ڊاڪٽر بلوچ جون تقريرون
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ 2009ع
۾ قائم ٿيڻ سان تحقيقي ۽ اشاعتي ڪم جي شروعات ڪري چڪو آهي.
جڳ مشهور عالم، استاد ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جو سنڌي ٻولي، علم، ادب، تاريخ، لغت، ثقافت، اساسِي شاعري، لطيفيات ۽ لوڪ ادب جي
سلسلي ۾ بيمثال تحقيقي ڪم شاهڪار ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي، جيڪو پڙهندڙن
۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻي وقت کان بنيادي ۽ اهم ماخذن طور ڪتب ايندو رهيو آهي ۽
رهندو. ڪتابن سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاران گهڻي زماني کان لڳاتار لکيل ۽ مختلف
هنڌن تي ڇپيل مقالن ۽ مضمونن کي اداري پاران سَهيڙي الڳ الڳ موضوع وار جلدن جي شڪل
۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ اڃان وڌيڪ اهو ڪم مختلف مرحلن ۾ آهي.
مختلف عالمن،
اديبن ۽ ٻين شخصيتن ڏانهن لکيل سندس علمي ۽ تاريخي خطن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي
ڇپائڻ جو سلسلو به جاري آهي. گڏوگڏ اداري پاران سنڌ جي تهذيب، تاريخ، ٻولي، ثقافت،
علم ۽ ادب بابت تحقيقي ڪم به هلندڙ آهي، جنهن کي اُميد ته تڪڙوئي اڃان به وڌايو
ويندو. هن وقت به سنڌ جي مختلف پاسن تي ڪيترائي عالم، اديب، محقق ۽ نوجوان اداري
پاران سونپيل تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهن. مانوارن عالمن ۽ محققن تي مشتمل صلاحڪاري
ڪميٽي (Advisory
Committee) ٿيندڙ انهيءَ ڪم بابت لڳاتار صلاحون ڏيندي، همٿائيندي ۽ رهنمائي
ڪندي رهي ٿي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب گهڻي زماني کان مختلف مهلن ۽ موقعن
تي تقريرون به ڪندو رهيو، جن جي به علمي ۽ تحقيقي لحاظ کان وڏي اهميت به آهي ته
انهن مان هر تقرير هڪ تاريخي دستاويز به آهي. هِيءُ ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ جون تقريرون“
جنهن ۾ ڪُل ويهه تقريرون شامل آهن، جن کي موضوع وار ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي: جن
۾ 1- تاريخ 2- علم، ادب ۽ ٻولي ۽ 3- شخصيتون. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هي تقريرون
علمي، ادبي ۽ تاريخي به آهن، ته تمام
گهڻيون دلچسپ به آهن. تقريرن جي هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ سنڌ، حيدرآباد، ڀنڀور،
منصوره ۽ ٿر بابت ناياب مواد به آهي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شروع واري دلچسپ
تاريخ به موجود آهي. ٻي ڀاڱي ۾ تعليم جي مقصد، سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري،
ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ بابت معلومات به آهي ته سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جي مقصدن، ڪمن ۽ اُن جي شروعات بابت ڄاڻ به آهي.
ڪتاب جي ٽئين ڀاڱي ۾ ”سائين جي.ايم.سيد ويهين صديءَ جي وڏي شخصيت“ جي عنوان سان هڪ
سهڻي تقرير به آهي ته شيخ، اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، راءِ چند راٺوڙ، پير صاحب
پاڳاري ۽ مرزا قليچ بيگ بابت ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون موجود آهن، جيڪي ٻي ڪنهن
به هنڌ ملڻ مشڪل آهن. هِيءُ ڪتاب هِن اداري ۾ تمام گهڻي چاهه ۽ سچائيءَ سان ڪم
ڪندڙ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي صالح پوٽي محمد ارشد بلوچ جي سَهيڙ آهي، جنهن گهڻي محنت ۽
محبت سان هنن ناياب تقريرن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ڏني آهي، جنهن لاءِ هو جَس لهڻي.
هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ايڊوائزري ڪميٽيءَ سان
گڏ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جا وڏا وَڙ جن جي تعاون سان هِيءُ ڪتاب پڙهندڙن جي
هٿن تائين وقت سِر پهچي سگهيو آهي. اُميد ته پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ هن ڪتاب مان
فيضياب ٿيندا.
22- مارچ 2019ع ڊائريڪٽر
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ
آف هيريٽيج ريسرچ
No comments:
Post a Comment