ڪتاب اينميري شِمل (شخصيت ۽ فڪر)
ليکڪ: امان الله شيخ
مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
هڪ بيقرار روح
هِيءُ خوبصورت ۽ تحقيقي ڪتاب هڪ اهڙي شخصيت جي حياتيءَ جي
احوال ۽ علمي ڪارنامن تي لکيل آهي، جنهن جو نالو ذهن تي ايندي ئي
اندر جي گھراين مان احترام جا جذبا اُڀري ٿا پون، ڇاڪاڻ ته هوءَ علم، ساڃاهه،
تهذيب ۽ تاريخ جي عالم ۽ عاشق هئي، يا انهيءَ عشق جو گھرو رچاءُ هئي. جرئت ساڻ
جستجو ڪرڻ جي سُتِي ته کيس ننڍي هوندي کان ئي مليل هئي. هوءَ جنهن جي اندر ۾ شاهه
لطيف جو سُر سَسُئِي ڄڻ ته اڳ ۾ ئي اوتجي چڪو هو. هوءَ جيڪا سَسُئئَ جي راهه تي
هلندڙن جي سَنڀِير جي ساٿياڻي هئي، جيڪا پنهنجي پنهونءَ لاءِ سڄي زندگي وڏا ڪشالا
ڪٽيندي، انهئَ راهه تي رمندي رمندي رَمي ويئي.