عثمان سکري ۽ بياض سکري جو جائزو
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
سنڌ عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سرجڻهارن جي
لحاظ سان بنهه گهڻو شاهوڪار رهي آهي. ٻين زمانن جي ذڪر کي هڪ پاسي رکي جيڪڏهن اسان
انگريزن جي دور تي نظر وجهنداسين ته به معلوم ٿيندو ته انهيءَ غلاميءَ واري دور ۾
به سنڌي ماڻهن جون دليون ۽ دماغ سدا ساوا ۽ شاداب رهيا. ڌارين جي ڪالوريل ماحول
هوندي به هتي جي ماڻهن جا اندر ۽ ذهن بنجر بڻجي نه سگهيا. هتي ڪاريگريون، هنر،
حرفتون، فن، علم، ادب، شاعري، مصوري وغيره چڱي نموني سرجندا رهيا. ادبي لحاظ سان
به ان دور ۾ نه رڳو نثر وڌيو، ويجهيو پر شاعري به اڳري رهي. سنڌي شاعريءَ ۾
ڪيتريون نيون صنفون متعارف ٿي، پڪيون ۽ پختيون ٿيون.