Tuesday, September 3, 2013

ڪتاب ”زندگي خواب خودڪشي“ جو اڀياس

ڊاڪٽر محمد علي منجھي

ڪتاب ”زندگي خواب خودڪشي“ جو اڀياس


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

  شاعري اندر جي گھرين مان ڦُٽي نڪرندڙ چشمي جي اڀياس جي (احساسن جي) پالوٽ ھوندي آھي، جنھن پيار، عشق، درد، وڇوڙي ۽ سماج جي ڏکن، ڏھنجن جو بيان ھڪ سُريلي انداز ۽ روح کي ڇڪيندڙ سِٽن جي سھڻي جَڙڻ سان ٿيل ھوندو آھي.

بحر الفت ۾ سيف ”تنھا“ جي شاعرئَ جو اڀياس

بحرِ الفت ۾  سيف ”تنھا“ جي شاعرئَ جو اڀياس


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

 فطرت ڏاڍي سھڻي آھي، سندس سُونھن، سندرتا، سُرھاڻ، سچ سُھائي، رنگ سُرنگ ۽ سڀني موھيندڙ لقائن جي ڇُھائن جو احساس جھڙي شاعر ۽ اديب ڪندا آھن، تھڙي طرح سارو لوڪ محسوس ڪري نه سگھندو آھي ۽ شاعري ئي آھي جيڪو فطرت جي سُونھن ۽ مڌر موسيقئَ کي گھَرائئَ سان محسوس ڪندي پنھنجي پسند، لڳاءُ، موھ، محبت، سُک سَھَنجَ ۽ لذتن جون لاتيون لَوَندي ھن ڌرتئَ جي اَھنجن ۽ اوکن جو رچاءُ ڪري سگھي ٿو. اھو رچاءُ جيترو گھرو ھوندو، اوترِي ئي شاعري به وڌيڪ سھڻي رچيل ھوندي. شاعر فطرت ۽ فطرت جي سُونھن سان پيار ڪندا آھن، پر ڪن شاعرن سان فطرت به پيار ڪندي آھي، ھا بلڪل سيف ”تنھا“ سان فطرت پيار ڪيو، تڏھن ئي ته سيف تنھا بنھ ننڍڙئَ عمر ۾ ايڏي سھڻي ۽ ايتري گھڻي شاعري ڪئي، نه ته اوڻيھن سالن جي عمر ۾ ايتري پختي شاعري ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي، پر سماج ۾ ڪي ڪي فرد پنھنجي عمرن کان به وڏا ڪم ڪندا آھن.

مٽئَ جي مڻيا (مارو خشڪ جي شاعري جي ڪتاب ”صدائون سچ جون“ جو مهاڳ)

مٽئَ جي مڻيا (Mitti Ji Mannya)

(مارو خشڪ جي شاعري جي ڪتاب  ”صدائون سچ جون“ جو مهاڳ)

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


 سڄي دنيا جي ھر باشعور ۽ تھذيب دوست قومن جا شاعر پنھنجي پنھنجي قوم جي سڃاڻپ ھوندا آھن ۽ وطن ۽ قوم دوست شاعر ته قومن جا تقدير شناس ھوندا آھن، اُھي پنھنجي وطن ۽ قوم جا ماضي ھوندا آھن، حال به ھوندا آھن ته مستقبل نه ھوندا آھن. اُھي ھر دؤر ۾ ھر ظلم، ڏاڍ وغيره خلاف ۽ ھر نا انصافئَ خلاف سگھارو آواز به ھوندا آھن. اُھي سونھن ۽ سچ سان بي پناھ محبتون ڪندڙ ھوندا آھن ته‌ وري سونھن ۽ سچ دشمن قوتن خلاف سطت نفرتون ڪندڙ ھوندا آھن.

مِٽي ۽ مهاڻا (Mitti Aen Muhanna)

مِٽي ۽ مهاڻا (Mitti Aen Muhanna)

  
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
         
   سنڌ جو سامونڊي علائقو جاگرافيائي ۽ تاريخي لحاظ سان ته اھم آھي، پر معاشرتي لحاظ سان به اھم آھي. سنڌ ساڻيھ جو ڇوڙ وارو علائقو سنڌ ملڪ لاءِ ته ڀاڳ ڀريو رھيو آھي، پر سڄي دنيا لاءِ دلچسپي جو وڏو سبب رھيو آھي. ھزارين ميل سفر ڪري جتي سٻاجھو سنڌو اچي، سمنڊ کي سلامي ٿي ڀاڪرين پوندو آھي، اتي جي ھر جيوت جي زندگي به ڏاڍي حيرت ڀري ۽ دلچسپ رھي آھي، ڇو ته انساني زندگي ۽ ارتقا جي لحاظ سان به ھي خطو بنھ اھم رھيو آھي، ڇا ڪاڻ ته پاڻي تھذيبن جو بنياد ھوندو آھي. پاڻئَ کان سواءِ علم، ادب، تھذيب ته ڇا پر زندگئَ جو تصور ئي اجايو آھي. جتي پاڻي آھي، اتي زندگي آھي. دنيا جون تھذيبون شاھد آھن ته جن ملڪن ۾ مٺي پاڻي جون نديون آھن، اھي سڀاڳا رھيا آھن، پر جن ملڪن کي پنھنجا سامونڊي ڪنارا به آھن، اھي ملڪ سڀني کان وڌيڪ ڀاڳ ڀريا آھن. اڃا به جن ملڪن کي ڇوڙ وارا وسيع علائقا آھن، اھي مالا مال رھيا آھن.

فائوسٽ (Faust) جو سنڌئَ ۾ پھريون منظوم ترجمو (Mr. Johann Wolfgang von Goethe)

 فائوسٽ (Faust) جو سنڌئَ ۾ پھريون منظوم ترجمو


ليکڪ: Mr. Johann Wolfgang von Goethe


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


Writer of Faust: Mr. Johann Wolfgang von Goethe


دنيا جي ھر مھذب قوم جي ٻولئَ ۾ جيڪو آڳاٽي ۾ آڳاٽو (مصوري بعد) ادب ملي ٿو، اھو نظم جي صورت ۾ آھي. البت موضوع، صنفون، ھيئيت ۽ ڏانءُ وغيره، ھر قوم جي سڀاءُ ۽ حالتن موجب الڳ الڳ آھي. ھر شاھڪار ٻولئَ جي ادب ۾ ڏيھي ادب سان گڏ دنيا جي ٻين ٻولين جي شاھڪارن جا ترجما به شامل ھوندا آھن. جھڙئَ ريت انگريزي ٻولئَ ۾، انگريزي ادب کان سواءِ دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني (لکت ۾ ايندڙ) ٻولين جي ادب مان چونڊ ترجمي جي صورت ۾ موجود آھي.

دؤر جديد ۽ سنڌي سماج (Sindhi Society and The Modern World)

دؤر جديد ۽ سنڌي سماج

(Sindhi Society and The Modern World)


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي      

  انساني سماج ۾ تبديلئَ جو عمل فطري آھي. غار جي دؤر کان وٺي اڄ جي دؤر تائين جو سفر ڪنھن پل گھڙئَ جو نه پر صدين جو آھي. جنھن اڄ انسان کي معاشرت جا نوان لاڙا ۽ نوان ماڻ ماپا ڏنا آھن. وقت سر شين ۾ تبديلئَ جو اچڻ بنھ غير متوقع نه آھي، ان ڪري انسان انھن شين کي پنھنجي پرک جي ڪسوٽئَ تي پرکي، جيڪي چڱيون موچاريون شيون ھيون انھن کي قبول ڪيو ۽ جيڪي ھاڃيڪار، بي لاڀ ۽ غير ضروري ھيون انھن کي ختم ڪيو. جن کي قبول ڪيو، انھن کي ريت رسم جي چادر ۾ ويڙھي وڌايو ۽ پوءِ اھو سلسلو ھڪ پيڙھي کان ٻئَ پيڙھي تائين ھلندو رھيو، جيڪو اڄ سوڌو جاري آھي. اسان جي سماج ۾ اھڙا سڄاڻ شخص تمام گھٽ آھن جيڪي وقت جي تبديلين ۽ ان جي نزاڪتن کي سمجھي، پنھنجي ايندڙ نسل جي رھبري ڪري انھن کي پنھنجي گھر ۽ سماج ۾ ھڪ ڪارگر فرد بنائيندا آھن. سنڌ جي ڪيترن ئي نسلن جي عظيم، ڏاھي ۽ رھبر سائين محمد ابراھيم جويي صاحب جو سڌاتورو شاگرد ۽ اسان جو بزرگ اديب رحيم خان جوکيو ”جرس“ انھئَ لحاظ کان گھڻُ اڳڀرو آھي. منھنجي ھٿن ۾ سندس ڪتاب ”دؤر جديد ۽ سنڌي سماج“ آھي. جيڪو نئون ۽ با مقصد آھي. کيس وقت جي تبديلئَ ۽ اڄ جي سماج جنھن نموني سان متاثر ڪيو آھي، ان جو ذڪر ئي ھن ڪتاب جي عملي صورت آھي.

Saturday, August 31, 2013

مخدوم محمد معين ٺٽوي - Makhdoom Muhammad Moin Thattvi

مخدوم محمد معين ٺٽوي

Makhdoom Muhammad Moin Thattvi

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

           
سنڌ ساڻيھ جو ٺٽو ننگر، علم، ادب، شاعري، فن، فڪر، شعور، حب الوطني، تھذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان سنڌ جي تاريخ جي اُڀ تي روشن ستاري وانگر چمڪندو رھيو آھي. ھتي جي عالمن، اديبن، استادن، فنڪارن، فلسفين، دانائن، ڏاھن ۽ ڏات ڌڻين سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. ھتي جي عالمن جا لکيل شاھڪار ڪتاب دنيا جي لائبريرين ۾ شاھدين لاءِ موجود آھن. انھن پھرين صف جي عالمن ۽ اديبن ۾ جامع العلوم، محقق، مختلف فنن جي ڄاڻو، شاعر ۽ ڏاھن ۾ مخدوم محمد معين جو نالو ۽ حيثيت بنھ نمايان آھي. مخدوم معين ٺٽوي، جنھن کي ھتي جا رھواسي پيار، پاٻوھ ۽ لاڏ مان مخدوم ٺارو سڏيندا ھئا سو بلند مقام رکندڙ شخصيت جو مالڪ رھيو آھي. مخدوم محمد معين بن محمد امين بن طالب الله، ذات دَل ٺٽي جي ھڪ علمي خاندان ۾ ۱۰۹۳ھ/۱۶۱۷ع ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ پٽ باران جي ڳوٺ دالي(۱) تعلقي روپاھ جا ھئا. مخدوم محمد معين جو والد مخدوم محمد امين لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو. مخدوم معين جو ڏاڏو طالب الله وڏو عالم ۽ فاضل ھو. مشھور شخصيت فاضل خان(۲) جنھن جو نالو ملا عثمان ھو، سو به سندس شاگرد ھو.

Sunday, August 25, 2013

قاسم پٿر - Qasim Pathar

قاسم پٿر - Qasim Pathar

The Great Nationalist of Thatta Sindh


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي



ھونئن ته سڄي سنڌ، چيٽن جا کيٽ، سرنهن ڦلار، ڪنول، موتيا، چنبيلي ۽ گلاب آھي. پر سنڌ ساڻيھ جي علائقي ميرپور بٺوري جي خوشبوءِ ۽ سواد ھر علائقي کان ٿورڙو مختلف آھي. بلڪه جيڪڏھن سوايو چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. انهئَ جو سبب رڳو اھو به نه آھي ته بٺورو ڪنهن زماني ۾ خوبصورت درياھي بندر ھو،  يا ڪنهن زماني ۾ ھي گھرو صنعت جو ڳڙھ ھو، يا ڪنهن زماني ۾ ھي علائقو سنڌ جو ويٽنام ھو، يا ھتي گھڻي زماني کان علمي، ادبي ۽ سياسي پروگرام ملھائبا رھيا آھن، يا ھتي سائين غلام حسين رنگريز (ھڪ ادبي اداري جي حيثيت ۾) رھي ٿو، پر اُن جو وڏو سبب ھئُ آھي ته ھتي ميران پور/ جھوڪ جو ماڳ آھي. جتي صوفي شاھ عنايت شھيد پيدا ٿيو، پڙھيو، پنهنجو نئون نظريو (کيڙي، پوکي، محنت مزدوري ۾ سڀ شريڪ ٿين ۽ شيون ضرورتن جي بنياد تي ھر ماڻھوءَ کي ڏنيون وڃن) ڏنو، ھڪ عظيم صوفياڻي تحريڪ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي ھلي، جاگيردارن ۽ وقت جي ملڪ لٽيندڙ حاڪمن جي حملي ۾ پنهنجي سماج ۽ صوفي فقيرن جي بچاءَ جي جنگ وڙھندي عظيم شھادت ماڻي.

Monday, August 19, 2013

ڪنجھر / ڪينجھر - Kinjhar / Keenjhar Lake

ڪنجھر / ڪينجھر - Kinjhar / Keenjhar Lake


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

  سنڌ ساڻيهه جي سدا سائي ڪِنجهر هڪ قديم ۽ تاريخي ڍنڍ دنيا ۾ مشهور رهي آهي. ڪنجهر جي تاريخ، تهذيب، تمدن، قدامت، جاگرافي، ثقافت، جيوت، پاڻي، هتي جي زندگي، هتي جا تاريخي، نيم تاريخي، رومانوي ۽ ٻيا داستان، قصا، ڪهاڻيون، ٻولي، لوڪ ادب، شاعري ڌنڌا، هُنر وغيره الڳ الڳ  وڏا موضوع آهن. ڪنجهر سوين بلڪِ هزارين سالن کان سنڌ  ۽ دنيا جي ماڻهن لاوڏي دلچسپي رهي آهي. شاعر، اديب، ليکڪ، فنڪار ۽ ٻيا ماڻهو ڪنجهر سان جذباتي لڳارکن ٿا ۽ اُهي مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان هتي اچي سلامي ٿيندا رهيا آهن. سنڌ جي عظيم ڪردار نوري ۽ ڄام تماچي ٻين تاريخي، نيم تاريخي، عشقيه ۽ لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين کي جنم ڏيندڙ ڪنجهر اسان لاءِ تاريخ، تهذيب، ثقافت، محبتون، عشق، تشبيهون ۽ استعارا رهي آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن کان ويندي نئين ٽهئَ جا شاعر، اديب ۽ فنڪار هتان کان اُتساهه وٺندا  پنهنجي تخليقن ۾ ڪِنجهر جا عڪس چٽيندا رهيا آهن. هي سمورا الڳ موضوع آهن.  هتي منهنجو مقصد فقط ڪِنجھر لفظ جي معنيٰ، مقصد ۽ ڪِنجھر جو درست اُچار بيان ڪرڻ آهي.

Thursday, August 15, 2013

دنيا جي مشهور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌو/ سنڌ (Sindh in The View of Alexander Hamilton )


دنيا جي مشهور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌو/ سنڌ

 (Sindh in The View of Alexander Hamilton)



اليگزينڊر هيملٽن/ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي




   (مشهور واپاري ۽ سياح، اليگزينڊر هيملٽن 1699ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هو لاهري بندر کان ٺٽي آيو هو. هن اهو مختصر پر جامع احوال پنهنجي ڪتاب An Account of the East Indies ۾ ڏنو  آهي).   
                
       سنڌ مغل بادشاهت جي انتهائي اولهه ۾ سمنڊ سان لڳندڙ صوبو آهي ۽ لاهري بندرهن جو بندرگاهه آهي، جيڪو سمنڊ کان 5 يا 6 ليگ، سنڌؤَ جي هڪ شاخ تي آهي. هن بندرگاهه تي 200 ٽنن جا جهاز اچي سگهن ٿا. اُن سان گڏ هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ گهر آهن، جيڪي مٽئَ جي گاري مان جڙيل آهن، پر اُتي پٿرن سان جڙيل هڪ قلعو به آهي، جنهن تي چار يا پنج توبون رکيل آهن، جيئن هتي جي تجارتي سامان جو بلوچ ۽ مڪراني ڦورن کان بچاءُ ڪري سگھجي. سرحدي علائقن ۾ رهڻ جي ڪري کين چوري چڪاري ڪرڻ جي عادت آهي. جيڪي هن جي ويجهڙائئَ جا رهاڪو آهن. هي هر اُن شخص کي ڦرين ٿا جيڪو سندن ور چڙهي ٿو.

Sunday, August 4, 2013

آسيلئَ جو دڙو (Aaseeli jo Darro)


  آسيلئَ جو ڌڙو

(Aaseeli jo Darro)


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


                            
  سنڌ ساڻيهه آڳاٽي تهذيب جي لحاظ کان گھڻو اڳڀرو ۽ دنيا جي مکيه عظيم تهذيبن ۾ شمار ٿئي ٿو. اڄ جيڪي ملڪ اسين ترقئَ جي منزل تي ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، اهي اڃان وڏا جھنگ ۽ ويران علائقا هئا يا اهي اڃان ظاهر ئي ڪونه ٿيا هئا، جيڪڏهن ٿيا هئا ته اُتي انساني آبادي جيڪا هئي سا اڃان ارتقا جي اوائلي دور ۾ هئي.