Monday, June 22, 2020

سنڌي گيت جو شاعر ماڻڪ ملاح

سنڌي گيت جو شاعر ماڻڪ ملاح

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


      سٻاجهو ۽ سهڻو سڀاءُ رکندڙ ماڻڪ ملاح سنڌي ٻوليءَ جو خاص ڪري سنڌي گيتن جو سگهارو شاعر آهي. سندس گيت ڪافي وقت کان ڇپجندا رهيا آهن. ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ مون کي تمام گهڻي خوشي تڏهن ٿي جڏهن ماڻڪ ملاح پاران موڪليل ڪتاب سنڌ ڪلچرل فورم جو سرواڻ، پيارو دوست صادق لاکو، منهنجي حوالي ڪري ويو. مون کي ڪو ڪتاب ملندو آهي يا خريد ڪندو آهيان ته پهريان تڪڙو ئي اُن جو مهاڳ ته گهڻو ڪري اُن ڏينهن ئي پڙهي وٺندو آهيان، باقي ڪتاب  پڙهڻ جي تئونس به تيستائين رهندي آهي جيستائين پڙهي پورو نه ڪندو آهيان. ماڻڪ ملاح جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ياد بهانا ڪيا“ جو مهاڳ توڙي جو مشهور شاعر ۽ اديب، مانواري سائين مير محمد پيرزادي جو لکيل آهي جنهن جي شاعري ۽ نثر پڙهڻ لاءِ سدائين دل چوندي رهندي آهي، سو سندس شاهڪار مهاڳ تڪڙو پڙهي ۽ پوءِ اُن مهل ئي ماڻڪ جا گيت پڙهڻ لڳس ڇا ڪاڻ ته ماڻڪ جا گيت مون کي ڏاڍا وڻندا آهن.


حقيقت ۾ گيت آهي ڳائڻ جي صنف،اها ڳائيندي ئي سٺي لڳندي آهي پر هن ڪتاب ۾ ماڻڪ گيت پاڻ ئي گنگنائيندي اندر ۾ لٿا. هن ڪتاب ۾ هر گيت پڙهندي، ماڻڪ جي شاعري مون کي اڃا به وڌيڪ سگهاري ۽ رسيلي محسوس ٿيڻ لڳي. هونئن به گيت ته صنف ئي اهڙي آهي جنهن ۾ ڌرتيءَ جي  تڙپ، احساس ۽ ڪيئي ڪيفيتون سمايل هونديون آهن، جنهن ۾ جوڀن رُت جي جذبن جي تڙپ جي تڙاپ تڙاپ سان گڏ سموري جيون جو رقص به رچيل هوندو آهي. ها گيت ڌرتيءَ جي اندر جو ڀرپور اظهار هوندا آهن.

آئون سٻاجهي سنڌوءَ جي ڪچي جي وارياسي علائقي ۾ جنم وٺندڙ ٻهراڙيءَ جو مالوند ماڻهو آهيان سو ڄارين، لَين، ڪنڊين، ڪرڙن، گگرالن، گولاڙن، کيرولن ۽ کاٽونبن جي خوشبوءِ، ساءَ ۽ سواد گڏوگڏ لولين ۽ گيتن جي گونج بنهه ننڍپڻ کان ئي منهن جي حواسن جي پتيءَ پئي. گيتن جي گونج منهن جي ساهن ۾ سمايل آهي.ها ماڻڪ جا گيت پڙهندي مون کي سٻاجهي سنڌوءَ جي وارياسي ڀٽن ۾ منهنجو ننڍپڻ ۽ جواني جا شروعاتي ڏينهن اکين اڳيان اُڀري آيا.ڪتاب هڪ ساهيءَ  سان دير تائين پڙهندو رهيس ۽ سندس ڪيترائي گيت اهڙا آهن جن کي بار بار پڙهڻ لاءِ دل چوي ٿي.

ماڻڪ جي هن ڪتاب ”ياد بهانا ڪيا“ ۾ ڏنل پهريون گيت ”پيرُن ۽ پيرن جا رنگ_سُرنگ، ساءُ ۽ سواد ئي پنهنجا آهن. پيرون هڪ ڏُٿ آهي، جنهن جو تصور ئي پيار ڀريو ۽ سنڌ جي ثقافتي جماليات جو سهڻو تصور آهي. پيرونءَ جو تصور ايندي ئي رومانس جا ڪيئي تاڪيا کُلي پون ٿا. اچو ته سندس گيت جو ميٺاج وٺون:

ڏار ڏار تي ڇورا ڇوريون، ڳاڙھ ڳٽوليون، اُرھ زورايون

ڪنهن جي سامهون آهي آئي
ڪنهن سان ٽڪري ڪنهن جي ڇاتي
ڪنهن کي ڪل نه ڪائي مٺڙا
پيرُن جي رُت آئي.

الهڙ جوانيءَ جهڙا جهولا، اَڪ پشم جا اُڏريا گولا

۽ کاٽونبي ۾ ٽولا
جيءُ جياپو جن جي ڳولا
توڙي سج جي تائي
پيرُن رُت آئي

هيءُ هڪ اهڙو ٻوليءَ جي سادگيءَ سان سينگاريل گيت آهي جنهن ۾ فطري احساس، جذبا، ڏات ۽ ڏانءُ، ڪمال جي ڪاريگريءَ سان آهي. هي گيت پڙهندي سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ جو ههڙا سهڻا گيت سنڌ ۾ سرجي رهيا آهن. ههڙا گيت پڙهڻ سان ويساھ ٿئي ٿو ته هن وحشت ۽ دهشت جي دور ۾ سنڌ جو شاعر پنهنجي ثقافت، ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ سان ڪيئن نه ٻکيو پيو آهي. هيءَ شاعري اهڙي شاعري آهي جيڪا ڄڻ ته ڌرتي جي ڇاتين جو احساس ڏياري رهي آهي. سندس گيت پڙهندي جڏهن سندس هڪ گيت جو هيٺيون سٽون ڇا پڙهيون ڄڻ ته لفظ منهنجي اندر ۾ اوتجي ويا:

ٿڃ سنڌو درياءُ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ
لهرون لڙڪي وڻ وڻ وڙڪي
لوليون ڏي ٿو واءُ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ

تڏهن هي گيت رڳو اکين سان نه پر دل سان پڙهڻ لڳس. پڙهڻ ڇا ڄڻ ته هن گيت جي گونج ۾ ڌرتيءَ جي رِڌم سان رقص ۾ شامل ٿي ويس ۽ جڏهن انهيءَ گيت جون هيٺيون سٽون اکين کان ٿينديون منهن جي اندر تائين پهتيون:
تنبوري جي تون تون مٽي
کل خوشي ۽ خوشبو مٽي
اکڙيون مٽي، سُرمو مٽي

تڏهن ڳڙيل ڳوڙها ته اُگهي ڇڏيم پر ڪيتري دير تائين اکيون پوءِ به آليون ئي رهيون. ڇاڪاڻ ته مٽيءَ جو احساس ئي اههڙو آهي. مٿان وري جو ماڻڪ اُن احساس کي پنهنجي گيت جي سٽن ۾ واهه جو سمايو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو سهڻو ساهتيه لهجو ته هونئن ئي ٻهڳڻو آهي پر ماڻڪ ان ۾ جيڪو موھ، ميٺاج، رس، چس، لئي، سُر ۽ ڌرتيءَ جو پيار ڀريو آهي ان سندس گيت ۾ مينهوڳي مند ۾ سنڌ جي ڪچي ۾ رهندڙ ڪنهن ڪنوار جي سينگار جو سماءُ ۽ ميندي ۽ ميلبن جي ڳنڌيل خوشبوءِ جهڙي سُرهاڻ سمائي ڇڏي آهي.

مينهن ڀڄايس ململ ڪپڙا
 ڪهڙا انگڙا چڪ ۾ جانچي
لپ اُرھ جي هيٺان آڻي
 ڦوھ جواني ٽڪ ۾ جانچي
سورنهن سالي سڪ ۾ جانچي
ٽڪ مٿان ٿي ٽڪ ۾ جانچي
ڇاتيءَ جا اُڀار هوا ۾ ڌڙڪيا ٿي
چپڙا ڇانهين ڦار هوا ۾ ڦڙڪيا ٿي

ماڻڪ جي سموري شاعري ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي سونهن ۾ ڳنڌيل آهي. هن هر گيت جي ڀاڪر ۾ فطرت جي سونهن کي واهه جو ڀريو آهي ۽ گڏوگڏ نڪور ڪيفيتون، احساس، اُڌما، اُمنگون ۽ پوءِ ٻوليءَ جا سورنهن سينگار به سمايا آهن. ماڻڪ گيت جي صنف سان ايترو ته نڀايو آهي جو سندس گيتن ۾ ڪٿي ڪٿي ڄڻ ته لوڪ گيت جو سواد اچي ٿو. هيٺيون سٽون ته آهن ئي سندس هڪ لوڪ گيت جون:

چارئي طرف نهاريان تو لئه
اُڃ اکين ۾ اوتي
مٺڙا!
توکي ڪير ٿو روڪي
رونبي واري ڇوري تو لئه
ساريون سُرهيون پوکي
ساريون سُرهيون پوکي
يا پئي خواب اکين ۾ پوکي
مٺڙا!
تو کي ڪير ٿو روڪي

گيت جو تصور گهڻو ڪري آهي ئي عورت سان. اسين جيڪڏهن ڪنهن به ٻوليءَ جي لوڪ گيتن جو مطالعو ڪري ڏسنداسين ته اهي گيت گهڻو ڪري عورت جي زباني چيل آهن. ڇا ڪاڻ ته عورت جي آواز ۾ ڌرتيءَ جو آواز آهي. ها عورت جنهنجي آواز ۾ ڪيئي آواز سمايل هوندا آهن. اها حقيقت آهي ته ماڻڪ جا گيت سنڌي عورت جي سکن ڏکن جو آواز آهن. گيت نه رڳو موضوع وغيره جي لحاظ کان پر ٻوليءَ جي ميٺاج، رواني، رس ۽ لئي جو ڀرپور هجڻ به ضروري هوندو آهي. گيت ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪرندڙ ساون سلن ۽ مکڙين وانگر هوندا آهن. ٻولي۽ موضوعاتي بي ساختگي گيت جي صنف جي سونهن آهي. ماڻڪ ملاح جا گيت اهڙين گهڻين خوبين سان سنواريل ۽ سينگاريل آهن:

          ڇوري پاڻ ته زوري آهي
        ڪنهن سان اک
       ڪڪوري آهي
سونا سونا ڏيڍا لاهي، هوءَاُکيڙي پنهنجي چوٽي
واٽر ڪڙ تي مٿو ڌوئي، هوءَ نپوڙي پنهنجي پوتي
      ڪيڏا اُن ۾ تال ڇنڊي ٿي
       ڪائي من ۾لوري آهي....

ماڻڪ ملاح جي هن ڪتاب جي اڀياس ڪرڻ کانپوءِ چئي سگھجي ٿو ته سنڌي گيت وري به نوان ويس ڍڪي آيو آهي ۽ اُن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ اسان جو فرض آهي.سنڌي شاعري خاص ڪري گيت سان دلچسپي رکندڙن کي سپ پبليڪيشن نوابشاهه پاران ڇپايل هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجي.


No comments:

Post a Comment