مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وطن دوستي
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
سنڌ ساڻيهه تي
سمن جي آخري حڪمران ڄام فيروز جي دور ۾ جڏهن ارغون ۽ ترخان هن ملڪ تي حملو ڪري
قابض ٿيا، تڏهن تمام گهڻي جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ سان گڏ، سنڌ جي علم، ادب ۽ ٻوليءَ
جو به وڏو نقصان ٿيو. آڳاٽن سنڌي ڪتابن جو ذخيرو تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. شهرن جي
بازارن سان گڏ درسگاهن ۽ ڪتبخانن کي باهيون ڏئي رک ڪيو ويو. تڪڙو ئي حڪومتي ڪار
وَهنوار ۽ درسگاهن ۾ سنڌي ٻوليءَ بدران فارسي ٻولي رائج ڪئي ويئي ۽ اُن جي واڌ
ويجهه لاءِ حڪومت پاران معاوضا وغيره ڏيئي
همٿايو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌيءَ بدران دفتري ٻولي ته فارسي بڻائي ويئي پر
درسگاهن ۾ به فارسيءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو، تنهنڪري هوريان هوريان اڪثر
درسگاهن ۾ به فارسي پڙهڻ ۽ پڙهائجڻ لڳي.
جن عالمن ۽ استادن فارسيءَ کان انڪار ڪيو
تن کي سخت سزائون ڏئي، ڏيهه کي ڏهڪايو ويو. انهيءَ ظالم دور ۾ وقت جي حالتن کي
ڏسندي وقت جا تمام گهڻا عالم، اديب ۽ شاعر پنهنجون تصنيفون ۽ تخليقون فارسيءَ ۾
ڪرڻ لڳا. تنهن هوندي به مريد جت ۽ لطف الله قادريءَ جهڙا گهڻا ئي غيرتمند شخص ۽
بزرگ موجود هئا جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا هئا. مغل
دور ۾ به ساڳي حالت رهي، سنڌ ۾ فارسي لکجڻ پڙهجڻ لڳي پر هيءَ به حقيقت آهي ته
فارسيءَ کي عوامي مقبوليت ملي نه سگهي. ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڪيترائي عالم، اديب ۽
شاعر فارسيءَ ۾ لکندا رهيا، ڇاڪاڻ ته مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، شاهه ڪريم بلڙيءَ واري،
ميين عنات ۽ لطيف وانگر ته هر ڪو سوچي ۽ عمل ڪري نٿي سگهيو. انهيءَ دور ۾ سچ چوڻ
هر ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهه به نه هُئي. اهي ته فقط تمام ٿورا انسان هئا جيڪي اڏول
ٿي بيٺا جن ۾ خاص ڪري شاهه لطيف ته ڀير تي ڏونڪو هڻي چيو ته:
جي تون فارسي سِکئين،
گولو تان غلام،
اُڃيو تان آب گهُري، بکيو تان طعام،
عامن سندو عام، خاص منجهان ڪين ٿئي.
ملندڙ تاريخ
موجب سنڌ ۾ آڳاٽي زماني کان اهڙا به ڪي عالم رهندا پئي آيا جيڪي ماءُ جي مٺي
ٻوليءَ سان پنهنجي ضمير ۽ نينهن جو رشتو نڀائيندا رهيا. مغلن جي دور تائين فارسي
تمام گهڻو وڌي ويئي. ايتري قدر جو فارسيدانن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي لکيل پڙهيل
ليکيو ئي نه ويندو هو. ايستائين جو عام چوڻيون مروج ٿيون ته ”فارسي گهوڙي چاڙهسي.“
يا ”سنڌي وائي ڪنهن ڪم نه آئي.“ سرڪاري توڙي خانگي نوڪريون به انهن ماڻهن کي ملنديون
هُيون، جيڪي فارسي ڄاڻندا، پڙهندا ۽ لکندا هئا. ڪلهوڙن جي دور ۾ به سرڪاري ٻولي ۽
لِکت فارسي رهي ۽ درسگا هن ۾ به فارسي رائج هُئي.
ارغونن جي دور
کان وٺي انگريزن جي دور تائين سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو هڪ اهڙو به مڪتبِ
فڪر هو جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليق ۽ تصنيف سان نڀائيندو رهيو ۽ سنڌ دوستي ۽ سچائيءَ
جو چٽو ثبوت ڇڏيندو، پاڻ ملهائيندو رهيو. شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو، لطف الله قادري،
ميون عنات نصرپوري، شاهه لطيف ڀٽائي ۽ ڪي ٻيا اهڙا شاعر آهن، جيڪي انهيءَ فارسيءَ
جي دور ۾ سنڌي شاعري تخليق ڪري پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪندا رهيا. اهڙيءَ ريت اُهي
تاريخ جي ورقن تي رڪارڊ به درج ڪندا رهيا. هو سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب لاءِ پاڻ
پتوڙيندا رهيا. توڙي جو اُهي سڀئي عالم ۽ شاعر فارسيءَ جا تمام وڏا ڄاڻو هئا. ۽ ڪا
به ٻولي سکڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ان جو ڄاڻو هُئڻ ڪو ڏوهه نه پر بنهه چڱو عمل آهي، پر
ڪنهن به ٻوليءَ جو مڙهجڻ غلط عمل آهي. سو ان دور ۾ فارسي ٻوليءَ جو بادشاهي ٻوليءَ
طور رائج هئڻ ۽ مادري ٻوليءَ جي ثانوي حيثيت هئڻ ڪري سنڌ جا عالم پنهنجي ٻوليءَ کي
اصل حيثيت ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. ڪيترا عالم اهڙا به هئا جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خاص لکت (لپي) ترتيب ڏيئڻ
لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. مانواري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب اُن کي ”سنڌي ٻوليءَ
جي علمي تحريڪ“ ڪوٺيو آهي. (1) بلوچ صاحب ڪيترن ئي آڳاٽن ڪتابن جي مهاڳن ۽ مقدمن ۾
اهڙو ذڪر چٽي نموني ڪيو آهي. ۽ پڻ پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“
(قديم دور کان 1840ع تائين) ۾ وضاحت سان ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب جي باب اٺين ۾ بلوچ
صاحب ”مادري زبان ذريعي تعليمي تحريڪ جا بنياد مضبوط ٿيڻ، ۽ اُن جي ڪاميابي“ جي
عنوان سان هيٺين ترتيب سان ذڪر ڪيو آهي:
(الف) معياري
درسي ڪتاب ”ابوالحسن جي سنڌي“
(ب) شاهه لطف الله
قادريءَ جو رسالو
(ت) سنڌيءَ جي
خاص نالي سان وڌيڪ درسي ڪتابن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
i.
مخدوم ضياءَ الدين جي سنڌي
ii.
مطلوب المومنين سنڌي
iii.
مخدوم محمد ابراهيم جي سنڌي
iv.
عبدالرحيم جي سنڌي
v.
اساس الفرائض سنڌي
vi.
سنڌي احمد جي
vii.
عالم جمعي گراڻي جي سنڌي
viii.
دائري وارن جي سنڌي
ix.
سيد هارون جي (ٽيهه اکري) سنڌي (2)
اُن سنڌي ٻوليءَ
جي تحريڪ ۾ ڪيترائي سنڌي عالم، اديب، استاد ۽ شاعر شامل رهيا. انهن عالمن ۾ مخدوم
ابو الحسن سنڌي ٺٽوي تمام وڏو نالو آهي پر ٻين عالمن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ
(وفات 1174هه) جو نالو به خاص طرح اچي ٿو. جنهن اُن سلسلي ۾ تمام سٺو ڪم ڪيو. توڙي
جو فڪري لحاظ سان مخدوم محمد هاشم سان اختلاف ٿي سگهن ٿا. هن جيڪا مذهبي ۽ سماجي
لحاظ کان سخت قانون لاڳو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، اُها اسلام جي انساني ڀائيچاري ۽
رواداريءَ جي خلاف هئي. اهو هڪ الڳ بحث آهي. اُن تي ڪنهن ٻئي موقعي تي لکيو ويندو.
پر سندس علمي مقام کان به ڪو انڪار نٿو ڪري سگهجي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ ڏيڍ سئو
کان به مٿي ديني ۽ علمي ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا، جيڪي سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ ۾
آهن. توڙي جو انهن ۾ گهڻو تعداد عربي ۽ فارسي ڪتابن جو آهي، پر سنڌي ڪتابن جو به
چڱو تعداد آهي. اُهي ڪتاب گهڻن لحاظن کان اهم آهن. بياض هاشمي جيڪو چئن جلدن ۾
آهي، سو وڌيڪ مشهور آهي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙو عالم به اُن کان متاثر هو.
علم ۽ ادب جي حوالي سان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي گهڻن خوبين مان هڪ خاص خوبي هيءَ
به آهي ته هن سنڌيءَ ۾ ديني تاريخ لکڻ جو رواج وڌو. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب
لکي ٿو ته: ” هن ڪتاب جي چوٿين جلد جو هڪ ڀاڱو سنڌ جي ديني تاريخ ۽ فضيلتن تي لکيو
ويو آهي. هن کان اڳ ڪنهن به ديني عالم پنهنجي ديني تصنيفن ۾ ايئن نه ڪيو آهي“. (3)
تفسير هاشميءَ جي مقدمي ۾ مولانا قاسمي صاحب لکي ٿو ته: ”اسان وٽ جيڪي به آڳاٽا
ديني ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت موجود آهن، سي اٽڪل ٽي سو سال اڳ جا چيا وڃن ٿا.
انهن جو سلسلو ”ميين ابوالحسن ٺٽويءَ جي سنڌي“ رسم الخط مقرر ڪرڻ کان پوءِ شروع
ٿئي ٿو ۽ پهريون ڪتاب ميين ابو الحسن جو جوڙيل ڪتاب مُقدمة الصلوٰاة يا ”سنڌي
ابوالحسن جي“ آهي. جو جهوني سنڌي نظم ۾ لکيل آهي. ان کان پوءِ مخدوم ضياءَ الدين
ٺٽوي ۽ ٻين بزرگن هن ڏس ۾ گهڻو ڪم ڪيو. اڳتي هلي مخدوم صاحب ڌڙا ڌڙ سنڌي ديني ڪتاب لکيا“. (4 )
مٿين ڳالهين مان
معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي انهيءَ فارسي دور ۾ جيڪي عالم سنڌيءَ ۾ پنهنجون تخليقون ۽
تصنيفون سِرجي رهيا هئا، مخدوم صاحب انهن سان گڏ گڏ هو. ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي وطن ۽
ٻوليءَ سان پيار هو. هن چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي ته هر عالم، اديب ۽ تخليقڪار لاءِ
پنهنجي ڏيهه ۽ مادري ٻوليءَ سان پيار ڪرڻ ۾ ئي بَقا آهي ۽ اُهي ئي عالم، اديب ۽
تخليقڪار امرتا ماڻين ٿا. وقت ثابت ڪيو ته جن جن عالمن پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾
نثر يا نظم تصنيف ۽ تخليق ڪيا، اُنهن ماڻهن کي زمانن ياد رکيو آهي ۽ اُهي ئي اڄ ڏينهن تائين ٻُڌجِي رهيا
آهن يا سُڃاتا ۽ پڙهيا وڃن ٿا. انهن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ بزرگن جا ڪتاب اڄ به
سنڌي ادب جو سرمايو آهن. جڏهن ته اُن جي اُبتڙ جن عالمن ۽ بزرگن، ان وقت جي وريل
واءُ موجب فقط فارسي يا عربي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيا، اُهي توڙي جو پنهنجي ڄمار ۾ ڪي
ذاتي فائدا ته حاصل ڪري سگهيا ۽ ٿوري گهڻي وقت لاءِ مشهوري به ماڻي سگهيا، پر هاڻي
ڪو سندن نالو وٺڻ وارو به نه رهيو آهي. سندن ڪتاب پراڻين ڪاٺ جي پيتين ۽ المارين
سان گڏ اُڏوهين جو کاڄ ٿي ويا يا ٿي رهيا آهن. جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي
وطن، قوم ۽ ٻوليءَ جو تحفظ ڪيو، ته اُنهن کي به هميشه لاءِ تحفظ ملي ويو. جيستائين
دنيا موجود آهي، تيستائين کين ياد رکيو ويندو ۽ سندن ڪتاب به وڏي قدر جي نگاهه سان
ڏسجن ٿا ۽ ڏسبا، پڙهبا ۽ پڙهائبا رهبا. جن ماڻهن پنهنجي وطن، قوم ۽ ٻوليءَ بدران
ڌارين قوم ۽ ٻوليءَ جي طرفداري ڪئي، وطن، قوم ۽ ٻوليءَ انهن کي به ڌڪاري ڇڏيو.
وريل واءُ سان هلڻ وارا ماڻهو واءُ ٿي ويا.
مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليِءَ جي ڇانوَ بهتر ڀانئِي. هن مختلف نثر توڙي نظم
جي ڪتابن ۾ پاڻ پنهنجن سان محبت جو ثبوت لکت ۾ ڇڏيو آهي. هن صاحب هر سنڌي ڪتاب ۾
اهڙي لڳاءُ جو ذڪر چٽيءَ ريت ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته وقت جي سُڄاڻ سنڌي عالمن ڄاتو ٿي
ته سنڌيءَ ۾ ئي ماڻهو ڪا ڳالهه يا احوال سٺي نموني پڙهي ۽ سمجهي سگهندا. ۽ کين به
سنڌيءَ ۾ سُٺي نموني پڙهيو ۽ سمجهيو ويندو. مخدوم صاحب پنهنجي مشهور ڪتاب ”بنآءُ الاسلام (عقائد
سنڌيءَ) جي شروعات ۾ اهڙو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
سڀ ساراهه تنهن
صاحب جي، جوڙيا جنهن جهان
عَرش خلقئا ڪُرسي ۽ ڀُون ئي آسمان
اُڀ ڪيائين تارن سين رحمت وار و شان
پيدا ڪيائين قدرت سين، ڪوڙين لک انسان.
(5)
پر وڏو اَمرُ چيائين
..........................
جيئن سِکجن
عقيدا اسلام جا ۽ دل ۾ ياد ڪجن
جن سين دُرست ايمان ٿِئي سندو مؤمنن
سي ميڙي لِکيم سنڌيءَ ۾ ڪڍي عربيءَ کان
ته مانَ ٿين سي سَهُڪا سِکڻ مؤمنن کان
لکيم تفصيل تن سندو صحيح سُهکائي لاءِ
عربي فارسي اَهکي گهڻو اُتي اَٻو جَهن
سنڌي ڪيم سَهکِي ڪڍي ڪارڻ تن
ته مانَ نفع عام ٿئي ڪارڻ سڀني مؤمنن
ته گهڻو سِکڻ سهکو ٿيي مَٿي نامُوزن
پر آهِم اُميد ايهي ڪِنان تن نيڪن
جيڪي پڙهن اُن کي سکڻ لاءِ سَهکن
ته سي حق ۾ هن
عاجز جي ڌڻيءَ لڳ دعا ڪن
ڪِ پڙهن منهنجي حق ۾ ڪا ڪڏهن فاتحا
ته مانَ قبول ڪري ساهِن ڪميڻي ڪِنا
بخشي بوڇ
بُڇائيون مُون خاطِيءَ جي خطا...(6)
سنڌ جي عالمن ۽
بزرگن اهو چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي ته فقط حاڪم ۽ انهن سان لاڳاپيل مٿين طبقي جا ماڻهو
ئي فارسي ٻولي لکي، پڙهي سگهن ٿا. اها
حقيقت مغلن کان پوءِ ڪلهوڙن جي دور ۾ به ساڳي رهي. تنهنڪري اهو ضروري هو ته
پنهنجي ٻوليءَ جي بقا، واڌ ويجهه لاءِ
ڪتاب سنڌيءَ ۾ ئي تصنيف ٿيڻ گهرجن. سنڌ جو عام ماڻهو به فارسي ٻولي نه پر سنڌي
سمجهي ۽ لکي پڙهي سگهيو ٿي. انهيءَ دور جا ڪيترائي نثري ۽ نظمي ڪتاب ملن ٿا، جن ۾
مٿين عبارتن جهڙيون عبارتون ملن ٿيون، انهن جو مقصد آهي ته اهو نظم يا نثر سنڌيءَ
۾ انهيءَ ڪري لکيو پيو وڃي ته جيئن ٻوليءَ
جي خدمت ٿئي ۽ پڻ اهو مواد هِتي جي عام ماڻهن کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ به ايندو.
ماڻهو جڏهن ڪا ڳالهه سمجهي سگهندا، تڏهن ئي اُن تي عمل به ڪري سگهندا. تنهنڪري
انهن بزرگن سهکي سکيا لاءِ سنڌي ۾ ئي لکيو. مخدوم صاحب جون ڪيتريون ئي اهڙيون
تصنيفون ملن ٿيون، جن ۾ ان قسم جون حقيقتون چٽيءَ ريت درج ٿيل آهن. آڳاٽن سنڌي
تفسيرن ۾ ”تفسير هاشمي“ (7) به آڳاٽو آهي جيڪو 1162ھ ۾ آڳاٽي سنڌي نظم ۾ لکيو ويو. اُن جي شروعاتي
حمديه نظم ۾ به اهڙي ڳالهه چٽي ملي ٿي:
هاڻي سُڻو مومناءِ هيئن ڪنن ساڻ
ته آگي صحي موڪليو سُونهارو قرآن
مٿي پيغمبر پهچي، جو سچو صحِي سُڃاڻ
جو سچيون رسائي خبرون جن ۾ ناھ گُمان
وڃي مڙئي واحد جو سندو نور شان
جيڪي پُٺيءَ لڳا تهه جي سچو تن ايمان
پر پوئيين سپاري ڏونهه تهجي گهڻو احتياج آھ
سڀڪو پڙهيس نماز ۾ سهکائي سببان
سورتون تنهنجون ۽ آيتون آهين مختصر ٻئنا
ننڍو وڏو تهکي پڙهي ڪوڏ منجها
پر معنيٰ پروڙڻ تهجي، اهکي اٻوجهن لاءِ
تڏهن سنڌي ڪيم سَهکي ڪڍي عربيا (8)
مخدوم محمد هاشم
۽ ٻين آڳاٽن توڙي سندس همعصر بزرگن جا ڪيترائي اهڙا ڪتاب ملن ٿا، جن ۾ سنڌي ٻولي ۽
سنڌي ماڻهن سان گهَري لڳاءَ جا چٽا ثبوت ملن ٿا. انهن ڪتابن مان ڪيترائي ڪتاب ڇپجي
به چڪا آهن ته ڪيترائي اڻ ڇپيل، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر سرڪاري يا ذاتي لائبريرين ۾ اڄ
به موجود آهن. هتي آئون هڪ اهڙي لائبريريءَ جو مثال پيش ڪريان ٿو. اها لائبريري
آهي، مٽياري ۾ مولوي عبدالله ميمڻ (9) جي لائبريري جيڪا سندس وڏن جي قائم ڪيل آهي.
توڙي جو اُن لائبريريءَ مان ڪيترائي ڪتاب گم ٿي ويا آهن، تنهن هوندي به آڳاٽا قلمي
نسخا اڃان به تمام گهڻا سالم حالت ۾ موجود آهن. ان لائبريريءَ ۾ آئون (تاريخ
1992ع) جيڪي قلمي نسخا ڏسي سگهيس اُنهن مان هتي فقط انهن ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا،
جيڪي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا آهن يا ڪن ٻين عالمن جا پر اُنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽
سنڌي ماڻهن جي سنڌي ۾ تعليم متعلق واضع لکيل آهي.
1. تفسير هاشمي، ڪاتب عبدالحق سنڌي بن عبدالسلام، ورق 267
2. تفسير هاشمي (تفسيرالقرآن) ڪاتب مخدوم عبدالخالق، ورق 114
3. فرائض الاسلام (سنڌي) هٿ اکر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ورق 250
4. بياض و رسائل فقھ، محمد هاشم ٺٽوي، ڪاتب نامعلوم، ورق 110
5. مسائل روزه (سنڌي) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ڪاتب نامعلوم، ورق 125
6. ڪتاب ذبح و شڪار (سنڌي) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ڪاتب نامعلوم، ورق 200
7. اصلاح مقدمة الصلوٰاة، ڪاتب نا معلوم (اڻ پورو)، ص 68
8. تفسير پاره تبارڪ الذي (سنڌي) مصنف مهرو پٽ موٽيو دل، ورق 33
9. تفسير پاره آلم (سنڌي) مصنف ۽ ڪاتب نامعلوم، ورق 72
10. قصيده برده (سنڌي) مترجم ۽ ڪاتب نامعلوم، ورق 88
11. مطلوب المؤمنين – فقھ (سنڌي) ڪاتب عبدالخالق سنڌي، ورق 200
12. سڪندر نامه (سنڌي) ڪتاب ۽ سال نامعلوم، نامڪمل، ورق 20
13. قصو حضرت ايوب (سنڌي نظم ۾ - قافيه الف اشباع) ڪاتب نامعلوم، ورق 256
14. دربيان علم الفرائض (سنڌي منظوم) سراجي سنڌي، ورق 93
15. تفسيرالجلالين (سنڌي) ڪاتب فقير جان محمد، ورق 115
16. خزانةالابرار – فقھ (سنڌي) مخدوم عبدالله نريائي، ورق 178
17. سڪندرنامه – ڪاتب نامعلوم، ورق 74
18. يوسف زليخا – مترجم ۽ ڪاتب جان محمد، ورق 24
19. ذاتي ڊائري – فقير جان محمد، ورق 172
مٿين سڀني ڪتابن
۾ چٽي نموني سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ لاءِ تاڪيد ٿيل آهي. هيءُ ته فقط هڪ
لائبريريءَ ۾ موجود سنڌي ڪتابن (قلمي نسخن) جو مثال آهي. سنڌ ۾ اهڙيون ته بي شمار
لائبريريون اڃان به موجود آهن.
انهن خوبين سان
گڏ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي هيءَ به خاصيت آهي ته هن صاحب ئي سنڌي ٻوليءَ ۾
تحقيق جي شروعات (مليل تاريخي ڪتابن موجب) ڪئي. سنڌ جو تمام وڏو عالم ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ صاحب، مخدوم صاحب جي اصلاحي تنقيد ۽ تحقيق جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته
”ڀلاري بزرگ مخدوم ابوالحسن سنڌيءَ جو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب مقدمة الصلوٰاة انهيءَ
اعليٰ پائي جو ثابت ٿيو جو سنڌ جي چوٽيءَ جي عالمن مان ٻن بزرگن مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي (پهريان) ۽ مخدوم محمد قائم (بعد ۾) ان بابت قلم کنيو. مخدوم محمد هاشم
پنهنجي طرفان اصلاح ڏئي تحقيق جو دروازو کوليو. مخدوم محمد قائم مٿس اعتراض ڪيا،
جنهن جا مخدوم محمد هاشم جواب ڏنا. اهڙيءَ طرح تحقيق تي تحقيق جو سلسلو جاري ٿيو.“
(10) سڀني ڳالهين سان گڏ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي سنڌي ٻولي، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ
وارن سان انتهائي محبت ڪندڙ هو پر مخدوم صاحب جي فڪر ۽ تعليمات سان ڪجھ اختلاف رکندي ان تي بحث ڪري سگھجي ٿو.
مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ عالم هو پر هُو هڪ محب وطن ۽ سنڌي قوم جو
سَڄڻ ۽ سُڄاڻ عالم هو. پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن تي ميري نظر برداشت ڪري نه
سگهندو هو. مختلف لکتن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس نظر دنيا جي گهڻن ملڪن جي علمي،
تاريخي ۽ ادبي سرگرمين تي هُئي. انهيءَ زماني جي تاريخ تي نظر ڦيريندي معلوم ٿئي
ٿو ته مخدوم صاحب علمي ۽ ادبي مورچي تي پاڻ ملهايو. انهيءَ دور ۾ هڪ اهم واقعي جو
ذڪر ملي ٿو. ٿيو هِيئن جو هڪ (تحسبي) افغان عالم عبدالرؤف پنهنجي ڪاروبار لاءِ سنڌ
۾ آيو. (11)واپار ڪري گهڻو ناڻو ڪمائي جڏهن واپس افغانستان ويو، تڏهن هن اُتي وڃي سنڌ متعلق هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ هُن سنڌ جي ماڻهن متعلق
ڪوڙيون، من گهڙت، حسد ڀريون ۽ نازيبا ڳالهيون لکيون. هُن اُن ڪتاب ۾ سنڌ جي ندا
ڪئي. مخدوم صاحب هڪ محب وطن سنڌي بزرگ ۽ عالم هو. تنهن جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو، تڏهن
عبدالرؤف افغان جي گلا تي تڙپي اٿيو. کيس شديد احساس ٿيو. اُن ڪتاب جي رَدَ ۾ ”مدح
نامهء سنڌ“ نالي سان فارسي زبان ۾ طويل منظوم جواب لکيائين. (11) اُهو ڀرپور جوابي
ڪتاب سچ پچ مخدوم صاحب جي وطن دوستي، محبت، جُرئت ۽ علمي قد جو هڪ وڏو مثال آهي ۽
اسان کي اُن تي فخر آهي. ”مدح نامهء سنڌ“ مولانا محمد ادريس ڏاهري ترجمو ڪيو آهي.
هن صاحب ڪتاب متعلق ڪتاب جو مهاڳ به ڏاڍو شانائتو ۽ علمي سچائيءَ سان لکيو آهي. مانوارو
مترجم پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”علماء کي اهو چوڻ نه ٿو سونهي ته اسان جو (ملڪ ۽
دنيا سان) ڇا، اسان جو ڪجهه نه وڃي. اسين فقير ماڻهو آهيون، اسان جو ڪو به دخل نه
آهي. سنڌ جي نامور عالم، عظيم مصنف ۽ ڪامل ولي حضرت مولانا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
جڏهن هڪ عبدالرؤف نالي پٺاڻ جو مضمون، سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ سنڌين جي خلاف لکيل ڏٺو ته
سندس طبيعت ۽ وطن سان محبت اها ڳالهه برداشت نه ڪئي. پاڻ اُن جي جواب ۾ هيءُ ڪتاب
لکيائون ۽ اُن جو نالو ”مدح نامه سنڌ“ رکيائون.“ (12) سنڌ جو مشهور عالم مولانا
غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجي هڪ مقالي ۾ اُهو قصو هن ريت لکي ٿو ته: ”هڪ ڀيري جو
واقعو آهي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي حج تي ويل هُئا، جڏهن واپس سنڌ پهتا ته کين
عبدالرؤف نالي هڪ افغان عالم جو ڪتاب مليو، جنهن ۾ ان سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي بُرائي
۽ گلا ڪئي هئي، ان کي ڏسي مخدوم صاحب حيران رهجي ويو.(13) مخدوم صاحب پاڻ به مدح
نامهء سنڌ ۾ چٽي ريت لکي ٿو ته ”آئون جڏهن حج شريف کان موٽي آيس ته سنڌ جي گهٽتائي
۽ توهين جي موضوع تي هڪڙو ڪتاب لکيل ڏٺم. جڏهن مطالعو ڪيم ته هڪ افغانيءَ جو لکيل
هو. ان لکندڙ جو نالو عبدالرؤف خان هو. جنهن سنڌ جي توهين ۽ مذمت ڪئي هئي ۽ بنا
فائدي جي مغز هنيو ۽ اجايو وقت وڃايو هو. مون جڏهن پڙهي ڏٺو ته حيران ٿيس. حيرت ۾
رهندي دل ۾ خيال ڪيم ته جيڪڏهن ماٺ ڪري رهندس ۽ اُن جو جواب نه ڏيندس ته سنڌ جي
گهٽتائي ثابت ٿيندي ۽ جڏهن ثابت ٿي ته آئون به اُن ۾ داخل آهيان. جنهن سنڌ جي
برائي بيان ڪئي، تنهن ڄڻ ته منهنجي برائي ۽ توهين ڪئي. هيءُ مون اُن جو جواب لکيو
آهي.“ (14) مخدوم صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ عبدالرؤف افغان کي مخاطب ٿيندي لکي ٿو ته ”اي
افغان ٻار بيوقوف! تو ڇا چيو آهي ۽ پنهنجي وقت کي سنڌ جي گلا ۾ گذاريو اٿئي. هاڻي
جواب ٻڌ ۽ هن مسڪين سان مقابلو ڪر، اجايو جهڳڙو ڇڏ، تڏهن توکي معلوم ٿي ويندو ته
اهو ڪهڙو ڪتاب لکيو آهي ۽ اجايو زندگيءَ
جو قيمتي وقت وڃايو اٿئي.“ (15) افغان عالم سنڌ لاءِ پهرين اهو لکيو ته ”سنڌ ۾ عقل
نه آهي ۽ سڀ سنڌي بيوقوف آهن“. مخدوم صاحب جواب ۾ فرمائي ٿو ته: ”تنهنجو ايئن چوڻ
بنهه خطا آهي. هيءُ ملڪ خدا پاڪ جو خلقيل آهي. تنهنجي چوڻ مطابق هتي ڪم عقلي آهي
ته اها به خدا پاڪ رکي هوندي. مخلوق تي عيب ڌرڻ، خالق تي عيب ڌرڻ جي برابر آهي. ان
کي گلا سڏيندي ان جون برايون، بيان ڪيون وينديون آهن، ۽ نبي ڪريمﷺجي اها حديث آندي
ويئي آهي ته بهشت جا گهڻا ماڻهو سادا هوندا. مطلب ته اهي دنيا جي ڪمن ۾ سادا
هوندا. ڪنهن کي ڌوڪو نه ڏيندا ۽ حق تعاليٰ جي احڪامن بجا آڻڻ ۾ عقل وارا هوندا.
سنڌ جا ماڻهو به دين ۾ ڏاها آهن. ڪنهن کي ڌوڪو نه ڏيندا. سنڌ جا ماڻهو خدا ترس ۽
مسڪين آهن. اصل ڏاهپ اها آهي جيڪا حق جي واٽ ۾ ڪم اچي“. (16)
عبدالروف افغان
ٻيو اعتراف ڪيو ته سنڌ ۾ علم گهٽ آهي. اُن جي جواب ۾ مخدوم صاحب عالمانه جواب
ڏيندي لکيو آهي ته ”اهو چوڻ به اجايو آهي ڇو ته علم عمل ڪرڻ لاءِ گهرجي، نه زياده
۽ عمل ڪرڻ لاءِ هتي علم گهڻو آهي. صرف هن شهر ٺٽي ۾ جتي اسين آهيون علم جا وڏا درسگاهه
آهن ۽ سنڌ ۾ ٻين جاين تي به علم گهڻو آهي. علم اهو ڀلو، جنهن تي عمل ڪجي. عمل کان
سواءِ علم پڙهڻ مٽيءَ جي برابر آهي. علم پڙهڻ مان هدايت حاصل ڪرڻ گهرجي، نه
گمراهي.“ (17) تنهن کان
پوءِ مخدوم صاحب مشهور شاعرن فيضي، فاضل ۽ فضل جو ذڪر ڪندي، رشيدالدين، سعيدالدين
حُسيني، شيخ محمد صالح ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ جي عالمن جا مثال ڏيئي دليل پيش ڪيا آهن
ته هتي جو علم جڳ مشهور آهي. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب، عبدالرؤف افغان کي علمي جواب
بنهه معتبر دليلن سان ڏنا آهن. ۽ کيس مخاطب ٿيندي لکيو آهي ته ”تون غلط ۽ گهٽ علم
۽ حسد رکندڙ آهين.“
عبدالرؤف افغان
سنڌ لاءِ لکيو هو ته ”سنڌ ۾ دنيا ۽ دولت نه آهي، سنڌي سڀ فقير ۽ محتاج آهن.“ ان جو
جواب ڏيندي مخدوم صاحب لکي ٿو ته ”اها به ناداني آهي. دنيا بد ۽ نيڪ ٻئي ٿي سگهي
ٿي ۽ قناعت سڀ کان بهتر آهي. خوراڪ ۽ پوشاڪ آهر هن ملڪ ۾ دولت گهڻي آهي“(18) هن عبارت
کان پوءِ ڪيترن عالمن جا مثال ڏنا اٿس. شيخ سعدي ۽ شيخ فريدالدين عطار جا شعر به
حوالي طور ڏنا آهن ۽ پُڻ لکيو اٿس ته ”اصل ۾ دنيا کائڻ ۽ ڍڪڻ ۽ الله جي نالي تي
ڏيڻ جو نالو آهي، گڏ ڪري رکڻ جو نالو نه آهي.“ (19)
عبدالروف افغان
ٽيون اعتراض ڪيو ته ”سنڌ ۾ دنيا ناهي، مڙئي محتاج آهن.“ اُن جو جواب مخدوم صاحب
ڏاڍو تفصيلي ۽ دانشمندانا ڏنو. مولانا قاسمي اُن جواب جو مختصر ترجمو هن ريت ڪيو
آهي: ”جيڪڏهن هن ملڪ ۾ تنهنجي چوڻ موجب دنيا بلڪل نه آهي ته اوهين هتي سنڌ ۾ واپار
ڪرڻ لاءِ ڇو ٿا اچو ؟؟ ۽ هتان اوهان کي نفعو به گهڻو ٿو ملي، نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ
مان! هوڏانهن چؤ ٿا ته هتي گدائي آهي. هتان جا ماڻهو ڪڏهن به ٻئي ملڪ ۾ پِنڻ ۽
گدائيءَ لاءِ نه ويا آهن ۽ هتي افغان گهڻو ڪري دربدر ۽ خاڪ بسر آهن. مٿي ۾ مٽي
پيل، ڦرندا ۽ مزدوري ڪندا وتندا آهن. ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو به سنڌ ۾ گهڻا آهن“.(20)
عبدالرؤف افغان
سنڌ لاءِ هي به لکيو ته ”سنڌ ۾ اولياءَ گهٽ آهن“. مخدوم صاحب کيس جواب ڏيندي قلندر
لال شهباز ۽ ٻين اوليائن جا مثال ڏنا آهن. روهڙيءَ ۾ سرور ڪائنات جو موئي مبارڪ
(وار) جو ذڪر ڪيو اٿس. سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي دستار مبارڪ هتي هئڻ جو ثبوت ڏنو
اٿس. معصوم شاهه ۽ سيد خيرالدين بخاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. طريقت جي عالم مولوي محمد
اسماعيل جو حوالو ڏنو آهي. مخدوم صاحب لکي ٿو ته ” ايترا اولياءَ جيترا سنڌ ۾ آهن
اوهان جي ملڪ ۾ نه آهن، بلڪ ملتان کانسواءِ ٻين علائقن ۾ نه آهن جو اُتي هڪ لک
پنجويهه هزار ولي آهن اُهو ملتان به سنڌ ۾ (اُن وقت) آهي. ڇو ته هي ملڪ دهليءَ جي
بادشاهه جي هٿ هيٺ آهن. پنجاب ۽ سنڌ سڀ هندستان سان تعلق رکن ٿا. نواب جي بادشاهي
به ملتان ۾ دارالامان ۽ سنڌ ۾ آهي. سنڌ دهليءَ سان آهي، ڄڻ ته هڪ ولايت آهي. ۽
اوهان جي ملڪ (افغانستان) ۾ هڪ ملا بابا جي آهي جيڪو قنڌار کان ٻاهر آهي. اهو به
فرخ آباد هندستان جو رهاڪو آهي ۽ باقي خير آهي. سنڌ ۾ ولي گهڻا آهن ۽ اُهو عيب سنڌ
سان نٿو لڳي.“ (21) مخدوم
صاحب تفصيلي جواب ڏيندي کيس مخاطب ٿيندي لکي ٿو ته: ”اي داناءَ! گلا سڀني شين کان
بُري آهي، گلا ڪندڙ تي لعنت آهي. اوّل زبان گلا کان روڪ، ماڻهن کي گلا خراب ڪندي
آهي، سينو ساڙي دل کي ڪباب ڪندي آهي.....گلا ڪرڻ مڙسي ناهي.“ (22)
مخدوم صاحب آخري
اعتراض جو جواب ڏيندي لکي ٿو ته:
”هيءَ (تنهنجي)
زبان درازي آهي. ڇو ته سنڌ جا ماڻهو نياز ۽ نوڙت ڪندڙ آهن، هٺ ڪندڙ نه آهن ۽ اهڙا
به نه آهن جو زبان سان تڪبر نه ڪن ۽ دل ۾ تڪبر رکن يا جيڪو نياز ۽ نوڙت ڪري اُن
سان تڪبر ڪن.“ اڳتي لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ايترو تڪبر نه آهي، تڪبر هندستان ۽ خراسان ۾
گهڻو آهي. سنڌ ۾ اهو آهي، جو تڪبر ڪندڙ سان تڪبر ڪن ٿا ۽ نوڙت ڪندڙ سان تڪبر نٿا
ڪن. سنڌ ۾ شريف ماڻهن ۽ عالي خاندانن جي عزت گهڻي آهي.“ (23)
مخدوم صاحب جي
جوابن وارا شعر به ڏاڍا دلچسپ ۽ علمي معيار جا آهن. هتي هڪ شعر فقط نموني خاطر ڏجي
ٿو:
فتنه و شورد شغب
جمله بخطِ کمشير
خري وبي
خردي جمله بافغان دا دند (24)
هي ڪتاب ”مدح نامهء سنڌ“ نه رڳو
عبدالرؤف افغان جي ڪتاب جو رَد آهي، پر علم ۽ ڄاڻ جو هڪ خزانو به آهي. اهلِ علم،
اهلِ فهم ۽ سنڌ دوست ماڻهن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. ڪاش! هن وقت به ڪو اهڙو عالم هُجي جنهن جي نظر عالمي سوچ ۽ ادب تي به هُجي ۽ هھڙي
وطن دوستي به هجي، ته اهڙي جواب ڏيئي سگهڻ جي جُرئت ۽ سَگهَه به هُجي. ۽ ڪاش سنڌ
جا مذهبي عالم ۽ بزرگ به مخدوم محمد هاشم جي علمي واٽ اختيار ڪري سنڌي قوم ۽
ٻوليءَ لاءِ اهڙا جذبا ۽ احساس رکندا هجن.
حوالا
(1) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ڇاپو ٽيون، پاڪستان اسٽڊي
سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو 1990ع ص 372 کان 385
(2)
ساڳيو ص 372 کان 385
(3)
قاسمي غلام مصطفيٰ علامه ”مقالات قاسمي“ حيدرآباد ص 400
۽ پُڻ ڏسجي تفسير هاشميءَ جو مهاڳ
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
(4) تفسير هاشمي
مهاڳ: غلام مصطفيٰ قاسمي ص 4
(5) محمد هاشم ٺٽوي مخدوم ”بنآءُالاسلام“ (عقائد سنڌيءَ ۾) ڇپائيندڙ قاضي
عبدالڪريم بن قاضي نور محمد (متوطن پُربندر)
گلزار حسيني بمبئي 1903ع، ص 4
(6) ساڳيو ص 6 ۽
پُڻ ڏسجي قلمي مخطوطه ص 4
(7) محمد هاشم ٺٽوي مخدوم ”تفسيرهاشمي“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو1987ع
(8)
ساڳيو ص 2 ۽ 3
(9)
مولوي عبدالله ميمڻ جي لائبريري ۽ مدرسو مٽياري شهر ۾ آهي. جنهن ۾ اڄ به سوين
قلمي نسخا موجود آهن. سوين سالن کان سنڀالي رکيل اُهي نسخا هاڻي تباهيءَ طرف وڌي
رهيا آهن. انهن نسخن ۾ گهڻي ۾ گهڻا ٺٽي شهر جي عالمن، استادن ۽ ڪاتبن جا آهن.
(10) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”مقدمة مطلع المفتاح“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. ص 27
(11)
سنڌ ۾ افغان ڪڏهن واپار، ڪڏهن بزرگ، ڪڏهن پير، فقير ڪڏهن پناهه وٺندڙ، ته ڪڏهن
وري حملي آور بڻجي وارد ٿيندا رهيا آهن ۽ اهو سلسلو اڄ ته تيزي سان جاري آهي.
(12) محمد هاشم ٺٽوي مخدوم ”مدح نامئه سنڌ“ سنڌي ترجمو مولانا محمد ادريس ڏاهري
اداره خدمت القرآن والسنة شاهپور جهانيان (نوشهروفيروز) 1991ع
(13) قاسمي غلام مصطفيٰ علامه ”مقالات قاسمي“ حيدرآباد ص 400
(14) محمد هاشم ٺٽوي مخدوم ”مدح نامئه سنڌ“ ص 12
(15) ساڳيو ص 14
(16) محمد هاشم ٺٽوي مخدوم ”مدح نامه سنڌ“ ص 13
(17) ساڳيو ص 37
(18) قاسمي غلام مصطفي مقالات قاسمي 400
(19) ساڳيو ص 401
(20) ساڳيو ص 401
(21) محمد هاشم ٺٽوي مخدوم ”مدح نامهء سنڌ“ ص 46
(22) ساڳيو ص 47
(23) ساڳيو ص 52
(24) ساڳيو ص 53
No comments:
Post a Comment