Saturday, June 27, 2020

ساريجي بُٺي (سنڌ جو هڪ قديم ماڳ) تحقيق: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ساريجي ڀُٺي (سنڌ جو هڪ قديم ماڳ) 

تحقيق: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


     
سنڌ ملڪ جي تهذيب دنيا جي آڳاٽين تهذيبن مان هڪ آهي. سڄي دنيا جا تاريخدان، قديم آثارن جا ماهر، اينٿروپالاجسٽ، عالم ۽ ڏاها، بنهه چٽي نموني سان سنڌ ساڻيهه جي آڳاٽي تهذيب جي شاهوڪاريءَ جي ساک ڏين ٿا. سنڌ جتي انسان جي اوائلي دور جا غار، پٿر جي دور جي وسندين جا آثار، ڌاتوءَ جي دورن جا چٽا اهڃاڻ، قديم دور جا ٺڪراٺا وغيره اڄ به سوين هنڌن تي شاهديون ڏيڻ لاءِ ججهي تعداد ۾ موجود آهن، اُتي ڊهڻ ۽ ڊاهڻ جو سلسلو به جاري آهي.

 اسان وٽ ورهاڱي جي دور تائين ته سنڌ جي قديم آثارن جي کوٽائي وغيره تي ڪم ٿيندو رهيو، پر ورهاڱي کان پوءِ گهٽ ڪم ٿيو آهي. ورهاڱي واري سال کان وٺي هن سال (1999ع) تائين سنڌو تهذيب جا سوين ماڳ مٽي ٿي ويا، ڪي مٽي ۽ پٿر ڪڍڻ، ته ڪي زمين ڦٻائڻ جي لالچ ۾ ميساريا ويا ته ڪي کيڙي پوکيءَ ۾ کيڙجي ويا، ته ڪي وري سنڀال نه هئڻ جي ڪري تباهه ٿي ويا. تنهن هوندي به ڪيترن ئي ماڳن جا آثار اڄ به پنهنجا سينا کولي، اسان جي بي ڌيانيءَ تي ماتم ڪري رهيا آهن.
سنڌ وطن جي اهڙن سوين قديم ماڳن مان، ننگر ٺٽي ويجهو ’ساريجي بُٺي‘ نالي سان سڃاتو ويندڙ ماڳ به هڪ اهم ماڳ آهي. جنهن طرف اسان جي ڪنهن به قديم آثارن جي ماهر، تاريخدان يا ڪنهن سُڄاڻ جو ڌيان ئي ڪونه ويو آهي.

نالو:

هن ماڳ کي ’ساريجي‘ نالي سان ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ هن تي اهو نالو ڪيئن ۽ ڪڏهن پيو؟ انهيءَ متعلق نه ئي ڪا لکت ۾ معلومات ملي ٿي ۽ نه ئي ڪا روايت وغيره ملي ٿي. اسان جي خيال ۾ ’ساري + جِي‘ ۾  ’ساري‘ هڪ اسم آهي جڏهن ته ’جِي‘  جو مطلب آهي سندس. اهڙا ٻيا به ماڳ آهن، جيئن ’داٻيجي‘ معنيٰ اهو هنڌ جتي داٻو (ويساهي \ ترسيو) ڪيو وڃي. آڳاٽي زماني ۾ جڏهن ڪراچيءَ کان سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن ماڻهو \ قافلا ايندا ويندا هئا، تڏهن ’داٻيجي‘ واري هنڌ اچي داٻو ڪندا هئا. انهيءَ هنڌ تي مٺي پاڻيءَ جو چشمو به وهندڙ هو، ته اتي ڪجهه وڻڪار به هوندي هئي. انهيءَ هنڌ تي ٻه ڳالهيون مسافرن جي داٻي ڪرڻ \ ترسڻ جو وڏو سبب هيون. (1) پاڻي (2) وڻڪار _ ڇانوَ ۽ اَجهو \گبرو.

اهڙن ئي نالن سان سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ ٻيا به ڪيترائي ماڳ موجود آهن، جن مان هيٺيان ڪجهه ماڳ مشهور آهن: کڏيجي، کتيجي، دريجي، جوريجي، وٽيجي، داٻيجي، هاليجي، ساريجي، راهيجي، ڪوٽ ڏيجي، مدئجي، جيهيجي.

مٿين ماڳن جي سلسلي ۾ هي ڳالهه به ڌيان ڇڪائيندڙ آهي ته جڏهن اسين پراڻن نقشن تي نظر ڦيرايون ٿا يا هڪ اهم ڪتاب Indian Route Book: Sind Rajputana District (1922ع ۾ ڇپيل) کي ڏسون ٿا ته اهي سمورا ماڳ اسان کي هڪ شاهراهه تي ملن ٿا. ٻين رستن کان سواءِ انهيءَ رستي سان عراق، ايران ۽ سنڌ کان ٿيندو هندستان تائين وڃي سگهبو هو.

پسگردائي:

ساريجيءَ جا آثار نيشنل هائي وي لڳ ٺٽي کان ڏهه ڪلوميٽر پري حيدرآباد طرف انهيءَ ننڍڙِي ٽڪريءَ تي آهن، جنهن جي ڪجهه حصي تي هاڻي فش هيچري آهي ۽ ڪجهه حصي تي جاکرن (ڳوٺ محمد خان جاکرو) ۽ مير بحرن (ڳوٺ محمد رمضان ميربحر) جا گهر موجود آهن. هن ٽڪريءَ جي اوڀر طرف هڪ فرلانگ فاصلي تي ڪينجهر مان نڪرندڙ ڪلري بگهياڙ فيڊر (1958ع کان) وهندڙ آهي. ڪلري بگهياڙ فيڊر جي اوڀر طرف، ساريجيءَ کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي بنهه قديم ماڳ ’چليا‘ جا قديم آثار ۽ ڳوٺ آهي ۽ ٿورو اوڀر پنڌ تي ’گل مير جو ڪوٽ‘ ۽ ٻيا آثار اڄ به موجود آهن. اتر اوڀر ۽ ڏکڻ طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياهه آهي. ٽي ڪلوميٽر اولهه طرف نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ ’ڇتو چنڊ‘ آهي. اُتر اولهه ۽ اُتر طرف ستن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مڪلي ٽڪريءَ جو اوڀاريون ڇيڙو آهي. جنهن تي لال ڇتو. موسيٰ  اصحابو (اصحابيءَ) جا مقبرا، گهراڻن جو قديم قبرستان، جهول ماڙي ۽ مشهور ڍنڍ جهول. (جيڪا هاڻي باقي ڪا وڃي بچي آهي) آهي. اُتر اوڀر طرف اڍائي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪنجهر ڍنڍ آهي. ساريجي بُٺي ۽ چليا جي وچان آڳاٽو سنڌوءَ جو اهو وهڪرو هو، جيڪو ساموئي، هالاٺ، گهاري کان ٿيندو، ڀنڀور وٽان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اهو ڪلريءَ جي نالي سان مشهور هو. سنڌوءَ جي انهيءَ جهوني وهڪري متعلق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”هي وهڪرو اتر کان چليا ڳوٺ وٽ ۽ ڏکڻ پاسي کان محمد خان سومري جي ڳوٺ ڀرسان ڪٿان هڪ وڏو ڦيرو کائي وڌيڪ ڏکڻ پاسي کان وهي، ٺٽي شهر جي اوڀر ۾ ويجهڙائيءَ وٽان وهڻ لڳو. ان ڏکڻ واري ڦيري وٽان هڪ ڦاٽ پيدا ٿيو.جيڪو پراڻي ڪلريءَ جو پيٽ ڏيئي وهڻ لڳو، جيڪو اسلام کان گهڻو اڳ سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو پڻ هو، جنهن مان پوءِ ٻه واهڙ ڦٽندا هئا. انهن مان هڪ مڪلي، ٽڪريءَ جي اتر کان اچي کيس گهيري وٺندو هو ۽ ڏکڻ _اولهه وڃي گهاري ڏانهن منهن ڪندو هو ۽ ٻيو واهڙ وڪڙ کائي مڪليءَ جي ٽڪري وٽ ان جي اڀرندي ڪڇ (گود) کان سڌو ڏکڻ ڏانهن وهندو هو.“ ياد رهي ته ڄام نظام الدين جي حڪمرانيءَ واري دور ۾، ڪجهه عرصو اهو وهڪرو بند ٿي ويو ته ڄام جي خاص وزير دولهه دريا خان انهيءَ هنڌ وٽان يعني ’ساريجي بُٺي‘ جي ڏکڻ اوڀر ۾ سونھڻي جي لٺ وري هنڌ وٽان ڪلري مان ’خان واهه‘ نالي واهه کوٽائي مڪلي ۽ اڳتي وارن علائقن ڏانهن آندو هو. ساموئي ويجهو اُن ئي خان واهه جي ڪنڌيءَ تي ارغونن سان وڙهندي دولهه درياخان شهيد ٿيو هو.

روايتن موجب مشهور لوڪ ڪهاڻي ۽ لطيف سرڪار جي سڄن سارن پنجن سُرن جي اهم ڪردار، جدوجھد ۽ سچائي جي اھڃاڻ ’سسئي‘ به ننڍڙي هوندي انهيءَ درياهه \ وهڪري مان ئي لڙهندي ڀنڀور پهتي هئي. اُن وهڪري جا آثار اڄ به موجود آهن.

ساريجي بُٺي جنهن جي آسپاس هاڻي زرعي زمينون آهن، تنهن تي مٿي چڙهي بيهڻ سان مٿيان سمورا ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا وغيره چٽيءَ ريت ڏسي سگهجن ٿا. آسپاس ۾ ٻيا به اهڙا هنڌ آهن، جيڪي گهڻي تحقيق طلب آهن. جيئڻ: گهاڙ واري ، کٽياڻ واهه، کُڏي ڍنڍ به اهم آهن.

بُٺي جي بيهڪ:

ساريجي بُٺي ٺٽي کان اوڀر طرف 12 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ٺٽي کان حيدرآباد لاءِ نيشنل هائي وي جي ڏکڻ پاسي ۾ روڊ ٻن هزارن فوٽن جي فاصلي تي آهي. اُتر، اولهه ۽ ڏکڻ طرفن زرعي زمينن پري پري تائين ساوڪ ئي ساوڪ آهي. اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي اوڀارئين پاسي کان اُتر کان ڏکڻ ڪلري بگهاڙ  ڪئنال وهندڙ آهي. ان کان اوڀر ۾ ويجهو ئي چليا  جي جابلو ٽڪري آهي. اُتر کان اولهه ڏکڻ طرف هن بُٺي جي ڊيگهه هڪ ڪلوميٽر کان به سرس آهي. جڏهن ته ويڪر ڪٿي هڪ فرلانگ کن ته ڪٿ گهٽ وڌ آهي. ورهاڱي تائين هن ٽڪري ۽ ٽڪري جي گهڻي هيٺاهين آس پاس تائين آثار موجود هئا، هن ٽڪريءَ تي ته 1982ع تائين به آثار گهڻائيءَ ۾ پکڙيل هئا.جڏهن ته بُٺيءَ تي اڏيل هاڻوڪن گهرن وغيره مان ڪو به نه هو، موجوده ڳوٺ  پوءِ  جو آهي. البت اولهائين ڪنار سان جاکرن جو ڳوٺ سٺ ستر سالن کان موجود آهي. هاڻي سندس صورتحال هن ريت آهي: اُترئين ڇيڙي تي هيٺاهين فش هيچري ۽ ان جون آفيسون آهن. اُترئين ڀاڱي تي وري فش ٽريننگ اسڪول ۽ هاسٽل آهي. جڏهن ته ڏاکڻي ڇيڙهي تي ڳوٺ محمد خان جاکرو ۽ وچئين ڀاڱي تي ڪجهه مير بحرن جا گهر (ڳوٺ محمد رمضان مير بحر) آهن. ڏاکڻي ڇيڙي تي ڳوٺ محمد خان جاکري کان به اولهه طرف هڪ  علم لڳل آهي، جنهن کي چؤڦير لوڙهو ڏنل آهي، تنهن کي ’ستار فقير‘ جو دائرو چيو وڃي ٿو. ستار فقير ۽ انهيءَ دائري متعلق ڪجهه روايتون به ٻڌايون وڃن ٿيون، جيڪي هتي ڏيڻ طوالت جو سبب بڻبيون.ستار فقير کي به چڱو آڳاٽو ٻڌايو وڃي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ اهو ستار فقير ۽ ستار فقير جو دائرو گهڻو پوءِ جي زماني جي ڳالهه آهي.

آثار:

هن بُٺي تي جاکرن ۽ مير بحرن جي ڳوٺن جي وچئين ڀاڱي تي قديم قبرستان آهي، جنهن ۾ اٽڪل هزار کن قبرون آهن. سڀئي قبرون اُتر ڏکڻ جي رخ تي جُڙيل  آهن. قبرستان جي اوڀارين ڀاڱي ۾ هڪ حوض جا نشان به آهن. هونءَ ته سڄي ٽڪريءَ تي اڏاوتن جا چٽا اهڃاڻ آهن ۽ ٺڪراٺو به گهڻو پکڙيل آهي. توڙي جو اُترئين ڀاڱي وارن آثارن مٿان فش هيچريءَ جون آفيسون وغيره ٺهي چڪيون آهن. تنهن هوندي به انهيءَ هنڌ کي جاچي ڏسڻ سان گهڻو ئي ٺڪراٺو وغيره نظر ايندو. اهو سلسلو ڪلري بگهاڙ فيڊر تائين پکڙيل آهي. ويهارو سال اڳ جڏهن اهي آفيسون ٺهي رهيون هيون، تڏهن انهيءَ هنڌ تان ڪيترو ئي ٺڪراٺو، گهڙيل پٿر، ويڪريون ۽ ڊگهيون سِرون، ڪن برتنن ۾ رک، سِڪا وغيره نڪتا هئا. ٽڪريءَ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي اهڙا آثار گهڻا هئا پر اُتي مسلسل سم ۽ ڪلر جي ڪري هاڻ هر شيءِ ختم ٿي چڪي آهي. محترم محمد رمضان مير بحر جي چوڻ موجب ٽڪريءَ جي چئن ئي طرفن کان اهڙا آثار موجود هئا، هتي جو سڄاڻ جهونو محمد آدم مير بحر ٻڌائي ٿو ته: ”هن انهن پٽن تان کين ڪيترائي ٿانوَ ۽ سِڪا ملندا رهيا آهن. جن مان ڪجهه وٽس موجود آهن ۽ ڪي سِڪا وغيره کانئس ايندڙ سيلاني وٺي، کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.“

هن وقت ٽڪريءَ جي وچئين ۽ ڏاکڻين ڀاڱي، خاص ڪري قبرستان کان اولهه ۽ اوڀر ۾ مير بحرن جي گهرن اڳيان  (ڏکڻ) واري ڀاڱي تي ٺڪراٺو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن ته مينهن پوڻ ۽ هوائن لڳڻ سان سڄي ٽڪريءَ تي ٺڪراٺو نظر اچي ٿو. قبرستان جي اُتر ۽ ڏکڻ طرف ڪيترن ئي جڳهن جي اڏاوتن، اوسارين ۽ ڀتين جا نشان به نظر اچن ٿا. ٽڪريءَ تي، ماڻهن ويجهڙ ۾ پنهنجي گهرن جي اڏاوت لاءِ جتي به کوٽائي ڪئي آهي، ته اُتي کين پٿر ۽ مٽيءَ جي جڙيل ديوارن جا نشان مليا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽڪريءَ جي تمام ٿوري علائقي کي ڇڏي باقي سڄي ٽڪريءَ تي گهر اڏيل هُئا. اُتي ڪيترو ئي ٺڪراٺو ملي ٿو، بنهه ٿوري کوٽائي ڪرڻ سان ٺڪر جا سڄا سالم برتن به ملن ٿا.

چيو وڃي ٿو ته هن ٽڪريءَ کان اولهه ۽ ڏکڻ واري طرف اڃا به ڪڏهن ڪڏهن زمينن ۾ هر ڪاهيندي يا کوٽائي ڪندي ٺڪراٺو وغيره ملي ٿو.  جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته آثارن نه رڳو ٽڪريءَ تي ئي موجود آهن پر اولهه ڏکڻ طرف هيٺاهينءَ واري علائقي ۾ به موجود هئا.

مليل شيون:

ساريجي بُٺي تي پکڙيل ٺڪراٺي ۾ مختلف مٽيءَ مان جُڙيل ٿانون جا ڀڳل ٽڪرا ملن ٿا. چَڪ تي جوڙيل ٿانوَن جي جوڙجڪ سهڻي ۽ مضبوط آهي. پاٽين، پليٽن، مٽڪن، ڪُنارن، چاڏين، گينڊين، نادين، لوٽن جي مليل ٽڪرن تي ڳاڙهو رنگ ڏنل آهي ۽ ڪن تي ڪاري ۽ گهري ناسي رنگ جي وڻن، ولين جي پنن، ٽارين، ۽ گلن جا نقش چٽيل آهن. ڪن ٿانون تي مڇي جا نقش به ملن ٿا.
برسات پوڻ سان يا کوٽائي ڪرڻ سان ئي هنن پکڙيل آثارن ۾ ڪٿان ڪٿان سالم ۽ اڌ ٿيل ٿانوَ به ملن ٿا. اسان جو لڳاتار 1983ع کان وٺي هن ٽڪريءَ تي وڃڻ ٿيندو رهيو آهي. اسان جي دوست محمد رمضان ۽ محمد آدم ميربحر جي مدد سان اسان کي جيڪي شيون هتان ملي سگهيون  آهن، انهن جو تفصيل هيٺين ريت آهن:

1.     ناد: پاڻيءَ جي هڪ ناد ملي آهي، جيڪا اڍائي فوٽ ڊگهي ۽ ان جي ڏيڍ فوٽ گولائي آهي. اندريون پاسو بلڪل لسو ۽ بنا رنگ آهي، جڏهن ته ٻاهرين پاسن تي گولائيءَ ۾ ڪاري رنگ جون لڪيرون ۽ اُن جي وچ ۾ ول جا نقش چٽيل آهن.

2.     مٽڪا: ڪجهه وڏا مٽڪا به مليا آهن، جن جا مُنهن وارا ڪنارا ڏاڍي نفاست سان ٺاهيل آهن. ڦڪسري ڳاڙهي رنگ جي مٽڪن جي بناوت گهڻي نفيس ۽ سهڻي آهي، مٽڪن جي ڪنارن کان هيٺ گهري ناسي رنگ سان گولائيءَ ۾ لڪيرون آهن. جڏهن ته مٽڪن جي وچين حصي تي وٽيل رسيءَ جا نقش چٽيل آهن. مٽڪن جا ڍڪڻ به مليا آهن، جن تي ڪو به نقش وغيره نه آهي.

3.     ڇَلون \ گلاس: ڪجهه پاڻي پيئڻ جون ڇَلون به مليون آهن. ڳاڙهي رنگ ڏنل ڇَلن تي ڪو به چٽ وغيره چٽيل نه آهي.

4.     پوڄا (Worship Pot): پوڄا برتنن جا ڪيترائي ٽڪرا مليا آهن، جڏهن ته ڪجهه سالم به مليا  آهن. جيڪي بناوٽ ۾ خوبصورت ۽ نفيس آهن. ڳاڙهي رنگ ڏنل هنن ٿانون جو ترو گول اُبتي رکيل ٿالهي جهڙو آهي. هڪ فوٽ هٿيو (Stand) آهي ۽ مٿين حصي تي ٿالهي ٺهيل آهي، تنهن ۾ کير، گُل يا ٻيو پوڄا لاءِ سامان وڌو ويندو هو. هن قسم جا ٿانوَ، ٻئي ڪنهن به هنڌ تان نه لڌا ويا آهن. هي ٿانوَ هتي جي مختلف ڪلچر جي شاهدي ڏين ٿا.

5.     گگهي \ صراحي: چڪ تي جُڙيل هڪ عدد گگهي به ملي آهي. جنهن کي ڳاڙهورنگ ڏنل آهي. نفاست سان جوڙيل هن گگهيءَ جي ٻاهرئين پاسي کان ڪوڻيءَ جي گلن ۽ پکين جا نقش چٽيل آهن.

6.     ٿالهيون \ پاٽيون: نفاست سان چڪ تي جوڙيل پاٽين کي ڳاڙهسرو رنگ ڏنل آهي، مٿئين پاسي گُلن، ٻووٽن ۽ ڀاڄين جا نقش چٽيل آهن. ڪجهه پاٽيون اهڙيون به مليون آهن جن جا ترا لڳ ڀڳ چار انچ مٿي آهن.

7.     ڏيئا: چڪ تي جوڙيل ڏيئا به مليا آهن. ڳاڙهو رنگ ڏنل ڏيئن کي ٽن هنڌن تان تيل ڌاڳن لاءِ کوپا ٺهيل آهن.

8.     لوٽا: مختلف ماپن جا لوٽا به مليل آهن، جن تي ڳاڙهو رنگ ڏنل آهي ۽ وچ تان گولائيءَ ۾ ناسي رنگ جون لڪيرون ڏنل آهن.

9.     سِڪا: ساريجي بُٺيءَ کان اڌ فرلانگ اوڀر طرف هيٺاهينءَ واري هنڌ تان چار عدد سِڪا به مليا آهن، جن مان ٽي سِڪا گهڻي وقت گذرڻ ۽ سم ڪلر جي ڪري ڳري چڪا آهن، البت هڪ سِڪو سالم آهي، انهيءَ سِڪي جي به هڪ پاسي تان نشان وغيره ختم ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي جي به اڌ لکت ڳري چڪي آهي. جڏهن ته اڌ جا اکر ڏسڻ سڃاڻپ ۾ اچن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ سڪي تي ديو ناگري لکت هئي.

روايتون:

ساريجي بُٺيءَ متعلق ڪجهه روايتون ملن  ٿيون،  جن ۾ به گهڻيون اهڙيون آهن، جيڪي اڻ ٿيڻيون ڳالهيون  آهن، جن جو هتي ڏيڻ ضروري نٿا سمجهون، البت ڪجهه روايتون اهڙيون  آهن، جن مان ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، اُهي هتي جن ٿيون:

چيو وڃي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ هيءَ وسندي درياهه جي ڪناري تي هوندي هئي. هتي جا رهاڪو بُتن جي پوڄا ڪندڙ هئا. پر هتان اسان کي بُت وغيره جو اهڃاڻ ڪو به نه مليو آهي. ڏکڻ واري ڇيڙي وٽ هيٺاهينءَ تي هڪ ڪوٽ هو. جنهن کي ڪافر ڪوٽ سڏيو ويندو هو. افسوس جو ان جو هاڻي ڪو به آثار وغيره نه رهيو آهي.

هتي ٿانوَ تمام سُٺا ۽ سهڻا ٺهندا هئا. هتان مليل ٿانوَ گرمين ۾ به پاڻي ايترو ته جلد ٺاريندا آهن جو پاڻي وجهڻ کان پوءِ ماڻهو  جيستائين ست ڀيرا ساهه کڻندو آهي تيستائين پاڻي ٺري ڳڙا ٿي پوندو آهي.

هتي جي سڄاڻ شخص محمد رمضان مير بحر جو چوڻ آهي ته: ”هڪ ڀيري آئون پنهنجي گهر جي اڏاوت لاءِ کوٽائي ڪري رهيو هُئس ته لڳاتار قطار ۾ ست وڏا مٽڪا نڪتا، جيڪي ست ئي ڍڪڻن سان ڍڪيل ۽ اندران خالي هئا. انهن مان هڪ اڄ به اسان وٽ گهر ۾ استعمال ٿئي ٿو. اُتان ئي کيس ڏيئا ۽ Worship Pot به مليا. هڪ لوٽو به مليو اٿس، جيڪو وٽس موجود آهي.

ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن بُٺي جي اوڀر ۾ هڪ شهر هو، جيڪو ڪنهن سبب جي ڪري زمين ۾ غرق ٿي ويو. ڪي چون ٿا اهو شهر ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ويو ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته، اوڀارئين طرف کٽين جي گهاٽ جا نشان ۽ وڏا ڪُنا به ڏسبا هئا.

وچور:

ساريجي هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو سنڌوءَ جي ڪلريءَ واري وهڪري تي موجود هو. هن وهڪري تي ٻيا به قديم شهر ۽ وسنديون هيون. جن ۾ ڪوٽ گل مير، چليا، جهول، مڪلي، ساموئي، هالاٺ، هاليجي، گجو، گهارو ۽ ڀنڀور اچي وڃن ٿا. مٿين ماڳن ۾ ساريجي هڪ آڳاٽو ماڳ آهي.

آثارن وٽان مليل مختلف شين مان معلوم ٿئي ٿو ته هي هڪ قديم وسنديءَ جا آثار آهن. پٿر ۽ مٽيءَ جي گاري مان گهر ٺاهي رهندڙ ماڻهو، چڪ تي ٺهيل مٽيءَ جا سهڻا ۽ نفيس ٿانوَ استعمال ڪندا هُئا. پوڄا لاءِ سهڻن Worship pots ۽ ڏيئن جو استعمال ڪندا هئا. اوڀر ۽ اولهه ٻنهي پاسن کان ڪلري وهندڙ هئي، ان ڪري هي علائقو  سدا سائو سکيو هو.
اسان جي خيال ۾ هن قديم ماڳ کي ايستائين محدود سمجهڻ نه گهرجي، پر اهو سلسلو اولهه ۽ اوڀر ۾ ملندڙ آثارن تائين پکڙيل هو.

قديم آثارن جي محڪمي جي عملدارن کي گهرجي ته هن ماڳ طرف ڌيان ڏين. کوٽائي ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان پڪ آهي ته ڪي اهڙيون حقيقتون به ملنديون جيڪي، نه رڳو سنڌ پر دنيا جي تهذيب ۽ تاريخ جون ڪي نراليون ڪڙيون ثابت ٿي سگهنديون.























ساريجئَ تي رهندڙ ڳوٺاڻي،  پنهنجي جھُونَي دوست رمضان ميربحر سان گڏ ساريجي ماڳ تي




حوالا:

1.     داٻيجي واري چشمي جا نه رڳو آثار موجود آهن، پر سندس سيمو به اڄ تائين موجود آهي.

2.     Indian Route Book: Sindh Rajputana District” Catalogue No: 0.1.32 © Printed at the Government Monotype Press, 1922

3.     سن 1957ع ۾ جڏهن ڪِنجهر کي بند ڏيئي، اوڀر پاسي چلهه مڪان وٽان، غلام محمد بئراج وسيلي منجهس پاڻي ڇڏيو ويو ۽ اولهه پاسي چليا وٽان ڪلري بگهياڙ واهه کوٽي، منجهانئس پاڻي اڳتي ڪڍيو ويو، تڏهن کان هن علائقي ۾ وڏي ڦير ڦار آئي آهي.

4.     بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ضميمو: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2004ع

5.     روايت ڏيندڙ محمد رمضان مير بحر ولد جمع مير بحر عمر پنجاهه ورهيي بتاريخ 22 جنوري 1999ع.

6.     روايت ڏيندڙ محمد آدم مير بحر عمر 65 ورهيه بتاريخ 22 جنوري 1999ع.

7.     روايت ڏيندڙ محمد آدم مير بحر عمر 65 ورهيه بتاريخ 22 جنوري 1999ع.

8.     روايت ڏيندڙ محمد آدم مير بحر عمر 65 ورهيه بتاريخ 22 جنوري 1999ع.

9.     محمد رمضان مير بحر.

10.                        هن قسم جا آثار چليا کان اوڀر طرف سنڌوءَ ڪنڌيءَ تي ڳوٺ لُوڪا وٽ به آهن. اُنهيءَ کان سواءِ قديم چليا، چليا قبرستان، چليا پتڻ ۽ سونهڻيءَ واري لٺ به اهم آهن.

No comments:

Post a Comment