عثمان سکري ۽ بياض سکري جو جائزو
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
سنڌ عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سرجڻهارن جي
لحاظ سان بنهه گهڻو شاهوڪار رهي آهي. ٻين زمانن جي ذڪر کي هڪ پاسي رکي جيڪڏهن اسان
انگريزن جي دور تي نظر وجهنداسين ته به معلوم ٿيندو ته انهيءَ غلاميءَ واري دور ۾
به سنڌي ماڻهن جون دليون ۽ دماغ سدا ساوا ۽ شاداب رهيا. ڌارين جي ڪالوريل ماحول
هوندي به هتي جي ماڻهن جا اندر ۽ ذهن بنجر بڻجي نه سگهيا. هتي ڪاريگريون، هنر،
حرفتون، فن، علم، ادب، شاعري، مصوري وغيره چڱي نموني سرجندا رهيا. ادبي لحاظ سان
به ان دور ۾ نه رڳو نثر وڌيو، ويجهيو پر شاعري به اڳري رهي. سنڌي شاعريءَ ۾
ڪيتريون نيون صنفون متعارف ٿي، پڪيون ۽ پختيون ٿيون.
سنڌ جي آڳاٽي صنف ڪافي وڌيڪ ترقي ڪئي. هونءَ ته اوائل ۾ ڪافيءَ جي صنف جو ذڪر تيرهين صديءَ ۾ حضرت غوث بهاوالدين جي دور ۾ ملي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ”شيخ جليل جيڪو غوث بهاوالدين ذڪريا جي ناٺي ۽ خليفي حميدالدين حاڪم جي خاندان مان هو (1490ع...1540ع) لاهور ۾ ان جي محفلن ۾ سنڌي ذاڪرن ڪافيون ڳايون ۽ سندس ڀائٽي شيخ علي بري جي محفلن کي به سنڌي ذاڪرن ڪافين ۽ ڏوهيڙن سان گرمايو.“ (1)
اهڙي ريت
”سورهين صديءَ واري دور ۾ سنڌ جي ذاڪرن ۽ ڪافي ڳائيندڙن هندستان جي براهنپور شهر ۾
برگزيده خاندان مان هو، جن وڃي برهانپور کي وسايو.“ چيو وڃي ٿو ته ته شيخ لاڏ جو
حسن صورت ۽ حسين سيرت سان گڏ مٺي آواز جي اعليٰ نعمت سان پڻ نوازيل هو. نغمه سنجي
۽ نغمه نوازي سندس رات ڏينهن جو شعار هو. سنڌي ڪافيون اهڙي ته درد ۽ سوز سان
آلاپيندو هو، جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو پر ٻڌندڙ پڻ محو ۽ مسحور ٿي ويندا
هئا.“ (ٰ2)
تاريخ معصوميءَ
جو مصنف مير بکري، اڪبر جو گورنر هو. مير معصوم جو ڀاءُ مير فاضل بکري ڪافي چوندو
هو ۽ ڳائيندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ فريد بکريءَ جو ذخيرت الخوانين جي حوالي
سان لکيو آهي ته مير فاضل بکري سنڌي زبان جو شعر ڪافي تمام سٺي چوندو هو. انهيءَ
صنف ۾ کيس مقبوليت حاصل هئي.“ (3)
اڪبر جي دور ۾
به ڪافي سنڌ ۾ ايتري ته مشهور هئي جو ابوالفضل آئين اڪبريءَ م سنڌي جي راڳ کي ڪافي
لکيو آهي. مطلب ته ڪافي سنڌيءَ ٻوليءَ جي آڳاٽين صنفن مان اها صنف آهي، جيڪا گهڻي
زماني کان هر دور ۾ چئبي ۽ لکبي ۽ ڳائبي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو شاعر عثمان سکري
به ڪافيءَ جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي.
ڪافي گو شاعر
عثمان سکري انگريز دور ۾ ٿي گذريو آهي. عثمان اصل ۾ شڪارپور جو ويٺل هو. سندس جنم
ڪهڙي تاريخ ۽ شڪارپور جي ڪهڙي محلي ۾ ٿيو. اها معلومات هن وقت ڪٿان به نٿي ملي.
البت ايتري معلومات ملي ٿي ته هو اصل ۾ شڪارپور ڄائو، ننڍي هوندي درزڪو ڪم ڪندو هو
۽ چڱو ڪاريگر هو. ننڍي عمر ۾ ئي سندس ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا ۽ هي ڇورو ڇنو ٿي پيو.
قاضي عبدالفتاح سکر واري جي گهر واري جڏهن شڪارپور پنهنجي مائٽن سان ملڻ ويئي ته
هن يتيم ڇوڪري تي کيس رحم آيو، سا کيس پاڻ سان گڏ سکر وٺي آئي، تنهن کانپوءِ عثمان
سڄي ڄمار سکر ۾ ئي رهيو ۽ پاڻ کي سکري سڏائيندو هو. اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته هو
پراڻي سکر ۾ رهندو هو. پاڻ پنهنجي بياض ۾ هڪ ڪافي نمبر 75 جي آخر ۾ تاريخ (10
اپريل 1924ع) سان گڏ سکر ڪنهه لکيو اٿس. (4) جنهن مان ظاهر آهي ته هو پراڻي سکر ۾
رهندو هو. عثمان سکري اندازي موجب سن 1930ع وفات ڪئي. (5)
عثمان پنهنجي
زندگيءَ جو گذر سفر ڪيئن ڪندو هو. سکر ۾ اچي هن ڪهڙو پيشو اختيار ڪيو ۽ سندس
ڪهڙيون مشغوليون، مصروفيتون ۽ دلچسپيون
هيون سا ته معلومات ملي نٿي سگهي پر سندس ئي هٿ اکر لکيل بياض جي اڀياس مان معلوم
ٿئي ٿو ته پاڻ ڪافيءَ جو چڱو شاعر هو ۽ مختلف شاعرن جي چونڊ ڪافين لکڻ مان سندس
سٺي ذوق جو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
عثمان سکريءَ جو
لکيل بياض جيڪو سنڌ جي مشهور محقق، عالم، اديب، پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق جي
قلمي ذخيري ۾ آهي. انهيءَ بياض ۾ شاعريءَ سان گڏ ٻئي ڀاڱي ۾ طب تي لکيل مواد به
گهڻو شامل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس طب سان گهڻي دلچسپي هئي. (6)
عثمان سکريءَ
پنهنجي شاعري ۾ .”سکري“ تخلص ڪم آڻيندو هو، جڏهن ته ڪٿي ماڻهو متان کيس ”غوثن“ به
سڏيندا هجن، تنهنڪري ئي ”سکري“ سان گڏ ”عوثن“ به پنهنجي شاعريءَ ۾ تخلص آڻيندو هو.
عثمان سکريءَ جي لکيل ڪافين جي بياض جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ هيءُ
بياض 21 فيبروري 1922ع ۾ لکڻ شروع ڪيائين. نوي صفحن تي مشتمل شاعريءَ ۾ چوٽيهه
شاعرن جو ڪلام شامل آهي. بياض ۾ ڪل 87 ڪافيون ۽ غزل آهن، جن مان 13 ڪافيون عثمان
سکريءَ جون آهن. جڏهن ته 74 ڪافيون ٻين شاعرن جون شامل آهن. عثمان سکريءَ پنهنجي
بياض ۾ جيڪي ڪافيون شامل ڪيون آهن. انهن جي فهرست تحقيق ڪندڙن جي دلچسپي لاءِ هيٺ
ڏجي ٿي:
ڪافين جي فهرست
1.
اچي حاضر حسيني ٿي، قلندر لعل مروندي، خوش خير محمد: ص 1 تاريخ لکت: 21
فيبروري 1922ع
2. تنهن جي ڪيڙا حسن حيرانا، ڪي ديوانا ڪي مستانا رمضان: ص 2.
3. صبا نئي ڏي سنيهو هي، عشاقن جو عجيبن کي؛ عاقل: ص 3.
4. اسين ساڳي خود آهيون، عام چويئي ائين ناهي: سچل ص 4.
5. اوهين پنهنجو پاڻ آهيو، ننگ نڀائڻ وارا: سچل: ص 5.
6. مٺا توکانسواءِ مشڪل، جيئڻ جنجل جدائيءَ جو: صاحبڏنو: ص 6.
7. صبا وڃي سنيهو هي، عشاقن جو عجيبن کي؛ صاحبڏنو: ص 7.
8. تنهنجي گولن جي يار گولي، دم دوستيءَ جي دعويٰ ناهه: صاحبڏنو: ص8.
9. جهلي تاب حسن جو، سهي تجليون؛ خوش خير محمد ص 9.
10. درد جون دانهون سُڻي، دلدار ايندو رات اڄ؛ صالح شاههل ص10.
11. تنهنجا گل جهڙا رخسار ڏسي، فتبار چوان: عاقل: ص11.
12. دم دم تنهن دوست جا، مون کي پورتا پون: محمد صلاح: ص12.
13. پرين ڀري آيا پير، ٿيڙي وسنو هن ويچاريءَ تي: محمد صلاح: ص13.
14. واهه وڻيون مون کي وايون، مٺي ٻاروچل جون: محمد صلاح: ص14.
15. ساھ سڄڻ تو کي ساري منهنجو يار مدامي: محمد صلاح: ص15.
16. منهنجا خان ٻاروچل سائين، اچج، آرياڻي آڳاهون. محمد صلاح:16.
17. آءُ پانڌي ڪر چڱي ڳالهڙي، ساھ سڄڻ کي ٿو ساري: محمد صلاح: ص 17
18. آندو عشق اچانڪ اتي، جاٿي ظاهر باطن نوري: محمد صلاح: ص 18
19. تنهن جي عشق اُجاريس آئون، بيشڪ ڀلا ڄام جي : محمد صلاح: ص19.
20. جو دم جيئن تون جا ڪي، رهج پاڙي پرين: ولي : ص 20.
21. تون ور ٻاروچل، تنهن جو واهي آهي الله ڀي: محمد صلاح: ص 21
22. پيارل تون ته پاڻون آءُ نه ٿين ٿا ڏونگر مونهون ڏوري: محمد صلاح ص 22
23. چئج ڪانگ وڃي، منهنجي ڳالھ پرين: ولي: ص23.
24. دوست وڌا دل منهنجيءَ تي، نوان نوان دام دام: شير خان: ص 24
25. سردي ڪرون سواري، دم دم قدم اُٺائون: وريل: ص 25.
26. ماري وڇوڙو ورميان، جيءَ جا جيارا جلدي: بيڪس: ص 26
27. توڙي لکين ڀيرا لوڌائين ٿي، ته به آئون ته ڳچيءَ تنهن جي آهيان: عثمان: ص 27.
28. سيرو سرڳيا لامڪاني دا، عشق مئون انسان ڏٺم: خير محمد: ص 28.
29. عمر ادا مارن جي، مارئي ٿي جدائي: صالح شاھ: ص29.
30. درد جو سليان ڪنهن کي بنان ديدار ڪونهي دارون: ٻڍل: ص30
31. تنهنجي درد فراق ويندس يار مري: شاھ لطيف: ص 31.
32. سچي چئو سڄڻ ڪنهن کان سکئين، رمزان رسڻ جون نياريون: نبي بخش: ص32.
33. مهڻا تنهنجا مون کي مٺا، ماڻهو ڏين ٿا منهن چڙهي: نبي بخش: ص 33.
34. هميشه عشق نئون جوان، ڪڍي غير ڇڏ گمان: فيض محمد: ص 34.
35. اڳ نه ڏٺيون هيم، جبل جو جاڙون: غلام شاھ: ص 35.
36. سڻ سوالي جي صدا، پير مغان موليٰ علي: دريا خان: ص 36.
37. عشق ڪيو حيران، دوست تنهنجي دل يار ديواني: علڻ: ص 37.
38. ڪينون لامڪان ڏسندا تون ته هر رنگ دي وچ وسدا: بلها شاھ: ص38.
39. عمر ڇو جهلي ٿئي جهل ۾، هئي بر جي بندياڻي: حيدر علي شاھ: ص 39.
40. هينئڙو ڪري وئين حيران، چشمن چائڻ سان: عاقل : ص 40.
41. هن حال جي ڳالھ، ڪنهن کي ٻڌايان: عاقل: ص 41.
42. ڪڏان وت، برھ مست خيالي: يوسف: ص 42.
43. ڪئين ڪنهن شوق پئي: يوسف: ص 43.
44. مٺڙن ماروئڙن جا پل پل پون: خير محمد: ص 44.
45. مارو ايندم ميڙڪي: شاھ لطيف: ص 45.
46. (ڪافيءَ جو پڙهڻ ۾ نٿو اچي) بيدل: ص 46.
47. گردا گويند از (فارسي) رڪن: ص 47.
48. عمر منهنجي پت شل، پنهوارن سان پڙندي: شاھ لطيف: ص48.
49. ڪيون عشق عقل سان تعديون: سچل: ص 49.
50. دم ويکيم شان الاهي، هر رنگ آپ سمائي دا: بلها شاھ: ص 50.
51. نڪي هيئي نڪو هو، پر تو عشق جو پيو: غلام علي: ص 51.
52. جهاڳي مون ته جبل جهاڳ: سچل: ص 52.
53. آتش عشق جي: سچل: ص 53.
54. هلان پنهل تو ساڻ ميان: سچل: ص 54.
55. ڇا ڄاڻان دم ڪوئي: بلها شاھ: ص 55.
56. مٽ بوءِ گيسو، مشڪي خطن ۾ ڇا هي: معشوق: ص 56.
57. چشمن ساڻ چٽڻ گهورن سان گهٽڻ: شير خان: ص 57
58. مئن هون ٻانڀڻ بڙا برهمڻ: پيرل: ص 58.
59. حسن تنهنجو آھ هزاري، گل بهاري اي صنم: نجفي: ص 59.
60. ڄائي نه ڪنهن نپائي هون: سچل: ص 60.
61. قلب اندر جنهن ڪعبو ڏٺو :سچل:ص 61
62. مرغ دل تي محب مٺڙا ڪين ايڏو ستم ڪر:سکري ص:64
63. يار جي ديدارلئي مون دل سدا دلگير آهه:سکري ص:63
64. مرغ دل تي ڪين ايڏو ستم ڪر:سکري ص:64
65. ميٽ مدايون محب مٺڙا،ڪر ڪوهيارا ڪو ڪرم:سکري، ص:65
66. وڃ صبا پيغام ڏي، ڳل پانڌ پائي يارکي:قادري، ص66
67. عشق جيهو غم ڏٺم:سکري، ص67
68. عمر درازي تيڏي الله نگهبان هووي:يوسف، ص:68
69. يا رسول الله عربي:سکري، ص:69
70. لک ڀلايون ڀال تنهنجا بي بها ٿيا اي صنم:سکري، ص:70
71. چار ڏينهن دنيا اندر، انسان آخر دم گذر :سکري،ص71
72. يڪ رنگي لباس دلبر، واهه سفيدي ڪيو:سکري، ص 72
73. عشق وڌو مون عتاب:سکري، ص:73
74. عجب چالو آهه چشمن جو:سکري، ص:74
75. ڪر نه ڪمتر سان ڪوهيارا، بي وفائي اي صنم؛سکري 75
76. ڏيو مدد مسڪين کي، اي مرتضا مولا علي:سکري، ص76
77. موٽ مديني جا ڄام ، آئون اداسڻ آسري اوهان جي:سکري، ص77
78. صبا وڃي آک ميري بندي ڪو:نظر، ص78
79. زلف ابرو خال خط، جاتي هجن هي چار چيز: بلبل، ص79
80. ڇڏ غير سندي غلامي، وٺ دل سان دست دلبر:سکري، ص80
81. گر يار نه هو ساقي، پيمانا هوا تو ڪيا هوا:(شاعر:گمنام)ص:81
82. باغبان بوستان ۾، اڄ بلبلا روئينداويا:غلام رسول، ص:82
83. جي هجين عاشق ته برسر،مينهن محبت جو وساءِ:سچل، ص:83
84. عاشق نام سڏاوڻ سوکا،اوکا اس پر رهڻا هي:عبدالله، ص:84
85. مست پيالا محبت والا:عبدلله، ص85
86. ناپيد ڳالهيون نيهن جون.....گهرام، ص:86
87. سي ڪٺل ڪيئن ماٺ ڪن:درياخان، ص87
عثمان سکريءَ جي مختصر ڪلام جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌيءَ جو چڱو
شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ فڪر ۽ هيئت جي پختگي به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. موضوع جي لحاظ کان
عشق جو صوفياڻو انداز سمايل آهي.جيئن هيٺين سٽن ۾ آهي:
عشق وجھي مون عتاب،
دم دم
ڏي ٿو درد نئون نئون
اري ۾ اکين جي اهنجا اڙياسي
دين ڪفر کئون ترڪ ٿياسي
برهه ڪيو بيتاب...................
سکريءَ جي ڪافين نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي
ٿو ته سندس ڪن ڪافين تي غزل جي فني سٽاءَ جو اثر آهي.ڏٺـو وڃي ته ان دور ۾ ڪافيءَ جو
انداز به ايئن رهيو:
مرغ دل تي محب
مٺڙا، ڪين ڪر ايڏو ستم
ٿو جلي جانب جدائيءَ
۾ سڄو منهنجو جسم
رهه صبر ۾ ”سکري“ مورتي تون نامعلوم
جلد ٿئي
وصل لئي، شل هاديءَ جو حڪم
عشق جيهو ڪم
دنيا ۾، ٻيو نه ڪو غم ڏٺم
هاءِ هاڃو
هجر جو، قلزم اندر ٻيو ڪم ڏٺم
سور ساري عمر
جو، فرحت سندي هڪڙي گھڙي
مٽ تنهن هڪ مهل
جي، ٻيو ڪو نه ڪو ماتم ڏٺم
سندس ڪلام ۾ حسن،ناز ۽ ادا، عشق، محبت، وڇوڙو، اڪير ۽ سپرينءَ جي سار جھڙا
موضوع سمايل آهن. هڪ هنڌ هو چوي ٿو:
يڪرنگي لباس دلبر، واهه سفيديءَ جو ڪيو
پڻ نزاڪت سان نظاري، ناز ناپيد ڪيو
يا ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
عجب چالو آهه چشمن جو، جو ڪري ٿو چور دلڙيءَ کي
لڳن ٿا ڪان سي قهري، ڪرن ڪپ ڪور دلڙيءَ کي
سوين سينون حسينن جون، لڳيون مون هيئين ۾ جي
ڪيو بيزار تن ڀينر، ڀڃي ڀڃي ڀور دلڙيءَ کي
سندس شاعريءَ ۾ سپرينءَ جي سار ڪجھ سوائي آهي:
رات ڏينهان تات تنهنجي،تن اندر مون تنوار
دلبرائي طلب تائي، آهه اُڃائي اي صنم
عثمان وارو سنڌي شاعريءَ جو اُهو دور هو جڏهن سنڌي شاعري خاص ڪري ڪافي، غزل
وغيرهه تي فارسي ٻوليءَ جو اثر ڪجھ وڌيڪ هو. سنڌي شاعريءَ ۾
لفظن،تشبيهن،استعارن،ڪناين وغيرهه جو استعمال به فارسي ٻوليءَ وارو گھڻو ٿيندو هو،
پران دور ۾ به گل محمد گل ۽ ڪجھ ٻين شاعريءَ ۾ نج سنڌي ٻولي ۽ ماحول کي استعمال
ڪرڻ جي شروعات ڪري،هڪ سنئين راهه گھڙي. ڪشنچند بيوس اڃا به ڪجھ وکون اڳتي کڻي سنڌي
شاعريءَ ۾ وڏي تبديلي آندي. اهڙيءَ ريت ان دور ۾ٻيا به ڪيترائي شاعر نظر اچن ٿا،
جن انهيءَ ڏس ۾ پاڻ ملهايو.عثمان سکريءَ جي شاعريءَ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته
هن پنهنجي شاعريءَ م گھڻو ڪري سولا ۽ سادا لفظ ڪم آندا آهن. سندس تشبيهن، استعارن
وغيرهه جي استعمال مان به پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ اچي ٿي.
هونئن ته هر صنف پت ڪافي هڪ اهڙي صنف آهي،جيڪا ڳائڻ جي صنف آهي،تنهن ڪري منجهس
موسيقيت جو هئڻ ضروري آهي.عثمان جون سموريون ڪافيون اهڙيون، جن ۾ موسيقيءَ جو سواد
گھڻو آهي، منجھن لئي ۽ رواني به چڱي نظر اچي ٿي.سندس ڪافين جون سٽون اُچارڻ سان ئي
من ۾ جھونگار جاڳي ٿي پئي. سندس شاعريءَ تي نظر وجھڻ سان اها ڳالهه به چئي سگھجي ٿي ته،هن جي شاعري فقت اها ئي نه
هوندي جيڪا هن بياض ۾ شامل آهي، ان کان سواءِ سندس ٻي وڌيڪ شاعري به ضرور هوندي جيڪا
شايد اسان ٻين ڪيترن ئي سنڌ جي شاعرن وانگر وقت جي واچوڙن پنو پنو ڪري ختم ڪري ڇڏي
هجي.ايئن به ٿي سگھي ٿو ته سندس شاعري اڃا به ڪنهن ويساري ماڻهوءَ جي وسري ويل وڏن
جي ڪنهن جھوني پيتيءَ وغيرهه ۾ پوريل هجي ۽ جيڪا هاڻي اڏوهي ۽ اوٿي جو کاڄ ٿي رهي
هجي.
آخر ۾ آئون سڄاڻ، ساڃاهوند ۽ سنڌ سڄڻن کي عرض ٿو ڪيان ته اسان جي جھونن جاسنڀالي
رکيل جيڪي به قلمي نسخا،داستان، شاعري وغيرهه جا قلمي ڪتاب ڳولي هٿ ڪن ۽ پڻ انهن
کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺن ۽ انهن کي منظر عام تي آڻين جيئن نه رڳو اُهي
تباهه ٿيڻ کان بچي سگھن پر پيتين ۽
المارين جي قيد مان به آزادي ه حاصل ڪري سگھن ڇاڪاڻ ته علم قيد ڪرڻ جي شئي به
ناهي.
آخر ۾ عثمان سکريءَ هن بياض ۾ شامل ڪافيون هتي ڏجن ٿيون جيئن پڙهندڙن خاص ڪري
محققن لاءِ آساني ٿئي ۽ پڻ هي ڪافيون محفوظ ٿي سگھن:
ڪافي (نعتيه)
موٽ مديني جا ڄام،
آئون اداسڻ آسري اوهان جي
عمر وئي مون سڀ اجائي،
ڪر ڪئي مون ڪام
ڪر ڪوهيارا قرب قريشي،
عشق ڪلي ڪيو انعام......
آئون پناري تنهنجي پئيڙي،
سائين تنهن جي سام.......
رهه تون سکر ۾ سکري،
نکر ٿي نه ناڪام....
(قلمي بياض: ص: 77 ڪافي نمبر 77، لکت جي تاريخ: 12 اپريل 1924ع)
ڪافي (نعتيه)
يا رسول الله عربي، عرض مپن آباد ڪر،
لطف پنهنجي ساڻ لائق، دل منهنجيءَ داد ڪر.
آرزو ئي آهي، مداين جي مٺا معافي ملي،
ڪر نوازش جي نظر، اي شاهه مون کي شاد ڪر.
شادمانو ٿئي شغل ڪو، درد منهنجي تي دلربا،
پڻ صنم غنچه دهن جو، احمد تون امداد ڪر.
سڪ گھڻي آ ساهه کي، باغ ارم جي سير جي،
ان باغ جي گلزار سان، مون مصطفا ميلاد ڪر.
عرض ”سکريءَ“ جو اهو،اي سيدا بهرِ خدا،
درد منهنجا دور ڪر، هن اهنج مان آزاد ڪر.
(لکت جي تاريخ: 9 اپريل 1924ع)
منقبت:
ڏيو مدد مسڪين کي، اي مرتضا مولا علي،
ٿيو اچي همراهه هادي مرتضا مولا علي
تون قريشي هاشمي ڀي، شاهه مردان شير دل
۽ اسدالله عالي، مرتضا مولا علي.
تون دلارو داکما، خيرالنساءِ خاتون جو،
۽ حبيب الله حيدر، اي مرتضا مولا علي
تو مٿي آ لاڄ ساري، هر زمين افلاڪ جي،
تو پناري پيا پلئون ڀي مرتضا مولا علي.
بحر رحمت جو وسائين هر مٿي هادي سدا،
قرب تنهنجو قائم هي، مرتضا مولا علي.
تو سندا شيدا سوين، تون شمع شاهي علا،
هي ته ”سکري“ سگ تو ئي مرتضا مولا
علي.
(لکت جي تاريخ: 11 اپريل 1924ع)
ڪافي:
عجب چالو آهه چشمن جو، ڪري ٿو چور دلڙيءَ کي،
لڳن ٿا ڪان سي قهري، ڪرن ڪپ ڪور دلڙيءَ کي.
سوين سينون حسينن جون، لڳيون آهن مون هيئين ۾ جي،
ڪيو بيزار تن ڀينر، ڀڃي ڀڃي ڀور دلڙيءَ کي.
ڀڳس پي آئون گھڻو ڀينر، نگاهه تلوار نيڻن کان،
جھلي آخر جھپڙ ۾ تن، ڪيو ڪمزور دلڙيءَ کي.
ٿيو بيزار آهيان ڀينر، ڌڪن جي درد کان
دم دم،
اهو ناهه پسند منهنجي، ڌرم دستور دلڙيءَ کي.
ڪري ڇا هي وڃي ڪاڏي، سڻي ٿو ڪو نه ”سکريءَ“ جي،
هڻي طعنا ويتر منهنجي، ڪرن وهلور دلڙيءَ کي.
(قلمي بياض، ص: 74 ڪافي نمبر 74، لکت جي تاريخ: 11 اپريل 1924ع)
ڪافي:
عشق وجھي مون عتاب
دم دم ڏي ٿو درد نئون نئون.
اري ۾ اکين جي اهنجا اڙياسي
دين ڪفر کئون تارڪ ٿياسي
برهه ڪيو بيتاب....
واهه جو مسئلو يار پڙهايو
نفي سندو جنهن ناد وڄايو
باقيءَ وارو باب
کڻ صحراحي ڀر ميان ساقي
جام پياريو، آهيان پياسي
شوق لڳو شتاب
يار ”سکري“ يار ڏٺوسي
”عوثن“ ڪو آفتاب.....
قلمي بياض، ص 73 ڪافي 73، لکت جي تاريخ: 10 اپريل 1924ع)
No comments:
Post a Comment