Friday, June 19, 2020

ڪِنجهر جا گاهه ۽ سُر ڪاموڏ

ڪِنجهر جا گاهه ۽ سُر ڪاموڏ


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جي چوٿين شماري (ڊسمبر- 2000)  ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس 


جاگرافيائي لحاظ سان ڪِنجهر ڍنڍ هڪ اهڙي هنڌ تي آهي جنهن جي آسپاس نه رڳو من موهيندڙ جابلو منظر آهن پر ڏکڻ طرف کان سهڻو سنڌو هڪ وڏو وڪڙ ڪري وهي ٿو. پري پري جي ڪوهستاني علائقن مان برساتي ڍورا ۽ نيون پلر جا پاڻي آڻي ڪِنجهر کي ڀرين ٿا. اڳ ۾ ته جهم (جهمپير) وٽان مٺا چشما به ڦٽي اچي منجهس پوندا هئا پر ماڻهن جي حرڪت جي ڪري هاڻي اهي چشما منهن موڙي ويا آهن.


 1955ع کان اڳ ۾ هر سال سانوڻ جي مند ۾ سنڌو به جڏهن بدمست ٿي پنهنجو پاڻ کان جهليو نه ٿيندو هو ته پالوٽ ڪري اچي هن ڍنڍ ۾ پوندو هو. اهڙئَ ريت هر سنڌوءَ جو لڙاٽيل پاڻي هن ڍنڍ کي سرهو ۽ سيراب ۽ نئون ڪري ويندو هو. ان نئين وهڪري جي ڪري نه رڳو پاڻئَ ۾ تازگي ايندي هئي پر ڄاڻن کي ڄاڻ هوندي ته گرڀ وتي مڇي آني (ٻچو) به فقط وهڪري وقت ڏيندي آهي، مڇئَ جي ڄم جو عمل به تمام گھڻو ٿيندو رهندو هو.

جابلو ٽڪرين جي وچ ۾ زرخيز زمين تي هئَ ڍنڍ تاريخي لحاظ سان بنهه قديم ڍنڍ آهي. سندس آسپاس ۽ پيٽ ۾ ڪيئي قديم آثار موجود آهن، اڄ به جيڪڏهن انهن جي کوٽائي ٿئي ته هوند ڪيئي راز کلي پون.
ڪِنجهر ڍنڍ کي سنڌ ساڻيهه جي عظيم شاعر شاهه لطيف به پنهنجي شاعرئَ ۾ پيار سان پلٽايو آهي. لطيف هن ڍنڍ کي عام رواجي حيثيت کان گھڻو مختلف ۽ مٿانهون پسي، پرکي ۽ پروڙي اهڙي نموني سان سر ڪاموڏ ۾ سمايو آهي جو ٻڌندڙ جي ڪنن تي جڏهن ڪِنجهر جو نالو رسي ٿو ته جمالياتي ۽ ٻيا ذوق جاڳي پون ٿا.

لطيف جي هن ڌرتئَ جي مختلف مظهرن، منظرن ۽ حقيقتن وغيره جو بنهه گھرائئَ سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪري، اتي جا واقعا ۽ ڪردار بيان ڪندي، پنهنجي مقصد کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪن قصن جو سهارو وٺندي، مختلف دورن جي تاريخ پيش ڪندي، سنڌ ملڪ جي ذري ذري جي ڄاڻ پنهنجي شاعرئَ ۾ سهڻي نموني سمائي ڏني آهي. ڪيترين ئي شين جون تشبيهون، استعارا ۽ اهڃاڻ ڏيئي انهن شين جو هڪ سهڻو ۽ سائينٽيفڪ اڀياس به ڏنو آهي. لطيف سنڌ جو هڪ اهڙو عظيم شاعر آهي، جنهن سنڌ ملڪ جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ کان سواءِ سنڌ جي ڍورن، ڍنڍن، نَئيُن، ندين، درياهن ۽ گاهن وغيره کي پنهنجي شاعرئَ ۾ آڻي امر ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙئَ ريت لطيف سرڪار سُر ڪاموڏ ۾ نه رڳو نورئَ ڄام تماچئَ جو محبت ڀريو قصو بيان ڪيو آهي پر ڪِنجهر ڍنڍ، اتي هر هر ساهوارئَ توڙي بي ساهئَ (غير جاندار) شئي کي سمائي، انهن شين جي افاديت، اهميت وغيره جي ڄاڻ ڏني آهي. لطيف ڪِنجهر ڍنڍ جي ڪيترين ئي حقيقتن سان گڏ هن ڍنڍ جا من موهيندڙ منظر به پسايا آهن:

هيٺ جَر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچئَ جو ساهه،
لڳي اتر واءُ، ته ڪِنجهر هندرو هئي.

***

پن، پٻڻ، ڪُم، ڪُوڻيون، مٿي جَر جَهرڪن

مٿين سٽن ۾ لطيف ڏاڍا سهڻا ۽ من کي موهيندڙ منظر اهڙئَ ريت ڏنا آهن ڄڻ ته ماڻهو اکين سان ڏسي، پسي رهيو آهي.

ڪِنجهر ڍنڍ هڪ اهڙي سهڻي، سڀاڳي ۽ قدرتي نعمتن سان مالامال ڍنڍ آهي جنهن نه رڳو تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان پاليا آهن پر منجهس ٻيا به ڪيئي منظر ۽ مظهر موجود آهن. اڄ به سندس لهر لهر تي ڪيئي حياتيون پلجن ٿيون. هئَ ڍنڍ نه رڳو آسپاس ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ ٻين جانورن جي جياپي جو وسيلو آهي پر سندس اجري پيٽ ۾ به ڪيترائي ساهوارا سانڍجن ٿا، جن ۾ ننڍا وڏا جيت، جيوڙا، مڇي، پکي پکڻ، گل ڦل، وليون، ٻوٽا، گاهه وغيره اچي وڃن ٿا.

اسان جي مقالي جو عنوان ڪِنجهر جا گاهه ۽ سر ڪاموڏ آهي، جڏهن ته اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڪِنجهر ڍنڍ هڪ زرخيز علائقي تي ٻڌل آهي. سندس پاڻي به اڇو، اجرو، پاڪ، پويتر ۽ مٺو آهي، تنهن ڪري هن ڍنڍ ۾ گاهه به سٺا، سهڻا ۽ گھڻا ٿين ٿا. اهي گاهه نه رڳو پاڻئَ ۾ رهندڙ جيوت جي جياپي ج وسيلو آهن پر انسانن لاءِ به وڏي وٿ آهن. ڪِنجهر ۾ ٿيندڙ گاهه جا ڪيترائي اهڙا قسم به آهن، جيڪي ڍنڍ جي پاڻئَ کي نه رڳو خراب ٿيڻ کان پچائن ٿا پر پاڻئَ کي اڇو اجرو ۽ پاڪ به رکن ٿا. تڏهن ئي ته ڪِنجهر کٿوري پئي محسوس ٿيندي آهي.

 هيٺ جَر، مٿي مڃر، ڪنڌئَ ڪؤنر ترن،
ورئي واهُوندن، ڪِنجهر کٿوري ٿئي.
                                                            (ڪاموڏ 2-4)          

موضوع جي مناسبت سان ڪِنجهر ڍنڍ ۾ جيڪي گاهه ٿين ٿا، انهن جو ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو:

اوڍيئڙو:

 هن گاهه جو قد چار پنج انچ ٿيندو آهي. سندس پاڙون تري (زمين) کان مٿي پاڻئَ ۾ پکڙيل ترنديون رهنديون آهن. ننڍڙي ۽ سنهڙي ڏانڊئَ جي ڇيڙي ۾ ڀوري رنگ جو هڪ گول ٽوپلو هوندو اٿس جيڪو پاڻئَ جي سطح تي ترندو رهندو آهي. هن گاهه کي هر قسم جي ننڍي مڇي کائيندي آهي.

ٻاچ:

 هئُ گاهه ماندڻئَ جهڙو، گھڻو ڪري اونهي پاڻئَ ۾ تري ۾ ٿيندو آهي. سندس قد وڌ ۾ وڌ ڇهه انچ ٿيندو آهي. مُنڍي، ڪونگ ۽ بوهُڻ کان سواءِ هر مڇي هئُ گاهه کائيندي آهي. چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا مڇي فقط هئُ گاهه ئي کائيندي ته اُن مڇئَ ۾ ککَ وغيره نه ٿيندي.

ڀُرڙ:

هئُ گاهه پاڙ کان مٿي ڇيڙي تائين گھاٽي ٻوڙِي جهڙو ٿيندو آهي. هٿ لاهڻ سان کَهرو محسوس ٿيندو آهي. ڪينجهر ڍنڍ ۾ هئُ گاهه گھڻي مقدار ۾ ٿيندو آهي. ڪچي ڀرڙ ۽ وڏي گؤنچ مڇي کائيندي آهي.

پَٽِ:

هئُ گاهه ڏير جهڙو پر ڏير کان سنهون ۽ پاڙ کان وٺي پاڻئَ جي سطح يعني آخر تائين هڪجهڙو هوندو آهي. هئُ گاهه مڇئَ کان سواءِ مينهن ۽ گھوڙو به کائيندو آهي.

پَٻڻ:

ڪُوڻئَ جهڙو هئُ ٻوٽو ننڍي ۽ بيٺل (وڌ ۾ وڌ پنج فوٽ اونهي) پاڻئَ ۾ ٿيندو آهي. هن جا پن ساوا، گول، ڪوڻئَ جي پن جهڙا پر ڪوڻئَ جي پن کان گھڻو وڏا ٿيندا آهن، جيڪي پاڻئَ جي مٿاڇري تي وڇايل نظر ايندا آهن. هن جي ڏانڊئَ ۾ هڪ هڪ اڇو ۽ وڏو سهڻو گل هوندو آهي، جيڪو گھڻو ڪري ٽڙيل ئي رهندو آهي. هن سهڻي گل کي ڪنول چئبو آهي. هن جي گلن جو منظر ڏاڍو سهڻو ۽ من موهيندڙ هوندو آهي. هئُ گل ڪجهه هفتن کان پوءِ ختم ٿي ويندو آهي ۽ انهئَ جي جاءِ تي هڪ سائي اڌ گول ڳنڍ پيدا ٿيندي آهي، جنهن کي پاٻوڙو چئبو آهي. پاٻوڙي جي مٿئين هموار پاسي کان ننڍين ڊاکن جيڏا ساوا ٻج هوندا آهن. پاٻوڙي مان اهي ٻج ڪڍي مٿانئن گک لاهي کائبا آهن، جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا وڻندڙ هوندا آهن، پاٻوڙو جڏهن وڏو ٿي پچي ويندو آهي ته اهي داڻا ڪارا ٿي ويندا آهن. ڪِنجهر تي رهندڙ مسڪين ماڻهو ڏکين ڏينهن ۾ انهن کي ڪڍي رڌي کائي پنهنجي پيٽ جي بک وسائيندا هئا ۽ هاڻي ذائقي لاءِ کاڌا وڃن ٿا. پٻڻ جي پاڙ ڏانڊئَ کان گھڻو ٿلهي ٿيندي آهي، جنهن کي بهه چئبو آهي. بهه ڀاڄي طور استعمال ٿيندا آهن. پيٽ جي بيمارين لاءِ بهه کي سٺو سمجهيو ويندو آهي. پٻڻ جا ٻه قسم آهن. هڪ جا پن ۽ گل وڏا هوندا آهن ۽ ٻئي جا پن ننڍا، گل به ڪجهه ننڍا، گل جي پنکڙين جا ڪنارا نيرا هوندا آهن تنهن کي نيل ڪنول چئبو آهي. لطيف سُر ڪاموڏ ۾ ڪنول جو ذڪر ڏاڍي سهڻي نموني سان ڪيو آهي:

هيٺ جَر مٿي مڃر، ڪنڌئَ ڪؤنر ترن،
وَرئي واهوندن، ڪِنجهر کٿوري ٿئي.
                                                  (ڪاموڏ 2-4) 

۽ ٻئي هنڌ تي پاٻوڙي ج ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:

پاٻوڙو پيش ڪيو، نئون نورئَ نيئي،
حاضر هيون هَڪيون سهيون سڀيئي،
نوازي نيئي، گاڏي چاڙهي گندري.
                                                         (ڪاموڏ 1-19)         

پن: 

پن ننڍي پاڻئَ يا گپ چڪ ۾ اَٺ نَو فوٽ ڊگھي ٿيندي آهي. هن جا پن ڊگھا، لسا ۽ ڪند جي پنن جهڙا پر نرم ٿيندا آهن، جيڪي پاڙ کان اُڀرندا آهن. هر ٻوڙي ۾ پنن جي وچ ۾ هڪ سنهون، لسو ۽ پنن کان به ٻه ٽي انچ ڊگھو ڪانو ٿيندو آهي. انهئَ ڪاني ۾ ٻاجهر جهڙو ۽ جيڏو سنگ ٿيندو آهي. اهو سنگ جڏهن پچندو آهي ته سنگ کي پٽي ڇاڻبو ته منجهانئس هيڊو اٽو نڪرندو آهي. انهئَ کي پسائي، ڳوهي، مٺاڻ ملائي ڳوڙها ٺاهي، ڪپڙي ۾ ٻڌي، گرم ٻاڦ تي پچائي تيار ڪبو آهي، انهئَ کي “ٻوراني” چئبو آهي. جيڪا کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ هوندي آهي. چون ٿا ته اها معدي جي بيمارين لاءِ دوا آهي. ڪچي پن، وڍي چوپائي مال کي به کارائي ويندي آهي. پن جي پنن مان تؤنريون ۽ تڏا ٺاهيا ويندا آهن ۽ پکا پڻ ٺاهيا ويندا آهن. سندس ڪاني جو پکو وڌيڪ مضبوط ۽ سهڻو ٺهندو آهي.

ٽوپ:

سارين جهڙو هئُ گاهه ڍنڍ جي ڪنڌين تي ٿيندو آهي. سندس قد چار پنج فوٽ هوندو آهي. مڇي ۽ چوپايو مال کائيندو آهي. ٽوپ مان ڪڏهن ڪڏهن چوپائي مال کي ”ريج“ جي بيماري به لڳندي آهي. ڀاڳيا ٽوپ جي سنگ کي پٽي مٽئَ جي ڪُناڙي ۾ بند ڪري ٻه ٽي ڏينهن ڇڏي ڏيندا آهن. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ کولي ڏسندا ته جيڪڏهن منجهس جيت پيدا ٿيل هوندا ته سمجهي ويندا ته هل ٽوپ ۾ بيماري آهي، تنهن ڪري مال کي نه کارائيندا پر جيڪڏهن جيت پيدا نه ٿيا ۽ سنگ ثابت رهيو ته اهو ٽوپ بيمارين کان پاڪ سمجهي پنهنجي مال کي جام کارائيندا آهن.

جَل ڳنڍير:

هئُ گاهه سُڪئَ تي ٿيندڙ ڳنڍير جهڙو زمين تي پکڙجندڙ ٿيندو آهي. پاڙ کان ڦٽي پاڻئَ جي تري وارئَ زمين تي ڦهلجندو ويندو آهي. هر ٻئَ، ٽئين ڳرئَ تي وري به نئين پاڙ هڻندو آهي. اهڙئَ ريت سڄو پاڻ ۾ ڳنڍيو پيو هوندو آهي. هئُ گاهه گھڻو ڪري سونهرئَ (ڍنڍ) واري علائقي ۾ ٿيندو آهي. هن گاهه جو رنگ سونهرئَ ۾ ٿيندڙ مڇئَ جهڙو سونهري / ڳاڙهسرو ٿيندو آهي. ڪُرڙئَ جو خاص کاڄ آهي. ماڻهو هن کي ڪڍي سڪائي، ڪاڙهي پيئندا آهن. ائين گرمئَ لاءِ هن کي دوا طور استعمال ڪبو آهي.

ڏير:

ڏير ڍنڍ جي ڪنڌين تي پنج ڇهه فوٽ ڊگھي ٿيندي آهي. هن جي ڏانڊي سائي رنگ جي ڊگھي، سنجهي ۽ لسي هوندي آهي. ڏانڊئَ جي چوٽئَ ۾ ٻُنگ ٿيندو اٿس، جنهن ۾ ٽي چار گول ڦلڙيون هونديون آهن، جن ۾ ڏير جو سنهڙو ٻج ٿيندو آهي. ڏير مان تؤنريون ٺاهيون وينديون آهن. ڏير جي پاڙ ۾ ٻڏ ٿيندي آهي. جڏهن ڏير سڪي ختم ٿي ويندي آهي تڏهن اهي پاڙون کوٽي ڪڍيون وينديون آهن. پاڙن ۾ صوفي ٻير جيڏا داڻا هوندا آهن. انهن کي ٻڏ چئبو آهي. ٻڏ کي صاف ڪري مالوند ماڻهو پنهنجي چوپائي مال کي چاري طور ڏيندا آهن. هن جي کائڻ سان مال تڪڙو مچندو آهي. آڳاٽي دؤر ۾ ته مسڪين ماڻهو به ٻڏ کي ٽانڊن ۾ پچائي کائيندا هئا. ٻڏ اڄ به ذائقي لاءِ کاڌي ويندي آهي، سندس سواد لاهوري گجر جهڙو هوندو آهي.

ڏير ولو:

هئُ ڍنڍ جي ڪنارن تي گپَ چڪَ ۾ ڏيڍ فوٽ ڊگھو ڏير جهڙو گاهه ٿيندو آهي. سندس سنگ، ڏير کان مختلف هوندو آهي، جنهن ۾ ٻه ٽي مکڙيون هونديون آهن، انهن مکڙين ۾ ٻج ٿيندو آهي. هن گاهه کي گھوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن.

سينئوري:

هئُ گاهه ڍنڍ جي پاڻئَ اندر ريشمي ڌاڳن وانگر ٿيندو آهي، هن جا تاندورا لسا ۽ وڻندڙ هوندا آهن. مڇي هن گاهه کي گھڻو کائيندي آهي.

سينهه:

هئُ گاهه گھڻو ڪري اتي ٿيندو آهي، جتي ڍنڍ ۾ نيون ۽ ڍورا اچي ڇوڙ ڪندا آهن. پاڻئَ جي تري ۾ اڍ فوٽ کن ڊگھو فقط اڇسرين ڏانڊين تي ٻڌل هوندو آهي. خاص ڪري ڇيلري مڇي هن گاهه کي گھڻو کائيندي آهي.

کارونڊو:

هئُ گاهه تمام گھڻو ڊگھو ٿيندو آهي. جيترو پاڻي وڏو هوندو کارونڊي جو قد به اوتروئي وڏو هوندي آهي. هئُ گاهه ڪِنجهر ڍنڍ ۾ تمام گھڻو ٿيندو آهي. پاڻئَ جي سطح تائين نظر ايندڙ هئُ گاهه سڄو کهرو هوندو آهي. مڇي هن گاهه کي کائيندي به آهي ته رهندي به هن ئي گاهه ۾ آهي. هئُ گاهه پاڻئَ ۾ پيدا ٿيندڙ جراثيمن کي ختم ڪندو آهي. هئُ گاهه ٻيڙين کي هلڻ / ترڻ ۾ رنڊڪ ڪندو آهي. ٻيڙين جا ونجهه وغيره منجهس ڦاسي 
پوندا آهن تنهنڪري ٻيڙياتا هن کي پٽي ڪڍندا آهن.

کَرڙ: 

هئُ گاهه گھڻو ڪري سونهرئَ ڍنڍ ۾ ٿيندو آهي. ڪمند وانگر هن گاهه جي هر ڳرئَ ۾ چار پن ٿيندا آهن، جيڪي ڀورڙي رنگ جا هوندا آهن. چوٽئَ ۾ ڌاڻن جهڙو ٻج ٿيندو اٿس.

ڳاڙهو ڪک:

هن گاهه جي هڪ ئي سڌي ٽاري ٿيندي آهي. جنهن جي چؤڦير بيضوي شڪل جهڙا هڪ انچ کن جا ناسي پن هوندا آهن. هئُ گاهه مڇئَ جو ڳاڄ 
آهي.

ڦلن ڇانئيو:

هن گاهه جي پاڙ کي سنهڙي ڏانڊي نڪرندي آهي، جنهن جي پڇر ۾ ٽي يا پنج ساوا پن گل جي شڪل ۾ پاڻئَ جي سطح تي ترندا رهندا آهن. پوپري مڇي هن گاهه کي گھڻو کائيندي آهي.

ڪچي پَٽِ:

هئُ گاهه سنهڙو، لسو ۽ ڊگھو، ڪينجهر جي ڪنڌين تي ٿيندو آهي. هن جو ٻج مرين جيڏو، ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. هن گاهه کي مڇي کائيندي آهي. ڏاهي ۽ ڪرڙئَ جو خاص کاڄ آهي.

ڪمال پٽ:

هئُ گاهه تمام ڊگھو ٿيندو آهي. ڪِنجهر جي ننڍي توڙي وڏي پاڻئَ ۾ گھڻي ٿيندڙ هن گاهه جا پن ڪمال پٽ (مصالحي) جي پنن جهڙا هوندا آهن ۽ هن جو ڦل توت جهڙو ٿيندو آهي. مڇي هن گاهه کي تمام گھڻو کائيندي آهي. ماڻهو هن گاهه کي پاڻئَ مان ڪڍي مال کي به چاريندا آهن. سڄاڻ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هئُ گاهه پاڻئَ کي پاڪ صاف رکڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. پاڻئَ مان کاراڻ وغيره جذب ڪري پاڻ کائيندو آهي ۽ پاڻئَ کي مٺو رکندو آهي.

ڪِنڙِي:

هن کي بي پاڙي به چيو ويندو آهي، ڇو ته هن جي پاڙ زمين ۾ نه هوندي آهي ۽ نه ئي پاڻئَ ۾ نظر ايندي آهي. ڪنڙي جهڳٽي جي شڪل ۾ پاڻئَ تي ترندي رهندي آهي. سندس پن پوپٽ جي پک جهڙا ٿيندا آهن. ٻن پنن جي وچ ۾ مرئَ جيڏو سائو ٻج هوندو اٿس. هئُ گاهه ٻين سڀني گاهن ٻوٽن ۽ ولين لاءِ نقصانڪار آهي. جتي به هئُ گاهه هوندو آهي اُتي ٻين گاهن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ڪنجهر جي مڇي به هن گاهه کي نه کائيندي آهي. فقط ۽ فقط پرڏيهي مڇي ”گراس فش“ هن گاهه کي کائيندي آهي. هئُ گاهه اصل ۾ هتي جو ڏيهي نه آهي پر ڪجهه سالن کان ڪنجهر ۾ ڪنهن نموني سان پهتو آهي. ڪجهه سال اڳ ۾ تائين هئُ گاهه هتي بلڪل نه هوندو هو.

ڪُوڻي:

ڪوڻي، پٻڻ وانگر ڍنڍ جي ڪنڌين تي ننڍي پاڻئَ ۾ ٿيندي آهي. ڪوڻئَ جا پن پٻڻ جهڙا پر پٻڻ جي پنن کان ننڍا هوندا آهن. سندس سهڻو گل به ڪنول جي گل جهڙو هوندو آهي پر ڪنول کان ننڍو هوندو آهي.

ڪوڻئَ جا ٻه قسم آهن. هڪ مٺال جي ڪوڻي، جنهن جا گل نيرسرا ۽ سڳنڌ ڀريا هوندا آهن. هن جي گل مان گرمئَ لاءِ شربت تيار ڪيو ويندو آهي. جيڪو ڏاڍو ڪارائتو آهي.

ٻيو قسم ڪڙال جي ڪوڻي، جنهن جو گل ٿورو وڏو هوندو آهي. هن ج گل ايترو ته اڇو هوندو آهي پر گل جا ڪنارا، هلڪي گلابي رنگ جا هوندا آهن.

ڪوڻي نه رڳو سهڻي آهي پر ڏاڍي ڪمائتي به آهي. هن ج وڳانو ڪوڻئَ طور کائبو آهي. ڪوڻئَ جي گل مان ڪجهه ڏينهن کان ننڍڙي صوف جيڏو سائو ڦل پيدا ٿيندو آهي، جنهن کي ڪُم چئبو آهي. ڪم ڏاڍي شوق سان کاڌو ويندو آهي. ڪُم پيٽ لاءِ اڪسير آهي. ڪو وقت اڳ ۾ ڪُمن کي سڪائي، پيهي، ماني پچائي کاڌي ويندي هئي. ڪم جي اَن کي “ناپو” چيو ويندو آهي. ڪچڙن ڪُمن کي مڇيون به کائينديون آهن.

ڪُم جي پاڙ ۾ لوڙهيون ٿينديون آهن، جن کي رڌي کائبو آهي. “لوڙهه” جڏهن وڌي وڏي ٿي ۽ تمام گھڻي پڪي ٿي ويندي آهي ۽ مٿس چؤڦير نسون اُڀري اينديون آهن ته پوءِ کيس “گند” چيو ويندو آهي. گند کي به لوڙهه وانگر کاڌو ويندو آهي. اڳ ۾ ڪنجهر جا مسڪين ماڻهو قوت طور گند کي استعمال ڪندا هئا.

لطيف ڪِنجهر جي ذري ذري جو مشاهدو ڪيو هو. هن گند جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪيترن ئي هنڌن تي گند کي پنهنجي شاعرئَ ۾ آندو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو ته:

گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
انهين جي اوطاق، راجا ريجهي آيو.
                                              (ڪاموڏ 1-13) 

افسوس جو اسان جا محقق بنا ڏسڻ وائسڻ ۽ پروڙڻ جي گند کي غلط معنائون ڏيئي ويهي رهيا آهن. لطيف جي هر سر کي سمجهڻ لاءِ انهئَ علائقي جو بنهه گهرو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻو پوندو، نه ته هڪ سٺئَ ۽ هيڏئَ اهميت وارئَ شئي کي گندي شئي (گندگي) سمجهندي ۽ لکندي دير ئي ڪانه ٿيندي. لطيف وٽ، اسان جي محققن وارو گند نه آهي پر وٽس گند ته غاريبو گذر (کاڄ) آهي ۽ تڏهن ته شاهه لطيف چوي ٿو ته:

گند جن جي گوڏ ۾، مٿن تي مُوڙيون،
اچن سنڀوريون، سمي جي سلام کي.
                                                 (ڪاموڏ 1-15)

******

گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پينام،
انهن جي انعام، ڪنجهر مڙوئي ٿيو.
                                                (ڪاموڏ 1-14)

ناڙو:

هئَ هڪ ڊگھي والار ڪندڙ وَل آهي، جيڪا ڪنڌين تي ننڍي پاڻئَ جي مٿاڇري تي پکڙيل هوندي آهي. هن جا پن ساوا ۽ گل اڇا هوندا آهن. گلن جي پتين جا ڪنارا نير سرا هوندا آهن. ناڙي کي مڇي ۽ چوپايو مال شوق سان کائيندو آهي.

نڙ:

بانس جهڙو پر بانس کان سنهو ٿيندو آهي. نڙ ڍنڍ جي ڪنڌين تي ٿيندو آهي. ڪنجهر ۾ جيڪو نڙ جو قسم ٿيندو آهي، ان جو قد ڇهه ست فوٽ ڊگھو ٿيندو آهي. نڙ جي هر ڳرئَ جي ڇيڙي تي پن ڦٽندا آهن. چوٽين ۾ اڇا سنگ به ٿيندا اٿس. ڪچو نڙ ۽ نڙ جا پن مڇي ۽ چوپايو مال کائيندو آهي. وڏي سڪل نڙ مان ٻار ڪنگور وانگر بينسريون ٺاهي وڄائيندا آهن. 
ماڻهو ڇنن ۽ ڇپرن ۾ به نڙ کي استعمال ڪندا آهن.

مٿين گاهن کانسواءِ ڪنجهر ۾ ڪنڌين تي ۽ آسپاس اهي سمورا گاهه به ٿيندا آهن، جيڪي سنڌ جي سڄي ڪوهستاني علائقي ۾ ٿين ٿا.


No comments:

Post a Comment