محبت مايائون
”اسدي“ جي ڪتاب ”انمول احساس“ تي ڪجھ جملا
سنڌ ساڻيهه ٺٽي ننگر جي جنگشاهيءَ
ڄائو محترم سائين پير غلام رسول شاهه جيلاني ”اسدي“ گڻائتو انسان آهي. خوش اخلاقي
۽ ملڻ جو مٺو انداز ته ڪو وٽانئس سکي. دوستن جو دوست، ڪڙو ۽ ڪوسو ڪنهن سان گھٽ
ٿيندو. هو ذات جو ته برابر پير آهي پر سَڀاءُ جو به پير آهي. تڏهن ئي ته پاڻ به
سندس لفظن ۾: ”محبت مايائون، عمر ڀر لئي ميڙيم.“ ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه دنيا جي ماڻهن
۾ محبتون ماڳهين گھٽجي ويون آهن، ماڻهن جي دلين ۽ چهرن تي رڳو نفرتون ئي نفرتون
نظر اينديون. وستين، واهڻن ۽ ويڙهن تي وحشتون راڄ ڪري رهيون آهن، ماڻهن جي گھڻائي
انسان ۽ انساني سماج کي آزارڻ لاءِ وَر کڻيو بيٺي آهي، انهيءَ ماحول ۾ ڪو ڪنهن سان
سچائيءَ سان ڪي مٺا ٻه ٻول ٻولي ته به وڏي ڳالهه آهي.
پير غلام رسول ”اسدي“ کي علم ۽
ادب سان گھڻي وقت کان لڳاءُ رهيو آهي.