غزل جو شاعر- گوپ ڪمل
گوپ ڪمل جو نالو شاعريءَ جي حوالي سان ڪو نئون ناهي. هُو سنڌي شاعري ۽ ادب جي
دنيا ۾ سنڌ توڙي هنڌ ۾ ڪافي مشهور آهي. هو هڪ سگھارو شاعر آهي. اسين سندس شاعري گھڻي
وقت کان پڙهندا رهيا آهيون. جڏهن به جديد سنڌي غزل جو ذڪر نڪرندو آهي ته سندس نالو
ضرور ياد ڪيو ويندو رهيو آهي.
2011ع ۾ جڏهن منهنجو پهريون ڀيرو دُبئيءَ وڃڻ ٿيو هو، تڏهن مون کي منهنجي
پياري دوست نريندر ساڌواڻئَ (جنهن جو ’هسيا ڪالا ڊراما گروپ‘ 1992ع کان وٺي اُتي ڪم
ڪري رهيو آهي) ٻڌايو هو ته سنڌيءَ جا ڪيترا اديب ۽ شاعر دُبئيءَ ۾ رهن ٿا، جن ۾
آشا چاند، چاند پنجابي، ناري ساولاڻي، امداد علي، گوپ ڪمل ۽ ٻيا شامل آهن. چاهيندي
به تڏهن آءٌ ساڻن ملي نه سگھيو هوس.