هڪ پرائمري سياسي استاد هوندو هو، جيڪو شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جي اڻ سڌي طرح تربيت ڪندو رهندو هو. انهن قبرن کي اوطاق بڻائي ويهڻ تان شروع ۾ ماڻهن ڪجهه اعتراض به ڪيا پر هي کڌرپوش گھڻن کان ڏاڍو ۽ بي پرواهه هو.

ڪامريڊ صديق کي ننڍي هوندي مطالعي جي عادت به رهي پر اَسي واري ڏهاڪي کان پوءِ اها عادت کانئس موڪلائي ويئي. سندس چوڻ موجب بمبئي ڪاليج واري دور کان وٺي 1975ع تائين گھڻو مطالعو ڪندو هو پر پوءِ ڇڏي ڏنائين. انگريزي ٻولئَ جو به چڱو ڄاڻو هو، ته فارسي به پڙهي سگهندو هو. ساڻس جڏهن به ڪچهري ڪبي هئي، تڏهن ئي سندس چڱي مطالعي جي پرک پوندي هئي.(2)

وٽس روزانو ويندڙ اسماعيل ميمڻ (3) ٻڌائي ٿو ته: ”سندس مطالعي جي اُها عادت پوءِ به رهي پر پوءِ آهستي آهستي گھٽجي ويس. جرئتمند، اظهار جي آزادئَ جو علمبردار ۽ اٽل ارادن جو مالڪ ڪامريڊ صديق ڄمار جي بنهه پوين پساهن تائين ڪانگريس جو منشور / آئين هند، سنڌ لاءِ ڪارائتو سمجهندو هو. کڌرپوش ڪانگريسي، ڪامريڊ صديق، جواهر لال نهرو، ابوالڪلام آزاد ۽ جي ايم سيد کان تمام گھڻو متاثر هو، جن جا قول ۽ مختلف حوالا به سندس ڪچهرئَ ۾ ٻڌبا رهبا هئا.

دلچسپ ڪردار هئڻ ڪري نوجوان هن ڏانهن ڇڪجي ايندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندس زندگي گذارڻ، گفتگو ۽ سوچڻ جو انداز منفرد هو. سندس اها انفراديت ئي ماڻهن کي متاثر ڪندي هئي. دنيا ۾ گھڻا ماڻهو پنهنجي منزل ۽ منزل مقصود ٺاهي نه سگھندا آهن. اُهي فقط ٻين ماڻهن کان متاثر ٿي عمل ڪندا آهن. انهن ۾ به گھڻا ته اهڙا هوندا آهن، جيڪي زندگي گذارڻ جو طور طريقو، ڍنگ، گفتگو، بلڪ هر عمل ڪن مخصوص ماڻهن کان متاثر ٿي، انهن جي نقالي ڪندا آهن. منجهن پنهنجي ڪا به انفراديت نه هوندي آهي. ڏٺو وڃي ته اهي ماڻهو سطحي هوندا آهن. دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو وزندار ۽ گهرا هوندا آهن. سندن زندگي گذارڻ جو هر عمل پنهنجو چونڊيل، ٺاهيل ۽ عام کان بنهه مختلف هوندو آهي. انهن جو پنهنجو نظريو ۽ نقطه نظر هوندو آهي. اُهي پنهنجو رستو ۽ منزلِ مقصود پنهنجو پاڻ ٺاهيندا آهن، ۽ مقرر ڪندا آهن. وٽن جيڪي به هوندو آهي اها ئي سندن ڪمائي هوندي آهي. اُهي ماڻهو پاڻ ٻين ماڻهن کي متاثر ڪندا آهن، اهي پارس هوندا آهن، جيڪي سڃڻ سان (لوهه کي به) سون ڪري ڇڏيندا آهن. ڪامريڊ صديق به انهن ٻئي قسم جي ماڻهن مان هڪ اڏول ۽ خوددار شخص هو.“

اَسي نوي وارن ڏهاڪن ۾ چنڊاڻي، جماڻي آئون به وڃي ڪامريڊ صديق جي اوطاق (قبر جي دڪي / ٿلهي) تي ڪچهرئَ تي نڪرندو هئس. هڪ ڀيري آئون اتان اچي لانگهائو ٿيس، ته هو اڃان مس اچي پنهنجي بيٺڪ تي ويٺو هو. مون کي سڏي ويھڻ جو چوندي، خبرن ٻڌڻ لاءِ اشارو ڪيائين. ريڊيو آڪاش واڻئَ تان سنڌي پروگرام هلي رهيو هو، شايد سائين هيرو ٺڪر ڪنهن موضوع تي ڳالهائي رهيو هو. وٽس فقط هڪ دوست عبدالرحمان گھراڻو (پرائمري استاد ۽ سرگرم قومي ڪارڪن) ويٺل هو. ريڊيو تي ڪا اهڙي خبر هلي رهي هئي جو اسان جي ڪچهرئَ جو موضوع جهموريت ۽ سوشلزم ٿي ويو. سوشلزم ته پري پر کيس پڪ هئي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن جمهوريت به نٿي اچي سگھي. ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ موجب: ”پاڪستان ۾ جهموريت جو نظريو نابين ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جهموريت فقط هندستان ۾ آهي.“ ڪجهه دير کانپوءِ مون کانئس قومي تحريڪ، آزادي، طبقاتي ڇڪتاڻ، انقلاب ۽ سوشلزم متعلق ڪي سوال پڇيا هئا. هو انهن موضوعن تي لڳاتار ڳالهائيندو رهيو. انهئَ وچ ۾ ٻه ٽي ٻيا به ماڻهو اچي اتي ويٺا. جڏهن طبقاتي سماج ۽ سوشلزم جو ذڪر نڪتو ته هُو ’سوشلزم‘ جو لفظ اُچاري ڪيتري دير تائين خاموش ٿي ويو. ڪجهه دير گذرڻ بعد مون کانئس انهئَ موضوع تي وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ چيو ته هو مختلف طرفن ڏانهن لوڻا ڦيري، ويٺل ماڻهن جي چهرن ۾ گھوري وري به خاموش ٿي ويو. هر موضوع تي جرئت سان ڳالهائيندڙ ڪامريڊ صديق جي اهڙي رازدارئَ واري خاموشي مون پهريون ڀيرو ڏٺي. هو مسلسل خاموش رهيو ۽ پوءِ مون کي چيو هئائين:

 ”مانجهي! تون خاموش رهندو ڪر، اهو تو لاءِ ڀلو آهي.“ ان ڏينهن مون محسوس ڪيو ته هر وقت ڳالهائيندڙ هن شخص جي اندر ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون به آهن جن تي هو چاهيندي به نٿو ڳالهائي. اتي مون محسوس ڪيو ته ڪن حقيقتن تي ماڻهو چاهيندي به ڳالهائي نٿو سگهي ۽ جتي سمجهڻ وارا ئي نه هجن اُتي ته بنهه نه ڳالهائڻ کپي. تڏهن مون کي رسول حمزا توف جو هڪ نظم ذهن تي تري آيو، جيڪو مون تازو ڪٿي پڙهيو هو، سو هيٺين ريت آهي:

پنهنجا خيال / سوچون ٻين کي نه ڏيو،
هڪ قيمتي اوزار ٻار کي راند کيڏڻ لاءِ ڏيڻ نه گھرجي،
اُهو اوزار ٽوڙي ڀڃي ڇڏيندو،
يا پنهنجو پاڻ کي زخمي ڪري وجهندو.

اهڙئَ ريت ٻئي ڀيري آئون پنهنجي محسن دوست جعفر مگسيءَ(4) سان گڏجي ڪامريڊ وٽ ويس. انهئَ ڏينهن ڇاڪاڻ ته سوچي سمجهي هڪ پروگرام تحت ويا هئاسين، تنهنڪري اُن ڏينهن واري گفتگو مون پنهنجي بُڪ تي نوٽ ڪئي هئي. نوٽ ڪيل انهئَ احوال مان ڪن ڳالهين کي ڇڏي باقي هتي جيئن جو تيئن پيش ڪريان ٿو:

پاڻ چيائين: ”مون سياست جي شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن آئون بمبئي ڪاليج ۾ پڙهندو هئس. اتي مون ان وقت جي سياست جو مطالعو ڪيو. اُتي منهنجي دوستئَ ۾ ڪجهه اهڙا ڇوڪرا به هئا، جيڪي سياسي گفتگو ۽ بحث مباحثا ڪندا رهندا هئا. ڪي اهڙا ڪتاب ۽ پمفلٽ به سندن هٿن ۾ ڏسبا هئا. انهئَ دور ۾ ئي آئون ڪانگريس جي ڪارڪنن ۾ منشور کان متاثر ٿيس. تڪڙوئي آئون ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس ۽ اُتي جي سياسي سرگرمين ۾ به شامل رهندو هئس. انهئَ دور ۾ مون سياست ۽ ادب تي ڏاڍا ڪتاب پڙهيا.“

ڪامريڊ صديق چيو ته: ”جڏهن آئون هندستان مان واپس ٺٽي آيس ته وري هتي ڪانگريس جي ميمبرن سان تعلق ۾ آيس ۽ هتي جي پارٽي سرگرمين ۾ شامل رهيس. جڏهن آئون سڪرنڊ ۾ زرعي تعليم حاصل ڪرڻ ويس، تڏهن منهنجي سنڌ جي انهئَ وقت جي سرگرم شخصيت سائين جي ايم سيد سان ملاقات ٿي. ساڻس ڪچهريون ٿيون. بس پوءِ آئون سائين کان ڏاڍو متاثر ٿيس، اڳتي هلي اهو تعلق اسان جي دوستئَ ۾ تبديل ٿي ويو. سائين سنگت جو اهڙو ته سچو آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هاڻي سنڌ ۾ رهيو به اهوئي ته وڏو ماڻهو آهي.“

هن چيو ته: ”جڏهن کان منهنجي سائين سان ويجهڙائي ٿي آهي، آئون تڏهن کان وٽس ويندو رهندو آهيان. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جو خيرخواهه فقط جي ايم سيد هو ۽ هاڻي به آهي. جي ايم سيد کي گھڻن سياستدانن دوکا به ڏنا آهن، هي انهن سان به نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ هي ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي. هن سدائين سچ ڳالهايو ۽ ڪيو آهي. هي فقير (صديق) به سدائين سندن ڳالهين ۾ اچي، مٿن اعتبار پيو ڪندو آهي. سهپ جي به حد آهي، ڇو ته سيد وڏو ماڻهو آهي، ڏاڍو 
سچو ماڻهو آهي. ڪوڙن ماڻهن جي ملڪ ۾ هڪ سچو ماڻهو...........“.

ڪامريڊ صديق چيو ته: ”ورهاڱي وقت چڱا ماڻهو هندستان هليا ويا هتي ....... هتي هي ............ ۽ ڦلهيار (رک) وڃي بچيا آهن ۽ هُتان وري ڄئورون آيون، تن مان ته جهلجهي ويا آهيون.“

هن چيو ته ”پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ آئون ڪانگريس ۾ ڪارڪن رهيس، پر آئون اڄ به ڪانگريس جي منشور سان سؤ سيڪڙو متفق آهيان. اسان وٽ اوهان واري ڪميونسٽ پارٽئَ به ٻوٽو نه ٻاريو. منجهانئس يو پي، سي پئَ جي ڌپ اچي ٿي. آئون اڄ به چوان ٿو ته جيڪڏهن گڏيل هندستان هجي ها ته اسين هن حالت ۾ نه هجون ها. ڪهڙي حالت آهي هن وقت پاڪستان جي؟ افسوس.......!! ها ڌرتي، زمين لڄن کان به وڌيڪ مٿاهين، هوندي آهي. ڪا ڇوڪري ڌارين کنئي ته واپس ڪرائي وجهنداسين، نه ته ٻي به ڄمي پوندي پر زمين ڪنهن ڌارئين وٽ ويئي ته ڇُٽي. اسان جون ته زمينون به ڌارين جي قبضي ۾ آهن. هر شهر فوجين جي قبضي ۾ آهي، جتي ڪٿي ماڻهن تي ڦٽڪن جو زيپٽ آهي. پڙهيل لکيل ماڻهن سان جيل ڀريا پيا آهن، چور ۽ ڌاڙيل بادشاهن وانگر گهمن پيا ۽ سياستدان، دانشور ۽ عقلمند ماڻهو سڀ جيلن ۾ سوگها آهن... جنرل ضياءَ ... ... منحوس...، پاڪستان تي سدائين فوجن جي حڪومت رهي آهي يا انهن جي ڇاڙتن جي. اسين آزاد نه پر مفتوح آهيون.“

”.......... هاڻي ته رڳو پ پ کي نه پر سڀني سياسي پارٽين کي ختم ڪيو پيو وڃي. مُلان ميمبر ۽ عملدار آهن. هي ........ پاڻ وارو ٺٽي وارو ....... ملون ته ڏسو جمع ڏينهن خطبن ۾ به جنرل ضياءَ  جون تعريفون ٿو ڪري. جنرل ضياءَ پاڻ سان گڏ مُلان ۽ ويڪائو وڏيرا کنيا آهن. اسان جي سياسي شعور کي تباهه ڪيو پيو وڃي. هاڻي ڪجهه وقت کان پوءِ سياسي پارٽيون ختم ٿي وينديون. وڏيرا، سردار ۽ باس وڃي رهندا ۽ پوءِ اُنهن جا ٽولا هوندا.“

ڪامريڊ صديق جون کريون ڳالهيون، جملي بازيون ۽ تنقيدون به ڏاڍيون وڻندڙ هونديون هُيون. خاص ڪري سياسي پارٽين ۽ سياستدانن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هوندو هو. ڪيترين ئي پارٽين ۽ پارٽي ليڊرن لاءِ وٽانئس مقرر ٿيل لقب ۽ جملا ٻڌبا هئا، جيڪي ٻڌڻ سان هر ٻُڌندڙ کلڻ کان رهي نه سگهندو هو. پر حقيقت ۾ اُهي سمورا جملا تنقيدي ۽ اصلاحي هوندا هئا. پر افسوس جو ڪامريڊ صديق هاڻوڪي اُجڙيل شھر ٺٽي جو هڪ غريب ۽ فقير منش ماڻهو هو تنھنڪري ٺٽي ۽ سن تائين، وڌ ۾ وڌ قومي ڪارڪنن تائين محدود رهيو. جهڙي سندس پذيرائي ٿيڻ گھرجي ها سا نه ٿي. سندس عجيب ڪردار ۽ ڳالهين مان جيترو سکڻ کپندو هو اوترو ماڻهو سکي نه سگهيا. هتي آخر ۾ سندس چيل ڪجهه اُهي گفتا ڏجن ٿا، جيڪي هو پنهنجي ڪچهرين ۾ گهڻو ورجائيندو رهندو هو:

”اڄڪلهه جي سياستدانن جڏهن سياست ۾ پير پاتو، تڏهن وٽانئن ضمير هميشه لاءِ مري ويو.“

”هتي جي سياست ڪوڙ آهي ۽ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ آهي.“

”اسان جا سياستدان، سياسي جدوجهد نٿا ڪن، پر پئسن گڏ ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڏاڍا مصروف رهندا آهن.“

”سياسي ليڊر اسٽيجن تي شينهن هوندا آهن ۽ جنهن وقت جنرلن ۽ ايجنسين اڳيان هوندا آهن، تنهن وقت گدڙ کان به گھٽ هوندا آهن.“

”اڄڪلهه جي آفيسرن جا گھر ملڪيتن سان ۽ اندر ناجائزين ۽ نا انصافين سان ڀريا پيا آهن.“

ڪامريڊ صديق شادي پنهنجي عزيزن مان ڪئي هئي، جنهن مان اولاد ڪونه ٿي سگهيس ٻئي به شادي ڪيائين پر ان جو اولاد بچي ڪونه سگهيس. ان ڪري سڄي زندگي ڀاءُ ۽ ڀائيٽن سان گذاريائين. سدائين چٽو سچ چئي ڏيندڙ ڪامريڊ محمد صديق پکيئڙو 3 نومبر 1987ع تي دل جي تڪليف سبب وفات ڪري ويو. کيس مڪلي ٽڪرئَ تي سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

حوالا

1. ٺٽي شهر جي گهٽين ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي جهونيون قبرون آهن. هي ٻه قبرون (1) ڇتن ۽ (2) وطن مل جون چيون وڃن ٿيون. ڪامريڊ صديق جي بيٺڪ انهن قبرن جو ٿلهو هو. سندس گهر به اُتي سامهون ئي هو. هاڻي انهن قبرن کي ڪامريڊ صديق واريون قبرون سڏيو وڃي ٿو.

2. ڪامريڊ صديق آخري ڄمار ۾ پنهنجي سوانح، اسان جي دوست محترم خدا بخش بھراڻي کي رڪارڊ ڪرائي هئي، پر افسوس جو اها سوانح ڪيسٽ ۽ بُڪ کانئس ڪو دوست وٺي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين واپس نه ڪيائين. جنهن جي ڪابه خبر نه آهي ته اها سلامت به آهي يا نه؟

3. اسماعيل ميمڻ، ٺٽي جو سينئر استاد آهي ۽ پنهنجي دور ۾ قومي ڪارڪن رهيو آهي. اسي واري ڏهاڪي ۾ سندس ڪچهرئَ ۾ روزانو شامل هوندو هو.

4. محترم جعفر مگسي، مثالي استاد ۽ آخر ۾ پرائمري اسڪول آخوند براديه جو هيڊ ماستر هو. ڊيوٽي جو بنهه پابند، ايماندار، ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائي سگھندڙ، هي سدائين ڪميونسٽ پارٽئَ سان رهيو. پنهنجي اندر ۾ به پڪو ڪميونسٽ هو. ڏهه سال اڳ ڊيوٽي دوران گذاري ويو.






No comments:

Post a Comment