من اندر جا ڳالهڙي
(Preface of “Chetaary Chayaam”, Autobiography of
Mr. Obhayo Khushk)
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
![]() |
ڪتاب “چيتاري
چيام” جو عڪس
|
خوشيءَ جي ڳالهه
آهي ته انجنيئر اوڀايي خشڪ جي آتم ڪٿا ”چيتاري چيام“ جو مسودو اڄ منهنجي سامهون
آهي. خوشي جي ڳالهه ان ڪري به آهي جو پاڻ سمجهون ٿا، ته آتم ڪٿائن ۾ ليکڪ جي
اندر جا احوال ته هوندا ئي آهن ته وري جنهن
سماج ۾ اهو ليکڪ پنهنجي ڄمار گهاري چڪو هوندو آهي، تنهن سماج جون ماجرائون به درج
ٿيل هونديون آهن.
ڏٺو وڃي ته آتم
ڪٿائون، ڊائريون، رپورٽون وغيره ماضيءَ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ جا باب
هونديون آهن، يعني اهي ماضيءَ جون ماجرائون هونديون آهن. خاص ڪري آتم ڪٿا ڪنهن به
ليکڪ جي زندگيءَ جي واقعن ۽ ان دور تي لکيل اهو ادبي خزانو هوندو آهي، جيڪو سماجي
تاريخ جو حصو به هوندو آهي. ڪا به آتم ڪٿا ليکڪ جي گھاريل سموري زندگيءَ جو داستان
يا رڪارڊ هوندو آهي، جنهن ۾ توڙي جو گھڻو ڪري ليکڪ جو شخصي احوال هوندو آهي پر
گڏوگڏ سماجي، سياسي، علمي ۽ ادبي احوال به شامل هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هر فرد هن
سماج جو حصو آهي سو ڪو به فرد جڏهن پنهنجي ماضيءَ جو احوال لکي ٿو، تڏهن هو ان
سماج جو احوال به لکي ٿو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي گھاري هوندي آهي. نه رڳو ليکڪ
پنهنجا تجربا پر ان دور ۾ رهندڙ ٻين جا تجربا، ڪارناما وغيره جيڪي هن ڏٺا يا ٻڌا،
يا سندس دور جي سماج ۾ جيڪي به تبديليون آيون، ترقيون يا تنزليون ٿيون، انهن عملن
جو ذڪر به اچي ويندو آهي. ايئن کڻي چئجي ته هڪ فرد جي لکيل آتم ڪٿا نه رڳو ان شخص
جي ذاتي زندگيءَ جو احوال هوندو آهي پر ان دور جي سماج جو داستان به هوندو آهي.
مطلب ته هڪ فرد جي ڪٿا ڄڻ ته هڪ دور جي ڪٿا هوندي آهي. ان ڳالهه کان ڪو به انڪار
ڪري نه ٿو سگھي ته اسان جي ملڪن جا ماحول ڪجهه اهڙا رهيا آهن، جو سرڪاري ۽ غير
سرڪاري ادارا ڪي سچا، سربستا ۽ مڪمل رڪارڊ نه رکندا رهيا آهن، ان صورت ۾ ته آتم
ڪٿائن، سوانح عمرين، يادگيرين، ڊائرين، رپورٽن، وغيره جي اڃا به گھڻي اهميت هوندي
آهي. هاڻي انهيءَ ليکڪ تي آهي ته هو پنهنجي آتم ڪٿا کي ڪيئن ٿو معياري، سگھارو ۽
دلچسپ بڻائي. هو پنهنجو ذاتي ۽ آسپاس جي حالتن ۽ منظرن جو احوال ڪهڙي سگھاري انداز
سان اظهاري ٿو.
ڏٺو وڃي ته آرٽ
يا ادب لاءِ تخيل سان گڏ اظهار جي فن جو سگھارو هئڻ انتهائي ضروري هوندو آهي. اها
هڪ حقيقت آهي ته ڪنهن به تصور، خيال، واقعي، لقاءُ وغيره کي جيتري سگھاري فن وسيلي
اظهاربو ، تخليق اوتري سگھاري ۽ دائميت حاصل ڪندي. مشهور عالم ۽ نقاد ڪروچي فن
متعلق بحث ڪندي چوي ٿو ته فن علم جو سڀ کان مٿاهون درجو آهي، علم جو ٻيو درجو منطق
آهي. فن هميشه پنهنجي ذات جو اظهار (Express) آهي. هي هڪ اندروني شئي به آهي، ته هڪ ڏسجندڙ ۽ ٻڌجندڙ عمل به آهي. ڏٺو وڃي
ته لفظ ”اظهار“ ان ريت اهميت رکي ٿو، جهڙي ريت ارسطو جو لفظ ”نقل“، ڪولرج جو
”تخيل“، آرنلڊ جو”تنقيد حيات“ يا ٽالسٽائي جو لفظ ”پرچار“ آهي. ”اظهار“ جيڪو
تخليقي عمل کان اڳ ۾ ئي فنڪار جي اندر وجود ۾ اچي ٿو، سو اهو ڪم ڪندو آهي ته
پڙهندڙ کي به ان اندروني تجربي کان جيڪو پهرين فنڪار جي اندر موجود رهيو، ان سان
همڪنار ڪري ڇڏي ٿو. اهو اظهار جو فن ادب جي ٻين صنفن سان گڏ آتم ڪٿا لکڻ لاءِ به
ضروري آهي.
سنڌيءَ ۾ توڙي
جو آڳاٽيون اڻ ڇپيل آتم ڪٿائون قلمي ذخيرن ۾ به اڃا موجود آهن، جن ۾ جان علي فقير
جي ”روزانه زندگيءَ جون ڳالهيون“، اڪبر قاضي (ساڪري ويجھو ڳوٺ قاضي غلام محمد جو
ويٺل، انگريز دور جو شاعر) جي ”جيون ڪهاڻي“ ۽ ٻيون ڪرتيون ئي آتم ڪٿائون اچي وڃن
ٿيون. پر ڇپيل آتم ڪٿائن ۾ نائونمل جو ڪتاب ”يادگيريون“، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود
پوٽي جي آتم ڪٿا ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“، ”سر آغا خان جي آتم ڪهاڻي“، ڪندنمل
ڏيپچند جي”آتمڪ جيون“، مرزا قليچ بيگ آتم ڪٿا جو ڪتاب ”يادگيريون“ جيڪو اڳتي هلي
مڪمل ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ نالي سان ڇپيو، حافظ حيات شاهه جي آتم ڪهاڻي،
محمد صديق مسافر جي ”منازل مسافر“، سائين جي ايم سيد جو ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي
زباني“، رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو ”ڪيئي ڪتاب“، ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو ”ڏٺم اڻ
ڏٺل“، پوپٽي هيراننداڻيءَ جو ”منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق“، غلام فاطمه شيخ
جو ”شيخياڻيءَ جي ڪهاڻي“، موهن ڪلپنا جي ”بک، عشق، بغاوت“، ڪيرت ٻاٻاڻي جو”ڪجهه
لڪايم ڪجهه ٻڌايم“، فضل احمد بچاڻيءَ جو ”اڳي ايئن هياس“، محمد اسماعيل عرساڻيءَ
جو ”سکر سيئي ڏينهن“، گوبند مالهيءَ جو ”ڳالهيون منهجي ڳوٺ جون“، مخدوم طالب
المولا جو ”منهنجو ننڍپڻ“، هري موٽواڻيءَ جو ”آخري پنا“، شيخ اياز جي آتم ڪهاڻيءَ
جا پنج جلد، جمال ابڙي جي آتم ڪهاڻيءَ جا چار جلد، ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌيءَ
جو ڪتاب ”گھڙيون گھاريم جن سين“، تاجل بيوس جو ”ڏکيا سکيا ڏينهنڙا“، ايم ايڇ پنهور
جو ”جڳ بيتي آپ بيتي“، هري دلگير جي آتم ڪهاڻي ”چولو منهنجو چڪ ۾“، عبد الغفور
الستي جو ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“، ۽ ٻيا آتم ڪهاڻين جا ڪتاب مشهور آهن.
هر ليکڪ پنهنجي
سوچ، دلچسپي، لڳاءُ، لاڙي، رجحان ۽ انداز سان آتم ڪٿا لکندو رهيو آهي. اسان جي
دوست انجنيئر اوڀايي خشڪ پنهنجي آتم ڪٿا جي هن ڪتاب ۾ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي
احوال سان گڏ جيڪو سياسي، سماجي ۽ تاريخي احوال پيش ڪيو آهي، اهو هر لحاظ کان اهم
آهي. هن ڪتاب جا ٽي ڀاڱا آهن، پهريون ڀاڱو: آتم ڪٿا، ٻيو ڀاڱو: جنهن ۾ ليکڪ پاران
لکيل مضمون، ٽيون ڀاڱو: خطن تي مشتمل آهي، هن خطن ۾ سندس پاران لکيل خط ۽ ٻيا اهي
خط آهن، جيڪي مختلف وقتن تي شاعرن ۽ اديبن کيس لکيا آهن.
توڙي جو هن ڪتاب
۾ هر ڀاڱو دلچسپ آهي، پر ڪتاب جو سڀ کان
اهم ۽ خاص ڀاڱو پهريون آهي، جيڪو ليکڪ جي آتم ڪٿا تي مشتمل آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾
ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون ۽ احوال ڏنل آهن، جيڪي انهيءَ نموني سان شايد ڪٿي به نه
ملن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ نه رڳو دلچسپيءَ جو سبب آهن پر اهي گھڻ رخيون، معلوماتي ۽
تاريخي رڪارڊ تي رکڻ جهڙيون حقيقتون به آهن. آتم ڪٿا واري ڀاڱي ۾ 30 عنوان آهن، جن
۾ پهريون آهي، خانداني پسمنظر: هن ۾ ليکڪ پنهنجو خانداني پسمنظر مختصر نموني پيش
ڪيو آهي. جنهن جي پڙهڻ سان ليکڪ جو خانداني تعارف ٿئي ٿو، جنهن ۾ سندس والد صاحب،
ڀائرن ۽ ڪجهه ٻين وڏڙن جو ذڪر ڪيل آهي. هن
ڀاڱي جو ٻيو عنوان آهي، تعليم: هن سري سان ڏنل احوال توڙي جو ليکڪ جو ذاتي احوال
آهي پر ڏنل احوال ۾ ان دور جي تعليمي نظام جي هڪ جھلڪ به نظر اچي ٿي. ليکڪ جو هڪ
ننڍڙي ڳوٺ ”درويش“ ۾ پڙهڻ ۽ انهيءَ دور ۾ ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ به سٺي تعليم جو هجڻ، اڄ
اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. پرائمري تعليم مڪمل ڪري، ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿي،
اسڪول هاسٽل ۾ رهي، تعليم حاصل ڪرڻ. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ رستن، لارين، موٽرن وغيره جي
نه هئڻ سبب درويش جي ڳوٺ کان روزانو اچڻ وڃڻ اوکو هو. ڪتاب جي ليکڪ پنهنجي تعليم
جو احوال خاص ڪري هاءِ اسڪول جو سٺي نموني بلڪ تاريخي احوال ڏنو آهي، اهو احوال نه
رڳو ليکڪ جو ذاتي آهي، پر ان دور ۾ خاص ڪري ٺٽي جي تعليم، هاءِ اسڪول ٺٽي جي مختصر
تاريخ، ان وقت جي استادن ۽ شاگردن جو ذڪر، هيڊ ماسترن جي لسٽ، اسڪول، هاسٽل ۽
انتظام جو به خوبصورت احوال ڏنو آهي. ان زماني ۾ ميونسپل ٺٽي جي چيئرمين، مشهور
علم دوست شخصيت موليڏني عباسيءَ جو ذڪر به ڪيل آهي، جنهن سائين ابراهيم جويي صاحب
کي ان وقت ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو، جڏهن جويي صاحب کي ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ (Save Sindh save
continent)
لکڻ جي ڏوهه ۾ ان وقت جي سرڪار، سرڪاري نوڪريءَ مان ڪڍي، کيس بيروزگار ڪري
ڇڏيو هو. اسڪول جي احوال ڏيڻ کان پوءِ ليکڪ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو احوال ڏنو
آهي، جڏهن پاڻ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ اتي وڃي، داخلا وٺي هاسٽل ۾ رهي
پڙهڻ لڳو. هن احوال ۾ پاڻ نه رڳو اسڪول پر هاسٽل جو به مختصر سهي پر ڏاڍو دلچسپ
احوال ڏنو آهي. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي استادن ۽ شاگردن جو احوال ڏيئي، ڪيترن شخصيتن
کي ڪتاب ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪيو آهي. هن ڀاڱي ۾ سندن خاندان پاران ڳوٺ مان لڏي ٺٽي
اچي رهڻ جو احوال ”لڏ پلاڻ“ جي سري سان ڏنو آهي.
هن ئي ڀاڱي ۾
گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪري، انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺي پڙهڻ جو
احوال به ڏنو اٿس، جيڪو احوال آئون ڀانئيان ٿو ته اوڀايي صاحب جي آتم ڪٿا جي ڪتاب
۾ گھڻو اهم احوال آهي، ڇاڪاڻ ته پهرين ڳالهه ته اهو دور سنڌ جي سياسي ۽ سماجي
حوالي سان اهم دور رهيو آهي، ٻيو ته ليکڪ پاڻ به ان دور ۾ سياسي حوالي سان گھڻو
سرگرم رهيو، بلڪ ايس ايس ڪو جهڙي تنظيم جو انجينيئرنگ ڪاليج جو عهديدار رهيو. ان
ئي دور ۾ سنڌ جي قومي ۽ ترقي پسند سياست جي سگھاري نموني سان شروعات ٿي هئي. ان ئي
دور ۾ سنڌ ۾ تمام وڏا واقعا رونما ٿيا، جن سنڌي ماڻهن جي سوچ، فڪر ۽ نفسيات تي
گهرا اثر ڇڏيا. ان ئي دور ۾ SNSF, SSCO ۽ ٻيون تنظيمون وجود ۾ آيون، جن شاگرد سياست تي
گهرا اثر ڇڏيا. ان ئي دور ۾ سنڌ جي ادبي ۽ سياسي تنظيمن ۾ ترقي پسند رجحان زور
ورتو. ان ئي دور ۾ ون يونٽ جهڙو سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پيل ڳٽ نيٺ 1967ع ۾ ٽُٽو. ان ئي دور
۾ 4 مارچ وارو واقعو پيش آيو، جنهن نه رڳو شاگرد تحريڪ پر سنڌ جي قومي سياست ۾ هڪ
نئين روايت جو بنياد وڌو. ان ئي دور ۾ ڪجھ سالن کان پوءِ سنڌ جي شاگرد ۽ ترقي پسند
تنظيمن ۾ ذاتي مفادن خاطر اهڙا فرد به اچي شامل ٿي ويا، جن جي ڪري نه رڳو انهن
تنظيمن ۾ ڦيٽاڙو پوڻ شروع ٿيو، پر ڪن پنهنجا فائدا حاصل ڪري، قومي نقصان به ڪيا.
انهن ڳالهين ۽ عملن جو اثر اڄ جي دور تائين به رهندو اچي. ڪي پڙهندڙ ڀلي کڻي ڪي
اختلاف رکن پر ليکڪ پنهنجي هن آتم ڪٿا ۾ ڪيترين ئي حقيقتن جو احوال ڏيئي ڪيتريون
ئي ڳالهيون اُکوليون آهن. ايس ايس ڪو ۽ 4 مارچ تي هن کان اڳ ۾ طارق اشرف، مسعود
نوراني، عبدالحئي پليجو، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ٻيا به لکي چڪا آهن. اوڀايي خشڪ به
هن ڪتاب ۾ چڱو احوال لکيو آهي، تنهن هوندي به انهن موضوعن تي لکڻ جي اڃا به گھڻي
ضرورت آهي.
نوڪريءَ ۾ اچڻ:
هن عنوان سان ڏنل احوال توڙي جو ليکڪ جو ذاتي احوال آهي، پر تنهن هوندي به گھڻن
حقيقتن سان گڏ، اهو احوال نه رڳو دلچسپ آهي، پر ان دور کي سمجھڻ ۾ به مدد ڏي ٿو.
هيءَ به حقيقت آهي ته اهو احوال نئين نسل لاءِ اتساهه به آهي.
تکيون مٺيون
ڳالهيون: هن عنوان سان ڏنل احوال ۾ ذاتي ڳالهيون گھٽ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽
سياسي شخصن جو ذڪر گھڻو آهي، سچ هيءُ آهي ته هتي ڪيتريون ئي غور طلب ڳالهيون بيان
ڪيل آهن. هتي شاگرد يونين ۽ سپاف جو احوال به آهي ته ان دور جي يونيورسٽيءَ جي
سياسي ماحول جو منظر به آهي. هتي قاسم پٿر، حافظ محمد صديق، يعقوب علي زرداري، يوسف
جکراڻي جهڙين شخصيتن متعلق به ڪي دلچسپ واقعا ۽ ڳالهيون پڻ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون.
مٿين عنوانن کان
پوءِ جيڪو مختلف عنوانن سان ٺٽي جو احوال ڏنل آهي سو به اهم ۽ تاريخي آهي، اهي
عنوان هن ريت آهن: ”1947ع کان اڳ جون ڊٺل ٺٽي جون جڳهيون“، ”شهر ۾ پاڻي پهچائڻ جو
پراڻو نظام“، ”ٺٽو جيئن مون ڏٺو“، ”رمي ڪلب“، ”ايڌي سينٽر“ ۽ ”پريس ڪلب ٺٽو“. هنن
سرن سان ڏنل احوال ڏاڍو اهم ۽ تاريخي آهي، جيڪو شايد ئي ٻئي ڪنهن هنڌ ملي به اهڙي
نموني سان سگهي. ليکڪ کي گھڻا سال اڳ منهنجي خط لکڻ جو مقصد به اهو ئي هو. مون کي
خوشي آهي ته منهنجو اهو مقصد به ڪي قدر پورو ٿيو. جڏهن ٺٽي جي تاريخ جو ذڪر ٿئي ٿو
تڏهن اهو ذڪر ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ جو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته تهذيبي ۽ قديم شهر ٺٽو هڪ ته
بنهه آڳاٽن شهرن مان هڪ آهي، ٻيو ته سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جو هڪ اهم ۽ وڏي ۾
وڏو درياهي بندر به رهيو آهي، ٽيو ته هيءُ شهر سوين سالن تائين سنڌ ملڪ جي گاديءَ
جو هنڌ به رهيو آهي. ٺٽو جتي قديم تهذيب ۽ تاريخ جا ڪيئي داستان پکڙيل آهن، جن تي
اڃا ڄڻ ته لکيو ئي نه ويو آهي. اڄ به ٺٽي جون گھٽيون،بازاريون، شهيدن جا گنج ۽
مڪليءَ جو پکڙيل قبرستان خاموشيءَ جي زبان ۾ ڪيئي داستان ٻڌائي رهيو آهي. اڄا به
ڪيتريون ئي جڳهيون ۽ هنڌ حملي آورن ۽ حاڪمن جي حرڪتن جون گواهيون ڏيئي رهيا آهن.
نه رڳو ان زماني ۾ نهال درياهه ۽ ٻيون جڳهيون مسمار ڪيون ويون پر اڄ به ٿي رهيون
آهن. آتم ڪٿا جي هن ڪتاب ۾ به ڪجهه اهڙا اشارا ملن ٿا. اوڀايي صاحب آتم ڪٿا جي
پنهنجي هن ڪتاب ۾ اهڙين حقيقتن کي به آڻڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. آئون پڪ سان
چوان ٿو ته هن ڪتاب جي هن حصي ۾ ڏنل احوال وڌيڪ نه ته ٿورو ئي سهي پر مسقبل جي محقق
جي ڪجھ مدد ڪندو.
هتي ليکڪ جا
پنهنجا نوٽ بڪ جا ورق به ڏنل آهن. ان کان پوءِ ”جيئي سنڌ هلچل“، ”ٽوڙي ڦاٽڪ
واقعو“، ”1985ع واري غير جماعتي چونڊ“، ”سنڌ قومي اتحاد“ ۽ ”30 سيپٽيمبر 1988ع جو
واقعو“، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي سياست جي حوالي سان انتهائي اهم باب آهن، ڇاڪاڻ ته انهن
واقعن جا سنڌ تي اڄ به گهرا اثر موجود آهن. انهن سرن سان ڏنل احوالن ۾ ڪافي اهڙيون
حقيقتون به پڙهندڙن کي ملنديون جيڪي ٻئي ڪنهن هنڌ ان نموني سان شايد ئي ملي سگهن.
هن آتم ڪٿا جي
ڪتاب ۾ 1: ” آبپاشي کاتي جو ذڪر“، ”سنڌو درياهه“، ”درياهه ۾ ٻوڏ اچڻ“، ”سنڌو درياهه
تي بندن جو اڏجڻ“، ”1991ع وارو پاڻيءَ جو ٺاهه“، ”انڊس ڊيلٽا“ ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙو“
هن ڪتاب جا اهڙا مضمون آهن جو سنڌو درياهه، ايريگيشن ۽ سنڌ جي آبپاشيءَ جي حوالي سان
اهم مضمون آهن، جو مستقبل جا محقق هن مواد مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڀاڱي ٻئي ۾ ليکڪ
پاران لکيل اهي مضمون ڏنل آهن، جيڪي مختلف اخبارن ۾ مختلف وقتن تي ڇپيا به آهن.
انهن مضمونن ۾ ٻه مضمون شاهه عنايت شهيد تي، ٻه مخدوم معين ٺٽويءَ تي، ان کان
سواءِ شيخ اياز جي شاعريءَ تي ”شيخ اياز جي مزاحمتي شاعري“، ٽي مضمون آريسر صاحب
تي جن ۾ ”عبدالواحد آريسر قومي تحريڪ جو مک اڳواڻ“، ”مون سي ڏٺا ماءُ“ ۽ ”عبدالواحد ڪجهه حقيقتون“.
هتي قاسم پٿر تي مضمون ”قاسم پٿر سينواريل سماج ۾ گل پوکيندڙ“ شامل آهي. ۽ آخر ۾ انسائڪلوپيڊيا
سنڌيانا تي به مضمون شامل آهي.
ڪتاب جو ٽيو
ڀاڱو انهن خطن تي مشمل آهي جيڪي مختلف وقتن تي ليکڪ پاران مختلف شخصيتن کي لکيا
ويا ۽ ٻيا اهي خط جيڪي کيس لکيا ويا. انهن خطن ۾ خاص ڪري سائين راشد مورائي جي خطن
جي خاص اهميت آهي.
هيءَ حقيقت آهي ته
اوڀايي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا جو هيءُ ڪتاب لکي نه رڳو سنڌي ادب جي آتم ڪٿائن ۾
واڌارو ڪيو آهي پر تاريخي ۽ قومي سياسي حقيقتون پڙهڻ لاءِ ڏنيون آهن.هن حقيقت کان
به انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ته ڪتاب ۾ شروع کان آخر تائين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان
پيار به پڌرو نظر ايندو. آخر ۾ آئون ٻن خاص ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو، جن
۾ اوڀايو صاحب ڏاڍو محتاط رهيو آهي.
1. ان ڳالهه
کان ڪو به انڪار ناهي ته آتم ڪٿا ۾ هوندو ئي ليکڪ جو ذاتي احوال آهي، پر
ليکڪ پنهنجي ذاتي احوال کي جيتري قدر پنهنجي آسپاس جي يعني سماجي احوال سان
سلهاڙيندو، اوترو ئي اها آتم ڪٿا سگھاري بڻبي.
2. آتم ڪٿا لاءِ ايئن به چيو ويندو
آهي ته ليکڪ کي هر ڳالهه سچ لکڻ کپي، ۽ ليکڪ ڪا به ڳالهه ڳجھي نه رکي، پر منهنجي
خيال ۾ ان جو اهو مقصد به هئڻ نه گھرجي ته پنهنجا اهي ذاتي تجربا به لکي جن جي لکڻ
سان سماج تي ڪي برا اثر پون يا جنهن سان ڪنهن جي بيجا ڪردار ڪشي ٿئي. اهڙيو آتم
ڪٿائون يا ليک سماج سامهون آڻڻ نه گھرجن ڇاڪاڻ ته هر لکت اها سماج سامهون اچڻ
گھرجي جيڪا سماج جي سهڻي اڏاوت لاءِ ڪارگر ٿئي،
۽ جنهن ۾ انسان جي ڀلائي ۽ اعلا درجي تي پهچڻ لاءِ مددگار ٿئي.
اوڀائي خشڪ جي
هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي سچايون چٽيءَ ريت بيان ڪيل آهن، سموري ڪٿا ۾ جيڪي به
حقيقتون، واقعا ۽ تجربا بيان ڪيل آهن، انهن مان گھڻو نه ته به ڪجهه ضرور چڱو پرائي
سگھجي ٿو. آتم ڪٿا جي هن ڪتاب لکڻ تي آئون انجنيئر اوڀائي کي مبارڪ ڏيندي، هيءَ
ڳالهه لکڻ ۾ وڌاءُ نه ٿو سمجهان ته سندس هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو واڌارو آهي.
آخر ۾ آئون هيءَ
ڳالهه چوڻ ضروري سمجهان ٿو ته اسان جي ليکڪن کي هن صنف ڏانهن ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي
ڇاڪاڻ ته ڪيتريون اهڙيون حقيقتون جيڪي سندن اندر ۾ سنڀاري رکيل آهن، ايئن نه ٿئي
جو اهي ڪٿي به رڪارڊ ٿيڻ کان رهجي وڃن.
هوت هلن، آئون
وهان، ته ڪا ايئن جڳاءِ،
مون کي من اندر
جا ڳالهڙي.
(شاهه لطيف)
ڊاڪٽر
محمد علي مانجهي
مڪلي، 10 آڪٽوبر 2016
No comments:
Post a Comment