سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي جو بادشاهه: پروفيسر مددعلي خواجه
ڪتاب ”سنديءَ آس الله“
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ڪي ماڻهو تمام وڏا انسان هوندي به پنهنجي
پڏاءُ ڪرڻ کي چڱو نه سمجهندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ سچ پچ وڏا هوندا آهن،
تن کي پاڻ پڏائڻ جي ڪا گهرج ئي نه هوندي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اديب، استاد ۽ هن
ڪتاب جو ليکڪ منهنجو سائين پروفيسر مدد علي خواجه اعليٰ صفتن جو ڌڻي هو. سنڌ جي هڪ
علمي، ادبي ۽ سگهارو سماجي پسمنظر واري خاندان سان تعلق رکندڙ سائين مدد علي جو
والد محترم محب علي خواجه سنڌ جي لاڙ پٽيءَ جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي.
کيس علم،
ادب، موسيقي ۽ فنون لطيفه سان گھَڻو لڳاءُ رهيو، پاڻ هڪ پختو شاعر به هو. اصل ۾ هِيءُ
خاندان سنڌوءَ جي قديم وهڪري گونگڙي شاخ تي سمنڊ ويجهو قائم دريائي بندر ”رڙيءَ“
جو رهاڪو هو. رڙي بندر جو واپار، اتي جي شاهوڪاري، شادابي وغيره جڳ مشهور رهي آهي.
رڙي جنهن لاءِ هڪ چوڻي مشهور رهي آهي ته؛ ”رڙي ٽڪن پڙي، جُڙيو جتن کي جواب“ رڙي
جنهن جي بندر بازارين جي شاهوڪاريءَ جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۽ پرڏيهي سياحن خاص ڪري
انگريزن جي لکيل احوالن ۾ گهڻو ملي ٿو. سندس شادابيءَ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اڄ
به ٻڌايون وڃن ٿيون. رڙيءَ ۾ وڏن واپارين جي اڪثريت خواجن جي هئي. ڪيترين ئي ميلن
۾ پکڙيل هن بندر جي ٺڪراٺي سان گڏ ڊٺل ديوارون وغيره ۽ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل پَڪين
سِرن سان اڏاوتون اڄ به گواهه آهن ۽ اُتي اڃان تائين سيد نور شاهه جي درگاهه تي
ساليانو ميلو لڳندو آهي، جتي خواجا قبيلي جا ماڻهو مختلف شهرن ۽ علائقن کان ڪهي
اچي گڏ ٿيندا آهن. اڄ به رڙيءَ جي انهن آثارن کي ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي
بندر ڪيڏو وڏو هو ۽ ڪيترا ماڻهو آباد هئا. رڙيءَ جي اُجڙي وڃڻ کان پوءِ اتي جا
ماڻهو سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري هليا ويا.
نه سي ونئڻ وڻن
۾، نه سي ڪاتاريون
پسيو بازاريون،
هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
(شاهه
لطيف)
سائين مدد علي خواجه جو خاندان پهريائين
بٺوري ۽ پوءِ ٽنڊي محمدخان۾ اچي رهيو. جاتي، بٺوري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ هن خاندان جي
وڏي زمينداري رهي آهي. ٽنڊي محمد خان کان سواءِ والي شاهه، واسو ۽ بٺوري ۾ سندن
وڏا وڏا بنگلا هئا. سنڌ ساڻيهه جي لاڙ جي مشهور زميندار، سماج، موسيقي ۽ علم دوست
۽ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر سيٺ محب علي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سائين مدد عليءَ کي ننڍپڻ
کان ئي پنهنجي گهر ۾ علمي ۽ ادبي ماحول نصيب ٿيو. سيٺ محب علي هڪ اهڙو شخص رهيو
آهي، جنهن پنهنجي اولاد کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي ٻارن کي پنهنجي گهر ۾ اولاد
وانگر رهائي تعليم ڏياري پنهنجي منزلن تائين رسايو. سائين مدد علي پنهنجي تعليم
مڪمل ڪرڻ کان پوءِ استاد جي حيثيت سان عملي زندگي شروع ڪئي. هو هڪ سٺو استاد هو.
سندس پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جو انداز، مواد جي پيش ڪش ۽ لفظن جي ادائگي به واهه جي هُيس.
سندس ڪچهريءَ وانگر سندس پڙهائيءَ جو انداز به عام استادن کان مختلف هو. هو ڪلاس ۾
ليڪچر دوران فقط نصاب تائين محدود نه رهندو هو، پر سندس وسيع مطالعو به پلٽي پوندو
هو، ڄڻ ته علم جو سمنڊ ڇوليون هڻندي ڀانئبو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته لڳاتار پڙهائيندي
ڪيترو وقت گذري ويندو هو پر کيس خبر ئي نه پوندي هئي، نه ئي شاگردن کي ڪو بيزاريءَ
جو ڪو احساس ئي ٿيندو هو. هو هڪ عالم هو، وٽس علم به هو ته دانش به هُئي. هو جڏهن
اسٽاف روم ۾ استادن سان گڏ ويهي ڪچهري ڪندو هو ته ڪيئي موضوع ڇڙي پوندا هئا، هو
ڪچهريءَ جو به مور هو. پروفيسر مدد علي هڪ سٺي استاد هئڻ سان گڏ هڪ مثالي انسان هو.
منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ عالم، اديب، استاد ۽ ٻيا ته ڪيترائي ٿي گذريا آهن پر انهن ۾
اعليٰ ڪردار گهٽ ٿيا آهن. انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سائين مدد علي هڪ
اعليٰ ڪردار جو ڌڻي هو. توڙي جو هي ماڃر جي جوءِ جا تمام وڏا ماڻهو هئا، پر سندس
سڀاءُ تي ان جو ڪو اثر ئي نه لَکبو هو. سائين مدد عليءَ جو اُٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ
ٻولهائڻ، عمل وغيره به ڏاڍو وڻندڙ هو ته سندس سڀاءُ به سهڻي هئي. دلائي لامه چوي
ٿو ته؛ ”اُهو تمام ضروري آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي اوترو بهتر رويو ۽ هڪ بهتر دل
ڌارجي، اُن سان ننڍي توڙي وڏي خوشي توهان جي لاءِ ۽ ٻين جي لاءِ پاڻهي اچي ويندي.“
سائين مدد علي خواجه مٿين ڳالهه تي بنهه پورو هو. پنهنجي زندگيءَ ۾ هن جو رويو ته
بهتر ئي هو پر سندس ڪيترن ئي عملن مان پڌرو ٿيندو هو ته سندس اندر ۾ هڪ خوبصورت دل
هئي. ساڻس جيڪي به مليا هوندا تن کي اُهي گُڻَ نمايان نظر آيا هوندا. هزارين ايڪڙ
زمين رکندڙ هن شخص وٽ نه ڪڏهن غرور رهيو، نه ئي هُن ڪڏهن ڪٿي ڪنهن جي سامهون ڪڏهن
ڪو اهڙو تاثر ڏنو. نه ئي اهڙي ڳالهه جو ڪڏهن نماءُ ڪيو. هو هڪ فقير منش انسان هو.
فقيري سان گڏ هڪ عالم ۽ استاد به هو. هو شاگردن کي ليڪچر ڏيندي يا ذاتي ڪچهريءَ ۾
تمام وڏو محسوس ٿيندو هو. وٽس وِديا به هو ته وِڄا موجود هئي.
ڏوٿي سا ڏورين،
جا جوءِ سوءِ نه ٻڌي،
پاسا مٿي پاهڻي،
کاهوڙي کوڙين،
وِڄا اُت ووڙين،
جت نهايت ناهه ڪا.
(شاهه لطيف)
هو گهڻي وقت کان
لکندو رهيو. سندس لکڻيون مختلف مئگزينن ۾ ڇپجنديون رهيون. سندس هِيءُ ڪتاب اُنهن
مضمونن، ڪهاڻين، تاثرات وغيره تي مشتمل آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي اکرن ۾ لکي محفوظ ڪري
ڇڏي ويو. ڪجهه سال اڳ ۾ جڏهن آئون لياقت ميموريل لائبرري ڪراچي جو ڊائريڪٽر هئس
تڏهن منهنجي مهربان دوست ڀاءُ سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا صاحب هن ڪتاب جي ڇپائڻ جو
ذڪر ڪيو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ نيٺ هِيءُ ڪتاب
منهنجي حوالي ڪري مهاڳ لکڻ ۽ ڪمپوز ڪرائڻ جو ڪم ڏنائين. هي ڪتاب جڏهن
ڪمپوزنگ لاءِ ڏنو ويو ته سائين مدد عليءَ جي لکڻين ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ۽
اهو به لاڙي لهجو، سو ڪمپوزرن لاءِ ڪمپوز ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. هڪ ڪمپوزر کان ٻيو
ڪمپوزر. ائين وري پروف ريڊرن پڻ دل نه پئي جهلي. اِهي به ڏکيا مرحلا، ڇاڪاڻ ته
هاڻوڪي گاڏڙ ٻوليءَ تي هِري ويل ماڻهو نج سنڌي ٻولي پڙهي ۽ سمجهي نٿا سگهن.
سائين مدد علي خواجه صاحب جو هي ڪتاب
”سنديءَ آس الله“ جيڪو پاڻ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو اٿس، اُن جو پهريون ڀاڱو جنهن ۾
مضمون، ناول نويسي ۽ افسانا/ ڪهاڻيون آهن ۽ ٻيو ڀاڱو جنهن ۾ تاثراتي مضمون آهن. پهرين
ڀاڱي جا مضمون جنهن ۾ (1) ٽوپ وارا ٿا شڪار ڪن، (2) سارنگ، (3) وِهر، (4) ٻوڏ، (5)
بهار جي موسم ۽ بهار جي زندگي، (6) تواريخ جا وساريل ورق/
ٽڙيل پکڙيل ذرا ۽ (7) عقيدت جا گل _ مرحبا وادي نيل مرحبا
شامل آهن. ڪجهه لکڻيون ”ناول نويسي“ جي سِري سان ڏنيون آهن جن ۾ هڪ منصوره، (2)
لنڊن جو خواب ۽ (3) ڪپتي آهي.(آئون ڀانيان ٿو ته: سائين مدد علي هي ناول نويسيءَ
سري سان نموني طور ناوليٽ ڏنا آهن.) تنهن کان پوءِ افسانا/ ڪهاڻيون آهن، جن ۾ (1) بيقرار روح، (2) غرق ٿيل شهر، (3)
موگي تي ماني، (4) ٽيٽيار يا ڏائڻ، (5) جن جي هڏي، (6) ڏٺ ۽ (7) مئڊاس جو روح سنڌ
۾ (پراسرار ڪهاڻي). ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ تاثراتي مضمون، ڪاريهر جو قهر يا بڊي جو زهر
آهي. ڏٺو وڃي ته هر لکت جو موضوع، مقصد ۽ اسلوب وقت گذرڻ سان تبديل ٿيندو ۽ ترقي
ڪندو رهيو آهي ۽ رهندو، پر ٻولي جي دنيا ٿورو مختلف آهي. اُن جي قدامت، اصليت ۽
شاهوڪاريءَ جي پرک به الڳ نموني، ماڻ ۽ ماپ سان ڪرڻ بهتر آهي. هن ڪتاب جي لکڻين جي
صنف ۽ اسلوب کي پڙهندڙ تي ڇڏي، هتي آئون فقط ڪتاب ۾ استعمال ٿيل سنڌي ٻوليءَ ڏانهن
ڌيان ڏياريندس. ڪتاب ۾ سموريون لکڻيون پڙهي ڏسبو ته نج ٻوليءَ جي استعمال سان هر لکڻي
ڪهڙي ۽ ڪيتري قدر سونهن سان سينگاريل محسوس ٿئي ٿي. هتي آئون فقط ڪجهه استعمال ڪيل
نج سنڌي لفظ مثال طور ڏيان ٿو: ڪانچ (يعني سٿڻ يا شلوار) گوڏڙين (يعني گوڏ ٻڌل
ماڻهن) دروازو ڪلفيو (يعني دروازي کي تالو لڳو) اٺاڳ (يعني اڳٺ) ۽ مور ڇڏ وغيره.
ائين ئي سارنگ ۾ ٻيڙيءَ جو ذڪر ڪندي ڪم آندل جيڪي ٻيڙياتن جا نج لفظ آهن، انهن ۾
آڳيل، پاڇيل، لڄ، ( ٻانگا لڄ تي ويٺل)، کانجاڻ وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙيءَ ريت سندس
لکڻين ۾ استعمال ٿيل چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا به پڙهڻ جهڙا آهن:
* مينهن پوي ٻه
پهر، ڇنو ٽمي ڇهه پهر (مضمون سارنگ)
* سانوڻ ڏينهن
جيڪو چڙهي مٿي چانگو، سو نڀاڳو نانگو. (مضمون سارنگ)
* کيٽ پار کنڌا
سورڻ (مضمون سارنگ).
* هڪ ڀري ڳري ٻيو
پنڌ اڙانگو.
* ڪَتيون اچن
ڪاپار ته گراڙو کڻي اُڇل (وِهر).
* گنجو وِهر ٻالي
تي ۽ موتيو وِهر ڇاڙڪيءَ تي (وِهر).
* جيءَ خوش ته
جهان خوش ( بهار موسم)
جنهن به لکڻيءَ
جي پڙهڻ جي شروعات ڪبي ته روانيءَ سان
ائين پڙهبو وڃبو ڄڻ ته سانوڻ سنڌوءَ جي تيز وهڪري ۾ ترندو وڃجي ٿو. لکڻي پڙهي پوري
ڪرڻ کان اڳ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نه چوندي. نج سنڌي ٻولي، اُن جو به لاڙي لهجو جنهن جي
سونهن نزاڪت ۽ ميٺاج جو سواد ئي نرالو آهي. سندس سنڌي نثر جا ڪجهه مثال هيٺ ڪجن ٿا،
جيئن پڙهندڙ معلوم ڪري سگهن:
”واهه ڙي راڻا
واهه، اصل راڱا ڪري ڇڏيائين پر گهٽايو مستڙي به ڪين. نيٺ آڻي هوڪاريائونس. سوئر به
لاچار ٿي ٿم ڇڏيو، مٿان جو وري شڪارين ڏڦن سان ٺڪايس سو رانڀا ڪري وٺي رومڙ
ڪيائين. ٽهاڻ گجر اصل رسا ڇنائي ٽٽي پيو، بس مڙسن جو کڙيون ڪياڙي سان پي لڳيون. ڪو
اڻ سوئيَل ٻير تي ته ڪو ڪنڊ تي...“
”چيم ته سانوڻ
جي ڏينهن جيڪو چڙهي مٿي چانگو، سو نڀاڳو نانگو. سي پاڻ ميان پٺ کانجاڻ ڪندا پر هڏ
هوڏ نه ڇڏيان. هوڏي ماڻهو سان ته پڄي الله، بندي کي ته آهي سهڻو. وٺو آهي ڪنڌ تي
هي ڀري، ٻڌو همراه ڪنڌ سان...“
”چُونِ ته اَکِ
ڪاڻِي ڪجي پر ڏِس ڪاڻي نه ڪجي، سو مُٺي به ماٺ ته مِٺي به ماٺ ڪري، سو ڪن جهلي
ويهي رهيس. چُونِ: چَري ڪيئن؟ چي: ويران وير وڌ. اڄ ته سائين ڀلڙ ٻيجي ٻيجن ۾
ويهاري آيو آهين، بس جهڙا ڳڻن ۾ ٻڙا، ٻجارڻ کي بس اجهو ڪريو ٿا وٺن. ڀريل ڀون اٺ
ست جريب ٿيندي...“
”ذات لشاري، عمر
اڌوري، بدن جو جڙد مڙد، ڳالهائڻ جو بلا، واٽ جي وندر، ڳالهين جو ڳهير، راڄن جو واقف،
مطلب ته جت نه هو پر مون لاءِ ڪو سونهون هو، وري جو اُٺ هوس مهري، پنڌ جو سئون،
منزل لاءِ تيز...“
”رسو کليو ٻيڙي
چُري، اڳين جا نڪتل ٻي درياه جي لس لپيٽ جا ڌڪا ڌوما جهليندي وڃي وڏين وچين ڌاري
هن ڀر لٿا سين. جتي اُکتاسين اُها ڀيڻي ڀيڻياتي هُئي، ڇو جو مال جي ڀيڙ هئڻ سان
گڏو گڏ، پلن جو تڙ پڻ هئي...“
”هينئر مرليءَ
جي مڌر آواز سان مندر ٻُرڻ لڳو. اُهو آواز زهري فضا کي خطرناڪ بنائي رهيو هو.
هينئر وڄائڻ وارو پڄاري اچي نانگ جي انهيءَ بت اڳيان هڪڙيءَ مان ٻي ڌن ڇيڙيندو ئي
رهيو...“
”بس جيڏانهن ڪر
نگاهه تيڏانهن درياه جي اڇ ئي اڇ هئي. سندس ڇولين بند ڇڏي، ڍاڳوڙي ڇت ڇڏي، مهاڻا
ڪڙي ۽ رڇ ڇڏي، گهاتو سوئا ۽ مٽ ڇڏي، گهيڙا مال ڇڏي، لُهار ڌمڻ ڇڏي، سامي ٻٽا گڏهه
ڇڏي، ڪنڀار نهائين ڇڏي، ڪوٿائي ڪرلن مان ڪانٽري ۽ ڪونگ کي رياه ڪري، دمڻي گز ۽
ڪمان ڦٽا ڪري، اچي بند تي حڪم جا پابند ٿيڻ لاءِ براجمان ٿيا...“
هِيءَ آهي سنڌي
ٻوليءَ جي سونهن جيڪا سائين مدد جي لکڻين ۾ تمام گهڻي آهي. حقيقت ۾ هو سنڌي ٻوليءَ
جي لاڙي لهجي بادشاهه ليکڪ آهي. ڳالهه ڳالهه ۾ تمام سهڻا اصطلاح، چوڻيون، پهاڪا
وغيره موتين وانگر وکري پون ٿا ۽ پڙهندي پڙهندي ڄڻ ته ڪا سيج سجي پوي ٿي. آئون پڪ
سان چوان ٿو ته جنهن به سائين مدد جو مضمون ”سارنگ“ پڙهيو، ان کي شاهه لطيف جو سُر
سامونڊي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي. ايئن ڪيترن ئي اهڙن ماڳن جو به ذڪر ملندو جيڪي
هاڻي ميسارجي چڪا آهن ۽ وسارجي رهيا آهن.
آخر ۾ هِيءَ ڳالهه به ڪندس ته اهو شخص خوش
نصيب آهي، جنهن جو اولاد صالح ٿئي ٿو، انهيءَ لحاظ کان سائين مدد علي بنهه خوش
نصيب هو. شابس آهي سندس صالح اولاد کي جنهن سندس قلمي پورهئي کي نه رڳو سنڀالي
رکيو، پر هميشه محفوظ ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويا آهن. سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه هونئن ئي
علم دوست رهيو آهي، هن سنڌ متعلق انگريزيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب مرتب ڪري، ڇپائي سنڌ
ڌرتيءَ جي خدمت ڪئي آهي. اڄڪلهه تمام گهڻو مصروف هوندي به هن ڪتاب جي ڇپائڻ لاءِ هر
وقت تاڪيد ۾ رهيا. ايئن ئي ڊاڪٽر امين صاحب به ڪتاب جي ڪمپوزنگ، پروف درست ڪرائڻ
وغيره لاءِ وقت به وقت ڪوشش ڪندا رهيو. سندس صالح اولاد هِيءُ ڪتاب ڇپائي نه رڳو
پنهنجو فرض نباهيو آهي پر سڀني لاءِ هڪ مثال به ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ هي لک ڀيرا جس
لهڻن.
ڊاڪٽر محمد علي
مانجھي
مڪلي ٺٽو، 6 فيبروري 2017ع
No comments:
Post a Comment