پشتو ٽپي ۾ سنڌوءَ جو ذڪر
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ٽپو پشتو جي لوڪ شاعري آهي. لوڪ شاعري جنهنجو ڪو به هڪ شاعر نه هوندو آهي.
اها سڄي قوم جي شاعري هوندي آهي. اُن ۾ ڪنهن به قوم جي سڀني فردن جا احساس، جذبا،
ڪيفيتون، اڌما، امنگون ۽ خواهشون رچيل هونديون آهن. لوڪ شاعري جيڪا صدين جي رچاءَ
۽ رياض کان پوءِ سٽن \ ٻولن جو روپ وٺندي آهي ۽ سڄي قوم جي اظهار جو آواز بڻبي
آهي. اُن جي هر سٽ لکين بلڪ ڪروڙين ماڻهن جي ترجماني هوندي آهي.
هن ۾ انسان جي تمام زندگئَ جو هر پهلو موجود هوندو آهي. ڪنهن به قوم جو هر فرد پنهنجي ٻولئَ جي لوڪ شاعر کي پنهنجا جذبا، احساس ۽ خواهشون محسوس ڪندو آهي. جهڙيءَ ريت سنڌيءَ جا لوڪ گيت آهن اهڙيءَ ريت هر قوم جي پنهنجي پنهنجي لوڪ شاعري هوندي آهي. جيئن هندئَ جا ............، پنجابئَ جا ماهيا، بلوچئَ جا ........................، هندڪو جا ................، خوار جا ...............، تهڙئَ ريت پشتو لوڪ شاعري ٽپي جي صورت ۾ ملي ٿي. ٽپو هڪ دلچسپ صنف آهي. ٽپو پشتو جي لوڪ گيتن جي هڪ مشهور ۽ مقبول صنف آهي. چيو وڃي ٿو ته “ٽپا ايترا ئي قديم آهن جيتري قديم پشتو زبان آهي. پختونن جي معاشرتي ۽ ثقافتي زندگئَ جا سمورا رنگ هن شاعرئَ ۾ نکريل نظر اچن ٿا. اهوئي سبب آهي جو امڙون پنهنجي ٻچن کي ٿڃ پياريندي، هاري هر ڪاهيندي، ڇوڪريون پاڻي ڀريندي ۽ پنهنجي چاهيندڙن کان جدا ٿيندي ۽ عورتون پنهنجي ٻارن کي پينگهي ۾ لوڏيندي ٽپا ڳائينديون رهنديون آهن. ٻار کي ٻانگ کان پوءِ ٽپو هر پختون جي ڪن ۾ ٻيو انساني آواز هوندو آهي” (پرتو روهيلا). ٽپو سنڌي لوڪ گيت وانگر دراصل ڳائڻ جي صنف آهي ۽ پختون ان کي هزارين سالن کان ڳائيندا سيني به سيني ٻي نسل تائين منتقل ڪندا رهيا آهن. هر ايندڙ نسل اُن ۾ پنهنجي جذبن، اُمنگن ۽ اڌمن جي ڀرپور ترجماني محسوس ڪندو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن ۾ عام ماڻهوءَ جي دل جو دڙڪو سمايل هوندو آهي. ٽپي جا به اُهي ئي موضوع آهن جيڪي ٻين ٻولين جي لوڪ شاعرئَ جا آهن جيئن محبت، عشق، حسن، جواني، پيار، پرين، ناز، نخرا، وڇوڙو، ميلاپ، وفا وغيره. گڏوگڏ تاريخ، جاگرافي، معاشرت، ثقافت، وطن جي حب، آزادئَ جي جذبن جون جهلڪيون به ٽپن ۾ موجود هونديون آهي. پختون رڳو ايئن به نه آهن جيئن اڄڪلهه کانئن ڪرايو پيو وڃي. تنگ نظري، مارڌاڙ، خودڪش حملا وغيره وغيره سندن شيوو ناهي. اسين ته کين انسانيت سان ڀرپور ڪومل ۽ محبت ڀرين جذبن سان به ڏسون ٿا. جيڪي جذبا سندن لوڪ شاعرئَ ۾ سمايل آهن. شال هو انهن جذبن کي وري به اندر ۾ سمائين.
آزادئ معشوق دائي
وغلا مئي يار خو لڳئي نه ور کومه
”آزادئَ جي معشوقه چوي ٿي ته غلام يار کي آئون چُمي نه
ڏينديس“
دَستادَ حسن په فانوس ڪي
زمادَ ز ڙه شمع په رو روبليده نه
”اي منهنجا محبوب تنهنجي حسن جي فانوس ۾ منهنجي دل جي شمع
هوريان
هوريان جلي رهي آهي“
هوريان جلي رهي آهي“
غلي رُمله سنگه پريوزه
زه خيل مين تر خيل وزر لاندي ساتهه.
”منهنجي پاسي ليٽ، آئون پنهنجي محبوب کي ڀاڪرن ۾ ڀري حفاظت
سان
رکندي آهيان“
رکندي آهيان“
اهڙن
جذبن ۽ احساسن سان ٽمٽار پشتو شاعرئَ ۾ پنهنجي وطن ۽ آزادئَ جي تڙپ سان گڏ سنڌي
درياهه جو ذڪر به ڏاڍي دلچسپ ۽ سهڻي انداز سان ملي ٿو. هماليه کان وٺي سنڌ جي سمنڊ
تائين جنهن جنهن علائقي مان سنڌو وهي ٿو اُن علائقي جي تاريخ توڙي ادب ۾ سنڌوءَ جو
ذڪر ملي ٿو ڇاڪاڻ ته سنڌو هڪ قديم درياهه آهي تنهنڪري مختلف علائقن جي مختلف زبانن
جي لوڪ شاعرئَ ۾
سنڌوءَ جو ذڪر تمام وڏي عظمت سان ملي ٿو.
سنڌو
زرخيزئَ ۽ خوشحالئَ جو ديوتا آهي هن سڄي علائقي (پختونن جي علائقن جي زندگي سنڌوءَ
سان ئي وابسته آهي. عظيم سنڌ جنهن تي سنڌوءَ جي عظيم تهذيب جنم ورتو آهي، اُن کي
فقط هاڻوڪي بچيل سنڌ تائين به محدود سمجهڻ نه گھرجي. سنڌو تهذيب جو دائرو گھڻو
وسيع آهي. سڀاڳو سنڌو سچ پچ ته ٻاجهه جو ديوتا آهي. هن علائقي جي هر لکيل ڪتاب ۾
سندس ذڪر کان سواءِ ڄڻ ته ڪجهه به نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو ويرن ۾ به سنڌوءَ جو
ذڪر ڏاڍي سهڻي نموني سان هن ريت ٿيل آهي:
”اي
سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي تڏهن بيشمار رزق پاڻ سان آڻين ٿي، تنهنجو پاڻي
اُتم آهي. اي سنڌو! تنهنجي وهڪري جي آواز ۾ ڍڳي جي رنب جهڙو گوڙ آهي. جيئن ڍڳيون
پنهنجي ٻچن کي کير پيارين ٿيون تيئن تنهنجون شاخون توکي پاڻي پيارين ٿيون. تون
هڪڙي فوج سپهه سالار وانگر فوجون وٺي نڪرين ٿي.
اي سنڌو! تنهنجي خوبصورتي جي ڀيٽا ڪبي ته تون گهرو ساگر آهين. تنهنجي چال ۽
سُونهن هڪڙي نئين ڦوهه جوان ڪنوار وانگر آهن. اي سنڌو! تون عبادت جو آستان آهين،
تنهنجو پاڻي امرت آهي......“ سنڌو جيڪو
سک، شادابي ۽ جياپي جو وسيلو آهي ۽ سمورا جذبا به جياپي سان ئي آهن. هتي
اهڙا ڪجهه
ٽپا ڏجن ٿا جن ۾ سنڌوءَ (اجاسين) جو ذڪر ملي ٿو.
اباسين بيا په چپو راغ
سپرلي راﺆ ڙه سيني خولٿ زيڙ پنيروانونه
”سنڌو وري به مست آهي. بهار وري به ........... چپ ۽ هيڊ
سرا گل کڻي آئي آهي“
دَ اباسين په سين لاهوتسي
چه مور دشنگي لٽوي پلاردِ چڙونه
”الله ڪري توکي سنڌو لوڙهي وڃي جو تنهنجي ماءُ توکي ڪنارن
تي ۽ تنهنجو پئُ گھري پاڻئَ ۾ ڳولهيندو وتي“
يارم په سين ڪي لاهو راغ
ماتو تکئي کڙي چه کگه وگه ورزمه
”منهنجا محبوب درياهه ۾ لُڙهندو پيو اچي. اي رب مون کي
ابابيل بڻائي ڇڏ ته آئون اُڏامي اُتي وڃي ٽٻيون هڻان.“
مينه دِ سيند اباسين دي
زه به ده صبر جهاز تڙم چه پوري شهر
”تنهنجي محبت سنڌوءَ وانگر تيز وهندڙ آهي. آئون صبر جو جهاز
پئي جوڙيان ته اُن تي پار اُڪري سگھان“
دَ اباسين منيز ڪي گلابه
يا به زماشٿ يا به ڊوپ در پسي شمه
”اي سنڌوءَ جي سِپر جا گلاب! يا ته تون منهنجو ٿي ويندين ۽
يا آئون تنهنجي پويان ٻڏي وينديس“
اباسين راغ غاڙي نماڙي
سپرلي راﺆ ڙه کشميري دَ خيال شالونه
”سنڌو ڪنڌين تي پلٽي پيو آهي (ڪچا ٻوڙي ڇڏيا اٿس) ۽ سانوڻ
جي ڪري ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ ته ملڪ ڪشميري شالون اوڙي ڇڏيون آهن“
ٽپن لاءِ ڏسجي ”ٽپي“ انتخاب و ترجمه پرتو روهيله لوڪ ورثه
اسلام آباد ٻيو ايڊيشن 1979ع، ص 347، 349 ۽ 363.
No comments:
Post a Comment