Saturday, April 25, 2020

( History of Indus Civilization) سنڌو سڀيتا جي صدا

سنڌو سڀيتا جي صدا

History of Indus Civilization


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

        سنڌو سڀيتا دنيا جي قديم ترين سڀيتائن مان هڪ مڃيل شاهوڪار سڀيتا آهي. مُهين جو دڙو، لاکين جو دڙو، آمري، ڪوٽ ڏيجي، ڪاهوءَ جو دڙو، رني ڪوٽ، ڀنڀور، ڪوٽ گل مير، ڪافر ڪوٽ، مجيراءِ، ٻڌڪا، ٿرڙو،  ساريجي لاهري ۽ ڏلهه ته گھڻو مشهور آهن (جن کي ساري دنيا نه رڳو قدر ۽ احترام سان ڏسي ٿي پر دنيا جا ماهر تحقيقون ڪن ٿا) پر سڄي سنڌ ۾ ٻيا به سوين آثار اڄ به موجود آهن جيڪي عظيم سنڌو سڀيتا جا گواهه آهن. عيسوي سن کان پوءِ ويندي انگريز دور تائين جا ڪيترا ئي ماڳ، مڪان، آثار ۽ مقبرا اڃا به موجود آهن جيڪي اسان جي تهذيب، تاريخ، فن،ڪاريگري ۽ اعليٰ ذوق جا اهڃاڻ ۽ گواهه آهن.

       دنيا جي سڌريل ملڪن ۽ قومن پنهنجي تاريخي آثارن، ماڳن ۽ مڪانن جي بچاءَ، سار سنڀال ۽ کوجنا لاءِ جيڪي اُپاءَ ورتا آهن، اهي ڪنهن به ساڃاهه وند ماڻهوءَ کان ڳجھا نه آهن، يا هو پنهنجي قديم آثارن تي ڪيترو تحقيقي ڪم ڪري چڪا آهن ۽ ڪري رهيا آهن سو به ڪنهن کان لڪل ڪونهي.  دنيا جي هر قوم جو هر باضمير ماڻهو پنهنجي تهذيب، قديم آثارن ۽ ورثي سان نه رڳو جذباتي لڳاءَ رکي ۽ قدر ڪري ٿو پر ان جو احترام ۽ تحفظ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو. اسان وٽ به اهڙن جذبن وغيره جون وڏيون وڏيون دعوائون ته ڪيون وڃن ٿيون، پر عملي طور تي ان جي بنهه ابتڙ ڪيو وڃي ٿو. ساڃاهه ۽ قوم دوستيءَ جون هامون به هنيون وڃن ٿيون، سنڌ جي تهذيب، تاريخ، ثقافت ۽ قومي ورثي جي وارثيءَ جون دعوائون به ڪيون وڃن ٿيون، قومي هيرن جا ڏهاڙا ۽ ورسيون به ملهايون وڃن ٿيون، ۽ وري انهن آثارن ۽ مقبرن تي(بيحرمتيءَ سان) چڙهي فوٽو ڪڍرائي پنهنجو پاڻ کي دانشمند ۽ سنڌ سڄڻ پيش ڪرڻ جهڙيون حرڪتون به ڪيون وڃن ٿيون پر اُهي ئي فرد وري عملي طور جيڪو ڪجھ ڪن ٿا اهو به ڪنهن کان ڳجھو ڪونهي. اهي سڀ پنهنجا ئي آهن. اياز چيو آهي ته:


”ڪهاڙي ڏيان ڏوهه ڪهڙو اياز

وڍي جڙ اسان جي ويو ڪالهه ڳن“


         ڌاريان ته ڌاريان پر اهي ئي فرد ڌارين کان به وڌيڪ دشمني ڪري پنهنجي خصيص مفادن خاطر جيڪي ڪلور ڪري رهيا آهن، اها قوم ۽ ڌرتيءَ دشمني ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟؟اها حقيقت آهي ته انگريز ڌاريان هئا ۽ سنڌ تي قابض رهيا، تنهن هوندي به هنن سنڌ جي قديم آثارن جو نه رڳو قدر ۽ احترام ڪيو پر انهن تي بيمثال تحقيق ڪري انهن کي دنيا ۾ اجاگر ڪيو.انهن جي ابتڙ اسان سنڌ جي عظيم تهذيب جي انهن گواهه آثارن تي قبضا ڪري، پلاٽنگ ڪئي يا ٽريڪٽر هلائي کيڙي اڊيڙي انهن جا نشان ئي ختم ڪري ڇڏيا. اها سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ سان دشمني ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ شاهه لطيف چيو آهي ته:


”هي منهن ڏيئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين!“


        مون 2005ع ۾ ۽ پوءِ هن اخبار وسيلي ئي جنوري 2014ع ۾ سنڌ جي ساڃاهه وند ۽ وس وارن کي ڌرتيءَ جو واسطو ڏيئي چيو هو اچو اڄ سنڌو سڀيتا جي تحفظ جو وچن ڪريون ۽ هن حقيقت ڏانهن به ڌيان ڇڪايو هو ته: ”ڪاهوءَ جي دڙي سان جيڪو ڪلور ٿيو آهي، سو ڪنهن کان لڪل نه آهي، برهمڻ آباد ڀڄي ڀري رهيو آهي،اگھم ڪوٽ جتي جا آثار اکين اڳيان مسلسل تباهه ٿي رهيا آهن، ايتري قدر جو اتي وڃڻ سان ڏسبو ته لاشن جا ڍانچا ٻاهر کلي آسمان هيٺان پکڙيا پيا آهن ۽ ڪنهن جو به ان طرف توجھ وڃي ئي نه ٿو. حيدرآباد جي قلعي جي حالت، آمري ۽ چانهوءَ جو دڙو، سيوهڻ جو قلعو، ٺل مير رڪڻ، چٽوڙي، نند ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، خدا آباد، اروڙ، ڪالڪان، امرڪوٽ، نئون ڪوٽ، ننگر پارڪر وارا آثار ۽ ٻيا ڪيترائي ماڳ مڪان ۽ آثار لاوارث بڻيل آهن.“ پر هاڻي ته اهو قبضن ۽ تباهي جو سلسلو تيز ٿي چڪو آهي. ٿورو ڏسجي ته رڳو هن ٻن سالن ۾ ڪيترن ماڳن تي قبضا ٿيا آهن ۽ ڪيترن جا پٿر ۽ سرون چوري ڪري پنهنجو ضمير وڪيو ويو آهي. ڪنهن ڌارئين يا اداري جو ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟ اهو ته سڀ اسان جا ماڻهو ئي ڪري رهيا آهن.اونگر جي ٽڪريءَ تي پکڙيل پٿر جي دور جي آثارن تي پٿرن پيسڻ جون وڏيون وڏيون مشينيون لڳي ويون، لاکين جي دڙي تي قابض ٿي چڪا آهن، ڪاهوءَ جو دڙو تباهه ڪيو ويو آهي، آسيليءَ جي دڙي جي هيٺاهين ايراضيءَ سان ڇا ٿيو، چوڪنڊيءَ قبرستان سان سر عام ڇا ٿي رهيو آهي، اروڙ جو اندر ڪنهن چيري، تباهه ڪيو آهي،سرن واري جون سرون ڪيڏانهن ويون ۽ اها زمين ڪنهن قبضا ڪئي. قديم آثارن جي مشهور ماهر مجمدار جنهن ماڳ تي تحقيق ڪندي پنهنجي حياتي وڃائي انهن آثارن سان ڇا ٿيو؟ حسن باغبان جي آثارن جي ڪيئن تباهي ٿي. شاهه ڪپور محمد طور جي آثارن سان  ڇا ٿيو. سونڊا جو قبرستان ڪيئن سوڙهو ٿيو، اتان ٻين ڪيترن ئي پٿرن سان گڏ اهي قيمتي پنج ئي پٿر ڪيڏانهن ويا جنهن جهڙا پٿر هاڻي ساري سنڌ ۾ ڪٿي به نه ٿا ملن، جيڪي هر پرڏيهي ماهر جي دلچسپيءَ جو سبب هئا، هاڻي ته تهذيب جي ان ڪڙيءَ جا اهڃاڻ دنيا ۽ پنهنجي نئين نسل کي ڏيکارڻ جهڙا به نه رهيا آهيون. ڪوٽ مير گل کي ڪيئن بلڊوز ڪري اتي جا وڏا وڏا خوبصورت پٿر کنيا ويا. ڪنجھر تي ٺهيل سنڌ جي عاشق ۽ سدا ملوڪ بادشاهه ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ کي ماڻهن چڙهي چڙهي ڪيئن ڊاهي ڇڏيو، ان جا ڪريل سهڻن نقش و نگارن وارا هاڻي ته پٿر به نه رهيا آهن. جھول ڍنڍ تي جوڙايل ڄام تماچيءَ جي ٻي ماڙيءَ جا قيمتي پٿر ته کڄي ويا پر هاڻي ته آثار به باقي وڃي رهيا آهن. اهو سلسلو لڳ ڀڳ مني صديءَ کان هلندو رهيو آهي بلڪ هاڻ ته روز بروز تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. هتي منهنجو مقصد اهو بنهه ناهي ته ڪو سرڪاري ادارن جو ڪو فرض ئي ناهي. سرڪاري ادارا جيڪي ٺهيا ئي انهيءَ مقصد لاءِ آهن، پهرين ذميواري انهن جي آهي ۽ انهن تي ئي انهن جي مڪمل تحفظ جون ذميواريون آهن، اهي ڪنهن به ريت آجا نه آهن. انهن غير سرڪاري ادارن جو به فرض آهي جيڪي ان مقصد سان جوڙيل آهن، پر  هتي منهنجو مقصد اسان جو هڪ سڄاڻ فرد جي حيثيت ۾ قومي لحاظ سان جيڪو فرض ٿئي ٿو، سو اسين ڪيئن نباهي رهيا آهيون؟


          هڪ طرف خصيص ذاتي مفادن جي بک ۾ انهن قديم آثارن تي قبضا ڪري ڌرتي دشمني ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف رونشيباز ۽ نمائشي ماڻهن پاران دنيا جا ٻيا سڀ هنڌ ڇڏي انهن قديم آثارن تي اچي لتاڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري عظيم سنڌو سڀيتا سان ڌارين کان وڌيڪ دشمني ڪري نقصان رسايو پيو وڃي.خاص ڪري عيد ۽ سال جي نئين ڏهاڙي تي جيڪو حشر ڪيو وڃي ٿو سو هر سال ميڊيا تي به رپورٽ ٿيندو رهي ٿو.يقينن اهو هاڃو اڄ هن وقت به جاري هوندو.اڄ به مهين جي دڙي تي لتاڙ ۽ ڀڃ ڊاهه جاري هوندي. اڄ به ڀنڀور ۾ سنڌ جي عظيم سورمي سسئي جي پيءُ جي رڱاوت جي (کنڀ) ڪارخاني تي مٽيءَ جي ناڌن تي ماڻهو جُتين سان ڊوڙون پائي، انهن کي ٽوڙيندا هوندا. پنهنجو پاڻ کي پڙهيل لکيل ۽ سمجھدار سمجھندڙ انهن ماڻهن کي اها به ڄاڻ نه هوندي آهي ته هو عظيم سنڌو سڀيتا کي ڪيئن لتاڙي ۽ تباهه ڪري رهيا آهن. اڄ به مڪليءَ جي قبرستان جي بيحرمتي ۽ قيمتي پٿر چوري ٿي رهيا هوندا. اڄ به سنڌ جي سچار شاعر حماد جمالي، ڄام تماچي، ڄام نظام الدين، دولهه درياخان ۽ ٻين سورمن جي مقبرن تي چڙهي، ٽوڙ ڦوڙ ڪري، فوٽو ڪڍرائي ڦونڊبا هوندا. انهن ماڳن، مڪانن ۽ مقبرن تي عشق ۽ احترام سان وڃڻ، دلي لڳاءَ ۽ ساڃاهه سان فوٽو ڪـڍرائڻ ۾ ڪوبه ڏوهه نه آهي پر انهن تي قبضن ڪرڻ، ٽوڙ ڦوڙ، پٿر چوري ڪرڻ يا ان کي ڪو ٻيو نقصان رسائڻ جو ڪنهن کي ڪو به حق نه آهي.  

          جيڪڏهن اسان پنهنجي ماضيءَ (تهذيب ۽ تاريخ) جو قدر نه ڪيو ته مستقبل اسان کي ڪهڙا موڙ ٻڌائيندو؟  اسان پنهنجي ماضيءَ کان منهن موڙي، ان جا نشان ئي مٽائي، تباهه ڪري مستقبل کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين؟ ايئن نه ٿئي جو اسان جي حرڪتن جي ڪري اسان جي ايندڙ نسلن کي پچتائڻو پئي. آئون سنڌ جي ساڃاهه وندن، باضمير ۽ سنڌو سڀيتا جي سڄڻن کي جيجل سنڌ جو واسطو ڏيئي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ جي قديم تهذيبي آثارن، ماڳن ۽ مڪانن کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺن نه ته به گھٽ ۾ گھٽ انهن تي قبضا ڪرڻ ۽ تباهيءَ جو سبب نه بڻجن. اهو اڄ جي وقت آواز به آهي ۽ تاريخ جو سڏ به آهي، ۽ اها سنڌو سڀيتا جي صدا به آهي.   


No comments:

Post a Comment