ٻهڳڻ ٻولئَ ڌڻي شاعر اياز گل
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
شاعري رڳو لفظ بازي ۽ قاعدا، قانون، تور ۽ ماپ به نه آهي،
پر شاعري ته اندر مان ڦٽي نڪتل جذبن، احساسن، نڪور سوچن، امنگن جي گونجن، ڪيفيتن،
فهم، فڪر، شعور ۽ تخليقي اُڏام آهي. ان جي سمورين سچاين جي اظهار کي لفظن جي سهڻي
لباس ۾ سمائڻ جو نالو آهي، جيڪا پنهنجا سمورا تاثرات ڀرپور انداز سان ڏيندي، اندر
جي اونهاين ۾ لهي نفيس احساسن جي نازڪ تارن کي ڇيڙي سگھي.
آئون پڪ سان چئي سگھان ٿو ته اياز گل جي شاعرئَ ۾ اهي
سموريون خوبيون ۽ خصوصيتون موجود آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر ۾ هئڻ گهرجن. هلڪا ۽ ننڍڙا
وزن، نازڪ ۽ نرم رڌم، صبح جي ڪرڻن جهڙا احساس، هلڪڙيون، من موهيندڙ ۽ وڻندڙ
تشبيهون، ڇرڪائيندڙ استعارا، نئون نڪور فهم ۽ فڪر، شعور جي سگهه، تخليق جي اُڏام،
سادا لفظ ۽ نج ٻولئَ ڌڻي شاعر اياز گل جي شاعرئَ ۾ انساني جمال، موهه، رومانيت،
عشق جي سچائئَ کان وٺي وطن ۽ قوم جو عشق ۽ درد به گھڻو آهي. سندس شاعرئَ ۾ انسان ۽
انساني زندگئَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. هڪ حساس فرد زماني ۾ جيڪو ڪجهه محسوس ڪري ٿو
يا ڀوڳي ٿو اهو سندس شاعرئَ ۾ تارؤن تار آهي.
حقيقت ۾ اهو ئي تخليقڪار پنهنجي زماني جي اُڀ ورق تي سهڻا ۽
نمايان چِٽ چِٽي سگھندو آهي، جنهن وٽ پنهنجا نِج رنگ، ڏاهپ، ڏانءُ ۽ ڏات هوندي
آهي، پنهنجو الڳ ۽ سگھارو ڊڪشن هوندو آهي. تمام سهڻو سڀاءُ ذوق ۽ ڏانءُ رکندڙ ڏات
ڌڻي اياز گل جو نه رڳو پنهنجو ڊڪشن ۽ لهجو آهي پر سندس شاعرئَ جا ڪيترائي رخ دلچسپ
۽ سگھارا آهن.
ٻهڳڻ ٻولئَ ڌڻي اياز گل وٽ رنگ رتا خيال، سڳنديون سوچون،
اُتر جي هوائن جهڙا احساس، انساني سونهن جي روشني، سچائئَ جا داستان ۽ اثرائتو
لهجو آهي. اهي ڳڻ سندس شاعرئَ ۾ سرس آهن ته فڪر ۽ فهم به سوايو آهي.
پنهنجي دوستن کي سدائين محبتون، خلوص ۽ سچايون ڏيندڙ شاعر
اياز گل جي دوستي به سچ پچ بنهه قابل فخر
آهي، ڇاڪاڻ ته وٽس پنهنجي دوستن لاءِ محبتن ۽ سچاين جا گل سدائين ٽڙندا رهيا آهن.
سندس هر رويي ۾ محبت مهڪارون آهن.
”تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم، منهنجي هٿڙن جا سارا ٿڪَ لهي ويا“
جهڙن خوبصورت، ساديون ۽ ڀرپور تاثر ڏيندڙ سِٽن جي تخليقڪار اياز گل جي شاعرئَ ۾
ڀنڀرڪئَ جا احساس آهن ته گل ٽڙڻ جا رنگ ۽ رچاءَ به آهن، ته وري پوپٽ پهرا به آهن.
هونئن ته سندس سڀني صنفون غزل، گيت، وائي، نظم، هائيڪو، دوها وغيره سنڌي شاعرئَ ۾
نمايان ۽ اهم حيثيت رکن ٿيون. سندس
سموريون صنفون سوايون آهن. سهڻن لفظن جي جڙاوت جڙين صنفن ۾ سندرتا، مڌرتا، موسيقي،
نفاست، نزاڪت وغيره سان گڏوگڏ احساسن ۽ جذبن جا تجلا به سرس آهن. سندس گيتن ۾ جيڪو
رس ۽ رچاءُ آهي تنهن ۾ قديم ۽ جديد گيت جي سواد سان گڏ سندس نج منفرد سواس به آهي.
ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر او ڇوري!
کيٽو کيل ڇڏيندو ڊاهي،
رات بچي آ ٿوري!
ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر او ڇوري!
**********
واڪا واڪا
وڄ وراڪا
منهنجا گيت الا !
ماڻهو سهڻا
هئه من مهڻا
منهنجا ميت الا !
هنن گيتن پڙهڻ سان پنهنجو پاڻ زبان تي هڪ رڌم ڊوڙي اچي ٿي ۽
اهائي خوبي ڪنهن گيت جي آهي، جيڪا ايا گل جي گيتن ۾ آهي.
وائئَ جي لحاظ سان به اياز گل سنڌي وائئَ جي گل واڙئَ جو هڪ
خوبصورت گل ٻارو آهي، سندس واين ۾ به هڪ الڳ ۽ سهڻو انداز آهي:
کلندي کلندي يار !
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
ساهه ۾ تنهنجي ساهن جي
اڃا ڀي مهڪار
رات کٽي ۽ ڀاک ڦٽي پئي
جنهن پل ويڙهئي وار !
ڇورئَ ڇڳل ڇڄ
ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا
ڪارن ڪڪرن واڏ وڪوڙي
اوندهه آهي اڄ
سنڌي ٻولئَ ۾ نظم جيڪو ٻين صنفن کان ڪجهه تکيرون وکون کڻي
اڳتي نڪري آيو آهي. اياز گل انهئَ صنف سان به چڱو نڀايو آهي. اهڙي ريت هائيڪو /
ٽيڙو جيڪو سنڌي شاعرئَ ۾ مروج ئي تڪڙو ئي سنڌي رس ۽ رنگ ۾ رچي هڪ سروپ ڌاري اجرڪ
ڦلڙين جو ويس اوڍي سامهون آيو آهي، سو اسانجي هن دور جي سڀني شاعرن جي شاعرئَ ۾
موجود آهي. اياز گل هائيڪو / ٽيڙو سان به واهه جو نڀايو آهي.
پراڻو مندر
ڪرشن جي مورتئَ تي
ويٺل ڪبوتر
پنجو مهينو پيٽ
لڪي ساري لوڪ کان
ڇوري کائي ميٽ
انهئَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اياز گل جي غزل جي اڀياس کانپوءِ
چئي سگھجي ٿو ته سنڌي شاعرئَ ۾ جيڪا سگھاري رنگين تبديلي اچي رهي آهي، اياز گل
انهئَ تبديلئَ جي پهرين صف جي شاعرن ۾ آهي. اياز گل خاص ڪري غزل ۾ نيون تشبيهون،
استعارا، محاورا، بلڪ موضوع به نوان آندا آهن:
توسان پيار ڪندڙ ڇا ڄاڻي!؟
سرڪاري تمغن جو ڳالهيون.
تنهنجي وڇڙڻ جي حادثي کانپوءِ
حادثا ڪر کڻي اُٿيا ڪيئي
او پرين! زندگئَ جو هر هڪ پل
تنهنجي شادئَ جو ڪارڊ آهي ڄڻ.
تنهنجا نيڻ چمڻ ٿو چاهيان
ٽيهن ئي سيپارن وانگي.
منهنجي منزل اڳي، گھڻي اڳتي
وقت آهيان نٿو ورڻ چاهيان.
آئون سدائين توسان رهندس،
منظر سان پس منظر وانگي.
No comments:
Post a Comment