Tuesday, July 21, 2020

تون نه آهين پرين، قهر آ زندگي (غزل)

تون نه آهين پرين، قهر آ زندگي (غزل) 

مانجھيشاعري:
ڪتاب: جھڙي سج ڪڪور

Poet: Dr Muhammad Ali Manjhi, Book: Jahrri Sijj-a Kakkor

اشارا به ناهن، ادائون به ناهن (غزل)

اشارا به ناهن، ادائون به ناهن (غزل)

مانجھيشاعري:
ڪتاب: جھڙي سج ڪڪور

Poet: Dr Muhammad Ali Manjhi, Book: jahrri Sijj-a kakkor

پهرئين پهرئين بهار جيان تون (غزل)


پهرئين پهرئين بهار جيان تون (غزل)

مانجھيشاعري:
ڪتاب: مڪلي ۽ مانجھي

Poet: Dr Muhammad Ali Manjhi, Book: Makli and Manjhi

سانوڻ جي برسات لڳين ٿي (غزل)

 سانوڻ جي برسات لڳين ٿي (غزل)

مانجھيشاعري: 
ڪتاب: جھڙي سج ڪڪور


Poet: Dr Muhammad Ali Manjhi, Book: Jharri Sijj-a Kakor

Sunday, July 19, 2020

گھايل مَنَ جا گيت (خاموش عباسئَ جي شاعري، ليکڪ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)

گھايل مَنَ جا گيت - خاموش عباسئَ جي شاعري


(جنم: 1935ع - وفات: 1996ع)
ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘

   سنڌ ملڪ جو ننگر ٺٽي وارو علائقو سدائين سُکيو ۽ سَرهو رهيو آهي، ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيب، تمدن، انساني ارتقا، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي لحاظ سان گهڻو اهميت ڀريو رهيو آهي. ننگر ٺٽي جو هڪ من موهيندڙ ماڳ اهڙو به آهي، جنهن ڏانهن اسان جي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جي نگاهه نه وئي  آهي، سو آهي چِليا جتي سنڌو سڀيتا جا قديم آثار  اڄ به تحقيق ۽ سمجهڻ لاءِ سڏي رهيا آهن. سنڌ ساڻيهه جي ٻين ڪن روح ڇڪيندڙ هنڌن وانگر هن ماڳ جي مٽيءَ ۾ هزارين سالن جي مھڪ سمايل آهي.

Saturday, July 18, 2020

تاج صحرائي - سنڌ جي قديم آثارن جو جاکوڙي (مقالو: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)

تاج صحرائي - سنڌ جي قديم آثارن جو جاکوڙي

(ڏاهو، محقق، تعليمدان ۽ عالم)


  ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


سُونھان سُڌيون  ڏين، ديواني  درياهه  جون،
ڪوڙ  اوڏائي  ڪينڪي، رڳو  سچ  سُڌين،
عِجز   جو   اڌ   رات   کي   وڻج  وهائين،
ساٿ نباهيو   نِين، ثابت  اِنهيءَ  سير مان
                                                        (لطيف) 
سنڌ ملڪ جي تھذيب ۽ قديم آثارن جو ذڪر ٿيندي ئي سنڌ ۾ ڪجهه وڏن نالن ۾ سائين تاج صحرائي صاحب جو نالو بنهه نمايان نظر اچي ٿو، سنڌو تهذيب، قديم آثار، خاص ڪري کير ٿر جو اوڀاريون پاسو ۽ منڇر جو ذڪر ٿيندي ئي تاج صحرائي هڪ ماهر ۽ ڄڻ ته اُتي جي انسائيڪلو پيڊيا طور ذهن تي تري  اچي ٿو.

Friday, July 17, 2020

ريجهو مل (روهڙئَ سان تعلق رکندڙ ناميارو صوفي شاعر)


ريجهو مل

(روهڙئَ سان تعلق رکندڙ ناميارو صوفي شاعر)

ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘


سنڌ ملڪ ساڃاهه وندن، سرجڻهارن، صوفين، سنتن امن پسند ۽ سماج سڌارڪ انسان جو ديس آهي. هتي جي مٽيءَ ۾ وڏي مڻيا آهي. عقل، فهم، امن، آشتي ۽  انسانيت جا هتي اعلا مثال ملن ٿا. علم ۽ فن جي ديوي به هتي سدائين رقص ڪندي رهي آهي. هتي جي خمير سدائين کٿوريءَ خوشبوئون پکيڙيون آهن. هن ملڪ جي چپي چپي تي شاعر، صوفي، سنت ۽ سماج سڌارڪ سدائين ڪنول جي گلن وانگر کڙندا ۽ ڏيھه واسيندا رهيا آهن. سندن فڪر، فهم، امن، انسانيت ۽ پيار جا پيغام، سدائين پُئاڻيءَ جي ٻوٽي وانگر سڄي تَرَ کي واسيندا رهيا آهن.

Sunday, July 12, 2020

جڏهن تڏهن سنڌڙي قنڌاران جوکو

جڏهن تڏهن سنڌڙي قنڌاران جوکو

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
  history of Sindh
هئَ ڳالهه ڪجھ ڏينهن، مھينن يا سالن جي نه پر هيءَ حقيقت سوين سالن کان هڪ ڊگهو سلسلو آهي، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. هئَ هڪ ڪَڙي حقيقت آهي ته گهڻي زماني کان افغانن جون سدا سائي ۽ سُکي ستابي سنڌ تي ڪاهون ۽ حملا ٿيندا رهيا آهن. سن 1485ع کان انهن ڪاهن ۽ حملن جا ته تاريخي دستاويز موجود آهن. اُهي ڪاهون جيڪي هُنن سن86/1485ع کان شروع ڪيون اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين لڳاتار جاري آهي. منگولن جي ڏينهن ۾، 1485-86 /890 ھ ۾ خراسان جي سلطان حسين مرزا بايقرا سنڌ جي دنگ تي چڙهائي ڪئي پر کين ڪا خاص سوڀ نصيب نه ٿي. سن 1487ع / 892 ھ ۾ هرات ۾ ان جنگ جي فتح جو هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو.

خادم حسين ابڙو جي شاعري جي مجموعي ”جَالِڻُ جِهانگِين سَاڻُ“ جو مهاڳ (حوصلي ۽ اُميد جو شاعر)

حوصلي ۽ اُميد جو شاعر


(خادم حسين ابڙو جي شاعري جي مجموعي  ”جَالِڻُ جِهانگِين سَاڻُ“ جو مهاڳ)

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ڏاها چون ٿا ته ”شاعري جي رمزيت کي تمام گهڻو جامع ۽ همه گير هئڻ کپي، ڇو ته عظيم المرتب ۽ جليل القدر شاعريءَ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي.“  منهنجي خيال ۾ ”جامعيت“ ۽ ”همه گيري“ ئي ڪنهن شاعريءَ جي سگهه آهي. ڪنهن به شاعريءَ ۾ موضوع جو وسيع هئڻ، زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي نظر ڌرڻ، محبت، ميلاپ، عشق، وڇوڙو، موت، تباهيءَ جي احساس جي ڪيفيت وغيره شاعريءَ کي سگهه بخشيندڙ جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون آهن. فرد کان ويندي سماج ۽ قوم سان گهرو لڳاءُ، خلوص ۽ عشق ئي تخليق جي سلن لاءِ سانوڻي مند آڻيندا آهن. اها ئي خوبصورت شاعريءَ جي سڃاڻپ آهي ته ان ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ موجود هجن.

Friday, July 10, 2020

محبت مايائون ”اسدي“ جي ڪتاب ”انمول احساس“ تي ڪجھ جملا

محبت مايائون

”اسدي“ جي ڪتاب ”انمول احساس“  تي ڪجھ جملا

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


سنڌ ساڻيهه ٺٽي ننگر جي جنگشاهيءَ ڄائو محترم سائين پير غلام رسول شاهه جيلاني ”اسدي“ گڻائتو انسان آهي. خوش اخلاقي ۽ ملڻ جو مٺو انداز ته ڪو وٽانئس سکي. دوستن جو دوست، ڪڙو ۽ ڪوسو ڪنهن سان گھٽ ٿيندو. هو ذات جو ته برابر پير آهي پر سَڀاءُ جو به پير آهي. تڏهن ئي ته پاڻ به سندس لفظن ۾: ”محبت مايائون، عمر ڀر لئي ميڙيم.“ ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه دنيا جي ماڻهن ۾ محبتون ماڳهين گھٽجي ويون آهن، ماڻهن جي دلين ۽ چهرن تي رڳو نفرتون ئي نفرتون نظر اينديون. وستين، واهڻن ۽ ويڙهن تي وحشتون راڄ ڪري رهيون آهن، ماڻهن جي گھڻائي انسان ۽ انساني سماج کي آزارڻ لاءِ وَر کڻيو بيٺي آهي، انهيءَ ماحول ۾ ڪو ڪنهن سان سچائيءَ سان ڪي مٺا ٻه ٻول ٻولي ته به وڏي ڳالهه آهي.
پير غلام رسول ”اسدي“ کي علم ۽ ادب سان گھڻي وقت کان لڳاءُ رهيو آهي.

غزل جو شاعر گوپ ڪمل

غزل جو شاعر- گوپ ڪمل

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


گوپ ڪمل جو نالو شاعريءَ جي حوالي سان ڪو نئون ناهي. هُو سنڌي شاعري ۽ ادب جي دنيا ۾ سنڌ توڙي هنڌ ۾ ڪافي مشهور آهي. هو هڪ سگھارو شاعر آهي. اسين سندس شاعري گھڻي وقت کان پڙهندا رهيا آهيون. جڏهن به جديد سنڌي غزل جو ذڪر نڪرندو آهي ته سندس نالو ضرور ياد ڪيو ويندو رهيو آهي.

2011ع ۾ جڏهن منهنجو پهريون ڀيرو دُبئيءَ وڃڻ ٿيو هو، تڏهن مون کي منهنجي پياري دوست نريندر ساڌواڻئَ (جنهن جو ’هسيا ڪالا ڊراما گروپ‘ 1992ع کان وٺي اُتي ڪم ڪري رهيو آهي) ٻڌايو هو ته سنڌيءَ جا ڪيترا اديب ۽ شاعر دُبئيءَ ۾ رهن ٿا، جن ۾ آشا چاند، چاند پنجابي، ناري ساولاڻي، امداد علي، گوپ ڪمل ۽ ٻيا شامل آهن. چاهيندي به تڏهن آءٌ ساڻن ملي نه سگھيو هوس.

ڪتاب: ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا، سهڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ڪتاب: ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا


سهڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي




لاهري / لاڙي بندر (سنڌ جو هڪ اهم بندر)

لاهري / لاڙي بندر (ٻارهين کان سترهين عيسوي صدي- سنڌ جو اهم بندر)


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

لاهري بندرجو ٺهڻ


    ديبل بندر کان پوءِ لاهري بندر سنڌ ساڻيهه جو مکيه ۽ جڳ مشهور بندر رهيو آهي. هِيءُ بندر نائين عيسوي صدئَ ڌاري وجود ۾ آيو، ۽ ڏهين عيسوي صدئَ تائين گھڻو مشهور ٿي چڪو هو. جڳ مشهور سيلاني، عالم، رياضيدان ۽ تاريخدان ابو ريحان البيروني پهريون شخص آهي، جنهن لاهري بندر جو يارهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌ ملڪ جي مُک بندر طور ذڪر ڪيو آهي.(1) مختلف دستاويزن مان پتو پوي ٿو ته هِيءُ بندر يارهين عيسوي صديءَ تائين پنهنجي اوج کي رسيو ۽ سورهين عيسوي صديءَ تائين اوج تي رهيو. البيروني کان پوءِ مشهور سيلاني ابن بطوطه جنهن چوڏهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌ جو سفر ڪيو هو  ۽ لاهري بندر ڏوري اچي ڏٺائين سو به لاهريءَ جو تمام وڏي بندر طور ذڪر ڪري ٿو.2)

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ۽ رسول بخش پليجو صاحب

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ۽ رسول بخش پليجو صاحب جي يادگار تصوير



Thursday, July 9, 2020

ڪتاب: ننگر ٺٽو، هڪ مطالعو، (مرتب ۽ مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)

ڪتاب: ننگر ٺٽو، هڪ مطالعو

مرتب ۽ مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

nangar-thatto-book-review-by-dr-manjhi


nangar-thatto-book-review-by-dr-manjhi

ساڄن ملي تن کي، (ڪتاب: لاڙي لفظن جي موتين مالها تي لکيل)، ليکڪ: منصور ٿلهو، مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ساڄن ملي تن کي

(ڪتاب: لاڙي لفظن جي موتين مالها تي لکيل)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ منصور ٿلهو ڪافي وقت کان سنڌ جي لاڙ وارن پٽن، سو به خاص ڪري سنڌ جي سامونڊي علائقي تي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. چوڏهن پندرهن سالن کان انهئَ پسمنظر ۾ سندس ڪهاڻيون، ناول ۽ ٻيا ليک ڇپجندا ۽ پڙهندڙن تائين پهچندا رهيا آهن. ”مٽي ۽ مهاڻا“، ۽ ”ريڙهي مياڻ“، سندس ناول آهن ۽ ايئن ”سوکي بندر  ۽ سامونڊي سور“ خوبصورت سفرنامو آهي، پر سچ پچ ته اهي ٽيئي ڪتاب ڄڻ هن علائقي جي ماڻهن جي سماج ڪٿا آهن، دردن جا داستان آهن ۽ تاريخ آهن. منصور لڳاتار ڪڏهن لارين، ڪڏهن ٻيڙين ۾ ته ڪڏهن پيرين پنڌ ڪري، اُتي وڃي سامونڊي علائقن جي شهرن، ڳوٺن، وستين، واهڻن، کارين، ڍورين ۽ ڍورن جون ياترائون ڪري، پنهنجي ڪتابن لاءِ ماڻڪ موتي ميڙيا آهن.

ٺٽو، ليکڪ: مولوي محمد شفيع سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ٺٽو

ليکڪ: مولوي محمد شفيع
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


Wednesday, July 8, 2020

محمد خان مجيدي، جوئي آھيان سوئي سنڌ

’محمد خان مجيدي‘

 جوئي آھيان سوئي سنڌ

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

شاعري انساني اندر جي بنھه لطيف جذبن ۽ ڪيفيتن جو تمام سھڻو اظھار آھي. مختلف ڪيفيتن جي اثرن جي ڪري جڏھن انسان جي اندر جي بنھه نفيس احساسن جي تارن ۾ لرزش اچي ٿي ۽ انھئَ لرزش سان جيڪي به‌ احساس اُٿن ٿا ۽ اُھي اظھار جو بنھه سھڻو روپ ڌارين ٿا تڏھن شاعري بڻجي پون ٿا. رڳو انسان جي اندروني ڪيفيتن جا نه پر ٻاھريان لقاءَ به‌ شاعرئَ جا مٺا موضوع رھيا آھن. مختلف منظرن ۾ لقائن جي ڏسڻ پسڻ ۽ ڀوڳڻ سان جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون، اُنھن ڪيفيتن جو اظھار به سھڻي شاعري آھي.

Friday, July 3, 2020

رسول بخش درس ۽ سنڌ هيرن کاڻ

رسول بخش درس ۽ سنڌ هيرن کاڻ

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


سنڌ ساڻيهه هونئن ته سارو سونهن ۽ سُرهاڻ آهي. لاڙ هجي، وچولو هجي يا سرو هجي، اکيون ته هڪجهڙيون ئي آهن. پر سٻاجهي سنڌ جو جهڙيءَ ريت مور جي کنڀن جهڙو سهڻو ٿر وارو علائقو آهي ته ائين ئي وري هرڻ جي اکين جهڙي جهلڪ ڏيندڙ ڪوهستان وارو علائقو حسين آهي. جيئن هُتي مارُئي جي وطن ۽ ويڙهيچن سان محبت جو اعلي مثال آهي تيئن هتي وري سسئي جي بي مثال جُستجو ۽ سورهيائي جي صدائن جي گونج گونجي ٿي.

Thursday, July 2, 2020

قيدياڻي جي ڊائري، ليکڪا: اختر بلوچ، مهاڳ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

قيدياڻي جي ڊائري

ليکڪا: اختر بلوچ
پيش لفظ (چوٿون ايڊيشن): ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


پيش لفظ

سڄي دنيا جي ادب ۾ جيڪي ڪتاب سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا، انهن ۾ آتم ڪٿائون، يادگيريون، سوانح عمريون ۽ جيل ڊائريون اچي وڃن ٿيون. اسان جي سنڌي ٻولي پڻ اهڙي ادب کان وانجهيل نه رهي آهي. سنڌيءَ ۾ ڇپيل ۽ لکيل سوانح عمرين، سفرنامن ۽ جيل ڊائرين جو جيڪڏهن ويهي وستار ڪجي ته انگ وڃي سَوَن ۾ بيهندو. نثر جي انهن ادبي صنفن ۾ سڀ کان وڌيڪ ذهن ۽ دل کي متاثر ڪندڙ جيل ڊائري آهي. آتم ڪٿائن، سوانح عمرين ۽ سفرنامن ۾ ليکڪ گهڻو ڪري وڌاءَ کان ڪم وٺندا رهيا آهن يا انهن کي دلچسپ بڻائڻ خاطر ادبي چاشنيءَ جو رنگ ڀريو ويندو آهي. پر جيل ڊائري هڪ اهڙي تحرير هوندي آهي، جيڪا قيديءَ تي بروقت ٿيندڙ اثرن، مٿانئس ٿيندڙ وارداتن، واقعن ۽ ڪيفيتن جو سچو پچو داستان هوندي آهي. جيل ڊائريون ڀلي خطن جي صورت ۾ هجن يا بيانيه انداز ۾، پر اهي دل تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڪنديون آهن.