سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو (اڀياس)
ليکڪ:
جنرل ھيگ
سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو
اڀياس: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
![]() |
ڪتاب
”سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو“ جو عڪس
|
سنڌؤَ
جو ڇوڙ وارو علائقو تھذيبي، تاريخي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان تمام گھڻو اھميت وارو
رھيو آھي، ھن علائقي ۾ ٿرپارڪر حيدرآباد کان هيٺ بدين/جوڻ،
ننگر ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جا ضلعا اچي وڃن ٿا. سنڌ جا آڳاٽا شھر وسنديون، ڪوٽ ۽ قلعا گھڻا
هن علائقي ۾ رھيا آھن ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته سامونڊي بندر به هتي ئي رھيا آھن. آڳاٽي
زماني ۾ ڏور ڏيهن ۾ وڻج واپار ۽ اچ وڃ سامونڊي رستن وسيلي ئي ٿيندي ھئي.
جاگرافيائي
۽ سياسي اھميت جي ڪري ھر حملي آور جي ميري اک به ھن ئي علائقي تي رهي آهي. لڳ ڀڳ گهڻيون
جنگيون ۽ سڀئي تاريخ جا وڏا واقعا به ھن ئي علائقي ۾ ٿيا. ڪيترائي حملا ٿيا، شھر
جُڙيا، اُجڙيا، وسنديون آباد ۽ برباد ٿيون. سڀني ڳالھين سان گڏ ثقافتن جي ڏي وٺ به
ھتان ئي ٿي.
ھئَ
پورالو درياهه (سنڌو) به ھتان ڀرا ڪندي وھندو رھيو آهي. ڪڏھن اولھائين ڏسا کان ته ڪڏھن
بنھ اوڀارين پاسي ۽ ڪڏھن وري ھن علائقي جي وچان پئي وھندي گذريو آهي. ڪڏھن ڪھڙا ته
ڪڏهن ڪهڙا ھنڌ آباد ڪيائين ۽ ڪڏھن وري برباد به ڪيائين. سنڌو ڪڏھن پٽيالا جي پٽن
تان ته ڪڏھن گھاري وٽان وھيو. ڪڏھن ساموئئَ وٽان ته ڪڏھن بگھاڙ وٽان، ڪڏھن پُراڻ
جي پڊن مان ته ڪڏھن وري ھاڪڙي جي ھنڌ تان وھندي اڳوڻن ھنڌن کي آباد ڪيائين ته ڪن
هنڌن کي ڪئين سال وساري ٿي ڇڏيائين. ھن دلبر درياءَ جيڏاھن ٿي آر ڪيو، آباديون به
اوڏانھن ئي ٿي اَڏيون ويون مطلب ته ھي محبوب جي آرن جھڙو سنڌو ڪڏھن ڪٿان ته ڪڏهن
وري ڪٿان وھيوآهي. انھئَ جو باقاعده اسان وٽ ڪوبه رڪارڊ وغيره به نه آھي، جيڪڏھن
اھڙي قسم جو رڪارڊ ھجي ھا ته پَڪ سان سنڌو ماٿري جي تاريخ به سج جيان چٽي ھجي ھا ۽
ڪوبه مونجھارو يا کوٽ نه ھجي ھا. البت انهن وهڪرن جا نشان اڃا به موجود آهن.
تاريخي
لحاظ سان جيترو ڇوڙ وارو علائقو وڌيڪ اھميت رکندڙ آھي، اوترو ئي ھن علائقي تي
تاريخي مواد جي کوٽ به رهي آھي. جنرل ھيگ اھو ڏاھو ليکڪ، جاگرافيدان ۽ تاريخدان آھي، جنھن ھن
علائقي جي تمام گھڻي اھميت کي محسوس ڪندي، لڳاتار جاکوڙ ڪري، اُن وقت جي جديد قسم
جي سروي ۽ تحقيق جي بنياد تي ھي ڪتاب ”سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو“Indus Delta Country' ڏيئي هتي جي جاگرافي، تاريخ، سنڌو، سندوءَ جي وهڪرن
وغيره جي معلومات کي محفوظ ڪيو. ميجر جنرل ايم آر هيگ جنهن کي 1858ع ڌاري سنڌ ۾
سروي ۽ سيٽلمينٽ کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصي لاءِ کيس افغانستان ۾
به موڪليو ويو. افغانستان ۽ سنڌ ۾ رهڻ دوران تڪڙو ئي فارسي، پشتو ۽ سنڌي ٻوليون سکي
ورتائين. 1861ع ۾ هندستان جي گورنر پاران کيس سنڌ ۾ غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ
سان گڏ زمينن جي وڪري ۽ خريدڻ جي سلسلي ۾ آفيسر مقرر ڪيو ويو. جڏهن سنڌ جا ڪليڪٽر،
انگريزن سان ساٿ ڏيندڙ وڏيرن کي زمينون ڏيئي رهيا هئا. تڏهن هن انصاف پسند آفيسر
وڏيرن بدران مقامي هارين کي زمينون ڏيئي غيرآباد زمينون آباد ڪرائي اُپت وڌرائي.
ان عرصي ۾ هن واهه ۽ ناليون ٺهرايون ۽ ڪٿي کوهه کوٽرائي آبپاشي نظام جوڙيو. هڪ خاص
ڳالهه ته جنرل هيگ سنڌ کي ديهن، تپن ۽ تعلقن ۾ ورهاست جو ڪم ڪندي، انهن جون حدون
مقرر ڪري، روينيو جو نئون انتظام پيش ڪيو. انهيءَ لاءِ هن نقشا ٺهرائڻ جو اهم ڪم
به ڪيو. جنرل هيگ سنڌ جي 45 تعلقن جي ايراضيءَ جي نقشن، واهن، نالين، ڍنڍن، ڳوٺن،
شهرن، واهڻ، وستين، وڻج، واپار ماڻهن جي روزگار، ڌنڌن وغيره جي هڪ رپورٽ جاري
ڪرائي. هن هتي رهي سنڌ جي قديم دور جي تاريخ، جاگرافي ۽ خاص ڪري سنڌوءَ ڇوڙ واري
علائقي جو گهرو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ هن سڄي سنڌ جي ڳوٺن، واهڻ،
وستين، شهرن، قديم آثارن، ڇوڙ وارن وهڪرن، ڇاڙن، کارين وغيره جو اڀياس ڪيو. هن اڳتي
هلي نقشا ٺاهيا، رپورٽون تيار ڪيون انهي وڏي مشاهدي ۽ تجربي کان پوءِ هن سنڌ بابت
ڪتاب لکيا. سندس ڪتابن ۾ هيٺيان ٽي ڪتاب آهن:
1. Indus Delta Country 1872
2. Ibn-Batuta in Sindh 1887
3. On the Sites of the Brahomanabad and Mansura In Sindh1884
پر انهن ٽنهي ڪتابن ۾ Indus Delta Country گهڻو مشهور ۽ اهم ڪتاب
آهي. هي ڪتاب هيٺين بابن تي مشتمل آهي.
1. سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو
علائقو
2. سڪندر جي حملي وقت
سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو
3. يونان جي پوئين دور
جي ڪتابن ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ جو احوال
4. قديم مشرقي مورخن جي
احوالن جي روشنيءَ ۾ سيوستان ڏيپلو ۽ ڇوڙ وارو علائقو
5. مشرق جاگريفدانن جا
سنڌ جي وچولي ۽ لاڙ بابت رايا
6. سنڌ تي مسلمانن جي
ٻئي حملي کانپوءِ ڇوڙ وارو علائقو
7. ڇوڙ واري علائقي ۾
پورچوگيز
8. شاهي لشڪر جو ڇوڙ
واري هيٺين علائقي ۾ اچڻ
9. موجوده دور ۾ سنڌ جو
لاڙ وارو ڀاڱو
حاشين کان اڳ ۾ 6 تفضيلي ضميما ڏنل آهن.
هن ڪتاب جي گهڻي زماني کان خاص اهميت رهي آهي. خاص ڪري سنڌي
ترجمي جي ته سخت ضرورت هئي، جنهن کي محسوس ڪندي، مانواري سائين عطا محمد ڀنڀري هي
ڪتاب ترجمو ڪري، پوري ڪئي آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين
۽ ڀنڀري صاحب جي ننڍپڻ جي دوست ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي ته، ”جنرل هيگ پهريون
مصنف آهي، جنهن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي بابت هڪ معياري ڪتاب لکيو، جنهن جو سنڌي
ترجمو اوهان جي هٿن ۾ آهي. سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو تاريخ توڙي جاگرافيءَ جي
لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. قديم زماني کان سيلاني سمنڊ رستي سنڌ ۾ آيا ۽ پوءِ وري
درياهه ذريعي سفر ڪيائون. سڪندر جو سنڌ تي حملو هجي يا عربن جي سنڌ تي ڪاهه يا
اليگزينڊر برنس جو سنڌوءَ جو سفر، هر لحاظ کان ڇوڙ وارو علائقو وڏي اهميت رکي ٿو.
هن علائقي ۾ ڪي بندر ۽ درياهي پتڻ هوندا هئا، ڪيترن ملڪن سان وڻج واپار هلندو هو،
ڪيترائي شهر، وستيون ۽ واهڻ هئا، جن مان اڪثر اجڙي ويا.“
ڪتاب
۾ تمام سھڻي ترتيب سان سڪندر جي حملي کان وٺي پورچوگيزن جي حملي تائين، حملي آورن،
مورخن، سياحن ۽ جاگرافيدانن جي حوالن جي روشنئَ ۾ سُٺي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. سنڌؤَ جي
مختلف وھڪرن، انھئَ وقت جي شهرن، وسندين ۽ اُتي جي حالتن جي سُھڻي اُپٽار ڪئي ويئي
آھي.
سچ
پچ ھي ڪتاب نه فقط جاگرافيائي لحاظ کان اھميت وارو آھي، پر تاريخي لحاظ سان به بنھ
اھميت وارو آھي. ھئُ ڪتاب به ٻين تاريخي ڪتابن وانگر ماضئَ جي دَزَ ھيٺان دَٻيو
رھيو ۽ نيٺ محترم عطا محمد ڀنڀري جا نيڻ ھن ڪتاب کي نصيب ٿيا، جنھن ڇنڊي ڦوڪي، سنڌي
ترجمو ڪري سڄي قوم اڳيان رکيو آهي. هي حقيقت آهي ته جھڙي جنرل ھيگ جي ھئَ تحقيق
شاندار آھي، تھڙو ئي ترجمو بهشاھڪار آھي.
ھونءَ
ته ھرڪو تحقيقي ڪتاب ڏکيو ھوندو آھي، پر جنرل ھيگ جو ھئُ ڪتاب گھڻو ٽيڪنيڪل ۽ ڏکي
انگريزئَ ۾ لکيل آھي. شابس هجي محترم ڀنڀري صاحب کي جنهن انھئَ بنھ ڏکئي ڪتاب کي
تمام سولي سنڌئَ ۾ آڻڻ سان ڪمال ڪري ڇڏيو آھي. ڪتاب جي ترجمي ۾ ھر لحاظ سان ٻي ٻولئَ
جي لفظ وغيره کان گھڻو ڪري پاسو ڪيو ويو آھي، تنھن ڪري ھن ترجمي پڙھڻ سان اصل سنڌئَ
وارو ميٺاج محسوس ٿئي ٿو. ڪٿي ته ڀنڀري صاحب اڃان به ٻه وکون اڳيان وڌندي خاص ڪم
اهو به ڪيو آھي ته جتي جنرل ھيگ جن پٽن ۽ پڊن جا نالا وغيره (انگريزئَ ۾) لکندي ڪا
غلطي ڪري ويو آھي، سا به پاڻ وڏي سُچتائئَ سان دور ڪري، عام روايتي ۽ درست اُچار ڏنا
آھن. اڃا به جيڪڏھن ڪا ضرورت محسوس ٿي آھي ته پاڻ (مترجم) انھئَ سلسلي ۾ وري حاشيي
۾ وڌيڪ ڄاڻ ڏيئي ڪتاب کي اڃا به وڌيڪ سولو ۽ سَھنجو ڪيو آھي. انھئَ ۾ ڪو به شڪ
ناھي ته ڀنڀرو صاحب نه فقط ھڪ ڪامياب مترجم آھي، پر ھڪ اھڙو مترجم آھي جنھن جي
ترجمي لاءِ ھر سُٺو ۽ سھڻو ڪتاب واجھائيندو آھي.
ڀنڀري
صاحب جي اھائي وڏي ڪاميابي آھي جو سندس ترجمو پڙھڻ سان ڪٿي به اوکائئَ جو احساس ئي
نٿو ٿئي. ڪٿي ڪٿي ته ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ماڻھو انھئَ دؤر ۾ پھچيو وڃي. سچ پچ ھن
ھيڏي ڏکئي موضوع ۽ ڪتاب کي ڀنڀري صاحب ماھرانا نموني ترجمو ڪري ڪتاب جي اهميت کي
اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي. ترجمي ۾ هن ڪٿي به مقصد ۽ معنى کي ذري جو به ڇيھو نه رَسڻ ڏنو
آهي. اھڙو اندازو ھن ٽڪري مان ئي ڪري سگھجي ٿو:
”نيرون
تي فوجي سرسئَ کان پوءِ عرب لشڪر سيوستان (سيوھڻ) ڏانھن وڌڻ لڳو. ڊاٻن پٺيان ڊاٻا ڪندا
نيٺ اچي اُن ٿاڪ تي پھتا، جنھن کي ”موج“ سڏيندا ھئا. نيرون کان ھن ماڳ جو پنڌ ٽيھ
فرسخ ھو. اھو به ٻڌايو وڃي ٿو ته مذڪور ٿاڪ سيوستان کان گھڻو پري ڪونه ھو، پر
نيرون کان ھڪ سؤ ويھ ميل پري ھو، پر ٻئي طرف اسان پورئَ پَڪ سان چئي سگھون ٿا ته
حيدرآباد کان سيوھڻ اسي ميل يا ٿورو پنڌ وڌيڪ آھي. ھِتي اسان ھڪ بنيادي حقيقت ۽
چچنامي جي بيان ۾ گھڻو ويڇو ڏسون ٿا. جنھن ڪتاب اسان جي اعتبار کي لوڏي رکيو آھي ۽
ھن ڪتاب تي اسان اکيون ٻوٽي اعتبار ڪندا ھئاسون، سا ان جي پنھنجي سچائي ۽ ساک
ھوندي ھئي.“
مطلب
ته ھن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ھر لحاظ کان پڙھڻ وٽان آھي. هيءَ ڳالهه ضرور مڃبي ته ھن
اھم ڪتاب کي اسان تائين پھچائڻ ۾ محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب جا وڏا احسان چئبا،
جنھن ھئُ ڪتاب ترجمو ڪري سنڌ جي بنھ اھم خطي ڇوڙ واري علائقي تي تمام وڏي کوٽ کي
پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھو قدم گهڻن لحاظن کان اھم ۽ وقتائتو به آهي.
مترجم
کي انھئَ ميدان ۾ تاريخ ڪڏھن به نه وساريندي. ڀنڀري صاحب ھن ڪتاب تي جيڪي حاشيا
لکيا آھن، سي نھايت قيمتي ۽ وزندار آھن. جنھن مان اھا ڳالھ واضح طور چٽي ٿئي ٿي ته
هو نه فقط ڪاميابي جو مترجم آھي، پر کيس تاريخ جي به پوري ڄاڻ آھي.
ھن
ڪتاب تي ٻه اکر سنڌ جي ڏاھي ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جن لکي ، ھن علائقي، ڪتاب ۽
موضوع جي اھميت جو اڃا به وڌيڪ اهميت ۽ احساس ڏياريو آھي، هيءَ به حقيقت آهي ته جنرل
ھيگ کان پوءِ ھن علائقي جي تاريخ ۽ جاگرافئَ تي ڪو خاطرخواھ ڪم نه ٿيو آھي. ھي ڪتاب
سنڌي ٻولئَ جي با اختياراداري جي تمام سٺي اشاعت چئبي ۽ انھئَ ۾ به ڪو وڌاءُ ناھي
ته محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ھن اداري ۾ بنهه مختصر عرصو رھندي نه فقط گھڻا پر اھم ڪتاب
شايع ڪري اداري جو مان مٿاھون ڪيو. انھئَ ڏس ۾ ھئُ ڪتاب بنھ اھم آھي. ڇپائئَ جي
لحاظ سان البت ڪٿي ڪٿي ڪتاب ۾ ڪي ڪوتاھيون رھجي ويون آھن، خاص طور پروفنگ ڏانھن ڪجھ
گھٽ ڌيان ڏنو ويو آھي ۽ ھھڙي اھم ڪتاب جي آخر ۾ ماڻھن، ماڳن ۽ مڪانن جي ڏسڻي به
ضرور ڏني وڃي ھا ته ڏاڍو بھتر ٿئي ھا.
آخر
۾ سنڌي ٻولئَ جي با اختيار اداري جي موجوده چيئرمين جناب حميد سنڌي صاحب ۽ سيڪريٽري
محترم تاج جويي صاحب کي وينتي ٿي ڪجي ته محترم ڀنڀري صاحب وٽ خاص ڪري سنڌو لکت ۽ ٻين
موضوعن تي به ترجما ٿيل مسودا موجود آھن سي کانئس وٺي، ضرور شايع ڪرايا وڃن ته جيئن
انھئَ کوٽ کي به پورو ڪري سگھجي.
No comments:
Post a Comment