Thursday, July 2, 2020

هڪ بيقرار روح (ڪتاب اينميري شِمل (شخصيت ۽ فڪر) ليکڪ: امان الله شيخ، مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ڪتاب اينميري شِمل (شخصيت ۽ فڪر)


ليکڪ: امان الله شيخ
مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي 

هڪ بيقرار روح

هِيءُ خوبصورت ۽ تحقيقي ڪتاب هڪ اهڙي شخصيت جي حياتيءَ جي احوال ۽ علمي ڪارنامن تي لکيل آهي، جنهن جو نالو ذهن تي ايندي ئي اندر جي گھراين مان احترام جا جذبا اُڀري ٿا پون، ڇاڪاڻ ته هوءَ علم، ساڃاهه، تهذيب ۽ تاريخ جي عالم ۽ عاشق هئي، يا انهيءَ عشق جو گھرو رچاءُ هئي. جرئت ساڻ جستجو ڪرڻ جي سُتِي ته کيس ننڍي هوندي کان ئي مليل هئي. هوءَ جنهن جي اندر ۾ شاهه لطيف جو سُر سَسُئِي ڄڻ ته اڳ ۾ ئي اوتجي چڪو هو. هوءَ جيڪا سَسُئئَ جي راهه تي هلندڙن جي سَنڀِير جي ساٿياڻي هئي، جيڪا پنهنجي پنهونءَ لاءِ سڄي زندگي وڏا ڪشالا ڪٽيندي، انهئَ راهه تي رمندي رمندي رَمي ويئي.

 هوءَ جيڪا شاهه لطيف جي سهڻي به هئي، تڏهن ئي ته هڪ نازڪ، نفيس عورت هوندي، دنيا جي هن اجگر درياهه ۾ الاهي توهار ڪري گهڙي پئي هئي ۽ جنهن جي عشق کي ڪا به رڪاوٽ روڪي ئي نه سگهي.
اکيون منهن ميهار ڏي، رکيون جن جوڙي،
رِءَ  سنڊ   سيد   چئي،  تار  گهڙن   توڙي،
تنين کي ٻوڙي، سائر  سگھي ڪين  ڪي.
     (شاهه لطيف)
هوءَ جيڪا سڀ کان پهرين پنهنجي ملڪ ۾ ڪجهه ڪاوشون ڪرڻ کان پوءِ ڊگهي سفر تي نڪري، روميءَ جي وستيءَ ۾ پهچي سالن جا سال روميءَ ساڻ رهاڻيون ڪندي رهي. تنهن کان پوءِ سندس ذهن جو رخ علامه اقبال طرف هو ۽ پاڪستان اچڻ جو سبب به علامه اقبال تي تحقيق ڪرڻ ئي هو، پر پوءِ سنڌ ۽ شاهه لطيف جي ڇڪ کيس سنڌ ڏانهن ايئن ڇڪي آئي جو ڄڻ ته سنڌ ۾ سمائجي ويئي. هوءَ جنهن پنهنجي آخري وصيت ڪئي هئي ته لاڏاڻي کان پوءِ کيس مڪليءَ جي مقام ۾ پير حسام الدين راشديءَ جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي، جيئن پاڻ سنڌ جي تاريخ بڻجي وڃي، توڙي جو مڪليءَ ۾ راشديءَ جي ڀر ۾ ته کيس دفن نه ڪيو ويو پر هوءَ سنڌ جي تاريخ سان سدائين لاءِ ملي ويئي. ها! اها آهي جڳ مشهور صوفي، عالم، استاد، اديب ۽ تاريخدان ”پروفيسر ڊاڪٽر اينميري شمل“ جنهن جي شخصيت، حياتي ۽ علمي ڪارنامن جي احوال تي مشتمل هِيءُ ڪتاب جيڪو مشهور ترقي پسند ۽ قومي سياسي ڪارڪن /اڳواڻ، ليکڪ ۽ اديب مانواري امان الله شيخ لکيو آهي. توڙي جو امان الله شيخ بنيادي طرح سياسي ماڻهو آهي، پر هو ادب جي دنيا ۾ به اڳيان اڳيان رهيو آهي. هن جڏهن به ڪو ڪتاب يا ڪالم لکيو آهي، تڏهن مقصد کي سدائين مٿانهون رکيو اٿس. بن جامن شواٽز (Benjamin Schwartz) پنهنجي ڪتاب (A Brief History of Political and Intellectual History) ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”هڪ سياسي مورخ کي معاشي، سماجي، آبادي وغيره جي باري ۾ انگن اکرن ۽ قديم آثارن جي دريافتن مان سياسي تاريخ جي تشڪيل ۾ مدد وٺڻ گھرجي ڇو ته انهن سڀني جي مطالعي کان پوءِ ئي اهو انهئَ قابل ٿيندو ته سياسي عمل کي چڱيءَ ريت سمجھي سگهي ۽ ڪنهن عهد يا دؤر ۾ ٿيندڙ واقعن کي پرکي سگھي.“ امان الله شيخ جي ڪيترين لکڻين کي ان حوالي سان به پرکي سگھجي ٿو. پاڻ جيڪو گھڻي زماني کان سياسي سرگرمين سان گڏ لڳاتار ڪتاب ۽ ڪالم به لکندو رهيو آهي، ۽ جيڪو لکندو رهيو آهي سو بنهه وقتائتو ۽ ترقي پسند سوچن ۽ لاڙن کي هٿي ڏياريندڙ آهي. پاڻ جن ڪتابن جا ترجما ڪيا اٿس، سي جڳ مشهور ڪتاب به اسان ۽ اسان جي نئين نسل کي ضرور پڙهڻ ۽ وري وري پڙهڻ گھرجن.

   مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته سندس هِيءُ ڪتاب هڪ اهڙي شخصيت تي آهي، جيڪا هڪ استاد، عالم، محقق، تاريخدان ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ سڄڻ ۽ اسان جي لاءِ هڪ روشن مثال به رهي آهي. ڊاڪٽر اينميري شمل سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تصوف ۽ ادب تي جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، سو بيشڪ بيمثال آهي. هجڻ ته ائين کپندو هو ته سندس حياتي، علمي حيثيت ۽ ڪيل ڪارنامن تي هن کان اڳ ۾ گھڻو ڪم ٿي چڪو هجي ها پر ائين نه آهي. تمام گھڻي شاباس آهي اسان جي دوست امان الله شيخ کي جنهن انهئَ کوٽ ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي، تمام گھڻي جاکوڙ ڪري سندس سوانح ۽ علمي ڪارنامن تي مشتمل هي ڪتاب لکي نه رڳو ڊاڪٽر اينميري شمل تي پر تصوف، تاريخ ۽ تذڪري جي طالبن لاءِ هڪ ماخذ ڏنو آهي. آئون پڪ سان چوان ٿو ته ڊاڪٽر اينميري شمل تي جڏهن ۽ جنهن به قلم کنيو تڏهن هِيءُ ڪتاب سندس گھڻي رهنمائي ڪندو.

ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڊاڪٽر اينميري سراپا علم ۽ عشق جو هڪ سهڻو ميلاپ هئي، ان ڳالهه کي نّظر ۾ رکي، اسان جي دوست امان الله شيخ جي راءِ آهي ته هوءَ ”محبت ۽ مجذوبيت جو ميلاپ“ هئي. هِيءُ ڪتاب مانواري ليکڪ جڏهن مونکي مهاڳ لکڻ لاءِ موڪليو، تڏهن ڪتاب ۾ ڄاڻايل سندس راءِ تي سوچيندو رهيس ۽ نيٺ سهمت ٿيس ته ڊاڪٽر اينيميري وٽ جيڪڏهن واقعي ”محبت ۽ مجذوبيت“ نه هجي ها ته هوند هوءَ هڪ نازڪ ۽ نفيس عورت هوندي ايڏا ڪشالا ڪيئن ڪري ها ؟؟ پهريائين هن ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي استاد کان رومئَ ۽ علامه اقبال جي شاعري ٻڌي، سمجهي ۽ ان شاعرئَ کي وڌيڪ سمجهڻ جي تشنگي ساهه ۾ سمائي ۽ اُن کي اڃا به وڌيڪ پروڙڻ لاءِ نڪتي ته کانئس ٻيون سموريون ڳالهيون وسري ويون.

پيئي جن پرک،گنجي ڏونگر گام جي،
            واري  سڀ  ورق، لوچي لاهوتي  ٿيا. 
                                            (شاهه)
1922ع ۾ جرمنئَ ۾ جنم وٺندڙ اينميري شمل ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنهنجي علائقي ۾ حاصل ڪري، برلن يونيورسٽئَ ۾ عربي، فارسي، ترڪي زبانن ۽ اسلامي علمن جو علم حاصل ڪيائين ۽ پڻ اُتي اسلامي تهذيب ۽ تصوف به سندس اڀياس جا موضوع رهيا. اڳتي هلي ترڪي ۽ مولانا روم سندس دلچسپئَ جو مرڪز رهيا. هن ڪتاب جو ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”اينميرئَ جي چاهت ۽ علمي پورهئي جو مرڪز ترڪي بنجي ويئي، جتي هوءَ 1952ع کان 1959ع تائين رهائش پذير رهي.“ ڏٺو وڃي ته ابتدا ۾ مولانا روم، ڊاڪٽر اينميري جي فڪر ۽ علمي پورهيي جو مرڪزي نقطو رهندو آيو، تنهنڪري سندس شروعاتي لکڻيون ترڪي ۽ جرمني ٻولئَ ۾ آهن. ٻي عالمي جنگ دوران امورِ خارجه جي دفتر ۾ مترجم رهندڙ اينميري اڳتي هلي 1951ع ۾ پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪري، انقرا يونيورسٽئَ ۾ تاريخ ۽ مذهبي تعليم جي پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائيندي رهي. 1961ع ۾ برلن يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. 1967ع ۾ هارورڊ يونيورسٽئَ جي مسلم تهذيب جي شعبي ۾ پروفيسر جي حيثيت سان حياتئَ جا 25 ورهيه درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندي رهي. ان وچ ۾ 1962ع ۾ عربي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ رسالي ”فڪر ۽ فنون“ کي سنڀاليائين، هن ڪتاب جو ليکڪ ان رسالي جي شروع ٿيڻ جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته: ”1962ع ۾ جرمن سرڪار جو نمائندو اينميري سان لهه وچڙ ۾ آيو ۽ کيس ٻڌايائين ته سرڪار جي خواهش آهي ته عربي ٻوليءَ ۾ اهڙي مخزن شايع ڪئي وڃي جيڪا عرب ۽ جرمن ڪلچر کي هڪ ٻئي سان ڏيٺ ويٺ ڪرائڻ جو ڪم ڏيئي سگهي. اينميري چواڻي: سچ پچ جنهن زماني ۾ پاڻ اونداهي ۽ مايوسي جي شاهراهه تي ٿاٻڙجي رهي هئي ته اها آڇ ڄڻ غيب مان روشني جو ترورو هو. انهيءَ مخزن جو نالو ”فڪر ۽ فن“ تجويز ڪيو ويو.“  هن ڪتاب جو ليکڪ لکي ٿو ته: ”انهيءَ مخزن معرفت اينميري کي دنيا جي لکارين جهڙوڪ: بدرالشاعرالسياب، ايراني شاعره نازڪ الملائڪه، فلسطين جي محمود درويش ۽ سوڊان جي سگهاري اديب مختياري سان ڏيٺ ويٺ ٿي. انهن لکارين کي اينميري جي معرفت پڻ عالمي سطح تي شناسائي حاصل ٿي. اهو مخزن سڄا سارا ٻارنهن ورهيه ڇپجندو رهيو. ڊاڪٽر اينميري شمل کي سندس علمي پورهئي/علمي ڪارنامن تي مختلف ملڪن پاران ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتائون ڏنيون ويون، جن ۾ 1965ع ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ پاڪستان سرڪار کيس ”ستاره قائد اعظم“ سان نوازيو. 1962ع ۾ پنجاب سرڪار هڪ روڊ سندس نالي سان منسوب ڪيو ڇاڪاڻ ته هن علامه اقبال جو خاص مطالعو ڪري کيس جرمن زبان وسيلي يورپ ۾ متعارف ڪرايو. 1983ع ۾ ”هلال امتياز“ حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر اينميري پنهنجي سڄي ڄمار علمي جستجو ۾ گذاري. ”سنڌي ادب جو مطالعو“ ۽ ”سنڌ جا هيرو“ نالي شاهڪار ڪتاب لکي سنڌي ادب، شاعرن ۽ صوفين جي فڪر کي يورپ ۾ پکيڙيائين.

شاهه لطيف ۽ تصوف تي عبور رکندڙ ڊاڪٽر اينميري شمل، شاهه لطيف جي رسالي مان شاعريءَ جو ڪافي حصو جرمن ۾ منظوم ترجمو ڪيو. حقيقت ۾ کيس شاهه لطيف سان ننڍپڻ ۾ ئي لڳاءُ رهيو. اهڙو ذڪر ڪندي هوءَ پاڻ ئي هڪ هنڌ لکي ٿي ته: ”اسان جي گھر ۾ سشر (Scherr) جو ڪتاب تاريخ عالم (History of the World) موجود هو، جنهن جو مطالعو سڪ ۽ چاهه سان ڪندي هيس. مون کي اڄ به تعجب لڳي ٿو ته اهو ڪتاب جيڪو 1885ع ۾ ڇپيل آهي، ان ۾ ئي سنڌ جي شاهه لطيف جو پهريون ڀيرو ذڪر مليو.....آئون بنا ڪنهن هٻڪ جي چوان ٿي ته شاهه لطيف سان محبت جو بنيادي عنصر اهو آهي، ته هن پنهنجي ڪلام ۾ سورمين کي ساراهيو ۽ کين حد کان وڌيڪ جاءِ ڏني آهي. سندس سورميون محبت سان سرشار، وطن سان وفادار جھڙوڪ مارئي جنهن بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي هر هڪ شئي کي قربان ڪرڻ، موت جي راهه تي گامزن ٿي لازوال محبت ماڻڻ لاءِ ڪا به لچڪ اختيار ڪانه ڪئي. ڇا اهڙي بيخود ڪندڙ شاعري جيڪا محبت سان ٽمٽار هجي ان لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي نه هئڻ گھرجي؟“ هن ڪتاب جو ليکڪ امان الله شيخ ڪتاب جي شروع ۾ ئي ٺٽي ۾ سرمد جي اچڻ جو حوالو ڏيندي، اينميري جي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان گهري لڳاءُ ٿيڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ايئن ئي لڳ ڀڳ ٽن صدين جي وٿيءَ کان پوءِ مارچ 1958ع تي جرمنيءَ مان آيل هڪ بيقرار روح سنڌ جي هڪ عالم، ودوان ۽ جديد سنڌ جي تاريخ جي معمار پير حسام الدين راشديءَ سان گڏجي ٺٽي ۾ مڪليءَ جي قبرستان جو سير ڪندي تپرس ۾ پئجي پڇيو ته سنڌ بابت ڪجهه ڪتاب آهن؟ پير صاحب وراڻيس، ها پر اهي گھڻو تڻو سنڌيءَ ۾ آهن، جن کي اوهان پڙهي ڪونه سگهندا. ان بيقرار روح سنڌي ٻولي سکڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ ڇهن مهينن جي مختصر مُدي ۾ عبور حاصل ڪري ورتائين.” آئون ڀانئيان ٿو ته اينميري جي سنڌي سکڻ جو پهريون سبب شاهه لطيف ۽ ٻيو سبب سنڌ آهي. هن ٻنهي سان بي حساب پيار ڪيو. هتي وري به ڪتاب جي ليکڪ جا هي سهڻا لفظ ڏجن ٿا، هو لکي ٿو ته: ”اينميري سنڌ جي پيار ۽ ويساهه سان واسجي ويئي جو پاڻ سنڌ جا شهر، وسنديون ۽ واهڻ گھمندي ڦرندي رهي.“ اها حقيقت آهي ته هوءَ جڏهن سنڌ پهتي هئي تڏهن کيس ڄڻ ته عشق جي سرزمين حاصل ٿي پئي هئي. هوءَ جنهن رومئَ کي پڙهڻ کانپوءِ جڏهن شاهه لطيف کي پڙهيو هو ته سندس سوچن جو ڪيف ئي ڪو ٻيو ٿي پيو هو، تڏهن ئي هن سمجھيو ته:

پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رُڪ سين،
تنين  سندو  ڄاڻ، آهي  آڳڙين  کي.
                                                   (شاهه لطيف)

 .... ۽ جڏهن سنڌ ۾ مشهور محقق، مورخ، تاريخدان ۽ مصنف پير حسام الدين راشديءَ سان سندس ملاقات ٿي، تڏهن ته سندس ورنن ئي ڪو ٻيو ٿي پيو، انهيءَ لڳاءَ جو سربستو احوال ۽ شاهديون سندن (هڪٻئي ڏانهن لکيل) اُهي خط ئي ڏيئي سگھن ٿا، جيڪي پير صاحب جي لائبريريءَ ۾ سندس خاندان وٽ مڻن جي حساب سان ٻورين ۽ ٻاچڪن ۾ اڃا تائين محفوظ آهن.

ساهڙ مون جيئن سرتيون، جي  ڏسو سڀيئي،
ته سمهو  ڪين سُک  ٿي، پاسو   وَرَ  ڏيئي،
منهان   اڳيئي،   گهڙو   سڀ   گھڙا   کڻي.
                                                           (شاهه لطيف)

اينميري جيڪا سنڌ سڄڻ عالم هئي، هوءَ جنهن شاهه عنايت شهيد، شاهه لطيف ۽ سچل جي فڪري رمزن کي گهرائيءَ سان پرکيو ۽ پروڙيو هو. هوءَ جنهن سنڌ جي شاعري، علم، ادب ۽ تهذيب جي جهول ۾ اُهي ڪتاب ڏنا، جيڪي اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ سدائين علمي راهن تي روشن مينار مثل رهڻا آهن.

مانواري مصنف امان الله شيخ هن ڪتاب جي مواد جو سٽاءُ ڏاڍي سهڻي ۽ معياري نموني سان رکيو آهي. سکڻي واکاڻ ڪرڻ بدران سندس شخصيت ۽ ڪيل علمي ڪارنامن جو اڀياس پيش ڪيو آهي. مانواري ليکڪ ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪٽر اينميري جو سوانحي خاڪو جامع هوندي به مختصر نموني سان ڏنو آهي، پر سندس علمي ڪارنامن کي سهڻي نموني ۽ اهڙي سليقي سان ڏنو آهي جنهن تي هو جس لهڻي. ڪتاب ۾ ليکڪ پهريان ئي اينميرئَ جي حياتئَ جو احوال جنهن ۾ پهريون سِرو آهي ”اينميرئَ جو ننڍپڻ ۽ جوانئَ تائين“ ۽ ٻيو سِرو آهي ”ٻي مهاڀاري لڙائئَ کانپوءِ اوائلي دور“، تنهن کانپوءِ انهن ملڪن، هنڌن، شخصيتن ۽ ادارن جو احوال آهي جن سان اينميرئَ جو واسطو پيو. ڪتاب ۽ لکڻين جا نه رڳو نالا ۽ سِرا ڏنا آهن پر سڀني ڪتابن جو باب وار پورو اڀياس پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر اينميري جا اهي هيٺيان ڪتاب، ليڪچر ۽ لکڻيون آهن، جن جو هن ڪتاب ۾ تعارف ۽ اڀياس پيش ڪيو ويو آهي:
1. Pain and Grace: A Study of two musical writers of eighteenth century of India

2. Maulana Jalal-u-din Rumi life and his woks

3. Muhammad (P.B.U.H)

4. Pearls from the Indus

5. The Empire of the Great Mughals (History, Art and Culture)

6. Sindhi literature

7. History of Indian literature

8. Sufism and its influence on Europe

9. Makli Hills

10. مرزا قليچ بيگ ۽ سندس ناول زينت

11. سنڌي لوڪ ادب ۾ آيل نوان لاڙا

12. شاهه عنايت جي فڪر جو سرسري جائزو

هتي هيءَ ڳالهه لکندي مون کي خوشي محسوس ٿئي ٿي ته هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر اينميريءَ جي ڪتابن جو جيڪو مختصر اڀياس پيش ڪيو ويو آهي، سو سچ پچ عالمي معيار جو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان ڪٿي ڪٿي ته ڊاڪٽر مبارڪ علئَ پاران تاريخي ڪتابن تي لکيل ( ”تاريخ جا بنيادي ماخذ“ جي عنوان سان) اڀياسي سلسلي جون سِڪون لهن ٿيون. هن ڪتاب ۾ مصنف پاران ليکڪا جي هر ڪتاب جي بابن جو وچور ڏيئي هر باب ۾ شامل مواد جو مختصر اڀياس اهڙي ته سهڻي نموني سان پيش ڪيو آهي، جو فقط هي ڪتاب پڙهڻ سان ئي پڙهندڙ کي سمورن ڪتابن جو مختصر اڀياس حاصل ٿئي ٿو، اهائي هن ڪتاب جي وڏي خوبي آهي. مانواري امان الله شيخ صاحب جو هيءُ ڪتاب نه رڳو پڙهندڙن خاص ڪري ڊاڪٽر اينميري شمل، پر تصوف، تاريخ، مذهبي علمن، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ اهم ڪتاب جي حيثيت حاصل ڪندو.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
                                                      مڪلي _ ٺٽو
                                                          23 فيبروري 2018ع



No comments:

Post a Comment