Friday, April 24, 2020

جهول ماڙي


جهول ماڙي

 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


        سنڌ ملڪ ماضيءَ ۾ گهڻو سکيو ستابو رهيو آهي، تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان به گهڻو مانائتو ۽ مٿانهون رهيو آهي. اڄ به ڪيترائي قديم ڪوٽ، قلعا، محل، ماڙيون، بهترين رٿابنديءَ تحت جوڙيل شهر ۽ وسنديون، هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ جا چٽا ثبوت ڏين ٿيون. سنڌ ساڻيهه جي ٻين هنڌن وانگر ننگر ٺٽي وارو علائقو به انهيءَ لحاظ کان گهڻو اڳڀرو رهيو آهي. اڄ به اونگر، ٻڌڪا، جهرڪ، مهاجي راءِ ڪوٽ، سونڊا، سونهري، هيلايا،پليجاڻو، ڪينجهر ڪنارن تي ڪوٽن، قلعن، محلن ۽ ماڙين جا نشان، هيم ڪوٽ،رود مڪان،جنت واريون بٺيون، پليجاڻو، چليا، جهول وارو ٺڪراٺو، جهول ماڙي، مڪلي،ساموئي، هالاٺ، ڪلاڪوٽ، گجو، ڀنڀور، پير پٺي وارو ديول، محمد طور، رڙي، نند ڪوٽ، رتو ڪوٽ، قديم سامونڊي بندرن ۽ ٻين ماڳن مڪانن جا آثار اڃان تائين به ڏسڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ موجود آهن.

        منهنجو موضوع جهول ماڙي آهي، جنهن کي ڄام تماچيءَ جي ماڙي به چيو وڃي ٿو. جهول ماڙي ڪٿي آهي؟ انهيءَ متعلق اسان جا ڪي دوست، سونڊا شهر کان ست ڪلو ميٽر اُتر طرف، سونهري ڍنڍ جي ڪناري وارن قديم آثارن کي جهول ماڙي لکي ۽ ڄاڻائي چُڪا آهن. اُهي آثار 1958ع ۾ غلام محمد بئراج کي ڪينجهر ۾ ڇڏي، ڪينجهر ۽ سونهريءَ کي ملائي، بچاءَ بند ٻڌي، پاڻيءَ جي سطح وڌائڻ جي ڪري هاڻي پاڻيءَ جي وچ ۾ آهن.هاڻي انهن آثارن تائين پهچڻ لاءِ گندرا ڳوٺ کان ٻيڙي رستي وڃڻو پوندو. حقيقت ۾ اُهي آثار جهول ماڙيءَ جا نه پر ڪنهن قديم قلعي يا ڪوٽ جاآثار آهن ڇاڪاڻ ته 1958ع کان اڳ ۾ جن ماڻهن اُهي آثار چٽيءَ طرح ڏٺا هئا، تن جي شاهدين موجب ۽ پڻ هاڻوڪي صورتحال جانچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اُهي آثار اهڙا آهن جنهن جو ڪافي حصو زيرِ زمين سُرنگهه نما جڙيل آهي. جڏهن ته هاڻ ان ٽڪريءَ وارا آثار ۽ سُرنگهه وارو حصو ئي وڃي باقي رهيو آهي. هڪ سُرنگهه جي اڏاوت ۽ ماڙيءَ ۾ به وڏو فرق آهي ڇاڪاڻ ته ماڙي هڪ الڳ شئي آهي.

       منهنجي تحقيق موجب جهول ماڙي ڪينجهر ڍنڍ کان اٽڪل چار ڪلو ميٽر اولهه ۾ قديم ماڳ ”چليا“ کان ڇهه ڪلو ميٽر اُتر اولهه طرف ۽ ڇتي چنڊ کان پنج ڪلوميٽر اُتر طرف  جھول ڍنڍ جي ڪناري تي هئي،جتي سندس آثار اڄ به چٽا موجود آهن. وڏو ثبوت ته اهو به آهي ته اُتي ئي اٽڪل پنجٽيهن ايڪڙن تي مشتمل هڪ قديم ڍنڍ آهي،جنهن جو نالو ئي ”جهول ڍنڍ“ آهي سرڪاري رڪارڊ ۾ به ايئن ئي آهي. جھول ڍنڍ جي نسبت سان ئي هن ماڙيءَ کي ”جهول ماڙي“ سڏيو وڃي ٿو.

       درياھ بادشاھ (سنڌوءَ) جو آڳاٽي زماني ۾ هڪ وهڪرو چليا جي ڏکڻ اولهه کان ڦرندو، هن ڍنڍ وٽان وڪڙ ڪندو، اڳتي وڃي ساموئيءَ کان ٿيندو،گھاري وٽان گذري، ڀنڀور وٽان ڦرندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اهو وهڪرو نه رُڳو آڳاٽن نقشن ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ڏيکاريل آهي پر انهيءَ سڄي وهڪري جا نشان اڄ به چٽا ۽ ۽ پڌرا آهن. جنهن هنڌ تي هيءَ ڍنڍ آهي اُتي ٻئي پاسي کان جبل آهي، انهيءَ وڪڙ ۾ درياھ اچي جهول هڻندو هو، تنهنڪري هيءُ علائقو هيٺانهون ٿي هڪ ڍنڍ بڻجي پيو. جڏهن درياھ اهو وهڪرو تبديل ڪري ويو ته انهيءَ هنڌ تي هڪ سهڻي ڍنڍ جُڙي پئي. توڙي جو درياھ گهڻو آڳاٽو اهو وهڪرو تبديل ڪري ڏکڻ طرف وهڻ لڳو هو، پر سانوڻيءَ جي مند ۾ انهيءَ وهڪري وٽان هڪ ڇاڙھ وهي جهول ڍنڍ کان ٿيندي، هالاٺ ۽ گُجي کان ڦرندي، اڳتي نڪري ويندي هئي. جڏهن 1918ع واري زلزلي جي نتيجي ۾ سامونڊي ۽ درياهي ڦيرڦار ٿي ته اها ڇاڙھ اڳتي وڃڻ ته بند ٿي ويئي، پر جهول ڍنڍ تائين پوءِ به هر سال سانوڻي مند ۾ وهي اچي اُن ڍنڍ ۾ پوندي هُئي ۽ مينهوڳيءَ جي مند ۾ مينهن جو پاڻي به جبلن تان وهي اچي، هن ڍنڍ ۾ پوندو هو. اهڙيءَ ريت هيءَ ڍنڍ سدائين مٺي پاڻيءَ سان پئي ڇوليون هڻندي هُئي.سن 1932ع کان پوءِ اها ڇاڙهه به بند ٿي ويئي،پوءِ  برساتن جو پاڻي ايندو رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن درياهه ڇاڙهه به اچي پوندي هئي. 1958ع ۾ جڏهن غلام محمد بئراج ڪينجهر ۾ وجهي، ڪينجهر ڍنڍ جي اولهه طرف کان درياھ جي پراڻي ڦٽل نار کي سڌاري واھ ڪڍيو ويو، تڏهن جهول ڍنڍ ۽ هن علائقي ۾ گهڻي ڦير ڦار آئي، تنهنڪري سانوڻيءَ مند ۾ جيڪو ڪڏهن ڪڏهن درياھ جو پاڻي وهي اچي جهول ڍنڍ کي ڀري سائو سڻائو ڪندو هو، سو به رُڪجي ويو،پوءِ نه ئي ڪي اُهي مينهن به رهيا، جيڪي هن ڍنڍ کي ڀرڻ ۾ گهڻي مدد ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت هيءَ سهڻي ڍنڍ 1958ع کان پوءِ ته بنهه ختم ٿي، سنسان بڻجي ويئي آهي.هاڻي هن ڍنڍ ۾ فقط سم جو گندو پاڻي اچي پوي ٿو.

       جهول ڍنڍ جي بيهڪ به ڏاڍي خوبصورت آهي. ٻن طرفن يعني اُتر ۽ اولهه طرفن کان جبل ۽ ٽڪريون اٿس،فقط ڏکڻ ۽ اوڀر وارو پاسو کلو ۽ ڪچي وارو آهي، جتان سنڌوءَ جو وهڪرو وهي اچي منجهس پوندو هو. اوڀر طرف ٿورن ئي ڪلوميٽرن تي ڪينجهر ڍنڍ اٿس.

       جهول ڍنڍ جي اُترئين ڪناري تي لڳو لڳ، اٽڪل هڪ هزار فوٽ اوچي ٽڪري آهي، جنهن تي ئي جهول ماڙيءَ جا قديم آثار آهن. انهن ئي آثارن کي هتي جا ماڻهو ”جهول ماڙي“ يا ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ جي نالي سان سڃاڻن ٿا. ڇاڪاڻ ته هيءَ ماڙي سنڌ پرڳڻي جي مشهور حاڪم ڄام تماچيءَ جوڙائي هئي. سما دور ۾ سنڌ پرڳڻو هونءَ به گهڻو سکيو ستابو هو. ڄام تماچي هڪ عاشق مزاج باذوق ۽ مهذب حاڪم هو، سير ۽ شڪار وغيره جو به وڏيو شوقين چيو وڃي ٿو. (1) ڄام تماچيءَ جي زماني ۾ هيءَ ڍنڍ موج ۽ مستيءَ ۾ هئي، هتي مڇي ۽ پکي به جام هوندو هو. جابلو علائقي جي ڪڇ ۾ هئڻ جي ڪري هتي جهنگ ۽ گاھ به گهٽ هو. اڄ به هن ڍنڍ جي آثارن تي پهچي، آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته هيءَ ڍنڍ ڪيتري اڇي اُجري، سهڻي ۽ پُر فضا هوندي. ڄام تماچي جمالياتي ذوق رکندڙ بادشاھ هو، تنهن کي هن هنڌ جي حسن ضرور موهيو هوندو، تنهن ڪري ئي هن هتي پنهنجي لاءِ ماڙي ٺهرائڻ لاءِ سوچيو ۽ رٿيو هوندائين. اڄ به ماڙيءَ واري ٽڪريءَ تي پهچڻ سان فطرت جي سونهن جو من موهيندڙ نظارو من منڊي وجهي ٿو. مٿانهين هنڌ تي، کُلي فضا ۾ جڙيل هيءَ ماڙي حسين نظارن ۾ گهيريل هُئي. ٽن طرفن کان پهاڙين جا سلسلا، ڏکڻ طرفان سنڌوءَ جو وهڪرو ۽ ڪچي جو علائقو ڏاڍو وڻندڙ هوندو هو ۽ آهي. چوڏهين جي چانڊوڪي رات ۾ هتي اچي هتي جو حسين منظر ڏسي جنت جهڙيءَ سونهن جو گمان ٿيندو آهي!!

      آسپاس جا گهڻا ماڻهو اها به ڳالهه ٻڌائين ٿا ته هيءَ ماڙي به ڪينجهر ماڙيءَ وانگر ڄام تماچيءَ نوريءَ جي دام محبت ۾ اچڻ کان پوءِ جوڙائي هئي. ڇاڪاڻ ته تڏهن نوريءَ جا ڪي مائٽ (گندرا) هن ڍنڍ تي به رهندا هئاتنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن هتي به سندن اچڻ ٿيندو هو ۽ جڏهن نوري هتي ايندي هُئي ته ڄام تماچي به ساڻ هوندو هو تنهنڪري هن ضرورت محسوس ڪندي هتي به ماڙي جوڙائي. بهرحال ڪهڙي به مقصد سان ڄام تماچيءَ هيءَ ماڙي جوڙائي پر جوڙائي ڏاڍي خوبصورت هنڌ تي!! اهو به چيو وڃي ٿو ته جڏهن سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ نوريءَ کي پنهن جي راڻي بڻايو، تڏهن ڄام تماچي نوريءَ کي ساڻ ڪري هتي اچي رهندو هو ۽ آخري ڏينهن به هتي ئي گهاريا هُئائون. هڪ روايت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته پهريائين نوريءَ وفات ڪئي ۽ ڄام تماچي انهيءَ کان ڪجهه وقت پوءِ وفات ڪئي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن نوريءَ وفات ڪئي ته نوريءَ کي مڪليءَ تي دفن ڪرڻ کانپوءِ ڄام تماچي ڪڏهن ڪڏهن ڪينجهر ۽ جهول تي اچي گهاريندو هو. اهي ڳالهيون ڪيتري قدر درست آهن، سا ڄاڻ ته شايد هاڻي ڪو به نه ڄاڻي البت اها ڳالهه چٽي آهي ته هيءَ ماڙي ڄام تماچيءَ جوڙائي هئي. هن خوبصورت ماڳ تي ماڙي اڏائڻ مان سندس سُٺي ذوق جي ڄاڻ به ضرور ملي ٿي.جھول ماڙي جيڪا پکيڙ جي لحاظ سان ته ننڍي هئي پر اها ماڙي جنهن هند تي هئي سو هند هر لحاظ کان دلچسپ آهي. چيو وڃي ٿو ته ڄام تماچيءَ هيءَ ماڙي جوڙائڻ لاءِ خاص قسم جو پٿر گهرايو هو ۽ ملڪ جا مشهور ڪاريگر آندا هُئائين، جيڪي پٿر جي ڪم جا وڏا ماهر هُئا جن ماڙيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هر پٿر کي نقش ونگار سان سينگاريو هو. انهن ڪاريگرن ڏينهن رات لڳاتار ڪم ڪندي چوڏهن مهينن ۾ هيءَ عمارت تيار ڪئي. انهيءَ ماڙيءَ کي تيار ڪرڻ متعلق ڪيتريون ئي روايتون ٻڌايون وڃن ٿيون، جن مان گهڻيون ته اعتبار ڪرڻ جھڙيون نٿيون لڳن ۽ انهن کي هتي لکڻ فقط طوالت جو سبب به ٿيندو.

      جهول ماڙي ته گهڻو زمانو اڳ ۾ جهوني ٿي جُهري ويئي يا جهوري ويئي پر ويهارو سال اڳ ۾ تائين جن ماڻهن هن ماڙيءَ جي هيٺيئن حصي جون وڏيون ديواريون ڏٺيون هُيون تن جو چوڻ آهي ته ماڙيءَ جي عمارت جي دروازن تي لڳل ٻُنڀ جا اٺ اٺ فوٽ ڊگها پٿر ايڏن ته خوبصورت نقش ونگار سان سينگاريل هئا جو ڏسڻ واري کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هُيون. ڏکڻ واري وڏي دروازي جي اندرين ڪنڊ تي پٿر جي وڏي ناڌ جُڙيل هُئي جنهن تي عورتن جا خوبصورت نقش چٽيل هُئا،جن جي مٿن تي مٽڪا ٻيلهڙن جي صورت ۾ رکيل ڏيکاريل هئا، جڏهن ته اُتر طرف کان وڪڙن جي صورت ۾ مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ رکيل هوندي هُئي.

       هن عمارت جا جيڪي نشان اسان 1996ع ۾ ڏٺا انهن جي صورتحال هن ريت آهي؛ ماڙيءَ جي هيٺئين ڀاڱي کي ٽي دروازا هڪ اوڀر، ٻيو اولهه کان، جڏهن ته ڏکڻ کان وڏو مُک دروازو هو. اوڀر پاسي واري دروازي سامهون ٿلهو ٺهيل هو. اولهه واري دروازي سامهون کليل اڱڻ هو، جڏهن ته پڪ سان ڪمرن جي تعداد متعلق يقين سان چئي نٿو سگهجي، البت اولهائين دروازي جي اُتر واري ڪنڊ تي هڪ ڪمري جا نشان ملن ٿا، ٽن هزار فوٽن اوچائي تي مشتمل عمارت جي بنيادن جي موجود نشانن کان اولهه پاسي به ڪي اڏاوت جا آثار آهن. ماڙيءَ واري هنڌ تي ڪيترائي پٿرن جا ٽڪرا وکريل نظر اچن ٿا. ماپ ۾ ڪجهه وڏا پٿر اهڙا به آهن جن تي سهڻن نقش و نگار سان اُڪر ٿيل آهي، ايتريقدر جو ڪن پٿرن جي نقشن نگارن کي ڏسي ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ جي ڪمال تي حيرت ٿئي ٿي. اُتي گهڙيل لسا پٿر به پيل آهن جيڪي هاڻي ماڻهن ڌڪي هيٺ بٺيءَ جي اڌ ۾ ڇڏيا آهن. چار فوٽ هڪ ڊگهو کُتل پٿر اهڙو به موجود آهي، جنهن تي تمام سنهو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. اُن پٿر جي مٿيئن ڇيڙي تي ڀرڻي نما کوپي جو نشان آهي جنهن مان پتو پئي ٿو ته عمارت ۾ پٿر سان پٿر ڀچائي جڙاوت ڪيل هُئي.


جهول ماڙيءَ جي اولھ هيٺاهين پاسي مان مليل سڪا

     مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهيءَ عمارت جون باقي رهيل ڀتيون وغيره ويهارو کن سال اڳ ۾ تائين به موجود هيون، پر پٿر خوبصورت ۽ مضبوط هئڻ جي ڪري، ماڻهو عمارت جون ديوارون وغيره اکوڙي، آهستي آهستي پٿر کڻي ويا آهن. اسان انهيءَ ٽڪريءَ جي هيٺئن پاڙ وٽ ڪجهه وڏا ۽ لسا اهڙا پٿر به ڏٺا جن جي چوٽين ۾ کانچا ٺهيل آهن. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهڙا پٿر به سَوَن جي تعداد ۾ ڪجهه وقت اڳ تائين موجود هُئا پر پوءِ ڪو ڪراچيءَ جو رهاڪو پاڻ کي قديم آثارن جو آفيسر ڄاڻائي کڻي ويو ۽ موجود پٿر انهن مان بچيل آهن. منهنجي خيال ۾ اهي پٿر وزن ۾ گهڻا ڳرا ۽ گهڻا ڊگها هئڻ جي ڪري کڄي نه سگهڻ جي صورت ۾ ئي اُتي ڇڏيا ويا آهن، نه ته اهي پٿر به نه بچن ها. ٻڌايو وڃي ٿو ته پٿر جي ناڌ ۽ ڪونڊيون جن تي پکين جون شڪليون اُڪريل هُيون، سي به اهڙو ئي ڪو آفيسر کڻائي ويو.

       جهول ڍنڍ جي آسپاس ٻيا به ڪي تاريخي آثار آهن. اُتر طرف جابلو هنڌ تي ٻن بزرگن موسو اصحابو ۽ عمر درويش (جيڪو عمر ڪوليءَ جي نالي سان مشهور چيو وڃي ٿو) جون قبرون آهن. عمر ڪوليءَ جي  تمام ڊگهي قبر جي آسپاس هڪ وڏو قبرستان ڀنڀرا ذات وارن جو آهي جتي ويجھو ئي سندن ڳوٺ اڄ به موجود آهي. جهول ڍنڍ جي الهندي طرف ”گهراڻو“ قبرستان آهي. جڏهن ته اڄڪلهه هتي ڪو به گهراڻي ذات جو ماڻهو نٿو رهي، پر هن هيڏي وڏي قبرستان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ گهراڻي ذات جي ماڻهن جي ڪا وسندي هتي ضرور هئي. انهيءَ قبرستان ۾ هاڻي هيجب ذات جا ماڻهو به دفن ٿين ٿا جيڪي هتي گهڻو پوءِ آيل ٻڌايا وڃن ٿا. ڏکڻ طرف ”ڄاڃڪو“ نالي مشهور تاريخي قبرستان آهي، جنهن لاءِ روايت ڪندڙ چون ٿا ته ”آڳاٽي زماني ۾ سنڌ ملڪ۾ شادين جي موقعن تي پڙ ڄڃ جو رواج هوندو هو. جنهن ۾ گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا هڪٻئي سان مذاق جهڙيون رسمون ادا ڪندا هئا. اهڙي پڙ ڄڃ ۾ ڪنهن مذاق تان هتي منجهن جهيڙو ٿي پيو ۽ اهو جهيڙو وڌي وڃڻ جي ڪري ڄڃ جا سمورا يا گھڻا ماڻهو مارجي ويا، انهن ماڻهن کي هتي دفن ڪيو ويو ، اهڙي ريت ”ڄاڃڪو“ قبرستان جُڙي مشهور ٿي ويو. انهن سوين قبرن جي وچ ۾ اٽڪل ٽيهه فوٽ هڪ ڊگهو پٿر اُڀو لڳل آهي جنهن تي ڪا لکت به اُڪريل آهي پر سم ۽ ڪلر جي ڪري اها لکت هاڻي پڙهي نٿي سگهجي ٻيو اهڙو پٿر  زمين کان ڏهه فوٽ ڊگھو اڀو کتل آهي.

      اهڙي ريت آس پاس ۾ وڌيڪ جانچ ڪرڻ سان پتو پئي ٿو ته ان پسگردائيءَ ۾ ڪي ٻيا به آثار موجود آهن، جيڪي تحقيق طلب آهن. منهنجي خيال ۾ انهن جو سلسلو چليا جي ”سونهڻيءَ واريءَ لٺ“ تائين وڃي ملي ٿو.جھول ماڙي جي اتر وارين ٽڪرين تي پٿر دور جا آثار به ملن ٿا. هن ئي علائقي ۾ ”ساري جي بُٺيءَ“ نالي هڪ اهڙو به قديم ماڳ آهي، جتي تمام گهڻو ٺڪراٺو ملي ٿو، جيڪو تمام گهڻو اهم ۽ توجهه طلب آهن. اُتان سنڌ جي قديم دور جي ڪاشيءَ جا تمام گھڻا ٽڪر، ٺڪر جي هڪ مڪمل ناڌ، ڪجهه وڏا مٽ، ڇلون، پاٽون، ڍڪڻ ۽ پوڄا جا ٿانو به مليا آهن.

       جھول ماڙي ۽ ان جي آسپاس وارين ٽڪرين جي مٿاڇري جي هڪ اهم ڳالهه هيءَ به  آهي ته انهن ٽڪرين تي ڪوڏن،سپين وغيره جا پنڊ پهڻ هزارن جي تعداد ۾پکڙيل آهن جيڪا جيالاجي جي شعبي سان دلچسپي رکندڙن لاءِ کلي دعوت آهي.

حوالا ۽ حاشيا

1.      زباني روايتون ڏيندڙ:
·       محمد عثمان هيجب. عمر 56 ورهيه(1996ع)
·       محمد ابراهيم هيجب (پرائمري استاد)، عمر 35 ورهيه
·       بصر ڀنڀرو، عمر56 ورهيه   (1996ع)

2.      جهول ماڙيءَ ۽ ڍنڍ متعلق ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌايون وڃن ٿيون، جن جو حقيقتن سان تعلق گهٽ آهي، تنهن هوندي به هڪ روايت پيش ڪجي ٿي جنهن ۾ ڪجهه شعر دلچسپ آهن. چيو وڃي ٿو ته جهول ڍنڍ جي ويجهو رهندڙ موسو اصحابو فقير صاحب ڪرامت بزرگ هو، تنهن هڪ ڏينهن اچي جهول ڍنڍ تي مڇي ماريندڙن مهاڻن (مهاڻن جي ڳاراٺاڻي پاڙي) کان مڇي گُهري. مهاڻن مڇي ته نه ڏني ويتر مٿانئس مذاق ڪيو. تنهن تي درويش ڪاوڙجي کين پٽون پاراتا ڏيندي هيٺيان بيت چيا:
    ڳاراٺاڻيءَ جي ڳوٺ کي، اَچار ڦريو اَڏ
جهريو مغز مئيءَ جو، لڙهي ويئي لَڏَ
جن ٿي ماريا مڏ، سي ڊينڊ نهارن ڍورن ۾

 ماريو ڊينڊ ڍورين ۾، ٿا ولها ڏين ور
موسو چئي مڇيءَ جا، فقيرن ڪڍيا ڦر
  جبل پاسي جر، ٿي کائي بود بُٺيءَ جا

 کايو بُود بُٺيءَ جا، چريو وٺي چَسُ
 موسو چئي مڇيءَ جا، ڏونگر مٿي ڏس
ڪنڊا ڪليون ڪس، رهيا آهن رڻ ۾

          چيو وڃي ٿو ته (اتفاق سان) انهيءَ سال مڇي ڍنڍ مان بنهه گهٽجي ويئي. مهاڻن اهو محسوس ڪري درويش کي اچي سرچايو ته جيئن ٻئي سال مڇي وري اڳي کان گهڻي ٿيڻ لڳي.
(هيءَ روايت ۽ بيت هتي جي سڄاڻ ۽ تاريخي ڳالهين سان دلچسپي رکندڙ شخص مولوي محمد عثمان هيجب کان مليا.)

نوٽ:
      جھول ماڙيءَ جا آثار  مون پهريون ڀيرو تفصيلي طرح 1996ع ۾ جانچي ڏٺا،تنهن کان پوءِ هن وقت يعني 2003ع تائين جھول ماڙي ۽ آسپاس  وارو علائقو ڏسندو رهيو آهيان. آئون پڪ سان چوان ٿو ته هن علائقي تي يعني جھول ماڙيءَ کان سهڻي لٺ تائين جديد انداز سان جڏهن به تحقيقي ڪم ٿيو  تڏهن سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جي اهم بابن جا ڪي راز ضرور کلندا.




No comments:

Post a Comment