Friday, June 5, 2020

سچ وڏي شئي آهي

سچ وڏي شئي آهي

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


                              ڏات   وڏي   شئي   ناهي،
پر  سچ  وڏي   شئي  آهي!
۽     جو     سچ     مچائي،
سو  مچ  وڏي   شي  آهي!
                    (اياز)

سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي سالگرهه جي موقعي تي آئون سڄي سنڌ، بلڪ سڄي دنيا ۾ رهندڙ انهن سڀني ماڻهن کي مبارڪ ڏيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪي شيخ اياز جا مداح آهن. جن اياز کي سنڌي، اردوءَ ۾ پڙهيو آهي يا جن سندس ترجمن وغيره جو مطالعو ڪيو آهي. آئون پڪ سان چوان ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ شيخ اياز سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ شاعر آهي. توڙي جو هو ڳايو به گهڻو ويو آهي پر کيس پڙهيو اڃان به وڌيڪ وڃي ٿو.


 شيخ اياز اهو شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي دل ڌڙڪي ٿي. جنهن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سوچ آهي، شعور آهي، ذهني سگهه ۽ اُڏام آهي. اياز بين الاقوامي معيار جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ حقيقت پسندي آهي ۽ سچ سان ملبوس چٽيون حقيقتون ۽ سنڌي سماج جون ڪيفيتون آهن، اُنهن کي سچائي ۽ جرئت سان بيان ڪرڻ جي سگهه آهي. ڇا هي سٽون اُن جو وڏو ثبوت ناهن ؟ ڇا هي سٽون بيمثال نه آهن؟ ڇا هيءَ شاعري جرڪندڙ سچ ناهي؟

وڏو    نانءُ     الله      جو،    پر    جي    ڪٿ،
سڀ کان وڏي وٿ، ٻاجهارا هيءَ ٻاجهري

-----
ڳڀو  پاڻيءَ   ڍُڪ   ۾،   ٻوڙي   جي  کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ  کي، مور نه جُهڪائين،
ته  تنهن  جي  سائين، ڏات  ڏهوڻي  ٿي وڃي

-----
انقلاب انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ،
جيئن         زمين        آسمان،
جي      کُلي      پئي      زبان،
ڪُنڊ   ڪُنڊ،   چونڪ   چونڪ،
شهر      شهر،     ڳوٺ     ڳوٺ
   جيئن            ڏئي          اُٿي.....

شيخ اياز کي سنڌي سماج جو گهرو مشاهدو ۽ مطالعو هو. هن سنڌي سماج جي احساسن، رجحانن ۽ ڪيفيتن کي ڄاتو ٿي. تنهنڪري ئي سندس شاعري سنڌي سماج جي پيڙهين جو پڙلاءُ ۽ پُڪار بڻي آهي. درد جي دانهن ۽ دارونءَ لاءِ ڏس آهي.

سگهه ڏي  اهڙي سچ، منهنجي جڪڙيل جيءَ کي،
ڳچي    ٿئي   ڳچَ،  ته    به   چوان   جو   چوڻو   آهي

-----
چڙيا گهر جي چونڪ تي، پڃري ۾ چيتو،
ڪڏهن جاچي  تو، پيڙاءَ  هن  جي  پنڌ  ۾

ڇا هي رڳو لفظ آهن؟ خالي سٽون آهن؟ هيءَ سوچ، هيءُ فڪر ۽ هيءُ پيغام هر شاعر جي وس جي ڳالهه آهي؟ بهرحال منهنجي خيال ۾ هيءَ اياز جي شاعريءَ جي آفاقيت آهي. هيءَ شعور جي بلندي آهي.

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان،
مون ڪيئي  ڏوههَ  ڪيا  آهن!

هِن    سَر   جي   گدلي  سينور   ۾،
هي   نيل – ڪنول  به ته ڏوهي آ،
۽   ڪو   به   چَڪور  انڌاري   ۾،
جي    اُڏري    ٿو    ته    دروهي    آ،
هي   ڏوهه   نه  آهي، ماڻهوءَ   جي،
مون     مٽي     ٻيهر     ڳوهي    آ.

يا سندس شاهڪار نظم جون هي شاهڪار سٽون ۽ اُنهن جي فڪري سگهه ڏسو ته ڇا هي:

اسان  ننڊ  جا  نيڻ  آهيون پرين!
سُتي            ساهه         جاڳي
سِتارا    لتاڙي   اسان   جو   شعور
سوين           چنڊ         ساٿي
ڪتين جا سوين قافلا رهگذر ۾
سفر  ۾،  سوين   ڪائناتون......

هيءَ حقيقت، هي فڪر، سوچ ۽ سگهه اياز جو ئي ڪمال آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ زندگي جا سمورا رنگ موجود آهن. پر هيءُ فڪر تمام وڏو آهي. هھڙيون سٽون تخليق ڪرڻ اياز جي ئي وس جي ڳالهه آهي. وٽس گهرائي به آهي ته اوچي اُڏام به آهي. سندس شاعريءَ جي وسعت لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. اها فقط پڙهي  ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿي. شيخ اياز سنڌ جي ماضيءَ جو آئينو، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو سُونُهون شاعر آهي. هن سنڌ جي شعور کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي، صدين تائين جو خوبصورت ۽ سگهارو دڳ ڏنو آهي. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ نه صرف لطيف سرڪار جو تسلسل آهي، پر جدت جو علمبردار به آهي. هو انساني سچن جذبن، احساسن ۽ سموري وحدالوجودي (جديد انداز ۾)فڪر ۽ عالمِ انسانيت جي ترقيءَ ۽ اتحاد جو پيغام ڏيندڙ آهي. هن جي شاعريءَ ۾ صدين جي صدائن، سان گڏ حال جو سڏ ۽ مستقبل جا ڏس ۽ نينڍون آهن. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جو درد به آهي ته اُن جي درد جو درمان به ڏسيل آهي.

شيخ اياز جي شاعري ورهاڱي واري دور کان به اڳ کان شايع ٿيندي رهي آهي، پر سٺ واري ڏهاڪي کان سندس شاعري ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن. شيخ اياز جي انهن سمورن ڪتابن کي جامع نموني ڇپائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پي ويئي. سنڌ ۽ سنڌي ادب سان گھرو لڳاءُ رکندڙ ۽ اديب محترم عبدالقادر منگي جڏهن ثقافت کاتي جو سيڪريٽري هو تڏهن هن 2008ع جي شروع ۾ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائي ۽ مدد علي سنڌي جي مدد سان شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر کي جامع نموني سان ڇپائڻ جي رٿا جوڙي منظور ڪرائي. منگي صاحب جي ريٽائرمينٽ جي ڪري ان رٿا تي عملي ڪم شروع ٿي نه سگهيو . انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خاندان سان تعلق رکندڙ ۽ پاڻ به سنڌ جي علم، ادب، شاعري، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ سسئي پليجو ثقافت کاتي جي وزير بڻي ته هن رٿا کي اڃا به سهڻي نموني سان عملي روپ ۾ آڻڻ جو موقعو مليو. اهڙي ريت شيخ اياز جي سموري شاعري، نثر ۽ ترجمي کي گڏي ضخيم جلدن ۾ شايع ڪيو ويو، جيڪو سچ پچ سنڌي ادب ۽ اشاعت ۾ هڪ تاريخي ڪارنامو آهي. شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر جي انهن ضخيم جلدن جو وچور هيٺين ريت آهي.

شاعري


1.
جلد پهريون (شاعريءَ جا چار ڪتاب)


1. ڀونر ڀري آڪاس، 2. ڪلهي پاتم ڪينرو،
 3. ڪي جو ٻيجل ٻوليو، 4. وڄون وسڻ آئيون.



2.
جلد ٻيو (شاعريءَ جا چار ڪتاب)




1. ڪپرٿو ڪُن ڪري، 2. پتڻ ٿو پور ڪري،
 3. ٽڪرا ٽٽل صليب جا، 4. واٽون ڦلن  ڇانئيون

3.
جلد ٽيون (شاعريءَ جا پنج ڪتاب)
1. لڙيو سج لڪن ۾، 2. پن ڇڻ پُڄاڻان،
3. چنڊ چنبيليءَ ول، 4. رڻ تي رم جهم،
 5. ڀڳت سنگهه کي ڦاسي. 



4.
جلد چوٿون (شاعريءَ جا پنج ڪتاب)
1. راج گهاٽ تي چنڊ، 2. بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي،
3. اَڪن نيرا ڦُليا، 4. جُهڙ نيڻان نه لهي،
 5. سُر نارائڻ شيام.



5.
جلد پنجون (شاعريءَ جا چار ڪتاب) 
1. اُڀر چنڊ پَس پرين، 2. هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن،
 3. الوداعي گيت، 4. ننڊ وليون.



6.
جلد ڇهون (شاعريءَ جا ٽي ڪتاب)
1. ڪتين ڪر موڙيا جڏهن-1،
2. ڪتين ڪر موڙيا جڏهن-2،
3. ڪتين ڪر موڙيا جڏهن-3  



7.
جلد ستون (شاعريءَ جا ٽي ڪتاب)
1. سَر لوهيڙا ڳڀيا، 2. سورج مکي سانجهه،
 3. ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون.



8.
جلد اٺون (شاعريءَ جا چار ڪتاب)
1. جَر ڏيئا جهمڪن، 2. هرڻ اَکي ڪيڏانهن،
 3. چنڊ ڳليون، 4. تون ڇپر تون ڇانوَ.



9.
جلد نائون (شاعريءَ جا پنج ڪتاب)
1. گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾، 2. سانجهي، سمنڊ، سپون، 3. ڪونجون ڪرڪن روههَ تي، 4. ڪاري رات ڪُهنگ، 5. وڏا وڻ وڻڪارجا



10.
جلد ڏهون (شاعريءَ جا پنج ڪتاب)
1. اُٿي اور الله سان، 2. مينهن ڪڻيون، 3. اَڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني، 4. پکي ساڳئي پار جا، 5. هي جي نهرون ننڊ جون.     



11.
جلد پهريون (نثر جا چار ڪتاب)
1. جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، 2. ساهيوال جيل
 جي ڊائري، 3. ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون،
 4. جڳ مڙيوئي سپنو.  

12.
جلد ٻيون (نثر جا چار ڪتاب)
1. ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، 2. خط، انٽرويو ۽ تقريرون
جلد پهريون، 3. خط، انٽر ويو ۽ تقريرون جلد ٻيو،
 4. اڳتي قدم جا ايڊيٽوريل.



13.
جلد ٽيون (نثر جا چار ڪتاب)
1. ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر جلد پهريون، 2. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر جلد ٻيون، 3. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر جلدٽيون، 4. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر جلد چوٿون.  



14.
جلد چوٿون نثر

(شيخ اياز ۽ صحافت)
15.
جلد پنجون نثر (جي تند برابر توريان)
ڪهاڻيون، جويي صاحب ڏانهن خط ۽ مضمون

اردو

16.
حلقہ میری زنجیر کا (شاعری کي دو کتاب)
1.حلقہ میری زنجیر کا، 2. جو بیجل نے آکھیا

17
بوئے گل نالہء دل (06کتاب -ترجمہ)
1. بوئے گل نالہء دل، 2. نیل کنٹھ اور نیم کے پتے،  3.دانش ایاز، 4.میری شاعری میری صلیب، 5. اوراق زرین،  6.سُخن آفریں۔

18
دنیا ساری خواب (چار کتاب -ترجمہ)
1. پنھل کے بعد،  2. سُرخ روئے خمار خاک، 3. دنیا ساری خواب، 4. ساہیوال جیل کی ڈائری

19
اے آ ہو چشم کدھر  (دو کتاب -ترجمہ)
1.اے آ ہو چشم کدھر  ،
2.ساحل پر طلاطم


20
شاھ جو رسالو         (اردو ترجمو)




انگريزي


21.
Songs of Freedom


ان کانسواءِ شيخ اياز جي فن ۽ شخصيت تي محترمه حميده قاضي جو تحقيقي ڪتاب به شايع ڪيو ويو.
      
 آخر ۾ آئون هيءَ ڳالهه ضرور ڪندس ته اسان کي شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. خاص ڪري سندن نظم توڙي نثر کي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي. جيئن دنيا جون ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ سندن، فن، فڪر ۽ پيغام کان واقف  ٿي سگهن. خاص ڪري شاهه لطيف، خليفي نبي بخش قاسم، شيخ اياز ۽ ٻين عظيم شاعرن ۽ مفڪرن جي پيغام کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سندن شاعريءَ ۾ سنڌ سان گڏوگڏ سموري عالمِ انسان لاءِ پيار، محبت، امن، اتحاد، خوشحالي ۽ ڀائپيءَ جو پيغام آهي. سندن شاعريءَ ۾ رنگ، نسل، مذهب، فرقه بندي وغيره خلاف فڪر ۽ فلسفو پيش ٿيل آهي. اها به حقيقت آهي ته سندن اهو ئي پيغام آهي، جنهن جي وسيلي اسين نسل پرستي، فرقيواريت، جنونيت، دهشت گردي، انسان دشمن فڪرن ۽ عملن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. ۽ پڻ اسان پنهنجو اندر سندن تعليم، تخيل ۽ شعور سان منور ڪري سگهون ٿا. آخر ۾ آئون وري به شيخ اياز جي جنم ڏينهن جي موقعي تي سڀني کي واڌايون ڏيان ٿو.



(شيخ اياز جي 98هين جنم ڏينهن تي ڀٽ شاهه ۾ 2 مارچ 2012ع تي ڪيل تقرير)

مانجھي
02 مارچ 2012ع

  


No comments:

Post a Comment