Monday, June 8, 2020

سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو شاعر، محقق ۽ استاد احسن جوکيو

سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو شاعر، محقق ۽ استاد ’احسن جوکيو‘


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي




سنڌ جي جابلو پٽي کٽياڻي ( جتي هاڻي پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري آهي.)  کان ڪجھ ميلن جي فاصلي تي مالوندن جي جوءِ ”لوهيڙن واري“ (خوبصورت برساتي ڍورو جيڪو کٽياڻي جبل کان نڪري اڳتي اچي کڏيجي ئي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن ڍوري جي ٻنهي ڪنڌين سان لوهيڙي جي وڻن جون سهڻيون قطارون آھن ان ڪري اه مٿس نالو پيو.) ۾ 1936ع ڌاري هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ سائين محمد احسان ”احسن“ جوکيو سنڌي،فارسي،عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو، مشهور محقق، عالم، اديب، استاد، سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو صاحب ديوان شاعر 
هئڻ سان گڏ هڪ مثالي استاد، ليکڪ ۽ مثالي انسان هو.


سندس اعليٰ ڪردار تي فخر ڪري سگھجي ٿو. ڳوٺ ۾ ڪو به اسڪول نه هئڻ جي ڪري ملير ويجھو مراد ميمڻ مدرسي ۾ وڃي پڙهيو، هن پاڻ پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ”سفر زندگيءَ جو) ۾ ان جو وڻندڙ احوال ڏنو آھي، ھو لکي ٿو ته:”ان دور ۾ اٺ ڏاگهي کانسواءِ ٻي ڪا به سفري سهوليت نه هئي. پيرين پنڌ سفر جون منزلون طئي ڪرڻيون پونديون هيون. واٽن تي رائو رڳو رڃ، پٿرن پير پٿون ٿي ڪيا. واٽن تي واري وسندي رهندي هئي. آئون بابا جي پويان ڊڪندو ۽ ڊوڙندو ويس. مدرسو اسان جي وسنديءَ کان ٽيهارو ن ميل پري هو.“ ھن علم جي پياسي اهي پنڌ ڪري، اتي ئي ڪيترا سال رهي، ڪاميٽي امتحان (سنڌي فائنل) پاس ڪيو. غربت جي ڪري، ڪجھ وقت ڪراچي جي جوڙيا بازار ۾ هڪ دڪان تي ڏينهن جو نوڪري ڪري، رات جو فٽ پاٿ تي سمهي وقت گذاريائين. ڪجهه وقت لاءِ عارضي نوڪري ماستري مليس پر پوءِ پڪي نوڪري مليس سا بہ جاتيءَ ۾ اٽينڊنس لازمي تعليم صاحب جو پٽيوالو. انهيءَ بابت پاڻ پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ:”آئون ٻہ مهينا بغير پگهار جي قاضي احسن اسڪول ۾ رهي، وري ڪراچي تعليم آفيس ۾ آيس، هيڊ ڪلارڪ هو عبدالله درس، مون کي ٽيهہ رپيا رهيل پگهار ڏنائين ۽ وڌيڪ چيائين تہ اوهان کي پڪي طرح ماستري جي پوسٽ ملندي پر آرڊر اشو ٿين تيستائين اٽينڊنس لازمي تعليم جاتي وٽ پٽيوالو ٿي ڪم ڪر. مون بہ ”ها“ ڪئي.“ ..... ” آئون پٽيوالي جي حيثيت ۾ ڳاڙھن ڪپڙن ۾ ٻڌل رڪارڊ جي ڳٺڙي مٿي رکي، صاحب موصوف جن سان گڏجي جاتي روانو ٿيس.“ وري لکي ٿو تہ: ”آئون صاحبن سان گڏجي بس رستي ننگر ٺٽي پهتس، جتان سنڌو دريا اُڪري سجاول کان ٿيندو جاتي وڃڻو هو.“ اڳتي لکي ٿو تہ:”اسان سنڌوءَ جو پتڻ پار ڪري ٻئي ڪپر تي پهتاسين. دفترن جي هڙ منهنجي مٿي تي هئي، اٺ سواري ڪري سجاول پهتاسين. فتح محمد شاهہ اٽينڊس صاحب سجاول جي بازار گهمائي ۽ روڊ تي بيٺل بس ۾ لڳل لوهي ھُڪُ منهنجي پيشاني ۾ زور سان لڳو ۽ خون وهڻ لڳو.صاحب جن حڪيم صاحب کان علاج ڪرايو ۽ زخم تي پٽي ٻڌرائي. اهو اڃا بہ زخم جو نشان منهنجي ساڄي اک مٿان موجود آھي.“ صاحب جو احوال بہ ڏاڍو دلچسپ لکيو اٿس، لکي ٿو تہ: ”....مون صاحب کي اطلاع ڪيو تہ گهوڙو سنج سميت تيار بيٺو آهي. `شاباش تون تہ ڪم جو وارو ڇورو آھين´. صاحب ريمارڪ ڏنو. مون کي اهي ڏينهن ياد پوندي هينئين ۾ چير پون تہ هڪ فائنل پاس ماستر (اٽينڊنس) پنهنجي زيردست تي ڪيڏو نہ بي رحم حڪم هلائن ٿا. پاڻ ڪک کڻي ٻيڻو بہ نٿا ڪن. جيتوڻيڪ آئون پاڻ فائنل پاس هئس. وري مون کي حڪم ڏنائين تہ هي کٻڙ جي وچ واري واٽ وٺيو ڊوڙندو وڃ. واٽ تي ئي سميجن جو اسڪول ايندو، ان ماستر کي اطلاع ڪر تہ صاحب اچي ٿو. تيار ٿي ويهہ ۽ ماني جو بندوبست بہ ڪجان، پر ڊوڙ رفو چڪر ٿي، آئون پهچان ٿو. سو آئون صاحب جن جو حڪم اکين تي رکي، ڄارين جي وچ مان ڊوڙندو، ور مٿي کنيو، ماڪ ڦڙن جي آلاڻ ۾ ڀِڄندو اسڪول پهتس.......“ سائين احسن شروع ۾نوڪريءَ جون اهڙيون سختيون بہ سٺيون. نيٺ 1955ع ۾ اسسٽنٽ ماستر طور ڪاٺوڙ ۾ مقرر ٿي پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ان دور ۾ اتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ ۾ شامل ٿي ادبي دنيا ۾ آيو. نوڪريءَ دوران مئٽرڪ کان ايم اي ۽ پرائيمري استاد جي ٽريننگ کان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ ڪيائين. انهيءَ دور ۾ ئي انگريزي بہ سکيو ۽ پڙهيو. پوءِ هائي اسڪول ۾ استاد ٿيو، سپروائيزر ٿيو، مختلف هائي اسڪولن جو هيڊ ماستر رهيو، ايڊيشنل ڊي اي او بہ رهيو. نيٺ 1996ع ۾ رٽائر ٿيو. هن سڄي زندگي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان نوڪري ڇا ڪئي پر سنڌ جي ڪيترن نسلن کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪري ڄڻ تہ عبادت ڪئي. ڪڏهن بہ ڪنهن جي دل آزاري نہ ڪندڙ، اعلا اخلاق جو مالڪ سائين احسن بنھ نفيس انسان هو. سڄي ڄمار پابنديءَ سان ڊيوٽي ڪندڙ ھن شخص جي ڪرپشن ۽ ڪوتاهي ڪندڙن سان تہ بنھ پوندي ئي نہ هئي. اهڙي قسم جي ماڻھوءَ کي هٿ ڏيڻ کان بہ پاسو ڪندو هو. چڱا ماڻهو اڄ به سندس ايمانداري ۽ سچائيءَ جا ڳڻ ڳائيندا آهن.


گهڻي زماني کان تحقيقي مضمون لکندو ۽ خوبصورت شاعري ڪندو رهندو هو. ڏيکاءُ کان گهڻو ڏور رهندڙ هن عالم جيڪو لکيو سو واھ جو لکيو. سندس 8 ڪتاب ڇپيا جن ۾ (1) ”جانب جو جمال“ (2) ”ديوان احسن“ (سنڌي) (3) ”وليون واس ورنيون“ (تحقيق) (4) ”سفر زندگيءَ جو“ (5) ”ور ۾ ڪونهي ور“ (6) ”مٿي مارڳ ماڪ“ (7) ”جيءَ ۾ جهوري جن“ ۽ (8) ”وري پڇ ويٺن کان“ شامل آھن، جيڪي سچ تہ علمي خزانو آھن. ان کان سواءِ ”ديوان احسن“ (فارسي) ۽ ٻيا بہ ڪيترائي سندس اڻ ڇپيل ڪتاب، مضمون، مقالا ۽ لائبريري سندس خاندان وٽ محفوظ آهي.

 آئون کيس ننڍي هوندي کان ئي سڃاڻندو هئس ڇو ته هو 1974ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري هيڊ ماستر مقرر ٿي جھرڪ هاءِ اسڪول ۾ رهيو پر تڏهن آئون اڃا پرائيمري ۾ پڙهندو هئس. هيڊ ماستر ٿيڻ جو احوال بہ ڏاڍو دلچسپ ٻڌائيندو هو، جيڪو هن پنهنجي ڪتاب ۾ بہ لکيو آهي. ٿيو هيئن تہ فارم ليڪچرشپ لاءِ ڀري، امتحان ڏنائين پر آرڊر نڪتس هيڊ ماستر جو، جيڪو هو کڻي اچي جهرڪ هاءِ اسڪول پهتو. اتي ٿوري ئي وقت ۾ هن بي لوث شخص اسڪول کي سٺو سڌاريو. هن بنا ڪنهن ٽيوشن في جي شام جو ڪلاس هلائي ڪورس مڪمل ڪرايو. موتين جهڙا سهڻا اکر لکندڙ سائين احسن جي پڙهائڻ جو انداز بہ اهڙو جو وٽس پڙهيل اڄ بہ کيس ياد ڪري واکاڻون ڪن ٿا. هو هڪ مٿاهين معيار جو استاد ۽ وڏو عالم هو. 1986ع کان پوءِ مختلف موقعن تي ڪچهريون به ڪندا رهندا هئاسين پر منهنجي ساڻس ويجھڙائي سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ ٿي. پوءِ هو مون سان نہ رڳو خطن ۽ فون وسيلي رابطي ۾ رهيو پر مختلف وقتن تي اچي ڪچهريون به ڪندو رهندو هو.. خاص ڪري جڏهن آئون ثقافت کاتي کان 2013ع ۾ واپس ٿي، ٺٽي ڪاليج ۾ پڙهائڻ ۽ پرنسيپل جون ذميواريون سنڀالڻ لڳس تڏهن کان هو وڏي ڄمار هوندي به مون وٽ لڳ ڀڳ هر هفتي اچي ڪچهري ڪندو هو. سندس ڪچھري جو موضوع سنڌ جي تعليم، علم ۽ ادب هوندو هو. کيس ڀٽائيءَ جا بيت ۽ فارسي شاعري بہ گهڻي ياد هئي ۽ ان کي ٻڌائڻ جو انداز تہ ڪو وٽانئس سکي. ڳالهہ ڳالهہ ۾ مهل ۽ موقعي سان 
ٺھڪندڙ بيت ٻڌائي ڳالهہ کي وزنائتو بڻائڻ جو ڏانءُ بہ سٺو هئس. 2003ع کان پوءِ پنهنجي هر لکڻي پهريائين مون کي ضرور پڙهائيندو هو. مختلف وقتن تي علمي ۽ ادبي خط بہ لکندو رهندو هو، آئون کيس وقت سان جوابي خط لکي موڪليندو رهندو هئس تہ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيندو هو. جڏهن سنڌ جي سورهيہ ڪردارن تي منهنجا مضمون ڇپجڻ لڳا تڏهن هن هڪ ڊگھو تعريفي خط لکيو، جيڪو مون وٽ اڃا محفوظ آهي. جڏهن کيس خبر پئي تہ مون کي ڊاڪٽريٽ جي سند ملي آھي تڏهن جيڪو هن خط لکيو  هيءُ ان جو عڪس آهي













No comments:

Post a Comment